هي ڪتاب سال 1972ع جي جون مهيني ۾ ڇپجي عوام اڳيان آيو. ڪتاب ۾ ڇپيل شاعري 1958ع کان 1972ع تائين لکيل ڪلامن مان ڪجهه چونڊ شعرن تي مشتمل آهي. ڇپيل ڪلامن مان ڪافي ڪلام ماهوار، هفتيوار ۽ ٽماهي رسالن ۾ به ڇپبو رهندو هو ۽ اڪثر ڪري روزانه اخبارن ۾ ڇپيل رهيو آهي. هن ٻئي ايڊيشن ڇپجڻ جو مقصد هي آهي ته ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ اسان جي ضلعي ۾ ئي هڪ مهيني اندر خريد ڪيو ويو. مشڪل سان ٻه اڍائي سئو ڪاپيون فقط ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بوڪ اسٽالن کي ڏنيون ويون، جيڪي به بلڪل قليل عرصي ۾ ختم ٿي ويون، پر جن جن ماڻهن وٽ ڪتاب پهتو، اُنهن وڌيڪ ڪاپيون گهرائڻ لاءِ بي شمار خط لکيا پر ڪتاب نه هئڻ سبب کين واقف ڪيو ويو ته ڪتاب موجود نه آهي، ان ڪري اُهي مهربان ڏاڍا مايوس ٿيا ۽ پوءِ وڪرو ٿيل ڪتاب جيئن جيئن سفر ڪندو ويو، تيئن تيئن طلبگار ويا وڌندا. لڳ ڀڳ هڪ هزار کن جيترا خط مون کي ڪتاب جي حاصلات لاءِ موڪليا ويا، پر افسوس جو ڪتاب جي هڪ ڪاپي به نه هئي. خود مون وٽ به ڪتاب نه هو. ان وچ ۾ زماني جي ناسازيءَ سبب آئون به اُلجهي ويس ۽ ڪتاب بابت وڌيڪ ڇپائي لاءِ ڪو خاص اپاءُ ڪونه ورتم. اِن وچ ۾ ڪافي دوستن (جيڪي اشاعتي ادارا هلائيندا آهن) تقاضائون ڪيون ته ڪتاب جي فقط هڪ ڪاپي موڪل ته اسان وڌيڪ ايڊيشن ڪڍي عوام تائين پهچايون، پر مون وٽ خود هڪ ڪاپي به نه هئي. ان ڪري يارن کي ٻڌايم ته هڪ ته ڪتاب جي ڪاپي نه آهي، ٻيو ته منهنجو خيال آهي ته اڻ ڇپيل ڪلام جو ٻيو مجموعو ڇپائجي، ٽيون سبب سڀ کان وڏو هي ته آئون ادبي دنيا کان ڪي قدر بد دل ٿي پيس. اُهو ان ڪري، جو هڪ ته مون کي خود ڪافي صدما پهتا، جن مان سڀ کان وڏو ۽ گهائيندڙ ۽ بنهه نه وسرندڙ صدمو منهنجي نوجوان گهوٽ پٽ شهيد محمد خان سرويچ جو بي مهلو ۽ بنهه اوچتو کلندي کلندي صرف هڪ ڪلاڪ جي اندر منهنجي اکين کان سورهن ميل پري ٽريفڪ جي بي رحم حادثي ۾ مون کان جدا ٿي وڃڻ، مون کي جيئڻ کان کاري ڇڏيو. ان جدائي جي جهوريءَ سبب منهنجي هن باقي حياتيءَ کان دل ئي پلجي وئي آهي، ٻيو سبب هي ته “منهنجي پيارن شاعر دوستن” منهنجي ڪتاب کي ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيو. ايئن کڻي چئجي ته منهنجو رڳو فوٽو وڃي ڇڏيائون، باقي سارو ڪلام پنهنجو ڪري ويا، جيڪو منهنجي روبرو پنهنجي نالي سان پڙهندا رهيا ۽ اُن مان پنهنجا ڪتاب تيار ڪري ورتائون. اهڙيءَ بي شرمائي ۽ بي ضميريءَ کان پوءِ مون خيال ڪيو ته هنن “ادبي ڌاڙيلن” جي دنيا ۾ ڪنهن کي جهلي، ڪنهن کي جهلبو، تنهن کان بهتر آهي ته لکڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ ئي ڇڏي ڏجن، پر اندر جي اُڌمن ۽ مسڪين ماروئـڙن سان ٿيندڙ ظلمن، حاڪمن جي ڏاڍاين ۽ امڙ ڌرتيءَ سان ٿيندڙ هاڃن لويارن جي لڄن جي لٽجڻ منهنجو لڱ لڱ لرزائي ڇڏيو، ان ڪري ڪافي ڪلام لکيو اٿم، جيڪو انشاءَ الله جلد “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” جي نالي سان منظر عام تي ايندو، جيڪو هن ڪتاب کان ٻيڻو هوندو. اهو نئين ڪلام تي مشتمل ڪتاب هن ايڊيشن جي پهچڻ بعد هڪ مهيني اندر اوهان محبوبن تائين پهچائبو. هن ايڊيشن لاءِ سجاول جي نوجوان صحافي تمام گهڻو اصرار ڪيو. سندس چوڻ آهي ته رب ڪري توهان اڃا ڪو وقت حيات هجو پر جي هيڏانهن هوڏانهن ته “ادبي ڌاڙيل” سمورو ڪتاب ڳڙڪائي ويندا ۽ اسان وٽ ثبوت طور ڪجهه به نه هوندو ۽ اسين سجاول واسي افسوس جا هٿ مهٽيندا رهجي وينداسون. منهنجي پياري دل واري سجاول جي صحافي جي حڪم تي ڪتابن جي ڇپائي جو سلسلو وري جاري رکجي ٿو، جنهن جو سڄو سهرو هن نوجوان صحافي جي سر تي سونهي ٿو.