سنڌ جي سپوتن ڏانهن
هُجن شاد سڀ سي، عوامي اَبا،
اچي هر هنڌان پئي، اِها اڄ صدا،
سدا ايءَ ته هر هڪ سنڌي دان جي!
بهادر بلاشڪ بلاول شهيد،
رنڱي سنڌ ساري ويو رت سان رشيد،
مُڙيو ڪين مانجهي مُجاهد مجيد،
نه پرواهه ڪڍيائين جگر جان جي!
جيئي لال “لالا” هي قادر جيئي،
هي بيباڪ بانڪو بهادر جيئي،
هي دلدار دودو دلاور جيئي،
ثنا ڪهڙي ڪريان سندس شان جي!!
سدا شال هي “ڄام ساقي” جيئي،
يگانو سندم يار باقي جيئي،
هي مُنهنجي اکين جو، اوطاقي جيئي،
وڏي ساک سنڌ ۾ سندس شان جي!!
هي مسعود مٺڙو “نوراني” جيئي،
سدا سنڌ جو يار جاني جيئي،
هي هيمونءَ جو همعصر ثاني جيئي،
نه پرواهه ڪڍيئين خان افغان جي!!
جيئي يار “يوسف” سدا ٽالپر،
هي نوجوان وطن جي ندا ٽالپر،
هي رهبر سچو رهنما ٽالپر،
نظر تنهن مٿي رهي ته رحمان جي!!
سدا جانِ جيءَ جو جيارو لغاري،
سُجاڳيءَ جو آ، سوستارو لغاري،
هي “يوسف” پيارو، پيارو لغاري،
پسو جوت تنهنجي ته جولان جي!!
غلامِ محمد لغاري بچين،
دعا ڪن ٿا توکي هي هاري، بچين،
اوهان سنڌ پنهنجي سُڌاري بچين،
ڳڻيان ڳالهه تنهنجي ڇا احسان جي!!
فدا توتان فيضِ محمد ٿيان،
ٿو تحسين توکي اي قاضي ڏيان،
اٿئي مرد بيشڪ ڪي ست اٺ هِنئيان،
حمايت آ، توسان ته حنان جي!!
مُبارڪ آ، توکي اي! “پٿر سنڌي”،
هي “فتاح” به آهي ڪو رهبر رِندي،
هي “شورائي صالح” سچو آهي سنڌي،
نه پنهنور کي پرواهه جگر جان جي!!
گرفتار ٿي آهي “اختر بلوچ”
ڏسو هن نياڻيءَ سندي سمجهه سوچ،
زبان لاءِ ڪيڏي اٿس لوچ پوچ،
ڪڍيئين ڪين ڪا، ڪاڻ زندان جي!!
اکين منجهه تنهنکي مان جايون ڏيان،
سندس جوش جذبي تان صدقي ٿيان،
هيءَ عورت جي همّت ڏسو اي! ميان،
هيءَ قّوت ڏسو تنهن جي ايمان جي!!
مُبارڪ اي مائي سدا شل جئين،
تون پنهنجي وطن جي ته ٻاگهي ٿئين،
سدا سنڌ سان نينهن نڀائي نينئين،
حمايت ڪيم تنهنجي اعلان جي!!
ٻيا ڀي سوين ئي سڄڻ دلنواز،
لڙن حَقّ پنهنجي جي لئه جانباز،
ڪري سنڌ تن تي سدا ناز ناز،
کَٽي بازي مردن ته ميدان جي!!
سوين ٻيا به سورهيه، جوان ڪن جهاد،
مگر تن جا نالا رهيا ڪونه ياد،
هُجن سي به سڀئي، سدا شاد باد،
وڌي جن کان عظمت آ، انسان جي!!
اُٿو ٻيا به سنڌي او! مُردا نه ٿيو،
زبان لاءِ پنهنجي ڪا ڪوشش ڪيو،
جيئڻ جي ٿا چاهيو، جوان ٿي جيئو،
کپي ماني جڳ ۾ ميان مان جي!!
شروع نوجوانن ڪيو سلسلو،
دلين ۾ جنهن پيدا ڪيو وَلولو،
اچو ۽ اچو! دوست وڌندا هلو،
گهڙي ٿوري آهي ڪا امتحان جي!!
اچو پيار مان يار پيرا ڀري،
نه منزل ڪا هاڻي رهي آ، پري،
هي “سرويچ” هرهر پيو سڏڙا ڪري،
اَٿَوَ مهل مانجهي هيءَ ميدان جي!!
(نوٽ: 1970ع ۾ سنڌي شاگردن جي هلايل “سنڌيءَ ۾ لسٽن ٺاهڻ” واري جدوجهد وقت لکيل).
*