مرڪ منجهيو پئي چپڙن ۾
رات وهاڻيءَ آيون ملين ويل وچينءَ مس آڻن سير،
گهر ۾ پنج ست ٻار بکايل سير منجهان چُئه کائي ڪير،
ملڪ اوهان جي ۾ ڙي سائين! هردم هيڏا ٿين انڌير!!
ڪونجن جهڙيون ڪنواريون نينگر صاف اُگهاڙيون ڪپڙن ۾،
شرم حيا جون ماريون ناريون سيل پچائن پکڙن ۾،
منهن لڪائن ماڻهن کان دَم ڇاتيءَ ۾ دم ڇتڙن ۾،
جوڀن جواني جي ڙي! الا! تن مُرڪ مُنجهيو پئي چَپڙن ۾!!
ساڻيهه سارو سانگين ڪارڻ صاف نسورو سور الا،
ويلا ويلا لوڪ لنگهڻ ۾ ماني لئي مجبور الا،
ميلا تن لئي موت ۽ ماتم، عيدون تير انبور الا،
ديس اوهان جي جو هي ماري دائم ٿو دستور الا!!
نينگر نينگر نير وهائي آيل آيل رت رُئي،
ڳاڙهن ڳاڙهن لڙڪن جا بس هرڪا ويٺي هار پُئي،
هٿ کڻيو پڻ هيڪ ڌڻي کي سڀڪا سُڏڪيو هيئن چئي،
ته ماري جو ٿو مارن کي اي! الا!! انهي تون مار مُئي!!
جيڏين جو ويو جوڀن کامي، سورن ساڙين ساهه الا،
ٿو پئسي پائي سير وڪامي ماروئڙين جو ماهه الا،
پيٽ ۽ پوتيءَ جي ته فڪر ۾ پورهيت ٿيئيون پاهه الا،
ويل مچي ويو واٽن تي ۽ ويئي ويچارين واهه الا!!
ڀاڳ ڦِٽو ڙي ڀينر شايد ڀونءَ سڄي ڀڙ ڀانگ الا،
سورن ساڙيا سانگيئڙا سي سيڻ ويا ڪنهن سانگ الا،
مار مصيبت مارن تي ٻيا سهسين چُهٽن نانگ الا،
شل ڪونه ڏسي “سرويچ” ڏکيو ڏينهن منهنجن وانگين وانگ الا!!
*