ڪي وال ڪي اَڌ وال ۾
ڇا وهي ڇا واپري پيو، ڳالهه هن ڏي گوش ڪر،
ڪيئن ٿا گذرن غريبن جا هتي شام و سحر،
پر ٻڌائج ڪين ڪنهنکي پهرين مونسان قو ل ڪر،
ڇو ته ساٿي! هت لڳي ٿو سچ چوڻ تان مچ وڏو!
تنهن ڪري آ ماٺ ۾ هن قوم جو ننڍو وڏو!
ڳالهيون آهن گهڻيون پر ٿو ٻڌايان مختصر،
هت غريبن جا اٿيئي رات ڏينها چشم تر،
بي سهارن جو بِلو ڀيڻي نڪا هت آهي ڀر،
پيڙهجن ٿا ظلم ۾ هت پيٽ پالها بي ثمر،
ٿا هتي ڪن موج ڏس! زردار ظالم هر گهڙي!
بيڪسن ۽ بي وسن جا ويا هتي سينا سڙي!
ٿا لڳن ڌاڙا ڌڙاڌڙ! خوب قتلِ عام آ،
قوم جي عصمت سندو، بازار ۾ نيلام آ،
ننگ عزت ۽ شرافت جو به سستو دام آ،
رهزنن لئي عيش آ، اشراف بي آرام آ،
مير مارو پنهنجي گهر ۾ جان کان بيزار اڄ!
اَڌ اَگهاڙيون عورتون؛سارا اگهاڙا ٻار اڄ!
هت ٿيو هر وقت هيڻن جو ته هيڻون حال آ،
زندگي ٿي بار ڀائو! ۽ جيئڻ جنجال آ،
هر جڳهه مسڪين حيران، حال کان بي حال آ،
لڄّ ليڙون ٿي ويس، خطري ۾ جان و مال آ،
رات ڏينهان عام کي عصمت سندي فڪرات آ،
سجّ سهنجن جو نه سنڀرن، بس! ڏکن جي رات آ،
ظالمن جي ظلم کان، انسان ٿيو برباد اڄ،
هڪ بکون بيماريون ۽ ٻيو رڳو بيداد اڄ،
ڪوس ڪارو قهر آ، هر نئون ستم ايجاد اڄ،
گهر ۾ گهوڙا ويڪ ووءِ، دربدر اولاد اڄ،
دانهن دعوى دُف ٿي، بس! ڪو نه ڪو قانون آ!
قوم جو هر فرد جيئري ٿي ويو مدفون آ!
رات ڏينهان ملڪ هن ۾ راڄ رشوت جو هلي،
وڃ مَٽي آفيس ۾ بس! ٿا ڇڏن ابتو کَلي،
جان هڪڙي کان ڇڏائي، تان اچي ٻيو ٿو جَهلي،
هي ٽُٽي ڄڻ پونگ مڪڙن جي ته تنهن پرور پَلي،
ڄور جيئن چوسي ڪيو تن کوکلو آ قوم کي!
خوب کاڌو تن ته سمجهي بي بِلو آ قوم کي!
اسپتالن منجهه مريضن ڪاڻ مرهم ڪونه آ،
هن بکِئي بيمار جو ڏس ڪنهنکي ئي غم ڪونه آ،
ڪيئن ٿئي علاج اُن جودست ڪو دَم ڪونه آ،
هر طرف انڌير آ، هيڏو ستم ڪٿ ڪونه آ،
هيءَ حياتيون ڪيتريون دارون بنا ٿيون درگذر!
“ڊاڪٽر ويچارڙا” ٿيا ڏوڪڙن لئي منتظر!
ٻار مسڪينن جا آهن بُک کان بي حال ٿيا،
پر نوابن ۽ وڏيرن جا ڪُتا خوشحال ٿيا،
قوم جو اونو نه آهين، ڏس! ڪتن جا پال ٿيا،
لوڌ “سوئرن” ۽ “رڇن” جي جا لکي لکپال ٿيا،
بي اجها انسان ٿيا ۽ هو مُرن لئي ڪوٽ ڏس!
هو ڪُتن جي ڪنڌ ۾ تون، ساوا ڳاڙها نوٽ ڏس!
ٿي ويئي انسان جي عّزت ڪتي کان آهي گهٽ،
جانور جي پڻ نه آ، مُردار ڪئي مخلوق مَٽ،
ڌوڙ ۾ انسان ويٺل “باندرن” جي لاءِ کٽ،
هاءِ گهوڙا ڇا چوان بس! دِل سڄي ٿي آهه ڦٽ،
لوڪ جا هي حال ڏسندي، لڙڪ لڙيو ٿا پَوَن!
سور سانگين جي کان سائين سينا سڙيو ٿا پون!
جي نه آيو ڇيڙ تي بس! ڪو کڻي هڪڙي مهل،
هُت وڏيري وات ڦاڙيو، هِت وڏيريءَ جي وڦل،
ڏنڊ ٽيڻو ڍور ڍڪ ۾ ٿيو فصل کان بي دخل،
مار گاريون موڪ تنهن تي، ٻيا به ڪئين خطرا خلل،
هن خدائي فرش تي هن سان ستم بي داد آ،
سخت محنت کان به پوءِ، هو سدا ناشاد آ،
جي ڪنهن مسڪين کي نرمل نياڻي ٿي نصيب،
تان اميرن اُت مَچائي عشق بازي ڏس! عجيب،
غير ڏسيو ٿي لڳي غيرت گهڻي پُڻ تنهن غريب،
پر ڪري ڇا ٿو سگهي جت راڄ جا رهبر رقيب،
جي ڪڇي تان بي سبب ٿو جيل جو مهمان ٿئي!
مال چٽ ۽ زال گُم بس! گهر سڄو ويران ٿئي!
ظلم جي ٿي انتها، زاريون نه ظالم ٿا ٻُڌن،
عاجزن اڀرن جون آهون هي نه حاڪم ٿا ٻڌن،
بي اَجهن جي هڪ نه اڄ، بي رحم بالم ٿا ٻڌن،
رئيس ڪامورا وڏيرا ڪين عالم ٿا ٻڌن،
هر طرح هيڻن مٿي، هر جاءِ هاڃان حال ۾!
ويڙهيا وانگي وتن، “ڪي وال ڪي اڌ وال” ۾!
بس! ادا! بس هاڻ پورو، درد جو ڪر داستان،
مون ۾ طاقت ناهه جو، اڳتي ٻُڌي ٻيو ڪجهه سگهان،
جو ٻڌو آهم انهيءَ آهي جلائي منهنجي جان،
مشڪلون مولا هٽائي، ملڪ وارن جي مٿان،
نظم تنهنجي سچ ته اي “سرويچ” ڪيئڙو بيقرار!
ماجرا مارُن جي ٻڌندي ٿيون اکيون مون اشڪبار!
*