شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

رک ٿي ويندين رٿون...

سنڌڙي اڄ ٿو ڪيان تنهنجي سنگهارن جي پچار،
ديس هوندي دربدر تن ديس وارن جي پچار،
مرد ماين ٻارڙن، ڪوجهن ۽ ڪارن جي پچار،
ڌڻ پٺيان ٿا جيڪي ڌڪجن تن ڌنارن جي پچار،
ساز ڇيڙيان ٿو انهن جي سوز غم جو سنڌڙي!
ٿو ڪريان اظهار تن جي ڪار ڪم جو سنڌڙي!

تنهنجا مارو مان وارا باحيا ۽ باضمير،
نياز نئڙت ۾ نه تن جو ڪو ڏٺو آ مون نظير،
مور جيئن مُرڪن سدا هو مرد اوطاقي امير،
پر بنيا اڄ پنهنجي پکڙن ۾ اچي آهن اسير،
قيد بند جو تن مٿي اڄ آهي ڪوڪٽ سنڌڙي!
آب تن جي ٿيو اکين مان آهي اڻ کٽ سنڌڙي!

تنهنجا سانگي، سانگياڻيون ٻارڙا ٻٻراٽ ڪن،
رات ڏينهان سِر مٿي تن ٻاٻرا ٽانڊا ٻرن،
مشڪلاتن ۾ سي مانجهي موت کان پيا اڳ مرن،
ڏاڍ ڏاڍن جو ڏسي پيا ڏيل پنهنجي ۾ ڏرن،
سڻ انهن جي تون سڀئي سورن جون خبرون سنڌڙي!
تَن تنهي جي منجهه هزارين تير تبرون سنڌڙي!
تنهنجا مارو منهنجي جيجل مهل هر ڪنهن مُنتظر،
گوڏ گنجيءَ ۾ گهمن ڪن گاهه ڪاٺيءَ تي گذر،
بخت تن جي ۾ ڏسان هينئر رڳا فاقا فڪر،
جاڙ جاکوڙن سبب سي ٿا وهائن جام جَر،
سادڙا سانگي سندءِ سورن ستايا سنڌڙي!
ناز مان جي تو ننڍي هوندي نپايا سنڌڙي!

مال وندڙيون ماريون ڏس، مَڪ مٿي ميڙا اٿن،
ننڍيون نيٽيون نياڻيون ٿيون عصر آڌي اُٿن،
ڪوڏ مان ڪانبا ٻڌي ٿيون ڪِرت پنهنجيءَ سان لڳن،
“لَئي لَٽي” “مُٺيس ادي” هي لفظ لاکيڻا چون،
ننگ واريون نينگريون سي نيڪ سيرت سنڌڙي!!
وڌ ڪنا مردن گهڻو هي منجهه محنت سنڌڙي!!

چاڳلين جي هٿ چَروڙيون چنڊ جيان چمڪاٽ ڪن،
هيڪ جيڏيون هوڏ هڻيو ماڻڪيون مورون ڏُهن،
ڀاڻ ڀر ۾ ٻُڌ او ڀائو، هو سندو گُهو گهٽ گوهن،
ساهيڙيون سيڙهون هڻيو سيڻن اڳيان ٿيون سهج ڪن،
هو ڀريل هٿڙا مکڻ ماٽيون منڌاڻيون سنڌڙي!!
هو سنگهاريون سينڌ سُرمان ۽ سرهاڻيون سنڌڙي!!

ڌاٻڙن تي دادليون ٿيون ڌر تتيءَ ۾ ڌوپ ڪن،
لال لويون خوب ڌويو روز راڻيون روپ ڪن،
ڪار ڪهڙيءَ کان نه ڪيٻائين پاڻا ڪوپ ڪن،
جو نظر ميري کڻي، ٿيون موت تنهنجو ٺوپ ڪن،
بي غرض غيور تنهنجيون سورميون سڀ سنڌڙي!!
ٿيون سهن ڏک سور تنهنجيون سورميون سڀ سنڌڙي!!

تنهنجي ٻالڪ ٻارڙن جون ٻاتڙيون ٻوليون لذيذ،
ٽهڪ ڏيندي ٿا ٽلن ٽٻرن سندن ٽوليون لذيذ،
رس ڀريون تن راندڙيون ۽ ڪن ڳجهيون ڳالهيون لذيذ،
“لڪلڪوٽي” “لال ڦيريءَ” جون لڳن لوليون لذيذ،
“ونجهوَٽي” جهڻ وڏ ڪٻل” ٿا خوب کيڏن سنڌڙي!!
“ٻيلي ٻيلي” “جي ڙي ٻيلي” ٻول هي تن سنڌڙي!!

تنهنجي ٻالڪ ٻارڙن منهنجو ڪيو مستان من،
بي ڊپا ۽ بي تڪلف هر گهڙي هر ڪنهن وڻن،
دَم رئن دانهون ڏين ۽ دم خوشيءَ ۾ ٿا کِلن،
ڪارڙا ڪوجها ڪڪا ٿا قرب ڏاڍي مان ڪُڏن،
سادڙا سچ ٻول صالح سڀ سگهارا سنڌڙي!!
ٿا وڻن هر ويل هر ڪنهن جيءَ جيارا سنڌڙي!!

سنڌڙي تنهنجي سنگهارن ڪيو ڀلا ڪهڙو قصور،
جو ملن تن کي پيا هردم رڳا سورن تي سور،
ڪيئن ڪري ڪيڏانهن وڃن ڪوڙين قريبن سان ڪلور،
اوپرن ايندي اچي کوڙيا اندر ۾ ڪئين انبور،
دل ڌنارن جي ڏکوئي آهي ڌارين سنڌڙي!!
آهي مارُن جي منجهائي متُّ مارين سنڌڙي!!

هو پٺن پيرن اُگهاڙا پيٽ پالها ڪن پڪار،
بٺ تتيءَ ۾ بيٺ ٻڌيو ٿا ٽمائن نيڻ نار،
هڪ ته بيماريون بدن ۾ ٻيو بکن ڪيا بي قرار،
هڪ نه هڪ ڏينهن نيٺ سڻندو سوال تن جا رب ستار،
ڪوٽ قهارن جا ڪِري سڀ پٽ پوندا سنڌڙي!!
پيا انهن ڀيڻين مٿي ڪئين ڪنگ رڙندا سنڌڙي!!
غير پنهنجي غرض لئي ٿا ڪن غريبن کي غلام،
اوپرو ايذا رسائن ٿا انهن کي عام جام،
لالچي لوڀي لسانن کي لڳائن ٿا لغام،
ٿا وڌائن مشڪلاتون منهنجي مارن تي مدام،
سڏ سنگهارن جو به آ مشڪلڪُشا کي سنڌڙي!!
“رک ٿي ويندين رٿون” تون رک خدا تي سنڌڙي!!

تنهنجا سانگي سنڌڙي، پنهنجي وطن ۾ بي وطن،
قرض ڪنگالن مٿي مشڪل ملي ٿو تِن ڪفن،
روز چوريون روز ڌاڙا روز خوني خون ڪن،
پوءِ به چي آ سنڌڙي ۾ هر طرح سان ڪُل امن،
ڪير سمجهائي انهن کي تون سُڻائي سنڌڙي!!
ڪوڙ هيڏو ڪيئن ٿو تن کي جُڳائي سنڌڙي!!

پوک کي ور ڏيئي وري واڙي ڏسو کائڻ لڳي،
رهبرن جي ريت رعيت کي آ ايذائڻ لڳي،
جهانگين جي جهوپڙن کي آڳ آ لائڻ لڳي،
ڏوٿين کي ڏاڍ پنهنجي ساڻ ڏهڪائڻ لڳي،
حال ۾ ٻُڌ تون هينئين سان حال تن جا سنڌڙي!!
پنهنجي مارُن سان ۽ توسان ڀال تن جا سنڌڙي!!

ڌارين کي ڇا ڌڪاريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
ڇو پراين کي پچاريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
چئو ٻين ڏي ڇو نهاريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
پاڻهي خود پاڻ ماريون آهي پنهنجن پڻ ڪُٺو،
تن وزيرن کي ته اي “سرويچ” ساري سنڌڙي!!
جن ڏٺي ڪرسي مٿي آهي قطاري سنڌڙي!!
*