ڀٽ ڌڻي ڏانهن
سلام سان گڏ فغان به ڪن ٿا هنجون سي هاري ڀٽائي مُرشد،
وڌو آ مارُن مٺن کي مرضن، ڏکن به ڏاري ڀٽائي مُرشد،
ڳڀي جِي ڳڻتيءَ ڇڏيو آ تن جي بدن کي ڳاري ڀٽائي مرشد،
ڪلهن جون ڪيهون پون ٿيون پلپل، ٽڪر جي ڪارڻ لطيف سائين!
وڃيو سي چنبڙن مٺيءَ کي جيجل، ٽڪر جي ڪارڻ لطيف سائين!
پٿون ٿيا مارو پچي ۽ تن وٽ، رجهي نه راتين سنديون ڪي راتيون،
چُرڻ کان چٽ ٿيا، چُلهيون اُجهاڻل، چرين جيئن جهنگ ۾ ڏين ٿا جهاتيون،
جوان ڌيئر، رلن ٿيون در در ،اٽي جي لپ لئي الاڙي آتيون،
اُنهن جي حالت ڏسڻ سان هڪدم، لڳن ٿيون قلب و جگر ۾ ڪاتيون،
فڪر ۽ فاقن فنا ڪيا مارو، ڏکن کان سُڏڪن لطيف سائين!
ڪنبن ٿا قهر و ستم کان هردم، ڪڇن نه ڪُر ڪن لطيف سائين!
هڏن تي چمڙي سُڪي ٿي ساڻي، رتي نه رت جي بدن ۾ تن جي،
نٻل جسم ۽ وسام من ۾، رهي نه قوت هڏن ۾ تن جي،
هزار اُمنگ دلين ۾ ليڪن، وڃن ٿا رڪجي چپن ۾ تن جي،
ڪڏهن ته ايندو ڀلا ڀٽائي؟بهار اُجڙيل چمن ۾ تن جي،
ڳڙن ٿا جن جي ڳلن تان ڳاڙها هزار ڳوڙها لطيف سائين!
جلن ٿا دوزخ مثال جڳ ۾، جوان پوڙها لطيف سائين!
اکين ۾ پاڻي، اُداس چهرا، لڱن تي ليڙون هڏن جا پڃرا،
بُکن جا ماريل، مريض دائم، متيون نه سالم اَگها ۽ اَڀرا،
پٿر جون مانيون ٻڌائون پيٽن،ڏکن جا ڏاريل ڏسڻ ۾ ڏٻرا،
پسڻ ۾ جهڙابنا پَسهه جي، پُرين کان پيڙهيل پري کان پڌرا،
مٿن تي تن جي ٻرن ٿا هردم ٻٻر جا ٽانڊا لطيف سائين!
ڇڏيا ته ساڙي، ستمگرن ڏس! انهن جا آنڊا لطيف سائين!
خوشيءَ جو هڪڙو ڏٺو نه ڏينهن تن، غمن ۾ گذري ڄمار تن جي،
روئڻ ۽ راڙو، ڪَلهن جا ڪر گل، ٻُڌن نه ٻوڙا پڪار تن جي،
مَڏي ۽ ملڪيت مِڙئي ويا کائي، مَڪر سان مُنڪر مڪار تن جي،
وجهي ٿي وڍيو مٺاڙي! مُرشد،مٺي سا ماٺ ۽ ميار تن جي،
اسين خوشيءَ ۾ کلون نچون هو، روئڻ ۾ پورا لطيف سائين!
دکن ٿا تن جي دلين ۾ دَم دَم دُکن جا کورا لطيف سائين!
ٻڌايان حالت، اوهان کي تن جي، هينئين سان ٻُڌجو حبيب سائين!
ملينِ مُشڪل، سڪونِ پل کن، ڌڪن ۾ آهن اُهي اڃائين،
پچن ٿا مارو مٺا سي ائين جيئن پچي ڪنڀر جي سدا نهائين،
وساري تن کي، ستا سکيا ٿي، ڪڏهن کان آهيو ڀٽائي آئين،
هتي ٿي ڪهڙي، نموني تن جي حياتي گذري لطيف سائين!
اکين مان تن جي پَسهه اِجهوڪي اِجهو ٿو نڪري لطيف سائين!
غريب مارو، غمن جا ماريل، غنين جي درجا غلام گولا،
پٽي ڇڊي بس! لسيءَ جي لپ ۽ رُکا سُڪل تن ملن ٿا لولا،
ڇنل ٽٽل تن رَلي به هڪ اڌ، ڪُنو ۽ دانگي ڀڳل کٽولا،
اُسن ۽ سردين ڇڏيا سي ساڙي، لٽو نه اوڇڻ اَجها نه اولا،
اَها ٿي حالت هتي جي مارن مٺن جي مٺڙا لطيف سائين!
ستايلن جا سگهو ئي سڻ تون، سڏن تي سڏڙا لطيف سائين!
نگر نگر ۾ انڌير نگري، ڳليءَ ڳليءَ ۾ جبر آ جاري،
گهڙي گهڙي ٿا ڪنگال ڪسجن انهن سان قائم قيام ڪاري،
مري ڳري ته به بکيو اگهاڙو، هتي جو هر هڪ مزور هاري،
هتي جو جيئڻ الا! او دوزخ الا! او توبهه الا! ڙي زاري،
لڇن پچن ۽ سڙن ٻرن هت غريب مارو لطيف سائين!
ٻڌائي ڪيڏانهن وڃن ڪُٺل هي قريب مارو لطيف سائين!
هتي جا حاڪم ڪنن کان ٻوڙا، اکين کان انڌا، زبان جا کوٽا،
چوين،سچ تان، لڳين مچ ٿو، ڪڍن ٿا هڪدم وڏا اکوٽا،
گهڻي سي پاپي، وٺن ٿا رشوت، غريب کي ڏئي گهٽا مروٽا،
کپن ٿا تن کي خراڙ اَن جا، ٽَڪَن جا ٿيلها، مکڻ جا لوٽا،
سنڌين کي هردم، ستايو آ تن، ستمگرن او لطيف سائين!
ڌڻي کان گهر تون، دُعا ته سي شل ٻڏي مرن او لطيف سائين!
اسان جا رهبر، وطن جا قاتل، گهڻو سي آهن ڏسڻ جي قابل،
شريف کي ڪن شڪار جهٽ پٽ، شرير سان سي سدائين شامل،
ملينِ ماڻهو سندو جي ماس ته، مچي ٿي تن جي مدام محفل،
مري جي سنڌ ۽ سنڌي ته ڇا ٿيو! هنن کي گهرجي رنڊي ۽ بوتل،
ڪجي ته هاڻي ڀلا ڪجي ڇا؟ ٻڌاءِ تون ئي لطيف سائين!
لکيو آ “سرويچ” جو به تنهن کي اگهاءِ تون ئي لطيف سائين!
*