گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
مُدام موجون پسڻ جي خاطر، مندائتا ڪي ملهار آڻيون،
وسن ۽ وهسن وطن جا وانگي، سُکن جا تن لئي انبار آڻيون،
هلن جي هي بيقرار مارو، انهن جي لاءِ قرار آڻيون،
ڏکن بکن کي تڙي ڪڍون ۽ ننڍا وڏا سڀ نواب ڪريون!
اٿوڙي! ساٿي مٿير مانجهي، گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
ورهن کان پنهنجي وطن ۾ طوفان، تکا ته لڳندي ڏسون ٿا ساٿي،
سُڪن سان آلا اکين جي اڳيان، ٻپار ٻرندي ڏسون ٿا ساٿي،
سٻاجها سنڌي، ستم جي مچ ۾ سدائين سڙندي ڏسون ٿا ساٿي،
هزار ڳوڙها، هميشه تن جي، ڳلن تان ڳڙندي ڏسون ٿا ساٿي،
انهن جي سورن ڦٽن جون ڦڪيون، ڪريون ته بلڪل شتاب ڪريون!
اٿوڙي! ساٿي مٿير مانجهي، گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
ستمگرن جي سِرن کي وڍيون، جلايون تن جا ٽماڙ ساٿي،
جگر ۾ جهوڪي انبور تن جي، اکين ۾ ٺوڪيون اُماڙ ساٿي،
انهن جي مَڪّر ريا جي ڪريون عوام اڳيان اُگهاڙ ساٿي،
انهيءَ جي لاءِ ارادا پنهنجا ڪريون ته بلڪل پهاڙ ساٿي،
جبر جون پاڙون پٽڻ جي لاءِ، هٽون ۽ ڪهڙو حجاب ڪريون!
اٿوڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
هتي جي پيرن پِٽين جون ڳالهيون، اوهان سان ڪهڙيون ڪريان اي ڀاءُ،
وڏا سي لوڀي وڏا سي ٺوڳي،وڏا سي روڳي اَٿان اي ڀائو،
وڏا سي قاتل، وڏا سي ظالم، ڪُهن ٿا هر ڪنهن هنڌان اي ڀائو،
انهن جي ڪوڙين ڪرامتن تي، لڳو ته بلڪل متان اي ڀائو،
انهن سان پنهنجا اڳيان ۽ پويان اچو ته ساري حساب ڪريون!
اٿوڙي ساٿي، مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
هتي جي “ميرن” هميشه پان تي، مصيبتن جو ڪيو آمارو،
هتي جي “رئيسن” هميشه پان کي، ڪڻي ڪڻي تي ڪٺو آيارو،
هتي جي ظالم وڏيري ڇڏيو،ٻني نه پنهنجو صفا ڪو ٻارو،
اچو ته تن کي هڻو ڪي ڏنڊا، ڪريون ته ويرين مٿي ڪو وارو،
مٿن مان تن جي ڪڍون ڪي مِنّڃون اِهو ته ڪار ثواب ڪريون!
اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
هتي جي مُّلن ڇڏي نه پان وٽ، سگهي ڪا اڳڙي سڄي ڪاماني،
هتي جو مرشد هڻي پيو هردم، رڳو ته ڪوڙي قبر مان ڪاني،
هتي جي راشي نظام پان کي، ڪري ته ڇڏيو فنا ۽ فاني،
وڃون ٿا دنيا منجهان ئي مِٽجو، اکيون کوليو ادا ڙي! جاني،
اچو ته خوني خبيث ماريون، انهن جو خانو خراب ڪريون!
اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
پراڻا رسم و رواج ٽوڙي، نئون ڪريون ڪو نظام پيدا،
سڀيئي يڪسان هجن به جنهن ۾ ڪريون سو مهذب مقام پيدا،
هجي جو هيڻن سندو ڙي حامي، اُهو ڪريون اڄ اِمام پيدا،
سگهوئي “سوشل ازم” کي آڻي، ڪريون ڪي موجون مدام پيدا،
نوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي رڳن کي چنگ و رباب ڪريون!
اٿو ڙي! ساٿي مٿير مانجهي گهٽيءَ گهٽيءَ کي گلاب ڪريون!
*