ايڊيٽر وٽان
پُوري مھيني جي پُڄاڻيءَ بعد نومبر 2023ع جي شروعاتي ڏينھن ۾ حاضري ڀري رهيا آهيون، ان اُميد سان تہ اوهان جتي بہ هوندؤ، خوش هوندؤ.
سياري جي ابتدائي ٿڌين مِٺين راتين، حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري پير ڌريو آهي. انھن ڏينھن لاءِ چيو ويندو آهي تہ ڪتاب پڙهڻ جو تہ مزو ئي اَورِ آهي، سو ’امرتا‘ جي پڙهڻ جو سواد بہ اوهان کي ٻيو ئي محسوس ٿيندو... مواد جي چونڊ ۽ ان جي پيشڪاريءَ جي حُسناڪيءَ تي هميشہ جيان گهڻي محنت ڪيل آهي، اميد تہ اوهان کي وڻندي ۽ ان سان گڏ سياري جون سرد راتيون، پڪ اٿئون تہ ان کي وڌيڪ حُسناڪ بڻائي ڇڏينديون.
پوئين پھر جي پانڌيئڙي جو وڇوڙو
مُحبانِ ادب!
29 آڪٽوبر 2023ع جي رات جو هڪ وڳي ڌاري سنڌي ٻوليءَ جي نشانبر مترجم، شاعر، ليکڪ ۽ هڪ بي لوث انسان ولي رام ولڀ صاحب، سنڌ ۽ سنڌ واسين کان موڪلايو... سُروم دُکم دُکم..!
سرد راتيون بہ قھر ڪنديون آهن... وڇوڙي جي رهڙن کي اهڙو تہ پوسرائيندڙ بڻائي ڇڏينديون آهن، جو لڳندو آهي تہ سموري حياتيءَ انھن سڄي وجود کي پوسرايو هجي ۽ ان پوسراڻ ڪارڻ اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهندا رهندا آهن. هن ڀيري جي وڇوڙي جي رهڙ ۽ ان جي پوسراڻ جو ڪارڻ سنڌي ادب جو اهو پانڌيئڙو آهي، جنھن سنڌي ادب کي عالمي ادب مان ڪيئي ڪتاب، ناول، ڪھاڻيون، شاعري ۽ علاوه ازين گهڻو ڪجهہ ترجمو ڪري ڏنا، پر ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪا قرت العين حيدر جي ناول ’سيتا هرڻ‘ کان پوءِ هڪ ٻيو ناول ’آخرِ شب ڪي همسفر‘ جو سنڌيءَ ۾ ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘ جي نالي سان ترجمو ڪري ڏنو ۽ پاڻ بہ حياتيءَ جي وڇوڙي واري رات، پوئين پھر جو پانڌيئڙو بڻجي، اسان سڀني کان موڪلائي ويو... الاس..!
صاحبانِ عقل و حِلم!
الاءِ ڇو..! مون ڪم عقل درويش فقير کي وڏن ماڻھن جي محبت ۽ صحبت ٿوري عمر ۾ گهڻي نصيب ٿي آهي، وڏا ماڻھو پئسي پنجڙ وارا نہ بلڪِ نامور ۽ نشانبر، پر رڳو نامور ۽ نشانبر نہ پر عمر جا بہ وڏا... ان ڳالھہ تي مون کي بہ حيرت ٿيندي آهي ۽ پنھنجي پاڻ کان اڪثر سوال بہ ڪندو رهندو آهيان تہ ائين ڇو آهي..!؟ پوءِ پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏيندو آهيان تہ اهو ڪم گو، ٿور ڳالھائو، ماٺيڻو، گهٽ ڳالھائڻ، گهڻو ٻُڌڻ، نوڙت ۽ نھٺائيءَ ڪارڻ آهي... پوءِ قبلا ڏاڏاهي صاحب، ڊاڪٽر پرڌان صاحب، جناب يار محمد لغاري، سليم بچاڻي صاحب، مراد علي مرزا صاحب، جناب نفيس احمد شيخ ناشاد، پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب هجن يا ولي رام ولڀ صاحب هجن، نالا اڃا بہ گهڻا آهن. انھن سڀني مون کي عزت ۽ محبت ڏني آهي.
ولي رام ولڀ صاحب سان ڪچھريون يا ملاقاتون ڪي ڏھہ يا ٻارنھن هيون، پر اهي مُحيط ڏهن ٻارنھن حياتين تي هيون. ساڻن گڏجي ’نول راءِ هيرانند هاءِ اسڪول حيدرآباد‘ جو ڪيل دورو يادگيرين جا ڪيئي تاڪ کولي ڇڏي ٿو، اها هڪڙي وزٽ جيڪا اسان ٻنھي فقيرن گڏجي ڪئي، سا ڪا وسارڻ جي ڪونھي... ۽ پوءِ حيدرآباد جي هن تاريخ ساز شخصيت ’نول راءِ هيرانند‘ بابت ’امرتا‘ جي هڪ شماري ۾ ’ٽائيٽل آرٽيڪل‘ بہ ولڀ صاحب لکيو، جيڪو نول راءِ هيرانند جي ذاتي شخصيت، سندس ڀاءَ ۽ خاندان بابت هڪ اهم دستاويز آهي.
ولي رام ولڀ جھڙي فقير منش جي وڇوڙي تي، مون فقير پاران ’امرتا‘ جي هن 134هين شماري (نومبر 2023ع) جو هڪڙو ڀاڱو محبتن ۽ عقيدتن جي خراج طور ارپجي ٿو، جيتوڻيڪ هيءَ ارپنا، ولڀ صاحب جي شخصيت، نسبت ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪيل خذمتن جي ڪَٿَ ڪونھي.
ولي رام ولڀ صاحب، هڪڙو سچو درويش ۽ فقير صفت ماڻھو هو، نہ ڪنھن جي ٻن ۾ هو نہ چئن ۾... پوري يقين سان ٿو لکان تہ سندس رُوح سرڳ ۾ ڪنھن اوچِي جاءِ تي آرامي هوندو... اسان جو کيس ’امرتا‘ رستي آخري پرڻام.
نيازمند:
فقير محمد ڍول