سائين ولي رام ولڀ: منظور ٿھيم
سائينءَ سان منھنجي ملاقات زندگيءَ جي آخري پھر ۾ ٿي، جڏھن ھن وٽ يادن جا انبار ھئا ۽ ٻڌڻ لاءِ ڪو بہ نہ ھو. ھي لمحو ڪنھن بہ رائيٽر لاءِ بيحد تڪليفدہ ھجي ٿو. ھن پوءِ آھستي آھستي اھي سڀ يادون وسارڻ شروع ڪيون جيڪي ھن جي زندگيءَ کي اڃان بہ يادگار بڻائي سگهيون ٿَي. ھن خاموشي اختيار ڪئي، ڪيتري وقت تائين اسان ٻئي ائين خاموش ويٺا رھندا ھئاسين، ڪڏھن ڪڏھن تہ ائين بہ ٿيندو ھو، جو مان ڪجهہ بہ ڳالھائڻ کان سواءِ اٿي ويندو ھئس. مون کي ان ڳالھہ جو احساس ھو تہ مان سنڌي ادب جي ھڪ تاريخ جي سامھون ويٺو آھيان. جنھن نہ صرف پنھنجي لکڻين سان سنڌي ادب کي شاندار تخليقن سان نوازيو، پر دنيا جي ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري نوان خيال ڏنا، جيڪي ڪنھن بہ نئين رائيٽر کي اڳتي وڌڻ لاءِ بنياد فراھم ڪري سگهيا ٿَي.
ڪجهہ ماڻھو بي لوث ھجن ٿا. ھي بہ انھن مان ھو. ھن ماڻھوءَ جي ڪري اسان عالمي ادب کان واقف ٿياسين، حالانڪھ سنڌي ادب ۾ ترجمي جو ڪم ھاڻ بہ ڪجهہ چڱا ماڻھو پنھنجي ھمت سان ڪندا پيا اچن، جيئن ننگر چنا، شبير سومرو ۽ ٻيا دوست بہ... پر سائين ولي رام جي وقت ۾ اھو ڪم بيحد ڏکيو ھو. سنڌ ۾ ادبي سرڪاري ادارا جنرل ضيا جي دؤر ۾ جيئن ختم ٿيا آھن، تڏھن کان پنھنجن پيرن تي بيھي ناھن سگهيا، باجود ان جي جو ھاڻ نام نھاد جمھوري دور آھي. ھي دؤر ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو دؤر آھي. دنيا جو سمورو ادب پڙھڻ لاءِ موجود آھي، پر اھو ھڪ مخصوص ڪلاس لاءِ، ترجمي جي ھاڻ بہ اھميت آھي.
دنيا جي ادبي شاھپارن کان واقف ٿيڻ اسان جو حق بہ آھي تہ سماجي ضرورت بہ، ان ڪري ھن موقعي تي جڏھن اسان سائين ولي رام ولڀ جي وفات تي سخت ڏک واري حالت ۾ آھيون، اچو تہ ادب جي بي لوث خدمت لاءِ ڪجهہ ڪري ڏيکاريون. ھن موقعي تي سائين ولي رام ولڀ لاءِ بھترين ڀيٽا اھا ٿي سگهي ٿي تہ ترجمي نگاريءَ لاءِ اشاعتي ادارا پنھنجو الڳ بورڊ جوڙين ۽ دنيا جو بھترين ادب سنڌ جي نوجوانن کي پڙھڻ لاءِ ميسر ڪري ڏين، جنھن لاءِ بھترين ترجمي نگار موجود آھن.