عابد اُنڙ : محمود مغل
80-1970 واري ڏهاڪي ۾، جن ليکڪن تڪڙي پذيرائي حاصل ڪئي هئي، عابد اُنڙ انھن مان هڪ هيو. هي اهو ئي دؤر هو، جڏهن ’طارق عالم ابڙو‘، ’نظير قاسمي‘، ’ڪنول لھاڻو‘، ’اطهر منگي‘، ’محمود مغل‘، ’مصطفيٰ نانگراج‘ ۽ ’منظر حيات قاضي‘، علم و ادب جي آسمان تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا هئا. اشاعتي حوالي سان ڀلو ڀل هئي. ’سھڻي‘، ’مھراڻ‘، ’رچنا‘، ’سنڌي ساهت‘، ’نئون نياپو‘، ’سوجهرو‘ مندوار ’سنڌ‘ ۽ ’آرسي‘ جھڙا رسالا، چونڊ ادب پيش ڪندا هئا. عابد انڙ، 1978ع کان شاعريءَ جي پِڙ ۾ پيرُ ڌريو ۽ ’هلال پاڪستان‘ جي ادبي صفحي کان شروعات ڪندي، ’نئون نياپو‘ ۽ ’آرسي‘ ۾ ڇپيو. تنھن زماني ۾ ’سھڻي‘ ۽ ’آرسي‘ ۾ ڇپجڻ، ليکڪ لاءِ ڪنھن ’سَنَدَ‘ کان گهٽ ڪونہ هو. عابد، ’آرسي‘ کان شروع ڪيو ۽ پھرئين شماري، مارچ 1983ع ۽ چوٿين شماري، مارچ 1985ع ۾ ڇپيو.
آرسي جلد:1 / صفحو 30:
هاءِ حياتي... ]غزل[
هاءِ حياتي هيڏي ساري
ڪي تہ هُجن خوشين جا پَلَ
عمر گذارڻي تہ ناهي
ڀرڻي آهي ڄڻ ڪا ڍَلَ
هَڏن تان ڳَر بہ لاهي وٺ
توکي ڪائي جهل نہ پَلَ
توکي بہ ڪوئي ڇڏي وڃي
توکي بہ پوي ڪائي ڪَلَ
شاعرن کان ٿو شعر کَسين
واھہ ڙي ويرِي تنھنجي ٽَلَ
-
آرسي جلد:4 / صفحو 45:
ياد ]نظم[
سورج پنھنجو رنگُ مَٽائي
ڪنھن جبل جي اوٽَ
ڪنھن سمنڊ جي پيٽَ ۾ لھي وڃي
اُداس پِيلِي شام لڳي
پِيلا پَنَ وڻن مان ڇڻن
ڪونجن جون نہ قطارون اُڀ اُڏن
هيڪل وياڪل منڙو لڳي
هلڪي سرد هوا گُهلي
وارن چڳ لھي پيشاني چُمي
اهڙي سَمَي تون ئي ٻُڌاءِ، ها تون ئي ٻُڌاءِ
ڪيئن نہ ڀلا تنھنجي ياد اچي
-
شاعريءَ جي ان مختصر سفر کان پوءِ هُن، ڪھاڻيڪاريءَ ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ مشھور رسالي ’سنڌ‘ ۾ 1983ع ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ڇپي. الاءِ ڇو، هُن لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪل ٽن ڪھاڻين جي ڇپجڻ کان پوءِ ماٺ ٿي ويو. هيل تائين سندس ڇھہ ڪھاڻيون لکيل آهن، جن مان هڪ ’امرتا‘ جي ’هن مھيني جو ڪھاڻيڪار‘ واري سلسلي ۾، اوهان جي روبرو آهي.
عابد علي ولد سڪندر علي اُنڙ، پھرين فيبروري 1961ع تي ’قافلہ سراءِ‘ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ٽن ڀائرن عبدالرسول، عابد علي، واجد علي ۽ چئِن ڀينرن واري ڪھول ۾ پاڻ چوٿون نمبر آهي. سندس شروعاتي تعليم، ’پِي وِي پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو‘ ۾ ٿي، جتان پنج درجا پاس ڪري، سيڪنڊري تعليم ’نُور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد‘ مان حاصل ڪيائين. 1976ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ’گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري‘ مان 1978ع ۾ انٽرميڊيٽ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ’فائن آرٽس شعبي‘ مان 1982ع ۾ گريجوئيشن جون ڊگريون حاصل ڪيائين.
سندس پھرين نوڪري، انسپيڪٽر ڪوآپريٽوِ سوسائٽيز تحت ٿي، جيڪا 1985ع کان 1987ع تائين ڪراچيءَ ۾ ڪيائين. 1987ع ۾ هُن واپڊا جوائن ڪيو ۽ 1987ع کان 2000ع تائين ڪيئر ٽيڪر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ ساڳئي ئي عھدي تي سال 2000ع کان 2002ع تائين ’گُڊو ٿرمل پاور ڪشمور‘ ۽ 2002ع کان 2021ع تائين ’ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس‘ ۾ متعين رهيو. سال 2021ع ۾ هُن ريٽائر ڪيو. 1988ع ۾ سندس شادي ٿي ۽ ٽن نياڻين ۽ ٻن پُٽن ساگر ۽ مبشر جو پيءُ عابد اُنڙ، جي لاڳيتو لکي ها، تہ شايد انھن چئِن ڏهاڪن جي علمي ادبي سفر ۾ سندس حيثيت ڪا ٻِي هجي ها.
’امرتا‘ بيحد سرهو آهي، جو ان کي پڙهندي، هڪ ليکڪ کي پنھنجو قلم ڪاغذ ياد آيو آهي. وقت جو ڪم گذرڻو ئي آهي. ڀلي چار ڏهاڪا گذري ويا هجن، پر هڪ ڪويءَ ۽ ليکڪ جو ذهن وقت پاران زنگجي نٿو سگهي.