ارپنا
سائين
ولي رام ولڀ
جي نانءِ
شمس چئمبر جي ٿرڊ فلور جو ڪمرو، جيترو ٿڌو هوندو هيو، سائين ولي رام ولڀ جو سڀاءُ تنھن کان هزار ڀيرا مٿي هوندو هو.
1970ع واري ڏهاڪي جي آخر ۾، سندن پھريون ڀاڪر نصيب ٿيو هو. شايد 1978ع هيو يا 1979ع، علم و ادب جي ميدان ۾ ڪاڳرن جا ٿھا کڻي، هر هڪ وٽ وڃبو هو، ڪھاڻي پيش ڪئي ويندي هئي ۽ موٽ ۾ هڪ ڪَڙِي نگاھہ پلئہ پوندي هئي، جيتوڻيڪ لکڻ جو سلسلو 1975ع کان شروع ٿي چڪو هو، پر پذيرائيءَ جي ڪا دلنشين صورت سامھون نہ پئي آئي. اهو ئي دور هو جڏهن مٿي تي سائين انور هالائي صاحب ۽ سائين سيد ظفر حسن جو هٿُ ڄڻ تہ ڌرجي ويو. هالائي صاحب وٽ ’گل ڦل‘ ۾ هر روز ڪم ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿيندي هئي ۽ سائين ظفر حسن وري سنڌي ادبي سنگت شاخ ڄامشورو جي اديبن سان خاص محبت جو اظھار ڪندي، نوَن اديبن کي تيزيءَ سان اڳيان آڻيندو هو. سائين ظفر حسن جي خاص عادت اها بہ هوندي هئي تہ هُو نوجوان ليکڪن کي پنھنجي دور جي وڏن ليکڪن سان ملائڻ لاءِ ۽ سندن تعلق جوڙڻ لاءِ ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃائيندو هو. ياد اچيم ٿو عبدالرحمان سيال، راهي چنا ۽ مان محمود مغل، سائينءَ جي محبتن جو خاص محور رهياسين. تنھن زماني ۾ صدر ۾ ’پرفيڪٽ پريس‘ سائين ظفر حسن جي هوندي هئي. هڪ ڀيري هڪ فائل ڏيندي چيائون، ”ولي رام سان ملي اچو، هي ڪاغذ کيس پڄائڻان آهن.“
تنھن زماني ۾ ڀلو ڀل جو ڇيھہ ئي نہ هو. سنڌي علم و ادب جي آسمان تي ڪھڙا نہ روشن ستارا چمڪندا هئا. ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ سائين طارق اشرف، سائين ظفر حسن، سائين نجم عباسي هڪ طرف هوندا هئا، تہ شاعريءَ ۾ وري نياز همايوني جھڙا پختہ قد وجود پاڻ پَسائيندا هئا. ان ئي دور ۾ ترجمي جي دنيا ۾ اهم ترين نالو هو سائين ولي رام ولڀ جو... پھريون ڀيرو خوف وچان مليو هئس تہ ڀاڪر پائي چيو هئائون، ”توهان جي نالي کان واقف آهيان، ظفر ٻُڌائي ٿو تہ توهان ڏاڍو تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهيو.“
چار ڏهاڪن کان مٿي اهو سفر طئہ ٿي چڪو آهي. انھن چوئيتاليھن پنجيتاليھن سالن ۾، سائين ولي رام ولڀ سدائين مون تي ذاتي طور شفقت جو هٿُ رکيو. اُڏيرولال اسٽيشن تي احساس ميرل جي سھيڙيل ڪتاب ’سُخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا‘ جي حوالي کان 2 سيپٽمبر 2018ع تي تقريب هئي، منٿ ڪيم تہ طبيعت ۾ هيڻائيءَ جي باوجود بہ گڏ هليا ۽ سفر ڏاڍو انجواءِ ڪيائون. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ادا گل محمد جي ڪليگ واري حيثيت سان هُنن الڳ پيار ڏنو. ’آرسي‘ ۾ لڳاتار ڇپجڻ سندن محبت جو ٻيو استعارو رهيو ۽ گڏوگڏ کُليل دل سان تعريف ڪندي پُٺيءَ تي ڏنل سندن ٿڦڪي، منھنجي لاءِ ڄڻ تہ حياتيءَ جو وڏو اثاثو آهي.
ولڀ صاحب، هڪ عملي ليکڪ هئا، هنن حياتيءَ ۾، ڪنھن بہ محفل ۾، ڪنھن بہ موقعي تي بنا تياريءَ جي شرڪت نہ ڪئي. هُو سدائين پنھنجو آرٽيڪل تيار ڪري ايندا هئا ۽ في البديھہ ڳالھائڻ کان پاسو ڪندا هئا. ڪتابن جي مھورت هجي يا ڪا ٻي علمي ادبي سرگرمي هجي، کين ان ڳالھہ جو مڪمل ادراڪ هوندو هو تہ ڳالھائڻو ڪتاب تي آهي يا صاحبِ ڪتاب تي آهي. مان تقريبن چاليھہ سال علمي ادبي محفلن جو ميزبان رهيو آهيان، صرف سائين ظفر حسن، سائين عبدالقادر جوڻيجو ۽ سائين ولي رام ولڀ ان خاني ۾ فٽ اچن ٿا، نہ تہ هُونئن تہ الاءِ ڪيترن ڳالھائڻ وارن کي ڳالھائڻ جي موضوع جي خبر دير سان پوندي آهي.
هڪ لائق استاد جيان، هڪ ڀرپور ايڊيٽر جيان ۽ پنھنجي هُنر جي مڪمل ڄاڻ رکندڙ وجود جيان هُن اسان جي پرورش ڪئي، سيکاريو، سنواريو ۽ اڳتي وڌايو. سندس سُلوڪ جيترو مھربان ۽ ٿڌو هوندو هيو، سندن ڀاڪر ايترو ئي گرم... اندر ۾ اهو احساس ڪَرَ کڻي ٿو تہ هي هيرا جواهر، پنھنجي دور جا، پنھنجي نسل جا آخري استعارا آهن، جن کان پوءِ انھن جھڙو ڪو ورلي وري اچڻو آهي.
’امرتا‘ ۽ اسان جو سڄو سَٿُ سندن محبتن، شفقتن، سِکيا ۽ ساٿَ لاءِ ٿورائتو آهي. هنن جيڪي ڪجهہ اسان لاءِ ڪيو، تنھن جي ادائيگيءَ لاءِ اسان جا هي لفظَ پورا پئجي نٿا سگهن.
- محمود مغل
- فقير محمد ڍول