پيار ڪرڻ سِکو : زبيدہ مصطفيٰ / انيتا ڪمليشوَر
تازو ئي مون هڪ ڀيرو وري پنھنجي هڪ بحث ۾، ’ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ استاد جو ڪردار جي اهميت‘ تي زور ڏنو آهي. خوشقسمتيءَ سان سنڌي زبان جي مشھور ادبي شخصيت ولي رام ولڀ سان منھنجي ڳالھہ ٻولھہ ٿي. سندس ادب آداب واري لھجي ۽ ڏاهپ مون کي هڪدم متاثر ڪيو. مون کيس چيو تہ، ”هُو پنھنجي استادن جي باري ۾ ٻڌائي، جن جي ڪري کيس زندگيءَ جي هن ڊگهي سفر ۾ سکڻ لاءِ روشني ۽ رهنمائي ملي.“
هُن پنھنجي تعليم جي شروعات چيلھار (ٿرپارڪر) جي اسڪول مان ڪئي، جتي سندس والد جي نوڪري هئي. ننڍپڻ ۾ ولي رام ولڀ جو واسطو جن استادن سان پيو، اُهي تمام اُتساهيندڙ هئا. هُن کي رائچند هريچند جھڙو استاد مليو، جيڪو نھايت شفيق ۽ شائستہ گفتگو ڪندڙ هو. هُو سندس اسڪول جو هيڊ ماستر بہ هو تہ هڪ ليکڪ ۽ ڪتابن سان پيار ڪندڙ شخص بہ هو، جنھن اسڪول ۾ هڪ لائبريريءَ جو بنياد وڌو. هُن ولي رام ولڀ کي ڪتابن سان متعارف ڪرايو ۽ سموري عمر لاءِ اهو جنون سندس سُڃاڻپ بڻجي ويو.
هڪ ٻئي استاد جنھن کيس مٺي (ٿرپارڪر) ۾ پڙهايو، جيڪو هر قسم جي تعصب کان پاڪ هو. هُن ڪلاس ۾ پنھنجو تعارف هِن ريت ڪرايو: ”منھنجو نالو ضياالحق آهي، پر توهان مون کي اوم پرڪاش (سچ جي روشني) بہ سڏي سگهو ٿا. ڇو جو ٻنھي نالن جي لفظي معنيٰ ساڳي آهي.“ اهڙن استادن کان تعليم پرائڻ کان پوءِ اهو ممڪن ئي ناهي تہ ڪو شخص ڪتابن کان نفرت ڪري سگهي. اهي ئي گھرا ۽ اڻمٽ نقش هئا، جن جي ڪري ولي رام ولڀ ٽي ايم.اي جون ڊگريون ۽ هڪ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.
پنھنجي روزگار جي حاصلات لاءِ هُن پھرين ’ٻيلي کاتي‘ ۾، ’سينما ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ‘ ۾ ۽ پوءِ ’سنڌالاجيءَ‘ ۾ نوڪري ڪئي ۽ هڪ سادي زندگي گذارڻ سان گڏوگڏ هُو ڪتاب خريد ڪري پڙهندو بہ رهيو تہ سُٺن ڪتابن جا ترجما بہ ڪندو رهيو. هُن پنھنجي ادبي تخلص لاءِ ’ولڀ‘ (پيار) لفظ چونڊيو، ڇو جو اهو ئي مثبت اثر سندس شصيت تي سندس استادن ڇڏيو هو.
سندس ادبي مھارت ۽ حاصلات جون پاڙون سندس مادري زبان سنڌيءَ سان جڙيل آهن. هُو زبان کي رابطي جو هڪ اهم عنصر سمجهي ٿو، جيڪو ماڻھن کي سندن ثقافت ۽ سماج سان جوڙي ٿو. رابطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هُن اسڪول ۾ مختلف ٻوليون سکيون. هِي اُهي ڏينھن هئا، جڏهن عام طور سمجهيو ويندو هو تہ ٻولي انسان کي تهذيب يافتہ بڻائي ٿي. ولي رام ولڀ اردو، سنسڪرت، هندي، فارسي ۽ انگريزي ٻوليون سکيون. هُن ٻڌايو ته: ”آئون پنھنجي والد کي سنڌي ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هئس ۽ ايئن مون سکيو تہ ٻولي ٻن نسلن کي جوڙڻ ۾ ڪيترو مظبوط ڪردار ادا ڪري ٿي.“
ٻوليءَ جي ڪري ئي هُو ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پڙهندڙن سان بہ جڙيل رهيو آهي. اُهي سنڌي ماڻھو جيڪي پنھنجي وطن کان پري آهن ۽ پنھنجي ماضي واري زندگيءَ کي ياد ڪن ٿا ۽ جيڪي ليکڪ آهن اُنھن پنھنجي وڃايل ٻولي ۽ ماڻھن جي باري ۾ ڪتاب لکيا آهن، اهي کيس ڪتاب موڪلن ٿا. ڇو جو کين خبر آهي تہ ولي رام ولڀ هڪ کوجي پڙهندڙ آهي. هُو ان ڳالھہ تي يقين رکي ٿو تہ ٻولي، خاص ڪري مادري ٻولي انساني معاشري کي هڪ ٻئي سان ۽ مختلف ثقافتن سان جوڙي ٿي.
جيتوڻيڪ ولي رام پنھنجي روزي ڪمائڻ لاءِ سرڪاري نوڪريون ڪيون پر ٻولين ۾ دلچسپي ۽ مھارت سندس روح جي غذا بڻجي ويئي. هُن سنڌيءَ ۾ افسانوي ۽ غير افسانوي ادب بہ لکيو تہ شاعري بہ ڪئي، پر سندس مضبوط قلعو مختلف ٻولين مان بھترين ليکڪن جا سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترجما رهيا آهن. جيئن قرت العين حيدر جو آخري شب ڪي همسفر، ڪرشن چندر جو غدار، امرتا پريتم جو بند دروازه، البرٽ ڪاميو جو The outsider. هُن تقريبن 40 کن ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. جن ۾ ٻہ شاعريءَ جا مجموعا ۽ 100 کن ڪھاڻيون شامل آهن. انھن ڪھاڻين ۽ شاعريءَ جو ترجمو ۽ ڇپائڻ جي وچ ۾ جنھن ڌاڳي ۽ موتين جو سنٻنڌ آهي. سو اهو ئي آهي تہ انھن جي جديديت کيس متاثر ڪيو ۽ هُن انھن جو ترجمو ڪيو. هُو ڪنھن بہ ڪتاب يا مواد کي ترجمي لاءِ چونڊڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. هُن ڪڏهن بہ ڪو ترجمو ڪنھن ٻئي جي چوڻ تي ڪم سمجهي نہ ڪيو آهي.
ولي رام ولڀ لاءِ ترجمو هڪ تخليقي ليک آهي، جيڪو هڪ ليکڪ کي ثقافتي سرگرم بڻائي ٿو ۽ هڪ پڙهندڙ جي ادبي اُفق کي وسيع ڪري ٿو. تنھن ڪري اهو مترجم جو ئي فيصلو هئڻ گهرجي تہ پڙهندڙن کي ڪھڙا ترجما ڏيڻ گهرجن. جيتوڻيڪ هڪ ليکڪ پنھنجي ڪتاب جي مالڪي رکي ٿو، پر هڪ مترجم انھيءَ ڪتاب کي مختلف ٻولين جي پڙهندڙن تائين پھچائي، انھيءَ جي اهميت کي وڌائي ٿو. ولي رام ولڀ چواڻي، ”هڪ ڪتاب جيڪڏهن ترجمو نٿو ڪيو وڃي تہ اهو فقط هڪ ئي ٻوليءَ تائين محدود ٿي وڃي ٿو، پر جيئن ئي هڪ مترجم انھيءَ جي چونڊ ڪري ٿو تہ اهو عالمي ادب ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.“
ولي رام ولڀ چوي ٿو تہ، ”ڪتاب زندگيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، ڪنھن بہ معاشري جي اخلاقي ۽ روحاني قدرن جو سڌو سنئون واسطو اُتان جي ماڻھن جي ڪتاب پڙهڻ جي تعداد تي ٻڌل آهي. جتي بہ تخليقي ادب وڌيڪ لکيو ويندو اُتي ترجمي جي اوسر بہ وڌيڪ ٿيندي. اهو سچ سنڌي ٻوليءَ سان بہ لاڳاپيل آهي.“ گوئٽي چواڻي، ”ترجمو ڪرڻ سموري دنيا کي گڏ ڪرڻ جو هڪ طريقيڪار آهي ۽ ولي رام ولڀ پنھنجي سموري زندگي انھيءَ طريقيڪار مطابق گذاري آهي.“
(روزاني ڊان جي ٿورن سان)