ولي رام ولڀ سان ملاقات: عظمت اللھ ڪنڀر
جواب: مون پھريون ناول ڪرشن چندر جو ’غدار‘ ترجمو ڪيو، جنھن کان پوءِ فرينچ ناول ’ڌاريو‘ ترجمو ڪيو، مون دنيا جو ادب پڙهيو تہ سنڌي ادب ۾ کوٽ محسوس ڪيم ۽ انھيءَ ڪري ئي ٻين ٻولين جي ادب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري آندو، 400 کان وڌيڪ شارٽ اسٽوريز ترجمو ڪيون آهن،
سوال: ڪھڙو ادب وڌيڪ پڙهيو؟ ۽ ڇا توهان بہ ان ئي تاريخ خاص ڪري سنڌي تي يقين رکو ٿا، جيڪا ادب جي صورت ۾ پيش آهي يا توهان بہ ان کي دربارن ۾ لکيل تاريخ قرار ڏيو ٿا؟
جواب: اردو ادب ننڍپڻ ۾ تمام گهڻو پڙهيو، ان ڪري ئي اردو ادب ۾ ايم اي ڪيم، اردو ادب ۾ ايم اي ڪرڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو آهي تہ اردو ۾ تاريخ کي صحيح طرح لکيو ويو آهي، تاريخ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي، جنھن ۾ ڪردارن جا نالا تہ صحيح آهن پر واقعا پنھنجي فائدي ۽ تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪيا ويا آهن، اهي جڙتو آهن، وقت جي ماڻھن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، سنڌي ادب ۾ تاريخ جو ڪو اعتبار جوڳو ڪتاب نظر نٿو اچي.
سوال: توهان چئو ٿا تہ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي ۽ پرائيويٽ اسڪول ڪاروبار پيا ڪن تہ توهان پاڻ بہ تہ پرائيويٽ اسڪول هلائي رهيا آهيو، ڇا اهو فلاحي آهي يا توهان بہ ڪاروبار ڪري رهيا آهيو؟
جواب: سنڌ جي تعليم تباھہ آهي، اڳ هڪ پرائمري اسڪول ۽ هڪ هاءِ اسڪول هوندو هو پر هاڻي هر گهٽيءَ ۾ 15-15 پرائيويٽ اسڪول آهن، معاملو تمام گهڻو بگڙي ويو آهي، هن شعبي ۾ اهي ماڻھو گهڙي آيا آهن جن جو تعليم سان ڪو واسطو ئي ناهي، اهي رڳو بزنس ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن، آئون 2001ع ۾ رٽائر ٿيس، مون کي پروف ريڊري ۽ ايڊيٽنگ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم آيو نہ پئي، انھيءَ ڪري پنھنجي گهر ۾ ئي اسڪول کوليو، جنھن جو معيار ناليوارن اسڪول جي برابر آهي، اهو اسڪول 60 رپيا فيس کان شروع ٿيو ۽ 30 سالن بعد اڄ بہ هزار رپئي کان گهٽ فيس آهي، 250 ٻار آهن، مون وٽ ايتري سيڙپ ناهي جو آئون هن اسڪول کي اٺين ڪلاس کان اڳتي وڌائي سگهان يا وري اسڪول کي اڃا وڏو ڪري سگهان، توهان منھنجي حالت ڏسندا تہ حيرت کائيندا، اهو اسڪول مون کي ڪڏهوڪو بند ڪرڻ گهرجي ها، استادن کي پگهار نٿو ڏئي سگهان، پنھنجي ننھن، ڌيئرن، پٽن سميت اسان پاڻ هن اسڪول ۾ پڙهايون ٿا، اسڪول جي چاٻي سڄو ڏينھن منھنجي کيسي ۾ هوندي آهي، ڪيترائي ڀيرا اختيارين کي چيو تہ اسڪول رجسٽرڊ ڪيو پر منھنجي هڪ نہ ٻڌي وئي، هن چيو تہ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ اسڪول لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن پر مون ۾ حال ناهي، مون کي واپار ڪرڻ نٿو اچي، هن چيو تہ تعليم جو سڌارو تڏهن ايندو، جڏهن پرائيويٽ اسڪول بند ڪرايا ويندا.
سوال: سنڌ جي توهاڻ خوشحال ڏٺي؟ هاڻي سنڌ ۽ سنڌ جو ماڻھو ڪٿي بيٺل آهي؟
جواب: خوشحال رڳو مخصوص طبقو آهي، جيڪو بيوروڪريسيءَ جي ڪري وسيلن تي قابض ٿيو ويٺو آهي، سماج لاءِ هڪ وڏي پلاننگ جي ضرورت آهي، تعليم، اسپتالون ۽ ٻيا فلاحي ادارا بھتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماڻھو غربت جو شڪار آهن، اسان جا بيوروڪريٽ اڃا پراڻي وڏيرڪي طريقي تي هلي رهيا آهن، ترقيءَ جا نعرا تہ هنيا وڃن ٿا پر حقيقت ۾ ترقي اڃا ناهي آئي، ڳوٺن جي ساڳئي حالت آهي، ٻوليءَ ۽ ادب جا ادارا تباھہ ٿي رهيا آهن.
سوال: ادب جا بھترين دور توهان ڏٺا؟ هاڻڪي ادب مان مطمئن آهيو؟ ۽ اسان جو سماج ڪٿي بيٺل آهي؟
جواب: جيڪو ادب هاڻي اچي پيو، ان مان مطمئن ناهيان، ادب هر سماج جو عڪس هوندو آهي پر اسان جو ادب باقي دنيا جي ادب کان تمام گهڻو پوئتي آهي، اها ڳالھہ غلط آهي تہ ڪتاب وڪامجن نٿا، ڪتاب وڪامجن ٿا، تنقيد ڪندڙ کي عام سماج ۾ ناپسند ڪيو ويندو آهي، تنھن ڪري اسان وٽ سٺا نقاد ناهن، اسان جو سماج خوشامدي ۽ چاپلوسي جو شڪار آهي پوءِ ان ماحول ۾ جيڪڏهن توهان تنقيد ڪئي تہ پنھنجي جاءِ نہ ٺاهي سگهندا، اسان جو سماج ارتقا پذير آهي، دنيا جو لٽريچر الائي ڪٿي وڃي پھتو آهي پر اسان رڳو ان خوش فهميءَ ۾ پورا آهيون تہ اسان وڏو ڪم ڪيو آهي پر حقيقت ۾ اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي آهيون، اسان نوبل پرائيز جھڙو ڪو ڪتاب نہ ڏئي سگهيا آهيون، رڳو ڪم کي ڌڪيو پيو وڃي، ان ماحول ۾ تنقيد ڪٿان ٿيندي؟ دعوائون تہ وڏيون ٿا ڪيون تہ اديب ئي سماج کي اڳتي کڻي هلندا آهن پر جڏهن اسان ڪتاب پڙهون ۽ ان جو معيار ايترو بلند نہ هجي ۽ ان جو اثر بہ نہ پوي تہ پوءِ اهو ادب ڪھڙي ڪم جو، اسان خوش فهميءَ جو وڌيڪ شڪار آهيون، سھل پسند آهيون، تنقيد کي ناپسند ڪندڙ آهيون، اسان جو ادب جنھن سرزمين تي سرجيو، ان تي ڪا وڏي تحريڪ ناهي هلي، احتجاجي ادب بہ ان پائي جو ناهي آيو، اسان واويلا ڪري اڳتي تہ ويندا آهيون ۽ پوءِ پٺيان پير ڪري سمجهندا آهيون تہ وڏو ڪم ڪري ورتو آهي، خوش فهميءَ ۾ رهي ڪا وڏي ترقي نٿي ڪري سگهجي، خوش فهمي ۽ چاپلوسي ۾ رهي نفسياتي بيمارين جو شڪار آهيون.
سوال: زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو ۽ جيڪو ڪم ڪيو اٿوَ. ان مان ڪيترا مطئمن آهيو؟
جواب: زندگيءَ مان مطمئن آهيان، جيتري محنت ڪئي، ان جو صلو ملي چڪو آهي، پنھنجي خوشيءَ خاطر لکيو، جنھن ادب جي کوٽ محسوس ڪيم، ان کي پنھنجي سنڌي ۾ آندو، سنڌي سماج جي پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان، ڪنھن بہ سماج کي ڏسڻ لاءِ ڀرپور نظر کپي پر هن سماج تي انصاف ناهي ٿي سگهيو. شيخ اياز ۽ ان وقت جي شاعرن ۽ اديبن سماج ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، مون ڪوبہ وڏو ڪم ناهي ڪيو ۽ نہ ئي ڪا دعويٰ ڪريان ٿو تہ مون ڪو وڏو ڪم ڪيو آهي،
سوال: توهان اڪثر ماڻھن جي هجوم کان پاسيرا هوندا آهيو؟ ماڻھو برداشت نٿا ڪن يا مزاج اهڙو آهي؟
جواب: هر هنڌ اهو ئي چوندو آهيان تہ مون پنھنجي خوشيءَ خاطر ڪم ڪيو آهي، نہ آئون وڏي عھدي تي رهيس جو ڪم ڪريان ها. مون کي موقعو نہ مليو تہ ڪم بہ نہ ڪيو، مون کي ڪنھن سان ڪابہ شڪايت ناهي. ادبي ڪيريئر ۾ مون سان زيادتيون ٿيون آهن، اهي زيادتيون خالص منھنجي غلطي تي ناهن ٿيون، مون سان ائين ٿيو آهي جو ڄڻ ڏوھہ جي خبر ئي ناهي ۽ سزا ملي وئي.
سوال: سنڌي اديبن جو پنھنجي ٻولي سان ناتو ٽوڙي ٻين ٻولين ۾ لکڻ جو ڪھڙو سبب آهي؟
جواب: اهڙن اديبن جي ٻئي ادب ۽ ٻولي ۾ ڪا جاءِ ناهي، اهو ايئن آهي، جيئن ڌاري ڌرتي تي ڪو ٻج پوکيو وڃي، هو پئسو ڪمائي تہ سگهن ٿا پر پنھنجي ادبي حيثيت نٿا ٺاهي سگهن،
سوال: ڇا سنڌ جون حالتون بھتر ٿينديون؟
جواب: موجودہ حالتن کي ڏسجي تہ ماڻھو ڪڏهن ترقي ڪندا، ڪڏهن بک ۽ غربت ختم ٿيندي، مون کي سنڌ جون حالتون بھتر ٿيندي نظر نہ پيون اچن، ماڻھن جي مزاج جي خبر نٿي پوي تہ هو ڪرڻ ڇا ٿا چاهين.
سوال: طبيعت ۽ ڳالھين مان لڳي ٿو تہ توهان کي هن سماج کان وڏيون ميارون آهن؟
(ولي رام ولڀ نفي ۾ جواب ڏيندو رهيو...)
سوال: دل جو حال کُلي ٻڌايو؟ (ڀرپور اصرار ڪرڻ ۽ زور ڀرڻ بعد ٿڌو ساھہ کڻندي ٻُڌايائين)
جواب: سوچيندو آهيان تہ مون سان انصاف ناهي ٿيو، مون کي شڪايتون آهن پر ڪرڻ جوڳيون ناهن، مون ڪڏهن بہ ڪا وڏي خواهش نہ رکي، رويا نہ وڻيا تہ نوڪريون ڇڏي ڏنم، زندگي ۾ ڪيترائي لاها چاڙها آيا آهن پر صبر ۽ برداشت جي قوت مون ۾ وڌيڪ آهي، سنڌالاجي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي مون کي ڪم ڪرڻ نہ ڏنو ويو، هاڻي ڪھڙو موقعو ملندو؟؟ هن عمر ۾ تہ هلي بہ نٿو سگهان، نظر خراب ٿي وئي آهي، بت سن ٿي وڃي ٿو، (ولي رام ولڀ انٽرويو دوران مختلف موقعن تي اکين مان لڙڪ بہ لاڙي ويٺو) ننڍپڻ کي ياد ڪري روئي ويھندو آهيان، اندر ۾ اداسي ۽ تمام گهڻو نازڪ آهيان، ڪنھن نياڻي جي شادي ٿيندي آهي تہ اها بہ ناهيان ڏسي سگهندو،
سوال: زندگي کي ڪيئن ڏٺو ۽ ڪھڙا ڏک مليا؟
جواب: ”يادِ ماضي عذاب هي يارب، ڇين لي مجهہ سي حافظھ ميرا“ چئي مسلسل روئيندو رهيو، زندگي ۾ ڪيترائي ڏکيا ڏينھن ۽ تڪليفون ڏٺيون، زندگي ۾ ڪوبہ اهڙو فيصلو ناهي ڪيو، جنھن تي ڪو پڇتاءُ هجي، مون ڪنھن کي ڏک نہ ڏنو هوندو، 14 سالن جي عمر ۾ شادي ٿي، زال 4 درجا پڙهيل آهي، ذهني هم آهنگي سبب گهر ۾ سڪون آهي، نہ تہ عام طور تي ائين ناهي هوندو، زندگي ۾ لاها چاڙها آيا آهن پر صبر ۽ برداشت جي قوت کي ناهي ڇڏيو، هن هاڻي ذري گهٽ 80 سالن جو ٿي ويو آهيان، خواهشون تہ گهڻيون ئي آهن پر خواهشون حقيقت ۾ ڪجهہ ناهن ڪري سگهنديون، هن ڌرتي جو ٿورائتو آهيان جنھن مون کي جاءِ ڏني، منھنجو ڪنھن تي بہ ٿورو ناهي، مون پنھنجو پاڻ کي نفي ۾ غرق ڪيو آهي.
سوال: سنڌ ۽ هنڌ جي وهاڱي جو وقت ياد آهي؟ توهان روپوش ڇو ٿي ويا؟
جواب: جڏهن ورهاڱو ٿيو هو تہ آئون ننڍڙو هئس، اسان سنڌ جي سکن جي ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين، ورهاڱو ٿيو تہ منھنجن چاچن جا دڪان ڦر ٿي ويا، پئسا ڦر ٿيا ۽ مال بہ ڪاهيو ويو، ان بعد اسان جي خاندان فيصلو ڪيو تہ هتان لڏي هلجي، منھنجا چاچا تہ سامان کڻي ننگرپارڪر کان ٻاڙ ميل تائين بہ پھتا پر اسان ڀارت نہ وياسين، ڇاڪاڻ جو اسان هن ئي ڌرتي جا هئاسين ۽ هن ڌرتي کي نہ ڇڏي سگهياسين ۽ اسان ان ڳوٺ مان لڏي پنھنجي آبائي ڳوٺ مٺي ۾ اچي رهياسين، ننڍي هوندي اسان جي وڏن ورهاڱي جو اثر اسان تي نہ پوڻ ڏنو، جڏهن وڏا ٿياسين، تڏهن ورهاڱي جو معاملو سمجهہ ۾ آيو، بنگلاديش بہ اکين آڏو ڌار ٿيو، عبدالولي خان منھنجو پسنديدہ اڳواڻ هو، جيتوڻيڪ منھنجو ڪنھن بہ پارٽي سان تعلق نہ هو پر سڀني پارٽين جا منشور پڙهندو هيس ۽ سمورين پارٽين جا ڪارڪن منھنجا دوست هئا، بنگلاديش ٺھڻ دوران ڄام ساقي منھنجو نالو هڪ پمفليٽ تي ڇپرايو، جنھن ڪري مون کي بہ ٿاڻي تي وڃڻو پيو ۽ گهڻين مشڪلاتن جو منھنجو ڏسڻو پيو، ايتري قدر جو آئون واپس ڳوٺ لڏي روپوش ٿي ويس، سنڌ ۾ اهڙو ڪو ماڻھو يا اڳواڻ نظر نہ آيو جنھن جو آئون اثر قبول ڪري سگهان ها يا آئيڊيل ٺاهي سگهان ها، تنھنڪري ڪيترين ئي مجبورين سبب پاڻ کي ڪنھن بہ سياسي يا سماجي تنظيم سان واڳي نہ سگهيس.
سوال: ڪتاب ’سنڌ ڪھاڻي‘ جا گهڻا مالڪ آهن؟ اصل ليکڪ توهان آهيو يا تاج جويو؟
جواب: منھنجو تاريخ جو ڪتاب ’سنڌ ڪھاڻي‘ تاج جويو پنھنجي نالي سان ڇپرايو، اهو سڄو ڪتاب منھنجو ئي لکيل هو، ان کانپوءِ ناز سنائي بہ اهو ڪتاب پنھنجي نالي سان ڇپرايو ۽ ان ۾ منھنجو نالو ورو لکيو، جنھن تي مون کي ڏک پھتو، آئون هن کي ڪجهہ نہ چئي سگهيس، ساڳيو ئي ڪتاب ڀارت ۾ بہ هڪ عورت ليکڪہ پنھنجي نالي سان ڇپرايو ۽ جڏهن آئون ڀارت گهمڻ ويس تہ مون کي هن اهو ئي ڪتاب تحفي ۾ ڏنو، گهر اچي ڏٺم تہ اهو ڪتاب منھنجو ئي هو، اهڙي ريت منھنجون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، ناول ۽ ترجمو ٿيل مواد چوري ڪري ٻين پنھنجن نالن سان ڇپرايا پر مون انھن کي ڪجهہ نہ چيو، اها شڪايت ڪنھن سان ڪريان، منھنجو احتجاج اهو ئي هو تہ مون انھن سان ڳالھائڻ مناسب نہ سمجهيو، ولي رام ولڀ چيو تہ آئون تاج جويو کي وڏو ماڻھو سمجهندو آهيان پر هن کي اها حيثيت نہ ملي جيڪا ملڻ گهرجي ها.
سوال: زندگي تہ نفي ۾ گذاريندا آهيو پر شيخ اياز توهان کي مغرور ڇو قرار ڏنو؟
جواب: ولي رام ولڀ جو پسنديدہ شاعر شيخ اياز آهي، هو اڄ بہ شيخ اياز کي پڙهي ٿو، شيخ اياز سان منھنجي ڌيءَ کي سنڌي ادبي سنگت جو ايوارڊ مليو تہ اتي شيخ اياز تقريب ۾ آيو هو، ان تقريب بعد شيخ اياز منھنجي دوست نور احمد کي چيو تہ ولي رام ولڀ مغرور ماڻھو آهي، هن تقريب ۾ منھنجي لاءِ تاڙي بہ نہ وڄائي، اها ڳالھہ ٻڌي مون شيخ اياز کي خط لکيو ۽ چيو تہ آئون توهان جو تمام وڏو مداح آهيان، توهان جا سمورا ڪتاب مون وٽ موجود آهن، شيخ اياز بيمار ٿيو تہ آئون ساڻس ملڻ ويس تہ هن مون کي چيو تہ تون مون کي تمام گهڻو پيارو آهين.
سوال: توهان لکڻين ۾ تہ ڪمال ڪيو آهي پر مصوري جو شوق ڪئين جاڳيو؟
جواب: ننڍپڻ کان ئي مصوري جو بہ شوق هو، پنھنجي استاد راءِ چند راٺوڙ کان ادب توڙي مصوري جا ڪتاب کڻي ايندو هئس ۽ سڄي سڄي رات ويھي انھن کي ڏسندو ۽ پڙهندو هو، جيڪڏهن آئون ادب ۾ نہ اچان ها تہ مصور ۽ گائڪ هجان ها، ڇاڪاڻ تہ مصوري ۽ گائڪي منھنجو شوق آهي.
سوال: غربت ۽ گهر جي ڇت بہ هجڻ سبب لکڻ جو پورهيو ڪيئن ڪيو؟
جواب: منھنجو گهر ٽٽل ڦٽل هوندو هو، هڪ پاسي کان ڇت هوندي هئي تہ ٻئي پاسي کان نہ هوندي هئي، مون پنھنجي ڪتابن جي سيٽنگ ڇت واري پاسي ڪئي هئي، ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين جيڪو ڪجهہ لکيو آهي ميز ۽ ڪرسي تي ويھي ناهي لکيو، ڪڏهن کٽ تي ويھي تہ ڪڏهن سمھي تہ ڪڏهن وهاڻا رکي لکندو آهيان، سنت ڀڳت کيمچند جي سنگ ۾ بہ رهيس، هن جي شخصيت جو مون مٿان تمام گهڻو اثر آهي، هو مون کي تقريرون لکي ڏيندو هو ۽ آئون شھر جي وچ چوراهي تي وڃي اهي پڙهندو هيس.
سوال: ”منھنجي ٿر جو حال جو پڇندي روئي پوندي“ ڇا ٿر جي هاڻي اها سڃاڻپ آهي؟
جواب: ٿر جي موجودہ حالتن تي مونکي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا، ٿر ۾ اين جي اوز ۽ ٻيون مختلف قوتون آهن جن جا پنھنجا مفاد آهن ۽ اهي ٿر تي قبضو ڪرڻ جون خواهشمند آهن، ٿر جو سڪون برباد ٿي ويو آهي، ٻار اڳ بہ مرندا هئا، ڏڪار اڳ بہ آيا پر هاڻي انھن قوتن پنڻ کي ڌنڌو ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ انھن کي سپورٽ ڪندڙ سياسي ماڻھو آهن، ميڊيا ذريعي ۽ هر فورم تي پينو فقيرن وانگر صدا هنئي وڃي ٿي پر حقيقت اها آهي تہ ٿر جي متاثر ماڻھن کي ڪجهہ نٿو ملي، واپاري ۽ بيورو ڪريٽ فائدو وٺي وڃن ٿا، ٿر جون حالتون ايتريون خراب ناهن جيتريون ميڊيا ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون، ٿر جا ماڻھو انتشار جو شڪار آهن ۽ موجودہ ٿر جي صورتحال جو ذميوار اسان جو سڄو سماج آهي.
هي انٽرويو، سومر 10 ڊسمبر، 2018ع تي ولي رام ولڀ صاحب جي رهائشگاھہ تي ورتو ويو.