الوداع ولي رام ولڀ! : زيب سنڌي
منھنجو خيال آهي تہ، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ محبتن ۽ دوستين جي ابتدا گهٽين منجهان ٿيندي آهي. ڇو..؟ الائجي ڇو..!؟ مون کي ايئن ٿو لڳي تہ، مون جيان اڄ موهن جي دڙي جون گهٽيون بہ ولي رام ولڀ لاءِ اداس هونديون.
ولي رام ولڀ... اهو شخص، جيڪو هر ڪنھن سان سدائين مُرڪي ملندو هو، تنھن جي مُرڪ پٺيان ڪيئي درد ڪٿائون لڪل هيون، پر عامَ اڳيان انھن کي پڌرو ڪرڻ جي هن ۾ عادت ئي نہ هئي. هن جي دل بہ مون کي موهن جي دڙي جھڙي ئي لڳندي هئي، جنھن ۾ ڪيئي راز بہ موجود هئا تہ پنھنجي ذات جا درد بہ دفن ٿيل هئا. تمام ويجهي دوست هئڻ جي ناتي ڪڏهن ڪڏهن هن پنھنجا ڏُک مون سان ونڊيا بہ هئا. ڪڏهن سندس اکين منجهان ڪِرندڙ لڙڪن جا موتي بہ مون ڏٺا هئا، پر هُو پنھنجي مُنھن تي هٿ ڦيرائي، اکين منجهان لڙي آيل لڙڪ اگهي، وري مُرڪي مون ڏانھن نھاريندو هو.
ولي رام صاحب جي حوالي سان ماضيءَ ڏانھن نھار ٿو ڪيان تہ فليش بئڪس جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي. پھرين فليش بئڪ جو سال تہ مون کي چٽيءَ طرح ياد ناهي، پر ايترو ياد آهي تہ اهو ’بيل باٽم‘ وارو زمانو هو. 1976ع يا 77ع جو سال هو. لاڙڪاڻي جي هڪ هوٽل ۾ ساڻس منھنجي اوچتو پھرين ملاقات ٿي هئي. تڏهن هُو سئنيما ائڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ مئنيجر هو. ولي رام پنھنجي اداري جي ڪراچيءَ واري نمائندي جيوت واسواڻيءَ سان گڏ لاڙڪاڻي آيل هو. انھيءَ پھرين ۽ مختصر ملاقات ۾ ئي ولي رام صاحب مون کي گڏجي موهن جي دڙي هلڻ لاءِ چيو هو. ٻئي ڏينھن سکر کان ادل سومرو ۽ اياز گل لاڙڪاڻي آيا هئا تہ سڀ گڏجي موهن جي دڙي ويا هئاسين.
موهن جي دڙي جي گهٽين ۾ هلندي، ولي رام سان منھنجي ڪچھري ٿيندي رهي هئي ۽ موهن جي دڙي بابت ڳالھائيندا، اسان ذاتي گفتگوءَ تائين اچي پھتا هئاسين... ۽ ائين، اسان ٻنھي جي ذاتي تعلق توڙي دوستيءَ جي ابتدا موهن جي دڙي جي گهٽين کان ٿي هئي. هاڻي چاليھن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ اسان جو تعلق اهڙي سطح جو آهي، جو مون کي محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻ اسان جو اهو تعلق بہ موهن جي دڙي جي تاريخ جيترو آڳاٽو آهي! ۽ هن سان منھنجو اهو تعلق فقط پراڻو ئي نہ، پر ڏاڍو مضبوط، ويساھہ جوڳو ۽ محبتن ڀريو رهيو آهي.
پھرين ملاقات کان پوءِ ولي رام جڏهن بہ لاڙڪاڻي آيو تہ سندس شيڊيول ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کان سواءِ هن درويش سان ملڻ ضرور شامل هوندو. مان حيدرآباد ويندو هئس تہ سڌو ولي رام وٽ، ان کان پوءِ باقي حيدرآباد هوندي هئي. ولي رام لڳ ڀڳ پنجويھہ سال گاڏي کاتي جي شمس چيمبر ۾ رهيو، جتي سندس سئنيما ايڊورٽائيزنگ ڪمپني جي آفيس سان لڳو لڳ ننڍڙو گهر بہ هو. ٻن ڪمرن واري ان ننڍڙي فليٽ جا سمورا رهواسي، يعني ولي رام، سندس گهرواري هري ۽ ٽئي ٻارڙا پشپا، گوري ۽ ڪمليش مون کي سدائين بيحد قربائتا لڳا. ولي رام گهر ۾ نہ بہ هوندو هو تہ هنن ڪڏهن بہ مون کي در تان واپس وڃڻ نہ ڏنو. جنھن گهر جا دروازا دلين وانگي سدائين کليل رهن تہ پوءِ تعلق بہ دلين جو ئي جڙندو آهي ۽ دلين جي جڙيل انھيءَ تعلق ۾ ڪڏهن ڪابہ گهاري ڪونہ پئي.
ولي رام جي تعلق ۾ مون کي سدائين ايتري پنھنجائپ محسوس ٿيندي هئي جو جڏهن مان لاڙڪاڻي کان حيدرآباد شفٽ ٿي رهيو هئس تہ، لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي پراپرٽي وڪرو ڪري، مون ولي رام جي نالي سان بئنڪ ڊرافٽ ٺھرائي، پنھنجي سموري ملڪيت سندس اڪائونٽ ۾ رکي ڇڏي هئي. اهي لکين روپيا ڪيتري وقت تائين سندس ئي اڪائونٽ ۾ پيل رهيا هئا، جن کي مون پنھنجو اڪائونٽ کولرائڻ کان پوءِ بہ شفٽ ڪرڻ جي ضرورت بہ محسوس نہ ڪئي هئي. انھن پئسن مان ئي مون سندس صلاح سان حيدرآباد ۾ پنھنجو پھريون گهر خريد ڪيو هو. اهڙي ويساھہ جوڳي شخص سان ڪيترن ماڻھن ويساھہ گهاتيون بہ ڪيون. اهڙو اظھار هن عظمت ﷲ ڪنڀر کي ’ڪاوش‘ اخبار لاءِ ڏنل انٽرويو ۾ بہ ڪيو هو. شيشي جھڙي دل رکندڙ هن شخص کي ڪي پٿر جھڙا ماڻھو ايذائيندا رهيا!
شيشي جھڙو هڪڙو ماڻھو،
شھر سڄو ئي پٿر آهي!
’ڀَري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو‘ واري محاوري مطابق، هن کي زندگيءَ ۾ ٻين تہ ڪيترين ئي مشڪلاتن سان مُنھن ڏيڻو پيو، پر هن پنھنجي انٽرويوءَ ۾ ڪجهہ ليکڪن ۽ پبلشرن بابت بہ ڏُک ونڊيو هو.
ڪجهہ سال اڳ ولي رام ولڀ صاحب، مون سان ذاتي ڪچھريءَ ۾ هڪ خواهش جو اظھار ڪيو هو. چيو هئائين، ”منھنجي خواهش آهي تہ جيڪر ٿر ۾ منھنجي نالي سان ڪا لائبريري قائم ڪئي وڃي تہ، مان پنھنجي ذاتي لائبريريءَ جا سمورا هزارين ڪتاب بنا معاوضي جي انھيءَ لائبريريءَ کي ڏيان.“ جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو، ٿر جي ڪنھن شھر ۾، جتي ثقافت کاتي جي ڪا لائبريري نہ هجي، اتي ڪا لائبريري هن ’ٿَر ڄائي ليکڪ‘ جي نالي سان قائم ڪري تہ مُئي پڄاڻان ئي سھي، ولي رام ولڀ صاحب جي خواهش تہ پوري ٿي سگهي ٿي، پر ٿر واسين کي شاهڪار ڪتابن جو علمي ۽ ادبي خزانو بہ ملي سگهي ٿو.