تاثر _ امان جيجل جي جدائي: جِيوَن منشا
ڊاڪٽر پرڌان جي ديھانت کان پوءِ، هُن کاڌو کائڻ گهٽائي ڇڏيو هو. جِيوَن کي هڪڙو ئي حل نظر آيو ۽ هُن مون کي فون ڪري چيو، ”ادا، امان ماني نٿي کائي، کاڌو صفا ذري برابر آهي. توهان چئوس، توهان کي نھڪر نہ ڪندي.“
هُن امان کي فون ڏني هئي، پريان جهيڻي آواز ۾ چيو هئائين، ”جيو...“ مائرن جا آواز الستي هوندا آهن. کين خبر هوندي آهي تہ صدا کي ڀاڪر ۾ ڀري ڪيئن هلبو آهي. دنيا ۾ جيترا بہ رنگ آهن، انھن کان وڌيڪ رنگَ، سندن آوازن ۾ ڀريل هوندا آهن. منھنجيون اکيون ڀرجي آيون هيون. ڀريل نڙيءَ سان چيم، ”جيجي... ڪجهہ کائو نہ.“ پريان اهو ئي آواز آيو، ”جيو...“ همٿون ميڙيندي ڳالھہ کي جاري رکندي چيو هئم، ”آئي، سڀ رب جي حوالي آهي، هر ڪنھن جو وارو آهي. ڊاڪٽر صاحب روانا ٿي ويا، هڪ ڏينھن اسان جو بہ وارو ايندو. اوهان پاڻ سمجُهو آهيو، ڪنھن جي پويان ڪيترو وڃي سگهجي ٿو.“
چيو هئائين، ”کاوان ٿي با...“
وڌيڪ شايد منھنجو آواز کيس سمجهہ ۾ نہ پئي آيو، شايد مون کي بہ پنھنجو آواز سمجهہ ۾ نہ پئي آيو. جِيوَن فون رکي تہ الاءِ ڇو لڳو هئم، تہ ڄڻ ڪنھن ٽاريءَ تي اڪيلو پن هجان... سڀئي ڇڻي ويا يا وري ڇڻندا ٿا وڃن ۽ پاڻ کي اڪيلو ٿو لڳان.
ٻہ ڏينھن رکي، جِيوَن خوشيءَ وچان چيو، ”امان اوهان جي ڳالھہ ٻُڌي، هاڻي بروبر کائي ٿي.“
جِيوَن، ڀرت، مھيش، چمن ۽ ٿاني وانگر هُوءَ سدائين منھنجي ماءُ رهي. ميرپورخاص جي گهر نمبر 300، چاندني چوڪ جي ٻين ماڙيءَ تي سندس رهائش هئي ۽ پھرين ماڙيءَ تي اسان جي پڦيءَ يعني بابا جي سؤٽ ادي افضل مغل جو گهر هو، جنھن جو ڊاڪٽر پرڌان مسواڙي هو. اُتي اسان جو وڃڻ، لاڳيتو هو ۽ ان وڃڻ ۾ سندن وڏو ڀاءُ ديو منشا، جنھن کي سڀ ٿانُو سڏيندا هئا، ڄڻ منھنجي جِيءَ سان جُڙي ويو. ميرپورخاص شھر ۾ پير رکڻ کان وٺي، ريل پار، بسن جي اڏي تان ڪنھن بس ۾ سوار ٿيڻ تائين، هُو پاڇي جيان مون سان گڏ هوندو هو. محبتن جا بہ عجيب سلسلا هئا، ڪوبہ موبائل فون ڪونہ هو، پر کيس پڪ هوندي هئي تہ مان اتي پھچڻو آهيان.
پل جُگنو پل پوپٽ هئا. امان سانئڻ، ٿاني جي ڪري، مون کي وڏو پُٽ سڏيو ۽ هي سڀ جِيوَن، مھيش، ڀرت، چمن، منھنجا ننڍا ڀائر بڻجي ويا. گهر ۾ منھنجو حڪم هلندو هو... امان کي ڪجهہ چوڻو هوندو هو تہ ٿانُو، مون سان سُرٻاٽ ڪندو هو.
اوچتو ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندي، ٿاني حياتيءَ کان موڪلايو. سڀ ڪجهہ پِيلاڻ ۾ ويڙهجي ويو. ميرپورخاص ڇڏائجي وئي. اهو گهر، اهي گهٽيون، اهي ماڙيون، اها ’مامونجيءَ‘ جي بيڪري، اسٽيشن روڊ تي وڏن وڻن هيٺان لڳايل ڪرسيون، جنھن تي مامونجي هوٽل سامھون رات جو چانھہ يا بيضن جو سوپ... سڀ ڪنھن ڌُنڌ ۾ گم ٿي ويا. ٿاني جو وڇوڙو ايڏو شديد هو، جو اندر ۾ همٿ جو ڪوبہ دروازو نہ پيو کُلي، تہ کيس وڃي ڀاڪر پائي اچان. اها عذرخواهي، مون پنھنجي پاڻ سان پاڻ ئي ڪئي، ها بس... اهو هڪڙو جملو سدائين مون لاءِ اهم رهيو آهي تہ مان انھن سڀني ڀائرن مان جڏهن بہ ڪنھن کان موڪلايان، يا ڪو چئٽ ڪريان تہ آخري جملو هوندو آهي، ”امان کي پيرن تي هٿ رکجان.“ انھن معاملن ۾ جِيوَن سدائين زور هو، هڪدم سندس پيرن تي هٿ رکي مون کي فون ڪري ٻُڌائيندو هو تہ هٿ رکيل آهن ۽ مان چُمي وٺندو هوس.
ماءُ تہ ڪمال آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ڪمال ٿي سگهي ٿو، جو چوندي هئي، تہ چئينس، ”منھنجي دعا اٿئي.“
ريل پار، بس اسٽاپ تي، بس هلڻ کان پوءِ ٿانُو ايستائين بيٺل هوندو هيو، جيستائين نگاھہ آخري سفر طئہ نٿي ڪري يا وري ڪو موڙ عڪس کي الوداع نٿو چوي. ورهيہ ٿي ويا آهن، اهو اسٽاپ ڏٺو ناهي، پر الاءِ ڇو لڳيم ٿو تہ ويندڙ بس کي هن ڀيري آئيءَ بہ ٿاني سان گڏ الوداع چيو آهي.
’امرتا‘ جي هنن صفحن ۾، جِيوَن پاران امان سانئڻ جي يادُن جا ورقَ ورايون ٿا. اها ٻہ پَٽِي سادي جُتي ڪمال هوندي آهي، جنھن جي هيٺان الاءِ ڪيترا محمود، فقير، جِيوَن پنھنجو جيئدان حاصل ڪندا آهن، مرتبا ماڻيندا آهن. دعا جي در کي سدائين کُليل ڏسندا آهن.
==============================
27 آگسٽ 2023ع آچر جو ڏينھن. جيجيءَ کائڻ پيئڻ ايترو تہ گهٽ ڪري ڇڏيو ھو، جو زندگيءَ جي حرڪت ۽ مختلف سرشتن جو صحيح نموني ڪم ڪرڻ لاءِ ناڪافي ۽ مشڪل ھو. ڀرت، حيدرآباد مان آيو ھو چيڪ ڪرڻ ۽ آخر اسان سوچي اھو ئي فيصلو ڪيو تہ ڊاڪٽري حساب سان NG ٽيوب (کاڌي پھچائڻ واري نالي) لڳرائجي. ٻيو ڪو رستو نہ ھو. کاڌي جي نالي لڳائڻ بيھوشي واري حالت ۾ ٿي سگهي آسان ھجي، پر جيڪڏھن مريض جا هوش حواس صحيح سالم ھجن، ايتري قدر جو ھُو ريسپانس ڏي ۽ گهر جي ھر ڀاتيءَ کي نالو وٺي سڃاڻي تہ پوءِ ھي عمل ڪجهہ وڌيڪ Irritable ٿي وڃي ٿو. پر اھو ڪرڻو ھو. ٻيو ڪو حل، حيلو، وسيلو ڪونہ ٿي ڏسڻ ۾ آيو. ٽيڪنيشن کي فون ڪيم. اٽينڊ نہ ڪيائين. شايد ڪنھن مريض جي پرگهور ۾ مصروف ھو. وري ٻيو دفعو ٽراءِ ڪيم. ساڳي صورتحال... انھيءَ ۾ بہ ڪا ڀلائي ھئي. ھڪ تہ جونيئر ھو. ٻيو اسان سڀني جو واقفڪار ۽ ويجهو. ڪم تمام sensitive ھو. عزت ۽ احترام جي دائري ۾ رھندي، شايد ھُو ڪٿي ڪانفيڊنس لوز ڪري وڃي ھا. ذھن ۾ متبادل جو سوچي گاڏيءَ جي چاٻي کڻي ٻاھر نڪتس. دروازو کوليم. سامھون زبير پنھنجي گهر مان ٻاھر نڪتو ھو ڪنھن ڪم لاءِ. مون کي جلديءَ ۾ گاڏي ۾ ويھندي ڏسي يڪدم پڇيائين، ”سر خير تو هي؟ آپ جلدي ۾ ڪھين جارھَي ھَين؟“ وراڻيم، ”بيٽا! والدہ ڪي طبيعت ٺيڪ نھين ھَي. ھفتي سَي کانا پينا ڀي صحيح نھين ھَي. ڊاڪٽر نَي خوراڪ والي ٽيوب لگوانَي ڪا مشوره ديا هَي. اس لئي جارها هون سول هسپتال ڪسي ڪو لَي آئون.“
2009ع کان زبير جو ماضي اسان جي سامھون گذريو آھي. تڏھن ھي تمام ننڍڙو ھو. ھن جو والد صاحب بزرگ ۽ نيڪ ماڻھو آھي. ايندي ويندي سلام دعا ڪندو آهي. ڪڏھن بي خياليءَ ۾ نظر نہ بہ پيس، تڏھن آئون سامھون وڃي ’چاچا‘ چئي مخاطب ٿيندي، سندس قرض لاھڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان. زبير ڪجهہ وقت اڳ سِيڌَي جو دڪان کوليو ھئو. ڪافي عرصو تہ ھليو پئي پر ڪجهہ وقت کان آئون ھتي نٿو ڏسان. شايد ڪنھن ٻيءَ ڪرت ۾ لڳل آھي. اللھ سائين خوش رکيس. سو مون کي تڪڙ ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ ڏسي چيائين، ”سر ميرَي تايا ابو هين نا! بہت سينئر هين. مين بُلا ڪر آتا هون. آپ ڪا مسئلھ حل ڪردين گي.“
آئون ڪار مان لھي دروازو اڌ کليل ۽ اڌ بند واري حالت ۾ ڇڏي ڪنھن خيرات گهرڻ واري فقير وانگر بيھي رھيس. تيسين گهر جي اندران ڪنھن ماڻھوءَ جي پيرن جو آواز ڪنن تي پيو. اڳيان سينيئر ٽيڪنيشن الطاف ھو ۽ پويان سندس ڀائيٽيو زبير. دروازي کان ٻاهر نڪرندي زبير اشاري ۾ مون کي سڀ ڪجهہ چئي ڇڏيو. آئون سمجهي ويس تہ ھي عزت ۽ احترام ۾ سندس چاچي جي سامھون ڳالھائڻ کان لنوائي پيو. بس مون سان ملائي ھُو واپس ھليو ويو. الطاف صاحب ميڊيڪل اسٽور تان ڪجهہ وٺي اچڻ لاءِ چيو، جيڪو مون ٿوريءَ دير ۾ مھيا ڪري ڏنو. اسين ٻئي گهر آياسين. ھن پنھنجي تجربي ۽ اعتماد سان NG ٽيوب لڳائي. پاڻ بہ مطعمن ٿي ويو ۽ اسان کي بہ اعتماد ڏيئي ويو. ڪنھن بہ وقت ڪو مسئلو ٿيڻ جي صورت ۾ پنھنجو موبائل نمبر بہ ڏيئي ويو. ٽيوب لڳڻ سان ڪافي آساني ٿي ويئي هئي. اللھ جي طرفان ٻي اھا عنايت ٿي جو امان کي شوگر وغيره ڪونہ ھئي. نہ تہ ان جو بيلنس ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿئي ھا. بحرحال بنا ڪنھن ٽينشن جي پاڻياٺي غذا، جوس، کير وغيره ڏيڻ شروع ڪيوسين. آھستي آھستي ڪجهہ بھتري ڏسڻ ۾ آئي پئي. ھفتي کان پوءِ ڀرت وري چيڪ ڪرڻ آيو. ڪجهہ بخار ھو. دل جي ڌڙڪن نارمل کان وڌيڪ ھئي. Respiratory Rate بہ مٿي ھو. ڪجهہ ٽيسٽون ڪرايون سين. Septicemia ڊائگنوز ڪيائين. انجيڪشن Tanzo اسٽارٽ ڪئيسين. ھاڻي اسين ڪافي حد تائين مطعمن ھئاسين. ڇاڪاڻ تہ Intake جو مسئلو حل ٿي چڪو ھو. ھفتي کن کان پوءِ Lab Tests رپيٽ ڪرايون سين، جنھن ۾ ڪجهہ بيڪٽريا ڏسڻ ۾ آيا ٿي. ان جو سبب Catheter ۽ NG ٽيوب ٿي سگهيا پئي. 14 ڊوز ٽينزو جا ڏيڻ کان پوءِ Cipro اورلي 6 ڏينھن ھلي. ليب ٽيسٽ وري ڪرائڻ تي پوزيشن ڪجهہ بھتر ڏسڻ ۾ آئي. ھيموگلوبن بہ ٿورو وڌڻ لڳو ھو. ڊاڪٽر ڀرت، ڊاڪٽر سترام، ڊاڪٽر ڀوَن، ڊاڪٽر دسرٿ ۽ ڊاڪٽر پرڀولال Intake بھتر ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ڇو تہ ڪافي ڏينھن کانHigh Antibiotics جو ڊوز ھليو ھو. تقريبن 86/87 سالن جي عمر جو Age Factor بہ پنھنجي جاءِ تي موجود ھو. مريض جي پنھنجي Immunity Power وڌڻ جي ضرورت ھئي. ٻي ڪابہ شئي Investigation ۾ ظاھري طور نظر نہ پئي آئي. NG ٽيوب وسيلي کاڌو ڏيڻ سان ڪجهہ آسرو ٿيڻ لڳو ھو. طبيعت اڳي کان ڪجهہ سڌريل ھئي، پر اڃان self supporting نہ هئي. ايتري قدر جو پاسو ڦيرائڻ يا ويھڻ وس ۾ نہ ھو، پر دماغي حالت درست رھي. آيل کي نالو وٺي سڃاڻندي ھئي ۽ اشاري سان ڪجهہ اظھار ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪندي ھئي. چمن، Bed Matress وٺي آيو ھو. اڃان زخم وغيره تہ ڪونہ ٿيا ھئا پر اسان احتياط طور لڳائي ڇڏيو ھوسين. ڇو تہ مھيني ڏيڍ کان وڌيڪ عرصو بيڊ تي Sedentary پوزيشن ۾ رھڻ ۽ ٻيو وري وڏي عمر جي ڪري تمام ضروري ھو.
ڊاڪٽر پرڀو لال جي والد چاچا نيڀراج ۽ سندس سڄي پريوار جي اسان جي فيمليءَ سان مائٽن کان وٺي ويجھڙائپ ھلندي اچي. آئون 31 ڊسمبر 1997 جي سرد ترين رات بہ نٿو وساري سگهان، جڏھن مائنس ڊگري ۾ سيءَ پيو ھو ۽ ھي سڄو گهر بيگاھ وقت پيرين پنڌ ھلي بابا سائينءَ جي انتقال دوران اسان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ ٿيا ھئا. ٻئي ڀائر والد صاحب جا شاگرد رھيا آھن. بابا سائين جي نرالي طبيعت ۽ سخت مزاج ھئڻ ڪري ھر ڪو حُجت ڪري نہ سگهندو ھو، پر ڳوٺ جا ڪجهہ شاگرد اھڙا بہ ھئا، جيڪي سندن تمام ويجهو رھيا ۽ پيار شفقت وٺڻ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻا حصيدار بڻيا. انھن ۾ ڊاڪٽر جو ڀاءُ مڻي شنڪر، انجنيئر مورو مل ۽ صادق علي شاھ جا نالا ذھن تي اچن ٿا. سيد صادق جي ماني بہ امڙ سانئڻ اسان سان گڏ پچائيندي ھئي.
پھرين آڪٽوبر، آچر جو ڀرت وري آيو ھو. ھن دفعي بلڊ پريشر اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ پئي لڳو. مينٽين ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيشن ٽيڪم کان ڊرپ لڳرائي. ٽيڪم جو Nick name انيل آھي. چاچا ڊاڪٽر پرڌان جي ٻہ ٽي دفعا طبيعت ناساز ٿيڻ وقت بہ انيل ۽ خادم خوب نڀايو. اسان ٻين گهر ڀاتين سان گڏ خدا انھن کي بہ خدمت جو موقعو ڏنو. ٻنھي ڄڻن چاچا جو تمام گهڻو پيار ورتو ۽ دعائون کٽيون. اللھ سائين کين سدائين سکيو ستابو رکي. انيل جي موبائل ۾ چاچا سان گڏ نڪتل تصويرون سندس ماضيءَ جون سونھري يادگيريون بڻجنديون ڇو تہ ھن جي اچڻ وقت چاچا جي چھري تي آيل خاص مرڪ پري کان پڌري ھوندي ھئي. بيشڪ مسيحائي پيشو ڪيڏو نہ عظيم ۽ اتم آھي جنھن جو قدر جيترو مريض کي ھجي ٿو، اوترو ٻيو ڪير ٿو سمجهي سگهي! تڪليف ۾ جيڪڏھن ڪنھن جي ڪنھن عمل سان ٿورڙي بہ فرحت ملي ٿي تڏھن دل مان نڪتل دعائون، ستين آسمان تي پھچي وڃن ٿيون، پر اتفاق سان اھي ساعتون وري ڪنھن ڪنھن خوشنصيب جي حصي ۾ اينديون آهن نہ تہ جيڪر ھن مادي پرست دنيا ۾ منٽن ۽ ڪلاڪن جا سودا بہ کيسي گرم ڪرڻ يا ذاتي مفادن عيوض ٿيندا آهن. اللھ سائين اسان سڀني کي هدايت ڏي ۽ ايمان سلامت رکي.
آئون حيدرآباد کان واپس اچي ويو ھئس. Normal Saline جي بوتل ھلي پئي. شايد ھڪڙي اڳ لڳي چڪي ھئي. ٽئين مون continue ڪئي. ھڪ ٻہ وڌيڪ spare ۾ منوج وٺي آيو. اتفاق سان رات جو ضرورت پيئي سگهي ٿي. BP چيڪ ڪيم. ڪجهہ اسٽيبل لڳو پئي پر گهڻو نہ. NS جي ڊرپ مسلسل ھلي رھي ھئي. ٽيوب ذريعي کيرڻي پياريسين. ڪجهہ آرام اچي ويو ھو. موھت ماءُ ۽ روھت ماءُ خيال رکيو پئي. آئون بہ سفر جي ٿڪاوٽ جي ڪري ليٽي پيس. 3 بجي ڌاري طبيعت خراب ٿيڻ لڳي. BP ڊائون ٿيڻ لڳو. نبض جو ڌڪ ڌڪ آھستي آھستي ۽ پوءِ غائب ٿي رھيو ھو. زندگيءَ جي حرڪتن جو تسلسل ٽُٽڻ لڳو ھو. بس آخري لمحا ھئا.
سڀ ڀڳوان جي مرضي.... ھري اوم شانتي.
پيار جي آخري چمي پيشانيءَ تي ڏنم ۽ موٽ ۾ پاڻ کي سڄي زندگيءَ لاءِ قرضدار سمجهندي، ڇو تہ اولاد جيڪڏھن سڄي عمر ماءُ جي خدمت ۾ گذاري تڏھن بہ سندس پاران گهاريل صرف ھڪ رات جو پلڙو تمام گهڻو وزني رھندو. 87 ورھين کان ٻرندڙ شمع ھميشہ لاءِ طبعي طور گُل ٿي ويئي پر پنھنجي وجود سان دکايل لاٽون باقي ڇڏي، پنھنجي پيار ۽ پاٻوھ سان ڀريل پلڪون سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيون. منھنجي جيجل، منھنجي سڀ ڪجهہ، نہ صرف منھنجي پر اسان چئن پٽن ۽ ھڪ ڌيئر جي. پاڻ اڻ پڙھيل پر ڪُک مان نڪتل چئن پٽن جيترو علم ۽ ڊگريون تمام ٿورن ورتيون. موڀي پٽ ميڊيسن ۾ FCPS، ٻيو NED ۾ پڙھندي حادثي جو شڪار ٿيو. جنھن ماءُ پيءُ جو ڄڻ جيءُ جهوري وڌو ھو، ٽيون ايجوڪيشن ۾ Ph.D ۽ چوٿون ھي نااھل، جاھل، حقير ۽ فقير. پيو ڪوڙا ڪالا والا ڪري. اصل حقيقت ڌڻيءَ کي معلوم.