ماھوار امرتا ڪارنر

ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 134 نومبر 2023

ھن شماري ۾ ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي مختلف عالمن، اديبن ۽ ليکڪن جا لکيل مضمون ۽ تاثر شامل آھن، ان کانسواءِ ولي رام ولڀ جو انٽرويو پڻ شامل آھي. ڦلواڙي ۾ ديوِي ناگراڻي، روبينہ ابڙو، سائينداد ساند، آخوند عباس، ناشاد شوڪت شنباڻي، فدا جوڻيجو، حُميرہ نُور، عنايت تبسم، آزاد خاصخيلي، عبدالرحيم ’عبد‘ ڪنڀر، فرهاد جروار، مونس رضوي، وسيم حيدر کوسو ۽ ليلا رام جي شاعري شامل ڪيل آھي. ان کانسواءِ ڪھاڻيون، فيچر، اڪبر سومري جي ناول جو چوٿون باب، ھوش درد جو تنقيدي مضمون، ڪتابن تي تبصرا ۽ ٻيو مواد شامل آھي.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امرتا سٿ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ماھوار ”امرتا“ ميگزين شمارو نمبر 134 نومبر 2023

هم ساز سُڏڪا : عابد اُنڙ

اُن ڏينھن کان وٺي دل جي ڪيفيت ڪجهہ عجيب آهي. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڇا ڪرڻ کپي! گهڻي سوچڻ کان پوءِ، آخر فيصلو ڪيان ٿو تہ هُن کي فون ڪيان! هُن سان مِلان، هُن سان ڳالھايان، پوءِ شايد ڪو سُک اچيم، شايد سانتيڪو ٿيان..!
زندگي پنھنجي رستي ۾ هڪ عجيب موڙ تي اچي بيھاري ڇڏيو آهي...! پوئتي تہ ناهي موٽڻو، اڳتي ئي وڌڻو آهي..!
هِن موڙ تان هاڻي اتي ڪيئن وڌجي! اُن ڏينھن کان وٺي هِن موڙ تي ڄڻ ڄمي ويو آهيان!
چاليھن سالن کان پوءِ، ڇو هُوءَ اچانڪ مون کي ايئن دڳ ويندي ملي وئي! ڇو..!؟
چاليھہ سالَ هُن کان سواءِ گذري ويا..! ڪيئن گذري ويا..! خبر ئي نہ پئي..! ۽ هاڻي هڪ ڏينھن بہ هُن کان سواءِ ڏکيو پيو لڳي! مون جيڪا اهميت، هُن جي ملڻ کي ڏني هئي، اوتري هُن جي وڇڙڻ کي نہ ڏئي سگهيو هوس..!
بنا ليکي چوکي جي، بنا ڪنھن معافي تلافيءَ جي، مان ڏاڍو سولائيءَ سان، هُن کان الڳ ٿي ويو هوس!
ڪٿي هاڻي تلافيءَ جو وقت تہ نہ اچي ويو آهي!
صرف معافي گهرڻ سان تلافي ٿي ويندي ڇا..!؟
مان چاليھہ سال، اکين تي پٽي ٻڌي هلندو رهيو آهيان.
هيترن سالن کان پوءِ، هيئن هُن جو، اهڙي طرح اوچتو سامھون اچڻ..! شايد مون کي ڪو ڪفارو ادا ڪرڻو هجي..!
قدرت جي فطري قانون مطابق، شايد اهڙي ڪنھن حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو هجي..!
مان هِن موڙ تان گهٻرائجي، پوئتي ڀڄڻ نٿو چاهيان..!
جي وقت مون کي طاقت ڏئي رهيو آهي تہ مان هِن موڙ کي خوبصورت موڙ ڏيڻ ٿو چاهيان..! مان چاهيان ٿو تہ، جيڪڏهن هُن کي مون تي ڪا ڪاوڙ آهي تہ پنھنجي ڪاوڙ مون تي ڇنڊي! ڪو غصو اٿس تہ مون تي ٿُڪي! ڪا باھہ اٿس تہ مون مان ڪڍي! ڪي گاريون يا لعنتون سنڀالي رکيون اٿائين تہ ڀلي پنھنجي دل جو بار هلڪو ڪري..!
مان اُن ڏينھن حيدرآباد جي هڪ نئين شاپنگ مال ۾ پنھنجي ڌيءُ سان هيس تہ هُوءَ اچانڪ منھنجي سامھون اچي وئي! هُن سان هڪ نوجوان گڏ هيو. جيڪو بي خياليءَ ۾ اسان کي ڪراس ڪري اڳتي ڪنھن اسٽور ڏانھن وڌي ويو. هُوءَ مون کي حيرت مان تڪيندي رهي..! پوءِ ٿورو مرڪي..! منھنجي ڌيءُ اسان ٻنھي کي حيران پريشان ٿيندي ڏسي رهي هئي. هُوءَ اڄوڪي دؤر جي پڙهي لکي ۽ روشن خيال ڇوڪري آهي، تنھن ڪري هُن جي نظر ۾ ڪا تنگ نظري نہ هئي. البت مون پنھنجي وڃايل حواسن کي ميڙڻ شروع ڪيو.
چيم، ”توهين فرح آهيو نہ..!“
ايئن چيم تہ سھي پر سوچيم تہ مون کي ايئن چوڻ نہ کپندو هو..! فرح بہ منھنجي بدحواسي کي نوٽ ڪيو.
ماحول کي سنڀاليندي چيائين تہ، ”ڪھڙا حال آهن؟ توهان ٺيڪ آهيو...؟“
چيم، ”ها، ها... مان ٺيڪ آهيان! هيءَ منھنجي ڌيءُ آهي، بيلا... ڪجهہ ڏينھن ۾ بيلا جي شادي ٿيڻ واري آهي، سو بس... اِن سلسلي ۾ ٿوري شاپنگ وغيره..!“
وري ڌيءُ ڏي نھاري چيم، ”بيلا هيءَ فرح آهي، اسان ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاس فيلو هئاسين، ايترن سالن ۾ وري اڄ ئي مليا آهيون.“
فرح شفيق نظرن سان بيلا کي نھاريو ۽ کيس گلي لڳايو. فرح مون کي ڏٺو، ڄڻ چوندي هجي تہ ڪلاس فيلو هئڻ وارو ڪوڙ ڇو ڳالھايئي؟
پاڻ کي نارمل رکندي وري چيم، ”۽ فرح توهان ڪيئن آهيو!؟“
”فرسٽ ڪلاس، اللھ جو شڪر آهي.“ سامھون واري اسٽور ڏانھن ڏسندي چيائين، ”هُو منھنجو پٽ آهي فرحان، سڀاڻي هِن جي سالگره آهي، سو اُن لاءِ ڪجهہ وٺڻ آئي هيس.“
مون فرحان ڏانھن ڏٺو. فرحان سھڻو جوان هو. فرح کي چيم، ”توهان کي فرحان جي سالگره مبارڪ هجي.“
”توهان کي نياڻيءَ جي شادي مبارڪ هجي. اللھ نياڻيءَ جا نصيب سٺا ڪري.“ فرح، بيلا جي مٿي تي پيار مان هٿ گهمايو. بيلا کيس احترام مان جهڪي ٿينڪس چيو.
فرح، بيلا جي ڪلھي تي هٿ رکي چيو، ”بيلا، اسان کي پنھنجي شاديءَ ۾ گهرائيندي الاءِ ڪونہ..!“
”ها ڇو نہ آنٽي! توهين الاهي سٺا آهيو، توهان جي اچڻ جي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“
بيلا جو جملو فرح کي وڻيو. فرح ۽ بيلا مون ڏانھن ڏٺو. مان خاموش رهيس.
”ٺيڪ آ ڀلا، ماشاءَاللھ...! فرح ڄڻ گذريل چاليھہ سالن کان فرار چاهڻ لاءِ موڪلائيندي چيو.
مون سوچيو تہ چاليھہ سالن کي هڪ مٺ ۾ ميڙي وٺان! ٻيو ڪجهہ نہ سُجهيو تہ چيم، ”توهان جو ڪو موبائل نمبر وغيره..! ماڻھو ڪڏهن ڪو سلام دعا ئي ڪري وٺي!“ فرح پنھنجو لينڊ لائن نمبر اچاريو. منھنجي دل ۾ Save ٿي ويو. هُوءَ تيز قدمن سان پنھنجي پٽ جي پويان وئي، جنھن نوٽيس ئي ڪونہ ڪيو هو تہ هن جي ماءُ ڪٿي پويان بيھجي وئي آهي، پر منھنجي ڌيءُ نوٽيس ڪيو پئي تہ هُن جي بابا جي دل هينئر پنھنجي جاءِ تي نہ آهي!
بس اُن ڏينھن کان وٺي منھنجي دل جي ڪيفيت ڪجهہ عجيب آهي. ان وچ ۾ بيلا جي شادي ڌوم ڌام سان ٿي وئي. بيلا جي ماءُ ٻہ سال اڳ هي جهان ڇڏي وئي هئي. بيلا کان ننڍو راحيل، ماءُ جي انتقال کان پوءِ ماسٽرس لاءِ لنڊن هليو ويو هو. راحيل، ماءُ جي انتقال کان پوءِ ماسٽرس لاءِ لنڊن هليو ويو هو. راحيل شروع کان ئي ٻاهران پڙهي اچڻ جي شوق ۾ هو پر ماءُ کان اهڙي اجازت نہ ملڻ ڪري هِتي ئي پڙهيو، راحيل ڀيڻ جي شاديءَ کان هڪ هفتو اڳ آيو هو ۽ شاديءَ کان هڪ هفتو پوءِ روانو ٿي ويو. راحيل کي گذريل هفتي سي آف ڪرڻ کان پوءِ، مان بلڪل اڪيلو ٿي ويو آهيان.
سورنھن سالن جو هيس جو حيدرآباد آيو هوس. مائٽن فرسٽ ايئر ۾ مسلم ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني هئي ۽ ويجهو ئي هيرآباد ۾ هڪ گهر... انٽر کان پوءِ ڄامشوري جي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ويس. اُتي ئي هاسٽل ۾ وڃي رهيم. هيرآباد وارو گهر حيدرآباد ۾ ٿيل لساني فسادن تائين هيو، پوءِ مائٽن کپائي ڇڏيو. ڊگري وٺڻ کان پوءِ اُن ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ لڳس. يونيورسٽيءَ جي سوسائٽيءَ ۾ پلاٽ مليو تہ گهر ٺھرائي ڇڏيم. گهر واري اچانڪ اڪيلو ڪري وئي، پٽ ملڪ کان ٻاهر، نياڻي پنھنجي گهر جي ٿي وئي. هاڻي خالي گهر کائڻ ٿو اچي. سوچيو اٿم تہ ڳوٺ موٽي وڃان. فطري ماحول ۾ وڃي رهان. ٻني ٻارو سنڀاليان. ڳوٺ وارن سان گڏ رهندس تہ ضرور خوش رهندس.
ڳوٺ وارن جي ڪم اچي سگهندس. اُتي وڃي ڪو وڏو فلاحي ڪم ڪندس.
پر هاڻي هِن دل جو ڇا ڪيان! هڪ پل بہ چين سان ويھڻ نٿي ڏي. فرح اوچتو ڇا ملي آ، ڄڻ ڪو ٺري ويل سور، ٻيھر سَٽون کائڻ لڳو آ، ڪو ڦَٽُ ڇُٽندي ڇُٽندي ٻيھر اُٿلي پيو هجي! ننڊ نٿي اچي! بک نٿي لڳي! لانگ ڊرائيو تي نڪري ٿو وڃان! مھدي حسن، مڪيش ۽ رفيع، جن کي ڪڏهن مان ڏاڍو شوق سان ٻڌندو هيس، انھن کي هاڻي پنھنجي منھن پيو ٿو ڳايان ۽ روئان!
ڊرائيو ڪندي، ڳائيندي، روئيندي...۽!!!
بس انھي ڪيفيت مان نڪرڻ ٿو چاهيان!
آخر اهو فيصلو ڪيان ٿو تہ فرح کي فون ڪيان..!
لينڊ لائن جو نمبر ڏنو هئائين. گهر ۾ الاءِ ڪير ڪير هوندس، فون الاءِ ڪير اٽينڊ ڪندو!
ڌڙڪندڙ دل سان نمبر ملايان ٿو. فون اٽينڊ ڪرڻ وارو ڪو نوجوان آهي. منھنجي وات مان الاءِ ڪيئن نڪتو تہ، ”ادا مان ريشم گليءَ مان، ٽيلر ماسٽر ٿو ڳالھايان. ميڊم سان ڳالھائڻو آهي.“ ڇوڪرو هولڊ ڪرڻ لاءِ چئي، وڏي آواز ۾ سڏي ٿو، ”امي... امي...“ اهو شايد فرحان ئي آهي.
آوازن مان لڳي ٿو تہ فرحان، فون کان پري هلندو ٿو وڃي. شايد فرح ٻئي ڪنھن ڪمري ۾ آهي. منھنجي دل جو ڌڙڪو تيز ٿي وڃي ٿو. ڪجهہ لمحن کان پوءِ هُن پاسي فرح آهي. اردو ۾ پڇي ٿي، ”هيلو، ڪونہ ڀائي؟“
سوچيان ٿو تہ هاڻي هي ٽيلر ماسٽر ڇا جواب ڏئي!
”جي ڀائي، ڪونہ بول رها هي؟“ فرح ٻيھر پڇيو.
”فرح، مان ڪاظم پيو ڳالھايان.“ سوچيان ٿو، هُن جي هٿ ۾ رسيو لڏي ويو هوندو! دل اڃا بہ ڌڙڪي پئي.
خاموشي آهي. فرح بہ سوچي رهي هوندي تہ ڇا چوي!
پوءِ هُن پنھنجي ڳالھہ هلڪي ٽھڪ سان شروع ڪئي.
”تون ڪڏهن کان ٽيلر ماسٽر ٿيو آهين؟“
وراڻيم، ”فرح مون سوچيو تہ فون کڻڻ وارو الاءِ ڪير هجي، سو بس، تو تائين پھچڻ لاءِ ٽيلر ماسٽر تہ ڇا، جهاڙو پوچيءَ وارو بہ ٿي پئي سگهيس.“ دل هاڻي ڪجهہ سامت ۾ اچڻ شروع ڪيو هو.
”مان ٻاهر لان ۾ اُس تي ويٺي هيس. فرحان اچي چيو تہ ٽيلر ماسٽر جو فون اٿوَ. پاڻ تہ تيار ٿيو ٻاهر نڪتو پئي ويو. کيس خدا حافظ ڪري اندر آيس. آئون چوان تہ مون ريشم گليءَ ۾ ڪپڙا ڏنا ئي ناهن تہ اتان فون ڪنھن ڪيو هوندو! پر نہ ڄاڻ تہ هي ڪپڙن سبڻ وارو نہ پر ڪپڙن لاهڻ وارو ماسٽر آهي.“ فرح وڏو ٽھڪ ڏنو. فرح بولڊ تہ هئي، پر هُوءَ اڄ بہ اهڙي بولڊ آهي، مون کي حيرت ٿي. مون سندس ڳالھہ تي دل ۾ شرمندگي محسوس ڪئي. ڪو جواب نہ ڏنم. بس ٿورو مصنوعي ٽھڪ ڏنم، ”ڇو ڦڪي کلَ پيو کِلين. شَڪي ٿو ٿين ڇا هينئر!“
هُن سھي پئي سمجهيو. مون ڳالھہ جو رخ مٽائڻ لاءِ پڇيو، ”ڇا پئي ڪيئي!“
”مون کي سيءُ پئي لڳو، سو لان ۾ اس تي ويٺي هيس. مون کي سيءُ گهڻو لڳندو آهي. مان سياري جي ڏينھن ۾ اندر ڪمرن ۾ ويھي نہ سگهندي آهيان. لان ۾ مالي بابا جو مٿو پئي کائيندي آهيان. لان جي صفائي، گل ٻُوٽا، ڪياري، مڙئي پئي ٽائيم پاس ڪندي آهيان. گهر وارو ناشتو ڪري نڪري ويندو آهي تہ رات جو واپس اچي. فرحان کي بہ هاڻي الڳ بزنس سيٽ ڪري، نئين آفيس کولي ڏني اٿس. اهو ننڊ مان ٿورو دير سان ٿو اٿي، پر هِنَ مھل اهو بہ نڪري ٿو وڃي تہ وڃي رات سنڀال... ڪنھن مھل بورچي مٿو کائيندو تہ ڪنھن مھل صفائيءَ واري ماسي، مان سڄو ڏينھن واندي، ڇا ڪيان..! زندگي ڏاڍي بور آهي، ميان ڪاظم علي خان!.. پر اللھ جو شڪر آهي..! تون ٻڌاءِ، ڪھڙا حال آهن؟“
اهو ٻڌي اطمينان ٿيو تہ فرح مالي طور گهڻو خوشحال آهي، پڇيم، ”توهين رهو ڪٿي ٿا؟“
”اسان جي ذات وارن جي پنھنجي سوسائٽي آهي نہ، باءِ پاس تي.“
”ها، اِها تہ ڪافي سٺي سوسائٽي آهي.“ مون واکاڻيو ڪجهہ لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ، فرح ڌيري، ڌيري چيو، ”مون سوچيو پئي تہ فون جو نمبر بہ ورتائين پر پوءِ فون الاءِ ڇو نہ ڪيائين! نمبر نوٽ ڪونہ ڪيو هئائين، سو شايد وسري ويو هجيس..!“
”تو ائين سوچيو هو..؟ واقعي..!!“ مون کي حيرت سان گڏ خوشي ٿي.
”ها ها... قسم سان... روز سوچيندي هيس تہ اڄ فون ڪندو!“ هن پنھنجائپ مان چيو.
”اصل ۾ اُن ڏينھن کان پوءِ بيلا جي شاديءَ ۾ گهڻو مصروف رهيس. هفتي کان پوءِ راحيل لنڊن هليو ويو، پوءِ ڪافي ڏينھن تائين پئي سوچيم تہ توکي فون ڪرڻ، سھي آهي بہ يا نہ...!“
”راحيل ڪير...؟“ هن هڪدم پڇيو.
”ها راحيل منھنجو پٽ آهي. لنڊن ۾ پڙهندو آهي. ڀيڻ جي شاديءَ جي ڪري ٻن هفتن لاءِ آيو هو.“
”بس پوءِ هاڻي توهان ۽ توهان جي مسز... اڪيلا...!“
”ها... بس مان ۽ صرف مان... اڪيلو..!“ مون کان ٿڌو ساھہ نڪري ويو.
”۽ توهان جي مسز..!!؟“ فرح تجسس مان پڇيو.
”فرح... هُوءَ ٻہ سال اڳ، هِن جهان مان اچانڪ هلي وئي هئي.“ اهي لفظ منھنجي واتان ڏاڍا ڏکيا نڪتا.
”ائي.. الا...!!“ فرح کان وڏي رڙ نڪري وئي.
منھنجيون اکيون ڀرجي آيون. فرح ڳيتون ڏيڻ لڳي.
ماحول ٻنھي پاسي سوڳوار ٿي ويو.
”پوءِ تون... ٻن سالن کان... ڪيڏو نہ ڏکيو هوندين ڪاظم؟“ هاڻي اهي لفظ فرح جي واتان ڏاڍا ڏکيا نڪتا.
مان ”هُون“ کان سواءِ ڪجهہ چئي نہ سگهيس.
ٻنھي پاسي خاموشي ٿي وئي. مون کي لڳو تہ فرح ڪجهہ پڙهي رهي هئي... سورة فاتحه يا قُلَ!
ڏک ۾ ويڙهيل هڪ ڊگهي خاموشي هئي.
”پوءِ...!“ فرح خاموشيءَ کي ٽوڙيو
”فرح مون سوچيو آهي تہ هاڻي مان ڳوٺ وڃي رهان... شايد هليو بہ وڃان ها..! پر وڃڻ کان پھرين، آخري دفعو... توسان ملڻ ٿو چاهيان....! ملندينءَ..!!“
”ڇو..!“ فرح سادگيءَ سان پڇيو. اندازو نہ ٿيو تہ ها ڪندي يا نہ..!
”خبر ناهي فرح..! بس الاءِ ڇو..! دل ٿي چئي.. آخري ڀيرو..“ مون تي سنجيدگي طاري هئي. فرح کان ڪو جواب نہ آيو.
وري چيم، ”منھنجي دل ٿي چئي فرح..! ۽ جي تنھنجي بہ چوي ته!“
”هاڻي دل جي ٻڌجي يا دماغ جي..!؟“ فرح بہ سنجيدگيءَ سان چيو.
”ماضيءَ ۾ تہ پاڻ دل جي ٻڌندا آيا آهيون..!“ وراڻيم.
”سواءِ آخري ڀيري جي..!“ فرح وڏي چوٽ هنئي، مان ڪُڇي نہ سگهيس.
”منھنجي دل تہ نہ پئي چيو توکي ڇڏڻ تي... توئي مون کي عقل کان ڪم وٺڻ جو مشورو ڏنو هو... اُهو مشورو بہ تو، ظاهر آهي تہ عقل سان ڏنو هوندو... دل سان نہ.!“
هُن چوٽ مٿان ٻي چوٽ هنئي. جواب ڪونہ هيم...
”ٻڌاءِ نہ..! ڇا ملي ڪندين!؟“ پوءِ ٽھڪ ڏئي وري چيائين، ”ڪا حرامپائي تہ نہ ڪندين!!“
مان ٽھڪ ڏيان ها، پر نڪتو ڪونھ! چيم، ”مان تنھنجو قرضي آهيان فرح... مون کي قرض لاهڻ جو موقعو ڏي... هڪ دفعو... شايد آخري دفعو... پليز..!“
”نہ نہ.. شايد ٻايد نہ... پڪ سان چئہ تہ آخري ڀيرو... صرف آخري ڀيرو پاڻ ملي سگهون ٿا... بس!“
مون کي ڄڻ ساھہ پئجي ويو. هڪدم چيم، ”اهو تنھنجو احسان ٿيندو فرح..!“
”اڳ ۾ بہ منھنجا گهڻيئي احسان ٿئي... ڇا ياد ڪندين... ڪنھن سخي عورت سان پالو پيو هيئي..!“ ٽھڪ ڏنائين. مون بہ جواب ۾ ٽھڪ ڏنو.
”اڇا هاڻي ٻڌ... جنھن ڏينھن ملون، هڪ تہ موڪل جو ڏينھن نہ هجي... ٻيو آئون تنھنجي گهر ڪانہ هلنديس... ٽيون منجهند کان شام جي وچ تي... چئہ ٺيڪ آهي؟“ هُن شرط ڳڻايا.
”ٺيڪ آ... جيئن توکي سھي لڳي...“
اسان ٻئي ڏينھن تي ئي ملڻ جو طئہ ڪيو... هُن فون رکي ڇڏيو. منھنجي مٿان ڪافي ڏينھن کان بار هو. مون هينئر پاڻ کي هلڪو پئي محسوس ڪيو. مان صوفي تي ڊگهو ٿي، آهلجي پيس. اکيون ٻوٽيم اُهي ڏينھن منھنجي آڏو اچي بيٺا، جن مون کي فرح سان ملايو هو.
فرسٽ ييئر جا ڪلاس شروع ٿي چڪا آهن، گهر کان ڪاليج ٿوري پنڌ تي آهي. صبح جو ڪاليج وڃڻ وقت، ٿورو گهٽ پر منجهند جو ڪاليج کان واپسيءَ تي، رستن تي، ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون نظر اچن ٿيون. موڪل جي ٽائيم تي، اڪثر ٽريفڪ جام ٿي وڃي ٿي. گاڏين کان، موٽر سائيڪلن کان، رڪشن کان بچندي بچائيندي هلڻو پوي ٿو. ڪجهہ ڏينھن کان منھنجيون اکيون گرلس ڪاليج جي يونيفارم ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي، الاءِ ڇو نوٽيس ڪن ٿيون. هُن ڇوڪريءَ ۾ اهڙو ڇا آهي جو هڪ ڏينھن نظر نہ آئي تہ اکين جي ٻاڙ نہ پئي لھي! پوءِ مون هُن جي لنگهڻ جو ٽائيم نوٽ ڪيو ۽ ساڳئي ٽائيم تي بيھي انتظار ڪرڻ لڳس. هُوءَ هوا جي هڪ تازي جُهوٽي وانگر اچي منھنجي ڀَرِ مان لنگهي ۽ مان هِنَ جي پويان هلڻ لڳان.
هڪ ڏينھن مان هِن سان گڏ گڏ هلڻ لڳس. اڳيان گهڻي رش ۾ گاڏيون ڦاٿل هيون. ماڻھوءَ جي لنگهڻ جي وٿي بہ نہ هجي. هِن نڪرڻ جو وَجهہ پئي ڳوليو. مون هِن جي ڀر ۾ پارڪ ٿيل موٽرسائيڪل کي ڇڪي، هڪ پاسي تي جهليو تہ هن کي نڪرڻ جي وٿي ملي وئي. منھنجي دل پئي چئي تہ جيڪر مون کي ٿينڪس چوي. هُن صرف مون ڏانھن شڪرگذار نظرن سان ڏٺو ۽ اڳتي وڌي وئي. مان خوش پيو ٿيان تہ ڏٺئين تہ سھي!
ٻئي ڏينھن بہ رش واري جاءِ تان مان هن سان ٽڪرائجي، اڳتي وڌي ويس تہ هن نوٽيس ڪيو. شايد ڪالھوڪي ڳالھہ ياد آئي هجيس! پوءِ ڪجهہ ڏينھن تائين اِهو روز جو معمول رهيو. هن سان ٻہ ٽي ڇوڪريون گڏ هونديون هيون، جيڪي پنھنجي پنھنجي گهر جي گهٽي اچڻ تي، الڳ ٿينديون وينديون هيون. هِن جي ۽ منھنجي گهر جي گهٽيءَ ۾ ٻن گهٽين جو فرق هو. پھريان منھنجو گهر ايندو هو. مان پنھنجي گهر وٽ بيھڻ بدران، هن جي پويان هن جي گهٽيءَ تائين وڃڻ لڳس تہ هن نوٽ ڪيو. اهڙي طرح ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ هِن جون نظرون مھربان ڏٺم. ڪيڏي مھل وري مرڪن جو تبادلو بہ ٿيو. هلندي هلندي، ورائي ورائي، ٽيڏي اک سان ڏسي وٺڻ، مون ۾ ڪجهہ حوصلو پيدا ڪيو. هڪ ڏينھن موقعو ڏسي پڇيومانس، ”ڪھڙي ڪلاس ۾ آهيو؟“
”انٽر ۾“ جواب مختصر هو، پر مثبت هو.
دل ۾ سوچيم، مان فرسٽ ييئر ۾، هيءَ انٽر ۾! مون کان سينيئر آ..!! ائين پوءِ ٻہ ٽي ڀيرا ڪاليج ۾ پڙهائي متعلق ڳالھہ ٻولھہ ٿي.
هڪ ڏينھن چيومانس، ”هي منھنجو گهر آهي. اڪيلو رهندو آهيان. پاڻ هتي آرام سان ملي سگهون ٿا. ٻہ ٽي ڏينھن نہ نہ ڪرڻ کان پوءِ نيٺ هڪ ڏينھن رب راضي ٿيو.“
هڪ ٻہ ڏينھن رسمي ڳالھيون، ٻہ ٽي ڏينھن دٻيل لفظن ۾ هلڪي محبت جو اظھار ٻين ٻَٽن ڏينھن کان پوءِ شديد محبت جو اظھار، اڻ کٽ ڳالھيون، اڻ کٽ پيار.
ڳالھين سان پيٽ نہ پيو ڀرجي تہ پوءِ پھريان هٿن حرڪت ڪئي، پوءِ ٻانھن ٻکَ وڌا. چپن بہ چھڪڻ شروع ڪيو. پوءِ بدن جي گولاين پنھنجا ڏس پنڌ ڏنا. اڻ ڏٺل راهون آشڪار ٿيڻ لڳيون. پنڌ جيترو اڻائو پئي لڳو، اوترو سڻائو ٿيندو ويو. محبت جا مسافر پنھنجين راهن کان آشنا ٿيندا ويا.
مون جڏهن هن جو يونيفارم لاٿو تہ هن پاڻ کي جنگ جي محاذ تي بيٺل، بنا هٿيارن واري اڪيلي سپاهيءَ وانگر، پھرين تہ خوب مزاحمت ڪئي پر نيٺ آڻ مڃي، اڻ اعلانيہ سرينڊر ڪيو. هن سمجهي ورتو تہ جنگ هاڻي سر تي چڙهي آئي آ... يا تہ منھن ڏيڻو آ، يا مرڻو آ..!! پوءِ هن منھن بہ ڏنو ۽ مرڻ لاءِ تيار بہ ٿي وئي..! هُوءَ هئي شيشي جھڙو نازڪ بدن، مان پٿر بڻجي هُن جي مٿان ڪريس. شيشو ٽڙڪي پيو. پٿر ميڻ وانگر پگهلجي، ٽيپو ٽيپو ٿي ڳرڻ لڳو.
پوءِ جڏهن هُن يونيفارم پاتو پئي تہ هُوءَ جنگ هارايل سپاهي، هرگز نہ پئي لڳي! هن تہ حملا آور کي ئي هيڻو ڪري ڇڏيو هو. جنگ هلندي، هُن حملا آور کي الاءِ ڪھڙن آسمانن جا سير ڪرائي ڇڏيا..! حملا آور جي ڀانواٽي نہ پئي ختم ٿئي..! هن حملا آور کان هٿيار کسي، بي اختيار ڪري وڌو هو! حملا آور جي انھيءَ بي اختياريءَ کي هُن پنھنجي طاقت بڻائي ورتو..! پوءِ هُوءَ مڙسان مڙسي حملا آور تي قابض ٿيندي وئي..!
اهڙي محبت، جيڪا روزانو جنگ جوٽڻ لاءِ، سندرو ٻڌي بيٺي هجي، منھنجو ڪمرو، محبت جي اُن جنگ جو مستقل ميدان بڻجي ويو..! اسان ٻنھي ان ميدان کي پنھنجي محبت سان مھڪائي ڇڏيو..! اُتي الاءِ ڪھڙن ڪھڙن آسمانن جا سير ٿيڻ لڳا..! سمنڊ جي پاتال ۾ ٽٻيون هڻي سپيون، ڪوڏ ۽ موتي ميڙيندا رهياسين..! محبت جي انھي مھاڀاري جنگ ۾، جنگ بنديءَ جو ڪو امڪان بہ نٿي لڳو! ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جو کاڄ بڻجي پيون هيون ۽ هڪ ٻئي مان آڪسيجن کڻي رهيون هيون..!
آهه!! ڪجهہ بہ ساڳيو نٿو رهي..! هر شئي تبديل ٿيندي ٿي رهي... نہ عمر، نہ موسم، نہ حالتون ۽ نہ مستقل ميلاپ! ڪجهہ بہ ساڳيو نٿو رهي..!
اکيون کولي صوفي تان اٿان ٿو. پنھنجي منھن مرڪي پوان ٿو. فرح جي ياد هڪ عجيب سرور بخشي ڇڏيو آهي..!
سڀاڻي هُوءَ مون سان ملندي، اهو احساس مون کي عجيب روحاني خوشي بخشي رهيو آهي!
ٻئي ڏينھن پروگرام مطابق، مان فلٽر پلانٽ وٽ گاڏي جهلي بيٺم. هُوءَ رڪشہ مان لھي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺي، گاڏي سڄي معطر ٿي وئي..!
ويلوِٽ جي ميرون ڪلر جي خوبصورت شال ۾ هن جو اڌ ظاهر ٿيندڙ چھرو چمڪي رهيو هو..! ويھڻ شرط، ٻنھي هٿن کي پاڻ ۾ رڳڙيندي چيائين، ”ڏاڍي ٿڌي هوا پئہ لڳي رڪشي ۾... ٺري برف ٿي وئي آهيان..! هن عمر ۾ بہ مون کي خوار ڪرڻ کان نٿو مڙين..!“
مان هن ڏانھن بيحد شڪرگذار نظرن سان ڏسان ٿو ۽ گاڏيءَ ۾ هيٽر هلائي ٿو ڇڏيان. گاڏي گيئر ۾ هڻي چيم، ”تنھنجو موبائل نمبر ڪونہ هو نہ تہ تو سان رابطو رکان ها...! گاڏي سڃاڻڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا ڇا..!؟“
”مون اهو موبائل وارو جن پاليو ئي ڪونھي. مون کي لينڊ لائن فون سولي ٿي لڳي... تو گاڏيءَ جو نمبر ۽ ڪلر ٻڌائي ڇڏيو هو نہ..! مون کي ياد هو.“ هن هيٽر بند ڪندي چيو تہ، ”هيٽر منھنجي هانوَ کي وٺندو آ، مان گهر ۾ بہ هيٽر جي ڀرسان ويھي نہ سگهندي آهيان...! تڏهن تہ سڄو ڏينھن ٻاهر اس ۾ ويٺي هوندي آهيان..!“
مون هِن ڏانھن مرڪي نھاريو. هُن جو اڌ کليل چھرو، هينئر پوري طرح ظاهر هو. ڊارڪ ميرون ڪلر جي شال ۾ هن جو مُک باھہ جي شعلي وانگر جرڪي رهيو هو..! هِن جو ڪلر، اڳي کان وڌيڪ فيئر ٿي پيو هو..!
”هينئر بہ ڪٿي اُس تي هلي ويھارجان، نہ تہ جلدي ڀڄي وينديسانءِ...“
فرح جو موڊ بہ فرح جيان فريش لڳو پيو هو. ڪالھوڪي فون تي ٿيل ڳالھہ ٻولھہ کان پوءِ، مان بہ پاڻ کي فريش پيو سمجهان..!
”صبح جو گهر وارو پنھنجي آفيس پئي ويو تہ چيومانس، ”منھنجي ساهيڙيءَ جي گهر ميلاد آهي، اڄ مان اوڏانھن وينديس.“
چيائين تہ، ”ميلاد شام جو هوندو، تون هينئر کان ڇو پئي تيار ٿين!؟“ هلڪو ٽھڪ ڏيندي چيائين، ”مون چيومانس تہ هُن چيو آ تہ سوير اچي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائجانءِ..! ويچاري اڪيلي آ نہ..! پٽ ملڪ کان ٻاهر اٿس، ڌيءَ جي تازو شادي ٿي وئي اٿس.“ هن وڏو ٽھڪ ڏنو. مان بہ خوب کليس جو هُن جو اشارو منھنجي ٻارن ڏانھن هو.
”پوءِ وري پٽ کي بہ آفيس روانو ڪري، هيڏانھن نڪري آيس. هاڻي تون ٻڌاءِ؟ ڪھڙا پيٽ ۾ مروڙ پيا ٿئي جو ائين ملڻ لاءِ ماندو ٿي پيو آهين..!؟“
هن جي ڳالھائڻ جو انداز تہ اڳ ۾ بہ ائين هو پر اڄ بہ اُن انداز سان پئي ڳالھائي تہ مون کي حيرت پئي ٿي. چيم، ”اڄ تہ چھڪي پئين فرح!“
”توسان ملڻ جي خوشي آ نہ تڏهن..!“ ٽھڪ ڏنائين.
مون کيس مرڪي نھاريو. سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ هُوءَ واقعي خوش هئي يا خوشيءَ کي ظاهر ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪري رهي هئي..!!
مون گاڏي اچي المنظر تي بيھاري. چيم، ”پاڻ مٿي هلي ٿا ويھون، اُتي توکي سج لھڻ تائين اُس ملندي.“
”اس تہ ملندي، پر چانھہ تہ ڪانہ ملندي... هتي تہ ڪو بيرو يا بورچي بہ نظر نٿو اچي..!“ هُن جي جملن جي شوخي برقرار هئي. چيم، ”نيٺ تہ ڪو ظاهر ٿيندو، تون لھہ تہ سھي!“ گاڏيءَ مان لھي، اسان مٿين منزل تي رکيل ڪرسين تي اچي ويھي رهياسين. هوا ڪافي ٿڌي هلي رهي هئي. شايد اِن ڪري هتي ٻيو ڪير بہ اسان جھڙو چريو ڪونہ هو. اسان آمھون سامھون ٿي ويٺاسين. فرح مون کي ٽڪ ٻڌي ڏسڻ لڳي. مون هن کي نھاريندي ڏٺو. مون ڏٺو تہ هن جي اکين ۾ چاليھہ سالن جي جدائي سَمائي پئي هئي. هُن اکيون بہ ڪونہ ٿي ڇنڀيون. هُن جي اکين جي تابَ، منھنجي جهلڻ کان زور هئي. مون پنھنجون نظرون هٽائي ڇڏيون. درياھہ ڏي ڏٺم، آسمان ڏي ڏٺم، ڪيڏي مھل پل تان گذرندڙ ٽرئفڪ کي..!
هُوءَ مسلسل مون ۾ گُهوري رهي هئي. هِن ڏانھن ڏٺم تہ هِن جي اکين ۾ آلاڻ جو اولڙو ليئا پائي رهيو هو. منھنجي ڏسڻ تي هن پنھنجون نظرون، منھنجي اکين تان هٽائي، نَڪَ، ڳَلَ، چَپَ ۽ کاڏيءَ کي بہ چڱي طرح ڏٺو. مٿي کان هيٺ تائين ڏسي، اکيون هيٺ ڪري، ڪنڌ جهڪائي ويھي رهي. مون کي لڳو تہ وقت بيھجي ويو آهي. ڪي پَلَ مڪمل سانت.... اهڙي بيھجي ويل لمحن ۾ مون گهٻرائجي، هُن کي آهستي سان پڪاريو...! شايد پيار مان....!
”فرح....“
ڄڻ هُن ٻڌو ئي ڪونھ! وري سڏيم، اڃا وڌيڪ پيار مان....
”فرح...!“
هُن ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانھن ڏٺو. ٻہ وڏا لڙڪ، هُن جي اکين مان ڳڙي پيا... مان تڙپي پيس....
جيسين کيسي مان ٽشو ڪڍي کيس ڏيان، تيسين ٻہ ٽي لڙڪ ٻيا بہ هن جي ڳلن تان ترڪندا ڪريا..!
مون کان ٽشو وٺي ڳل اگهيا....! اکيون ۽ ڳل اگهندي، هڪ مئل مرڪ سان هن چيو، ”حالانڪہ آئون، پاڻ سان اهو قسم کڻي آئي هيس تہ اڄ تنھنجي سامھون روئينديس ڪونہ..!“
”پوءِ... ڇو ٿي روئين!؟“ مون پاڻ تي ضبط ڪندي پڇيو.
”بس... چري آهيان نہ....!“ هن جي سنجيدگي ڳالھائڻ لڳي. ”پاڻ کي ڏاڍو سياڻو سمجهندي هيس... پر ڏٺئي نہ..! هيس تہ چري نہ..!“ هن نڪَ ۾ لھي آيل پاڻيءَ کي سُون ڪري مٿي ڇڪيو ۽ ٽشو کي ناسن وٽ ڇھيو.
اسان ٻنھي ڪجهہ دير، هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڏٺو. روئڻ ڪري هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي چڪيون هيون. مون کي لڳو تہ هاڻي مان روئي پوندس تہ مون منھن ڦيري درياھہ کي ڏٺو. سياري جي مند هئي. پل جي اورئين پاسي ٿورو پاڻي هو. پل جي پرئين پاسي، واريءَ واڪا پئي ڪيا. پل تي ٽرئفڪ هلي پئي. يونيورسٽيءَ جون کوڙ بسون بہ شھر ڏانھن موٽيون پي..! منھنجي اکين بہ موٽ کاڌي فرح کي ڏٺم. هُوءَ اڃا بہ مون ۾ گهوري رهي هئي. هُوءَ منھنجي اکين ۾ اهي پَلَ، اهي گهڙيون ڳولي رهي هئي، جيڪي اسان گڏجي گهاريا هئا..! اهي ٽھڪ ڳولي رهي هئي، جيڪي اسان ڳالھہ ڳالھہ تي ڏيندا هئاسي..! اهي ڀاڪُرَ، اهي ڇھاءَ ڳولي رهي هئي، جيڪي اسان کي زندگيءَ جي حسين وادين ۾ وٺي ويندا هئا..! هاڻي انھن حسين وادين ۾ سنڌوءَ وانگي واري پئي اڏامي..! سُڃَ ۽ اُڃَ جي سيجَ، چئني پاسي وڇائي پئي آ.
مان هِن کي آهستگيءَ سان وري پڪاريان ٿو:
”فرح... فرح....!!“
”ڪجهہ ڳالھاءِ نہ ڪاظم....! ڇا فرح، فرح...! منھنجو هيانوَ ٿو ڦاٽي...! ۽ مون کي تون پليز... ائين پيار مان سڏ نہ ڪر... هڪ دفعو وري رڻ ۾ روليندين ڇا..!؟ مون الاءِ ڪيئن وڃي پاڻ کي سنڀاليو آ... مون توکي وسارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن. هاڻي مان جنھن حال ۾ آهيان، مون کي اُتي رهڻ ڏي! هاڻي مان هِن عمر ۾ تنھنجي ڪنھن ڪم جي آهيان بہ ڪونہ..! هاڻي وڌيڪ تماشو نٿو ٿي سگهي! مون کي ائين پيار مان نہ پڪار... پليز..! مان وري نہ مري پوان..!!“
هن جو اهو چوڻ تہ مان مري نہ پوان، مون کي ماري رهيو آهي..! مون کي هيءَ سنجيدگي ڇڏي موضوع کي مَٽائڻو پوندو..!
هُن جي لفظن ۾ دُکندڙ درد ٻڌائي ٿو تہ، مان هُن سان زيادتي ڪري رهيو آهيان..!
مان ڪرسيءَ تان اٿي، ٻہ قدم اڳتي لڳل ريلنگ تي وڃي بيھان ٿو. روڊ تي انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي هڪ بس واپس ڄامشوري وڃي رهي آهي. ڪنڌ ورائي فرح ڏي ڏسان ٿو. هُوءَ اڃا بہ اکين ۾ آيل لڙڪن کي، وچين آڱر سان اُگهي رهي آهي. مان کيسي مان ٻيو ٽشو ڪڍي، کيس ڏيان ٿو ۽ ٽينس ٿي ويل ماحول کي بدلائڻ لاءِ چوان ٿو، ”هيٺين فلور تي ڪجهہ چُرپر نظر اچي ٿي، چانھہ گهرايون؟“
”نہ، چانھہ نہ..! مون کي ٻہ ڍُڪَ پاڻي کپي..! توهان جي گاڏيءَ ۾ پاڻيءَ جي بوتل پئي هئي، شايد..! بس اُها ئي کڻي اچو..!“
”ها، اهو پيئڻ جو پاڻي ئي آهي، کڻي ٿو اچان..!“
هينئر اسٽاف جو ڪو ماڻھو نظر آيو پئي. مان بوتل لاهي مٿي کڻي آيس. فرح اُن مان ٻہ ڍڪ پيتا. مون اُن مان هڪ ڍڪ پيتو.
”ڀلا ڏيو خبر، ڪٿي هئا هيترو وقت... ڳوٺ ٿا رهو يا حيدرآباد..؟ نوڪري ڪئي، زمينداري ڪئي، ڇا ڪيو..؟“
دل ۾ شڪر ڪيم تہ هاڻي هُوءَ نارمل ٿي رهي آهي.
”توکي خبر هئي تہ ڄامشوري جي انجينئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس. ڊگري وٺڻ کان پوءِ، وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي پنج نڪاتي پروگرام تحت نوڪري ملي هئي. اُها منھنجي مزاج وٽان نہ هئي. سو يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿي ويس. هاڻي پروفيسر ٿي رٽائر ٿيو آهيان! مائٽن جي مرضيءَ سان، مائٽن مان ئي شادي ڪيم. حيدرآباد وارو گهر، مائٽن تڏهن کپائي ڇڏيو هو، جڏهن شھر ۾ لساني فساد پکڙيا هئا. يونيورسٽيءَ جي سوسائٽيءَ ۾ پلاٽ مليو هو، اُن تي گهر ٺاهيو هيم. ڳوٺ ڏي ٻني ٻارو اڃا بہ آهي. سوچيان ٿو تہ..!“
”تون هُئين تہ آرٽسٽڪ مائينڊ ماڻھو... گهر بہ سھڻو ٺاهيو هوندئي..!“ هن منھنجي ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
”ها فرح، گهر واقعي منفرد اسٽائيل ۾ ٺھرايو آ... هل تہ توکي ڏيکاري اچان..!“
”نہ بابا، مان ڇا ڏسي ڪندم..!“
”توکي گهر وڻندو فرح... اُتي ٻيو ڪير آهي بہ ڪونہ..! مان هاڻي اڪيلو ئي رهندو آهيان..!“
”توبھن توبھن! اللھ معافي ڏي..! تنھنجي خالي گهرن تہ اڳيئي منھنجي زندگي خالي ڪري ڇڏي آ..! ڪونہ ٿي هلان هاڻي تنھنجي گهر..!“ اهي جملا هاڻي فرح، ساڳي پنھنجي اصل شوخيءَ سان ڳالھايا.... مون کي خوشي ٿي تہ هاڻي هُوءَ نارمل ٿي آهي.
”ڏس فرح، ڳالھہ اِها آهي تہ مان دل سان سمجهان ٿو ۽ مڃان ٿو تہ مون توکي ڏاڍو ڏکايو آهي. توکي ڏنو ڪجهہ بہ نہ آهي. تو، مون کي پنھنجو سڀ ڪجهہ ڏئي ڇڏيو. تون ڏيڻ واري سخي دل عورت آهين. مان بدنصيب ڏيڻ وارو، بڻجي نہ سگهيم. تنھنجو مون تي ايترو ئي حق آهي، جيترو منھنجي گهر واريءَ جو مون تي ٿي سگهي ٿو. تون منھنجي شرعي زال تہ نہ هئينءَ، تڏهن بہ تو، مون کي ڪڏهن بہ ڪو سُک ڏيڻ کان نہ ڪيٻايو. مون تي يا منھنجي ملڪيت ۾ جيترو حق منھنجي وارثن جو آهي، ايتري جو حقدار مان توکي بہ سمجهان ٿو. مان اِهو گهر تنھنجي نالي ٿو ڪرڻ چاهيان، فرح..!!“
”اڙي! چريو تہ ناهين..!“ فرح صفا حيران ٿي وئي. ”اهو خيال توکي ڪيئن آيو!؟ عجيب ڳالھہ ڪئي اٿئي... مون کي تنھنجي ملڪيت جي ڪا ضرورت ناهي..! ٻيو ڪو حال احوال ڏي.. فضول ڳالھيون ڇڏ..!!“
فرح اهو سڀ پنھنجي دل سان چيو پر مون کيس چيو تہ، ”فرح، مان سنجيدہ آهيان... تون سڄي ساري منھنجي هئينءَ... ۽ اڄ بہ منھنجي آهين... تنھنجو مون تي پورو حق آ... انھيءَ ۾ تنھنجي ضرورت واري ڪا ڳالھہ نہ آهي!“
فرح کي کِلَ اچي وئي... منھنجا ٻہ لفظ زور ڏئي ورجايائين، ”منھنجي آهين..!!“ وري ٽھڪ ڏيندي چيائين، ”همراھہ جي زورآوري تہ ڏسو..! ’منھنجي آهين‘..! ڀلا هاڻي ڀڄائي ويندين ڇا..!؟“ هُن جي شوخي ڏسڻ وٽان هئي. مان خاموشيءَ سان پيو ٻڌان.
”ٻي ڪا ڳالھہ ڪر، ميان ڪاظم علي خان!“ هاڻي هُن سنجيدہ ٿيندي چيو، ”ڪنھن تي ڪنھن جو حق آ... ڪيترو حق آ..! ڪنھن ڪيترو ادا ڪيو..! اُهو وقت گذري ويو، ڪاظم! هاڻي اهو حساب ڪتاب ڪيون بہ تہ ڇو..!
ها، باقي مان ڪا غريب رَنَ زال هجان ها تہ تون کڻي منھنجي مدد ڪرين ها..! تنھنجو بنگلو گهڻن گزن جو آ..؟“
”ڇھہ سؤ گز....“
”منھنجو گهر ٻہ هزار گز تي آ... جيترو وڏو گهر آ، اوترو وڏو لان آ ۽ وڏو سوئمنگ پُول آ... اسين گهر ۾ صرف ٽي ڄڻا آهيون... گاڏيون پنج آهن... بورچي، نوڪر، سوئيپر، ڊرائيور ۽ گارڊ اُن کان علاوه... منھنجو گهر وارو سيٺ انور، شھر جو سڀ کان وڏو بلڊر آهي... مان سڄو ڏينھن واندي... نہ ڪم نہ ڪار... سياري ۾ اس ۾ ويھي پاڻ کي سيڪيان، گرمين ۾ اي سي ۾ ويھي، پنھنجا سَنڌ سڪايان... منھنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ ريگيولر خيرات زڪوات ڪرڻ کان پوءِ بہ الاءِ ڪيترا پئسا پيا هوندا آهن.“
مون سمجهيو تہ فرح مون تي پنھنجي اميريءَ کي ظاهر ڪري، مون تي طنز پئي ڪري..! مان ٿوري شرمندگي محسوس ڪرڻ لڳس.
”نہ ڪاظم، ڳالھہ ملڪيت يا وارثي جي ناهي..! ۽ آئون ڪو پنھنجي پئسي جو تو تي رعب نٿي رکان..! بس تو سان گپ شپ پئي ڪريان.“
شايد ڪو خيال دل ۾ آيس، هُن ٿڌو ساھہ کنيو.
پوءِ چوڻ لڳي، ”مون کي ايترن پئسن ۽ ايتري ٺاٺ باٺ جي ضرورت نہ هئي ڪاظم..! مون کي رڳو تنھنجي روح جي گهرج نہ هئي، مون کي تنھنجو جسم بہ گهرجي پيو... تنھنجا چپ، تنھنجيون ٻانھون، تنھنجو سينو، تنھنجا ڀاڪرَ... اڄ بہ جيسين پاڻ کي تنھنجي ڀاڪرَ ۾ نہ ڀانيان، تيسين مون کي ننڊ ناهي ايندي..!“
مون کي لڳو تہ جدائيءَ جا گذريل چاليھہ سالَ، چاليھن هٿن سان گڏجي، منھنجو گلو دٻائي رهيا هجن... ۽ فرح هر رات مون کي ياد ڪري، چاليھہ سالن ۾ ڪو چوڏهن-پندرهن هزار دفعا، پنھنجو گلو گهٽجندي محسوس ڪيو هوندو! ”پنھنجي محبت ٻہ طرفا هئي ڪاظم! پوءِ اُها الاءِ ڪيئن هڪ طرفا ٿي وئي هئي..!“ هُن جو آواز، دل جي ويران رڻ مان پئي آيو، ”مون سڀ ڳالھہ توکي کولي ٻڌائي هئي... اسان ٻنھي جي معاملي جي، سڄي خبر منھنجي مائٽن کي پئجي وئي هئي... منھنجا انھن سان کوڙ ڀيرا بحث ٿيا... آئون تو تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنھن بہ صورت ۾ راضي نہ پئي ٿيس... ۽ هُو بہ مون کي ڪنھن اترادي وڏيري جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نہ هئا... تو پنھنجي والدين کي منھنجي گهر نہ موڪليو، حالانڪھ تنھنجو اهو قدم منھنجي لاءِ وڏو بريڪ ٿرو ٿي پئي سگهيو... مان پنھنجو گهر ڇڏڻ لاءِ، پنھنجي فيملي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويس... تو سان ڀڄي وڃي، ڪورٽ ميرج لاءِ تيار ٿي ويس... پر تون..! پر تون ڪاظم..! ان وقت منھنجي ڪابہ مدد نہ ڪئي..! ها، اُهو وقت هو، جڏهن مون کي تنھنجي مدد جي ضرورت هئي... ان وقت، تو وٽ منھنجي لاءِ صرف مفيد مشورا هئا... منھنجي عزت لاءِ، منھنجي مستقبل لاءِ... ٺلھا مفيد مشورا..!!“ هُو آرام آرام سان ڳالھائيندي پئي وئي ۽ منھنجون اکيون هيٺ ٿينديون پئي ويون.
”تو جڏهن فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ مون کي پنھنجن مائٽن جي مرضيءَ سان شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي... تڏهن بہ پاڻ هڪ بستري تي ليٽي، ڇت کي پيا گهوريندا هئاسين... منھنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙندا هئا، تون اٿي منھنجا ڳوڙها تہ اگهندو هئين، پر وري بہ منھنجي مٿان چڙهي ويندو هئين... مڙندو ڪونہ هئين..!!“
منھنجو ڪنڌ بہ هيٺ جهڪي ويو هو. هُن جو هڪ هڪ لفظ مون کي ڪَٽي رهيو هو.
”هاڻي هيءَ زندگي تنھنجي مشورن مطابق ئي تہ آهي... هاڻي جڏهن مون کي تنھنجي مدد جي ڪا ضرورت نہ رهي آهي تہ تون پريڪٽيڪل ٿي ويو آهين..! ملڪيت جي حصي جي ڳالھہ ٿو ڪرين..! مون کي تہ تنھنجي زندگيءَ ۾ حصو گهربل هو... پنھنجي خوشيءَ لاءِ... پنھنجي مستقبل لاءِ... مون کي تنھنجو من ۽ تنھنجو تن، ٻئي گهربل هئا... مون کي پنھنجي ٻہ طرفا محبت گهربل هئي... تو الاءِ ڇو، اُن وقت هڪ طرفا ڪري ڇڏي..! تون ئي منھنجو ناهين ڪاظم، تہ تنھنجي ڪا شئي مان ڇا ڪندس..!!“
مون وٽ هُن جي ڳالھين جو ڪو جواب نہ هو... هُن وري چيو، ”قسم ٿئي ڪاظم، سچي ٻڌائجانءِ... مون توکي ائين ئي چيو هيو يا نہ..!!“
مون ڪنڌ سان بہ ها ڪئي ۽ زبان سان بہ....
”ها... تو ائين چيو هو...“
”پو... پو تون ان وقت تہ پٽا ڏئي ڀڄي وئين...!“
هن ٽھڪ ڏئي، پنھنجي ٻنھي هٿن جو پاڻ ۾ تاڙو ملايو... مون کي زمين جاءِ ڏي ها تہ گهڙي وڃان ها....
منھنجي منھن جو بدليل رنگ ڏسي چيائين، ”ايترو سيريس نہ ٿي... پاڻ آخري ڀيرو ملي رهيا آهيون... هِن ملاقات کي يادگار بڻاءِ... کلي ڳالھاءِ... روئي بہ موڪلائڻو، کلي بہ موڪلائڻو ئي آهي... تہ پوءِ ماڻھو کلي موڪلائي نھ!... نھ!!“
هُن تصديق چاهي. مون چيو تہ، ”ها، کلي موڪلائجي تہ بھتر..! روئڻ تہ پنھنجي منھن سان پيو ٿيندو...“
”ها، پنھنجي منھن روئبو بہ، کائبو بہ... هڪ ٻئي جو چھرو تہ کلڻ وارو ئي ياد رهي نہ..!“
مان هينئر ٿورو مرڪيس... هوٽل جو هڪ ڇوڪرو مٿي چڙهي آيو. کائڻ پيئڻ جو آرڊر پڇڻ لڳو.
فرح چيس، ”پٽ اسان جو پيٽ ڀريو پيو آهي... توهان اسان کي ڇا کارائيندئو..؟ بس چانھہ ڪا سٺي ٺاهي اچو...“
فرح مون کان پڇيو، ”چانھہ ڦِڪي پيئندا آهيو يا مٺي؟“
چيم، ”نارمل مٺي.“
بيري کي چيائين، ”چانھہ ڦِڪي ٺاهي اچو، کنڊ ۽ چمچ الڳ کڻي اچجو...“ بيرو هليو ويو. فرح چيو، ”سج لھڻ واري پيو ڪري.... ٿڌ وڌندي پئي وڃي...!“
چيومانس، ”توکي سيءُ ٿو لڳي، تہ گاڏيءَ ۾ ٿا هلي ويھون...!“ شال کي ڪنن وٽ ٻيھر ٺاهي، ٻئي هٿ شال جي اندر رکندي چيائين، ”پوءِ هلون ٿا... چانھہ تہ هتي پيئون...!“
چيم، ”جيئن تنھنجي دل...!“
فرح جي چھري تي هڪ اداس مرڪ اڀري. چيائين، ”زندگيءَ پاڻ کي اوچتو، هڪ دفعو ٻيھر ملايو آهي يا کڻي چئجي تہ آخري ڀيرو ملايو آهي... شايد کلي يا روئي موڪلائڻ لاءِ... منھنجي تہ خبر ٿئي، سڄو ڏينھن واندڪائي... يا مڙس ۽ پٽ جي گهر واپسيءَ جو انتظار... پٽ جي شادي نصيب ۾ هوندي تہ ڪجهہ ڏينھن، انھي ۾ ويندا... گهر جي نظام کي ننھن اچي سنڀاليندي... وري اللھ اللھ خير صلاح...! روزو، نماز، تسبيح ۽ بس..! تون پنھنجي متعلق ٻڌاءِ تہ باقي زندگي ڪيئن گذاريندين؟ ڇا ڪندين!؟ پنھنجي ايندڙ مصروفيت جي باري ۾ ٻڌائيندين تہ مون کي اِها آساني ٿيندي جو توکي ياد ڪندس تہ سوچيندس، هاڻي هيئن ڪندو هوندو، هاڻي هوئن ڪندو هوندو!!“
چانھہ ٺھي آئي. فرح پڇيو، ”کنڊ ڪيتري؟“
چيم، ”هڪ چمچ..!“
فرح هڪ ڪپ ٺاهي، منھنجي اڳيان رکيو ۽ پاڻ ڦڪي چانھہ پيئڻ لڳي.
پڇيم، ”ڊائبٽڪ....!؟“
”اللھ پناھہ ڏي..! پر مون کي انھي بيماريءَ کان ڊپ الاهي لڳندو آهي..! انھيءَ ڪري احتياط ڪندي آهيان..! تون بہ کنڊ نہ پيئندو ڪر..!“
چيم، ”هي آخري چمچ سمجهہ... آئندہ نہ پيئندس..!“
مرڪي پئي، ”اڄ تہ ڏاڍو فرمانبردار پيو ٿين..! ڪاش منھنجي مشورن تي پھرين بہ عمل ڪرين ها..!“
مون هِن ڏانھن ڏٺو تہ چيائين، ”مائينڊ نہ ڪجان، پليز... اڄ آخري موقعو آهي نہ..! وري ملي نہ ملي! وات مان ڪجهہ بہ نڪري تہ مائينڊ نہ ڪجان پليز..!“
مون چيو، ”نہ فرح! مان بلڪل مائينڊ نہ ڪندس... هيءَ ملاقات منھنجي گذارش تي ٿي آهي... مان هِن ملاقات کي پنھنجي باقي زندگيءَ جو سرمايو سمجهندس. تون چاهين ها تہ پنھنجو سھي نمبر نہ ڏين ها... تو نمبر ڏنو تہ شايد تنھنجي لاشعور ۾ بہ ڪٿي نہ ڪٿي، هِن ملاقات جو اوسيئڙو لڪل هو..!“ چانھہ مان سپ ڀريندي چيم، ”فرح، مون فيصلو ڪيو آهي تہ مان هاڻي ڳوٺ وڃي رهندم... جيڪو ڪم سوچيو آهي، ان ۾ ضرور منھنجي دل لڳي ويندي... هوئن بہ مون کي موسمن سان، وڻن سان، ساوڪ سان ۽ سادگيءَ سان چاھہ هوندو آهي..! اهم ڳالھہ اِها آهي تہ منھنجي زمين مين هاءِ وي سان گڏ آهي. مان چاهيان ٿو تہ اتي هڪ وڏي خيراتي اسپتال ٺاهيان. جتي جديد علاج جون سڀ سھوليتون هجن. وڏا ماهر ڊاڪٽر هجن، هر ماڻھوءَ لاءِ مفت علاج هجي..! اهو منھنجو خواب آهي فرح..! تون دعا ڪجانءِ تہ مان ايڏو وڏو ڪم ڪري وڃان..! مان پنھنجي پٽ کي بہ نصيحت ڪري ويندس تہ مون کان پوءِ اُتي رهي ۽ پنھنجي زمين ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جوڙي، جنھن ۾ تعليم مفت هجي. منھنجي پٽ لاءِ بہ دعا ڪجان تہ هُو اهڙو ڪارنامو ڪري ڏيکاري..!!“
ايئن چوندي، منھنجون اکيون ڀرجي آيون. فرح جي اکين ۾ عجيب چمڪ ڏٺم. خوشيءَ ۽ حيرت مان ذري گهٽ ڪرسيءَ تان اٿندي چيائين، ”وائو..! ماشاءَاللھ، ماشاءَاللھ... ڪاظم، آئون تہ حيران پريشان ٿي وئي آهيان..! سچ پچ تہ خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپان..! تو ايڏو وڏو سوچي رکيو آهي..! تون ايڏو شاندار ۽ عظيم ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهين..! ماشاءَاللھ، يقين ڪر، مون کي بيحد گهڻي خوشي پئي ٿئي..! اهو تہ وڏو ڪمال ڪندين ڪاظم سچي...!“
”بس فرح، ارادو تہ پڪو ڪيو اٿم... شل ثابت قدم رهان..!“
”نہ نہ...تون ڪري ويندين... بلڪل ڪري ويندين....! منھنجي دل ٿي چئي تہ تون ڪري ويندين..! انشاءَاللھ..! بلڪہ هيئن ٿا ڪيون نہ... هِن پنھنجي ننڍڙي پرس مان هڪ وزيٽنگ ڪارڊ ڪڍي، مون کي ڏيندي چيو، ”هي منھنجي گهر واري سيٺ انور جو ڪارڊ اٿئي. هن جي ڪنسٽرڪشن جي تمام وڏي فرم آهي. تون پھرين ڳوٺ وڃي، پوري پلاننگ ڪر. جيڏي مھل بہ توکي ضرورت محسوس ٿئي، ڊزائن جي، آرڪيٽيڪچر جي، ڪنسٽرڪشن جي، بلڪ ڪھڙو بہ ڪم هجي، تون انور سان رابطو ڪجانءِ. هُو تنھنجي هر طرح جي مدد ڪندو. منھنجو مڙس ان معاملي ۾ ڏاڍو سخي آهي.“ ٽھڪ ڏيندي چيائين، ”بس رڳو هُن کي منھنجي ۽ پنھنجي باري ۾ ڪجهہ نہ ٻڌائجانءِ..!“
مون انتھائي عاجزيءَ مان وراڻيو، ”تنھنجي ٻين کوڙ احسانن کان پوءِ، هي بہ هڪ وڏو احسان ٿيندو، فرح..!“
”نہ نہ... اهو احسان ٻحسان ناهي... ۽ ها ٻڌ... منھنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ الاهي پئسا پيا هوندا آهن... انھيءَ اسپتال ۾ منھنجو بہ حصو هوندو... جيترا پئسا کپن، کڻي وٺجانءِ..!“
منھنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. فرح منھنجي سڀني معاملن کي هميشہ جيان مون تي آسان ڪندي پئي وڃي..! ملڻ چاهيو هيم... ملي وئي، پيار جا درياھہ وهائي وئي. وڇڙڻ چاهيم، وڇڙي وئي... فون ڪري ملڻ چاهيم، ملڻ هلي آئي..! وڏا ارادا پيو ڪيان تہ ان ۾ بہ اڳري آ..! مائي آ، ڇا هي..!! هيءَ تہ ڪا ملائڪھ آهي، انسان جي اتم رتبي تي بيٺي آهي..! اڄوڪي دؤر ۾ محبت جو هڪ اعليٰ مثال آهي..!
اُمالڪ چيائين، ”تنھنجيون اکيون ۽ تنھنجو چھرو ٻڌائي پيو تہ تون انتھائي گهڻو شڪرگذار پيو ٿين منھنجو..! انھيءَ ۾ ڪا مھرباني ٻھرباني ڪونھي. اسان کي بہ ان نيڪ ڪم جو ثواب ٿيندو... سمجهئي!“
”فرح، تون پاڻ ايڏي نيڪ آن جو، نيڪي بہ تنھنجي آڏو نيچ ٿي لڳي.... توکي اللھ سائينءَ الاءِ ڪيئن ٺاهيو هو...!!“ مون دل جي حضور مان، هن کي چيو. ڪارڊ ڏسي، کيسي ۾ رکيم.
”۽ ها، منھنجي لنڊن واري پٽ راحيل کان بہ تون ڇُٽين..! هاڻي هُو مستقل منھنجي دعائن ۾ شامل ٿي ويو. انشاءَاللھ توکان وڌيڪ نيڪ ٿيندو..! ها، راحيل تان ياد آيو.. خبر ٿئي مون پنھنجي پٽ جو نالو فرحان ڇو رکيو!؟ تون چوندو هئين نہ، تہ مون کي ’فرح‘ نالو ڏاڍو ٿو وڻي ۽ رڳو پيو فرح فرح ڪندو هئين. مون کي پٽ ٿيو تہ سوچيم، اهڙو نالو رکانس، جو ڪاظم کي وڻي، سو فرح جي پويان الف نون لڳائي فرحان رکيم..!“
منھنجي دل چيو تہ مان فرح جا هٿ وٺي، چمان. هيٺ لھي، هِن جي پيرن ۾ ويھان، پر مون رڳو ايترو ڪيو جو کيس ادب مان ٻانھون ٻڌيون ۽ ڪنڌ کي احترام ۾ هيٺ جهڪائي ڇڏيو..!
هُوءَ وڏي دل گردي واري ۽ وڏي ڏيا واري عورت هئي. ماحول ۽ موڊ کي ڦيرائي وڃڻ بہ ڄاڻي ورتو هئائين....
مون کان پڇيائين، ”ڏي خبر، تنھنجي هُوءَ سنگت ڪٿي پھتي!؟“
مون ڪونہ سمجهيو، سو پڇيم تہ، ”ڪھڙي سنگت!؟“
”الاءِ ڪھڙي نہ سنگت چوندو هئين، جتي تون هر هفتي شام جو ويندو هئين تہ اڄ اجلاس آ..!“
”ها... سنڌي ادبي سنگت!“
”ها ها- اُها، ان جي بہ توکي وڏي پِٽ پيل هوندي هئي. اُن اجلاس ۾ ضرور ويندو هئين!“
”ها فرح واقعي، اهو بہ اسان جي رومانس وانگر هڪ ادبي رومانس ئي هو... گول بلڊنگ ۾ سائين ولي رام ولڀ صاحب جي آفيس هوندي هئي. انھن ڏينھن ۾ اتي هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون. سائين امداد حسيني، سائين ظفر حسن، سائين هدايت پريم، سائين قاضي خادم، طارق، نصير، عزيز گوپانگ ۽ ٻيا بہ ڏاڍا سھڻا نالا اتي ايندا هئا... ڇا تہ خوبصورت وقت ياد ڏياري ڇڏيو اٿئي فرح! ان کان پوءِ اسان جي ٻين دوستن، انور جوکيو ۽ منظور جوکيو وارن سان، لطيف آباد جي هڪ شاخ بہ قائم ڪرائي هئيسين. ان جي افتتاحي اجلاس ۾ مان حسن مجتبيٰ کي وٺي ويو هيس. پوءِ وري ڄامشوري وياسين تہ اتي يونيورسٽي ڪالوني جي شاخ جو وڃي ميمبر ٿيس. اتي وري عابد مظھر، نياز پنھور، ماٺيڻو اوٺو، سائينداد ساند، حميد پارس، عبيد راشدي ۽ محمود مغل جھڙا دوست مليا. بھترين آرٽسٽ ۽ وڏا انسان ادا منصور عالم من ۽ قيس عالم مليا. اياز گل ۽ ادل سومرو سان پھرين ملاقات بہ طارق عالم جي گهر ۾ ٿي هئي.“
مان پيارن ۽ پراڻن دوستن جي ياد ۾ کوئجي ويس.
”سائين نثار حسيني بہ اسان کي ڏاڍو ڀائيندو هو. ڄامشوري کان روز شام جو آگم جي آفيس ۾ ويندا هياسين.“
”آگم آفيس، ڇا...!؟“
”تون نہ سمجهدينءَ، فرح!“
”اڇا... ۽ ها سچي، توکي چترڪاريءَ جو بہ گهڻو شوق هو. منھنجو پورٽريٽ بہ ٺاهيو هيئي. ان ۾ هيٺ تو پنھنجو نالو ۽ تاريخ لکي ڇڏي هئي، تنھن ڪري پنھنجي گهر، کڻي ڪونہ وئي هيس. اُهو ڪڏهن ڦاڙي ڦٽي ڪيئي!؟“
”تون يقين ڪرين يا نہ....! پر اهو اڄ بہ مون وٽ سانڍيل آهي... جي گهر هلين تہ ڏيکاريانءِ!“
”نہ بابا، مون کي ناهي ڏسڻو... جو وري تنھنجي گهر هلڻو پوي..! تنھنجو شھر وارو گهر ئي اڃا مون مان ناهي نڪتو..!
هن هڪ ٽھڪ اڇلايو. ان ٽھڪ ۾ منھنجي شھر واري گهر جي ياد هڪ لڙڪ وانگر نظر آئي.
”هينئر ٿڌ وڌندي پئي وڃي. سج بہ لھي ويو آهي.“ فرح لھي ويل سج ڏانھن ڏٺو، جيڪو يونيورسٽيءَ جي پويان، پھاڙين جي اوٽ ۾، پنھنجي لاءِ پناھہ جي ڳولا ۾ لھي ويو هو. فرح ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي. ٿڌي هوا جي ڪري، پنھنجي شال کي پاڻ سان چھٽائي ڇڏيائين.
اسان هيٺ لھي گاڏيءَ ۾ اچي ويٺاسين ۽ ويٺا رهياسين... سوچيم، اسان ڪجهہ لمحن کان پوءِ الڳ ٿي وينداسين... هيئن روبرو، وري ڪڏهن بہ ملي نہ سگهنداسين... فرح الاءِ ڇا پئي سوچيو..!؟ پر هڪ گهري خاموشي بہ شايد گاڏيءَ ۾ سوار ٿي وئي هئي....
سمجهيم تہ فرح هڪ وڏو ساھہ کنيو هو... ۽ چيائين،
”گاڏي اسٽارٽ ڪيو نہ...! سوچيو ڇا ٿا....!؟“
”ها فرح... آخر تہ هلنداسين... ڪجهہ دير تہ ويھون... جيترو ويھي سگهون..!“
ماحول ڪافي سوھوار هو، جنھن کي فرح مزيد سوڳوار بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ، پنھنجي روايتي انداز ۾ چيو، ”نہ بابا نہ....! بس هلو هاڻي... هڪ تہ گاڏيءَ جا شيشا ٺپ ڪارا ڪرائي رکيا اٿئي..! ٻيو هتي هينئر اوندھہ ۽ صفا سُنساني لڳي پئي آهي...تون وري اترادي وڏيرو... مون کي تہ ڊپ ٿو لڳي..!“
چيم، ”ڊپ نہ ڪر... 1980ع ۽ 2020ع ۾ وڏو فرق آهي..!“
”پر تون ۽ مان تہ ساڳيا آهيون نہ..! ۽ تنھنجو وَسُ تہ مون تي منٽ ۾ هلي ويندو آ..!!
”ساڳيا ماڻھو تہ آهيون، پر هينئر ساڳيا نہ رهيا آهيون...“ مون کان ٿڌو ساھہ نڪري ويو....
فرح اڃا بہ پاڻ تي ضبط ڪندي چيو، ”ٿڌا ساھہ تہ نہ ڀر... اڳئي ايتري ٿڌ آ..!“
پوءِ الاءِ ڇو هُن ڪجهہ نہ چوڻ چاهيندي بہ چيو، ”اها ڪيڏي نہ ٽريجڊي آهي ڪاظم! جو ساڳيو نٿو رهي سگهجي! وقت بدلجي ٿو وڃي..! ماڻھو بدلجي ٿو وڃي..! عمر جو سج لھندو ٿو وڃي..! ڇا تہ جواني هئي، ڇا تڙپ هئي ۽ ڇا تانگهہ هئي! ڇا جذبو، ڇا جوش ۽ ڇا جنون هو..! محبت ڪيڏي نادان هئي... تون ڪيڏو مھربان هئين..!!“
هونئن تہ اسان ٻئي ونڊ اسڪرين کان ٻاهر ڏسي رهيا هئاسين. هاڻي مون هن ڏانھن ڏٺو. هِن بہ مون ڏانھن ڏٺو ۽ اچانڪ ٽھڪ ڏنو. چيائين، ”ڪڏهن ڪڏهن ڳالھہ ياد پوندي آهي تہ مان ڏاڍو کلندي آهيان... ياد ٿئي جڏهن تو پھريون دفعو منھنجو يونيفارم لاٿو هو، اُن ڏينھن مون ڏاڍيون رڙيون ڪيون هيون... تون بہ سڄو پگهرجي ويو هئين! پوءِ مس ڪا وڃي بس ڪئي هيئي..! پو، ٻئي ڏينھن تي تو مون کي پيٽرول جيل جي نئين ڊٻي ڏيکاري هئي! مون پڇيو، اهو ڇا آهي؟ چيئي تہ ويزلين وٺي آيو آهيان. ڪلھہ تنھنجون ررڙيون مون کان برداشت ڪونہ پئي ٿيون... اڄ هن سان توکي تڪليف ڪونہ ٿيندي..! آئون حيران ٿي وئي هيس تہ ڪيڏو نہ بدمعاش آهي! پڇيو هوم تہ ان جو خيال توکي ڪيئن آيو تہ اهڙو استاد هئين جو چيئي تہ تنھنجي آرام جو خيال رکڻ لاءِ، هر قسم جي آئيڊيا تي ڪم ڪرڻو ٿو پوي..!
ٽھڪ ڏئي کلندي رهي. مون بہ شرم کان کلي ڏنو... پڇيم، ”پو، منھنجو آئيڊيا سھي هيو يا نہ..!؟“
”تنھنجا آئيڊيا تہ سائين سڀ سھي هئا... تون پاڻ بہ سھي هئين... ياد ٿئي مان انٽر جي امتحان دوران توکي چوندي هيس تہ منھنجا پيپر سھي ڪونہ پيا ٿين، ضرور فيل ٿينديس... پوءِ اُهو ئي ٿيو... گهر وارا، ڪاليج وارا، ساهيڙيون، سڀ حيران هئا تہ هيڏي هوشيار ڇوڪري فيل ڪيئن ٿي!؟ ڇو تہ بورڊ جي گذريل ٽنھي امتحانن ۾ منھنجي فرسٽ ڊويزن هئي... هاڻي اِها تہ مون کي خبر هئي تہ آئون فيل ڇو ٿيس! ڇو تہ انٽر کان اڳ ۾، تون منھنجي زندگيءَ ۾ ڪونہ هئين... تو سان ملڻ کان پوءِ ننڊ آرام ڦٽي ويو هو... رڳو عشق جو سبق پئي ياد ڪيم، ڪتابن کي تہ ٿيلھي مان ڪڍندي ئي ڪونہ هيس..! فيل ٿيڻ جي ڪري مون کي گهر ۾ ڏاڍو سخت رويو ڏسڻو پيو هو... توکي اچي روئي دانھن ڏيندي هيس تہ تنھنجي محبت جي ڪري، منھنجو هي حال ٿيو آ..! پوءِ تو بورڊ آفيس ۾ وڃي، ڪو چڪر هلائي، پيپرن جي ري ڪائونٽنگ ڪرائي، الاءِ ڪيترا پئسا ڏئي، مون کي پاس ڪرايو هيئي... منھنجي دل ۾ تنھنجي لاءِ محبت وڌي وئي هئي... منھنجي بي ايس سي ۾ داخلا ٿي وئي تہ تو سان روز ملڻ جو رستو وري کُلي پيو... منھنجو پڙهڻ وري رلي ويو... امتحان مٿان آيا تہ توکي پئي چوندي هيس تہ هاڻي بہ فيل ٿي پوندس ۽ وري ذليل ٿيندس... مون کان بلڪل پڙهيو نٿو ٿئي... يا تہ مون کي ڇڏي ڏي... يا...!؟ الائجي منھنجو حشر ڇا ٿيندو..!؟
پھرئين پيپر ۾ ئي حواس خطا ٿي ويا هئا، ڇو تہ مون کي ڪنھن بہ سوال جو جواب ڪونہ ٿي آيو..! مٿي تي هٿ ڏئي ويھي رهي هيس تہ ڇا لکان!؟ ذري گهٽ روئڻ واري هيس تہ ڪاليج جو هيڊ ڪلرڪ اچي منھنجي مٿان بيٺو... مون کي ڪجهہ ڪارتوس ڏئي چيائين تہ، ”هن ۾ سڀ گهربل جواب اٿوَ، آرام سان ويھي لکو. ڪلاس ۾ توهان کي چيڪ ڪرڻ ڪوبہ نہ ايندو. مان پيو چڪر هڻندس.“ آئون پئي هُن جي منھن ۾ تڪيان تہ هي ڇا پيو ٿئي..!! مون کي پريشان ڏسي چيائين تہ، ”مون کي ميان ڪاظم علي خان موڪليو آهي. توهان جا سڀ پيپر ۽ پريڪٽيڪل آرام سان ٿي ويندا.“
اللھ! اي منھنجا اللھ! منھنجو ڪاظم ايڏو مھربان شخص آهي..!! ان وقت منھنجي دل مان اها دعا نڪتي هئي تہ اي منھنجا رب! منھنجي ڪاظم کي سدائين اوچو ۽ عزت وارو رکجان... هُو منھنجو ٿئي يا نہ، پر هُن کي ڪڏهن بہ ڪنھن شئي کان محروم نہ رکجان..! مون بي ايس سي بہ تنھنجي مھربانيءَ سان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. تنھنجي حق ۾ منھنجي اها دعا بہ قبول پئي هوندي..! تون کڻي مون کي حاصل نہ ٿي سگهئين، پر تو جيڪو حاصل ڪرڻ چاهيو هوندو، توکي ضرور مليو هوندو..!“
مان هُن کي غور سان ٻڌي رهيو هيس، ٻڌي ڇا رهيو هيس... هُوءَ تہ منھنجي اندر مان ڳالھائي رهي هئي..! هُوءَ پنھنجي ڌُن ۾ چئي رهي هئي، ”بي ايس سي کان پوءِ، مائٽن زور رکيو تہ شادي ڪر، مون تو تي زور رکيو تہ پنھنجن مائٽن کي منھنجي گهر موڪل. آئون تو تي هري وئي هيس... مون کي تنھنجي عادت ٿي وئي هئي... عادت ڇڏڻ ڪيڏي نہ ڏکي هوندي آهي ڪاظم..! آئون تو سان ڪورٽ ميرج ڪرڻ لاءِ بہ تيار هيس... تو جھڙو، خيال ڪرڻ وارو انسان قسمت وارن کي ملندو آهي... تو مون کي محبت بہ ڏني، منھنجي care بہ ڪئي... خوش قسمتي تہ هئي، پر هميشہ نٿي رهي سگهي نہ..! ماڻھو محبت ڪرڻ جو ٺيڪو تہ کڻي سگهي ٿو، محبت ڪرڻ واري جو ٺيڪو تہ نٿو کڻي سگهي نہ..!!“
مون محسوس ڪيو تہ هُن جو گلو بار بار ڀرجي ڀرجي ٿي آيو. شايد ڪي سڏڪا، هڪ ٻئي جي پويان قطار ٺاهي، اچي بيٺا هئا... فرح، انھن سڏڪن کي رستو ڏيڻ لاءِ تيار نہ هئي..! قسم جو کڻي آئي هئي تہ منھنجي اڳيان روئيندي نہ..! هُن جو قسم، ڪجهہ دير اڳ ۾ بريڪ تہ ٿيو هو، ان ڪري هينئر هُوءَ ٻيھر ڪمزور ٿيڻ نہ پئي چاهي..! پر انسان جو وس ڪٿي ٿو هلي..! هڪڙو ننڍڙو سڏڪو، الاءِ ڪيئن، هن کان بي اختيار ڇڏائجي ويو. مون پنھنجي کٻي ٻانھن ورائي، هن جي پرئين ڪلھي تي رکي... تہ هن کان هڪ ٻيو سڏڪو بہ سلپ ٿي ويو... منھنجي هيانوَ کي جُهٻي اچي وئي. مون هن جي مٿي کي ٿورو پاڻ ڏانھن سوري، پنھنجي ڪلھي تي رکيو تہ هن کان، سڏڪن تي، زور سان ڏنل دروازو، امالڪ کُلي ويو... سڏڪا بہ سالن کان سانڍيل هئا... پنھنجي پوري شدت سان پئي نڪتا... مون هن کي اڃا بہ ٿورو سيري، پنھنجي سيني سان لاتو... هُن پنھنجو کاٻو هٿ، منھنجي ساڄي ڪلھي تي ڇا رکيو، هن جا سڏڪا وڏن رانڀاٽن ۾ بدلجي ويا. هن جي سڏڪن سان، منھنجا سڏڪا هم ساز ٿي، درد جو هڪ اهڙو آلاپ بڻجي ويا، جنھن جي سُرن تي، اگر ڪو ڇير پائي نچي تہ جيسين ڇير نہ ڇڄي، تيسين ناچ نہ بيھي... جيسين ناچ نہ بيھي، تيسين راڳ ويراڳ نہ ٿئي..! اسين ٻئي دل کولي رناسين، شايد ايترو تہ جيئن سڀاڻي روئڻ لاءِ باقي نہ بچي..!! هُن جو منھن منھنجي سيني تي هو... اسان ٻئي هڪ ٻئي جي اڌ ڀاڪر ۾ هئاسين... سيني وٽ منھنجي قميض، هُن جي گرم ڳوڙهن سان تر ٿي وئي هئي... سڏڪا هوريان هوريان، ڪنھن وڏي طوفان کان پوءِ ٿمجي رهيا هئا... ڳوڙهن جي بارش جهڪي ٿي رهي هئي... مون هُن جي وارن تي چمي ڏني... آخري چمي... آخري اڌ ڀاڪر...! آخري هم ساز ٿي روئڻ... آخري ملاقات ۾ هر ڳالھہ، هر شئي آخري هوندي آهي..!!
محبت جي تہ ڪا آخر نٿي ٿئي... محبت کي ئي دوام آهي... هر شئي فاني آهي، محبت ئي لافاني آهي..! ڪڏهن محبت لائڻ وارو مٽجي ٿو وڃي، ڪڏهن نڀائڻ وارو....! بس، ڪو مِٽجي ٿو وڃي تہ ڪو مَٽجي ٿو وڃي...
هن پنھنجو ڪنڌ مٿي کنيو تہ، ڪلھن تان ٻانھون بہ پري ٿي ويون. ڊيش بورڊ تي رکيل ٽشو جو ڊٻو سيري، کيس ويجهو ڪري ڏنم. هن ڪيئي ٽشو ڪڍي ورتا... نڪ ۾ آيل پاڻيءَ کي هن سُون ڪري مٿي ڇڪيو... مون ٽشو سان پنھنجو منھن صاف ڪري، سوئچ ۾ چاٻي گهمائي... ڳالھائڻ لاءِ باقي پوئتي ڇا رهيو هو..! روئڻ کان پوءِ ڳالھائڻ ڪھڙو..! سڀ ڪجهہ تہ ان ۾ اچي ويو.. دل جو غبار لھي ويو. روح کي قرار اچي ويو.
گاڏي پل ٽپي حيدرآباد جي حد ۾ اچي وئي. راجپوتانہ اسپتال وٽان هن چيو تہ بس مون کي هتي ئي لاهيو. مان گاڏيءَ مان لھي، هِن سان گڏ رڪشہ تائين آيس. رڪشي واري کي پنھنجي سوسائٽيءَ جو ٻڌائي، چڙهي ويٺي... رڪشہ اسٽارٽ ٿيو تہ مون هِن ڏانھن الوداعي هٿ وڌايو. هن پنھنجو هٿ وڌائي، منھنجي هٿ سان ملائڻ چاهيو. اوچتو رڪشہ هڪ جهٽڪي سان هلي پيو. ٻئي هٿَ آخري ڀيرو ملڻ کان رهجي ويا..!!