هڪ دؤر جي پُڄاڻي..! : اياز لطيف دايو
ترجمي جو فن تمام وڏي محنت، جستجو ۽ ذهانت جو گهرجائو آهي، جنھن ٻوليءَ مان ترجمو ڪبو، انھيءَ ٻولي تي بہ ايتري دسترس هجڻ گهرجي، جيتري پنھنجي ٻوليءَ جي وسعت، لغت، اصطلاحن ۽ گرامر جي سڀني گهرجن کان واقفيت هجڻ ضروري هوندي آهي. سائين ولي رام ولڀ انھن سڀني خوبين کان چڱي طرح واقف هو، نہ صرف واقف هو، پر اسان جي علمي، ادبي ۽ فڪري ڪائنات سندس اهڙي عمل جي معترف رهي آهي. سندس جِيوَن چرتر کي ڏسبو تہ هِن بظاهر 80 ورهين جي ڄمار ماڻي، پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي سندس سوين ورهين جي ڄمار جي ضرورت هئي، پر فطري ڄمار تہ جسماني طور پوري ٿيڻي آهي، پر اهڙا ماڻھو تاريخ جي صفحن ۾ سدائين لاءِ امر ٿي ويندا آهن.
آچر جي رات هڪ وڳي جڏهن سندس ساھہ جو سڳو ٽُٽي پيو تہ اويلي وقت هجڻ جي باوجود سوشل ميڊيا جي نيڻن ۾ سوڳ جا ستارا کن پل ۾ هيٺ لھي آيا ۽ اهو سوڳ سنڌ جون حدون ٽپي نيويارڪ ۾ حسن مجتبيٰ جي اکين ۾ بہ محسوس ٿي رهيو آهي تہ ساڳئي وقت سانا جي سنڌين، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ ڪئناڊا جي ساڃھہ وندن وٽ بہ ساڳي تڙپ جنم وٺي چڪي آهي. ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻھو اهڙي تاريخ ٿيندا آهن، جيڪا قومن کي جاڳائيندي آهي، اهڙا ماڻھو اهڙي گهري چيخ ٿي اڀرندا آهن، جيڪي اڻ برابري واري سماجن ۾ للڪار جا لال پرچم کوڙي ڇڏيندا آهن!
اهڙي طرح سائين ولي رام ولڀ پنھنجي قلم جي پورهئي سان تاريخي ۽ اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، توڙي جو سائين ولي رام ولڀ جو والد پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هوندو هو، جنھن جي بدلين سبب هو مستقل مزاجي سان تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو، پر انھي جي باوجود هن ميٽرڪ تائين پنھنجي جنم ڀومي مٺي ۾ ئي تعليم حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ سچل ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پھتو. جيتوڻيڪ سندس جنم ملڪ جي قيام کان اڳ ئي مٺي ۾ ٿيو، پر هن جي خانداني وراثت ۾ پنھنجي ماتر ڀومي سان محبت جو عنصر شروع کان شامل رهيو، جنھن ڪري انھن سنڌ جي سڳنڌ واري ڌرتيءَ مان لڏي وڃڻ جو فيصلو نہ ڪيو. مٺي ۾ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي استادن جي تربيت ۽ هڪڙي شيوا منڊلي پاران عام لائبريري جي قيام سبب هو ادب ڏانھن راغب ٿي چڪو هو، اهو 56-1955ع جو زمانو هو، جڏهن مٺي جھڙي شھر ۾ ڪابہ ادبي جاڳرتا واري جوت نہ هئي، پر هن جي شخصيت ۾ گهڻو ادبي اثر چيلھار ۾ ”تاريخ ريگستان“ جي ليکڪ ۽ عظيم استاد راءِ چند هريجن جي تعليمي مشعل ۽ لائبريري مان پيو، جتان هن هڪ ڀيري سنڌي ۾ ترجمو ٿيل رامائڻ کڻي انھيءَ جو مطالعو ڪيو. سندس والد کيس ٻڌايو تہ سيتا ۽ رام جو قصو هن جي ذهن کان گهڻو مٿي آهي، پر سندس والد بہ بنيادي تربيت ۾ کيس اتساھہ ڏنو، انھيءَ استاد وٽ ٻن ورهين جي عرصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب سان هڪ اڻٽٽ رشتي جي واٽ ملي ۽ سندس ادب جي ابتدا ٿي!
شروعات ۾ هن شاعري بہ ڪئي، پر اهو تسلسل جاري نہ رهي سگهيو. هن ڪانگريسي اڳواڻ ولڀ ڀائي پٽيل کان اتساھہ وٺندي، پنھنجي نالي سان گڏ ’ولڀ‘ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ۽ 1962ع ڌاري سندس ڪھاڻي ٽماهي مھراڻ ۾ شايع ٿي، جيڪا گجراتي ٻولي مان هن ترجمو ڪئي ۽ سندس اهڙي ڪاوش کي ڀرپور نموني ساراهيو ويو ۽ هو ترجمي جي ڪمن ۾ جُنبي ويو. ان دور جي ڪيترن ئي رسالن ۾ هُو پنھنجي مڪمل سڃاڻپ سان شامل ٿي چڪو هو. انھيءَ تسلسل کي قائم رکندي هِن برصغير جي برک ليکڪ ڪرشن چندر جي مشھور ناول ’غدار‘ جو 1968ع ۾ ترجمو ڪيو. اهڙي طرح 1977ع ۾ هِن قرت العين حيدر جي ’سيتا هرڻ‘ جي ناول جي ترجمي ڪرڻ سان گڏ اڳتي هلي سندس ٻئي شاندار ناول ’آخر شب ڪي همسفر‘ جو بہ ترجمو ڪيو، جنھن کي پڻ تمام گهڻي پذيرائي ملي. 1978ع ۾ هن امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو ڪيو، جيڪو ’بند دروازو‘ جي نالي سان شايع ٿيو. سندس شاندار سفر جي اهو تسلسل جاري رهيو ۽ 1980ع ۾ سندس پرڏيھي ڪھاڻين جو ڪتاب ’ٽين دنيا جون ڪھاڻيون‘ جي نالي سان ترجمو شايع ٿيو. 1983ع ۾ هن اٽليءَ جي ناليواري ڪھاڻيڪار البرٽو موراويا جي ڪتاب جو ترجمو ڪيو، جيڪو ’ٿڪل سريت‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ 2004ع ۾ ’بھشت ۽ دوزخ‘ جي عنوان سان سندس پرڏيھي ڪھاڻين جي ڪتاب جو ترجمو شايع ٿيو. مٿين ڪتابن کان سواءِ ولي رام ولڀ جي ٻين ڪتابن ۾ ٻارن جي موضوع تي سھيڙيل ڪتاب ’ٻار سنڌي ڪھاڻي ۾‘ (1984ع)، چئن انقلابي ليکڪن محمود درويش، يشپال، پئبلونرودا ۽ لورڪا تي لکيل سوانحي مضمونن جو مجموعو ’سدا ساوا پن‘ (1984ع)، البير ڪاميو جو ناول ’ڌاريو‘ (1993ع)، قرت العين حيدر جو ناول ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘ (2003ع)، احمد نديم قاسمي جو علامہ اقبال تي لکيل ڪتاب ’اقبال‘ (1977ع)، ڪيول ملڪاڻي جو ڪتاب ’سنڌ ڪھاڻي‘، ’ڀڳوت گيتا جو اڀياس‘ (1992ع)، ’من جي شانتي‘ (2003ع)، ’ڪوتا ڦلواڙي‘ (2006ع)، ’مٺڙا ڀاءُ‘ ڪھاڻيون (2007ع) شايع ٿيل اٿس. تنھن کان سواءِ ولي رام جي انٽرويوئن ۽ ڪھاڻين جو هڪ ڪتاب ’زندگي سيِ ڪٽا هوا ٽڪڙا‘ (2001ع) اردو ۾ ڇپيل آهي. مٿين ڇپيل ڪتابن کان سواءِ ولي رام ولڀ جا لڳ ڀڳ ايترا ئي ڪتاب ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهن!
تنھن ڪري سائين ولي رام ولڀ سنڌ ديس جو اهو واحد ترجمي نگار رهيو، جنھن اٽڪل 60 ورهين جي عرصي تائين سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي فڪشن سان مالا مال ڪيو. ترجمن سان گڏ هن پنھنجي اوائلي دور ۾ شاعريءَ جو هڪڙو ڪتاب ڏنو، جيڪو ’اڏارون آڪاس ۾‘ ۽ ڪھاڻين جو ڪتاب بہ لکيو، جيڪو ’زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو‘ جي نالي سان شايع ٿيو. چوندا آهن تہ، ”وئي پڄاڻان تاريخ ساز ماڻھن جي ڪميءَ جو احساس ٿيندو آهي، جيئن وقت گذرندو ويندو.“ سائين ولي رام ولڀ جي پورهئي جو شدت سان احساس ٿيندو رهندو، هن پنھنجي زندگيءَ ۾ پنجاھہ جي لڳ ڀڳ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل پرڏيھي ۽ ڏيھي ڪتابن جو بي بھا خزانو ڏنو آهي، هر ڪتاب جي پنھنجي جاءِ تي اهميت آهي، هُو پنھنجي نوڪري سانگي 60ع واري ڏهاڪي دوران قومپرست ۽ انقلابي تحريڪن جي اُڀار جو تہ حصو بڻجي نہ سگهيو، پر هن پنھنجي کيتر ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو. هُو سائين غلام علي الانا جو بہ شاگرد هو، سائين ابراهيم جويي سان بہ سندس عقيدت ۽ محبتن وارو رشتو هو. طارق اشرف، حميد سنڌي ۽ ٻين پبلشرن سان هن جو نہ صرف محبتن وارو رشتو هو، پر هاڻي تہ اُها ’سھڻي‘ ڪٿي آهي، اهو ’روح رهاڻ‘ ڪٿي آهي، اهو ’مھراڻ‘ ۽ ’نئين زندگي‘ ڪٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙيون شخصيتون ناهن رهيون، جن وٽ سرڪاري پئسي کي هضم ڪرڻ جي عادت نہ هئي!
جيئن سائين ولي رام ولڀ پنھنجي حياتي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ اظھار ڪري ويو تہ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽي گهڻو ڪجهہ ڪري سگهن ٿا، پر انھن ادارن ۾ تہ ٽرانسليشن بيورو جو بہ ڪو انتظام نہ ٿي سگهيو آهي، انھن ادارن ۾ اهڙن آدرشي ماڻھن جي کوٽ آهي، جيڪي ڪروڙين رپين جي بجيٽ کي پنھنجي ڌرتي ۽ ديس جي امانت سمجهي استعمال ڪن. انھن ادارن جي ساک تي جيڪو مثبت نموني تنقيد جي جرئت ڪري ٿو، انھن ادارن جا همنوا انھن جي مٿان مختلف فتوائون لڳائي ٿا ڇڏين، انھن ادارن کي سنڌ جي ست ڪروڙ ماڻھن جي آڏو هر وقت جوابدہ هجڻ گهرجي، اچڻ ۽ وڃڻ وقت پنھنجي پنھنجي ٽينيوئر جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ گهرجي تہ جيئن سائين ولي رام ولڀ جهڙن آدرشي ڪردارن جا خواب سچا ٿي سگهن، انھن جو پورهيو منظر عام تي اچي سگهي، انھيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا سنڌ جا ٻہ تمام وڏا علمي، ادبي، فڪري ۽ سماجي فورم آهن، انھن کي گهرجي تہ ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙين، جنھن سان انھن ادارن جي ڪارڪردگي مان ڪا هڙ حاصل ٿي سگهي. سائين ولي رام ولڀ جهڙن ڪردارن جي موڪلاڻي بعد تہ سندن خال کي ڪيئن ڀري سگهجي ٿو، ڪيئن انھن جي نقشِ قدم تي هلي سگهجي ٿو، اڄ جي دور جا اُهي اهم سوال آهن، جن تي غور ڪرڻ سان سائين ولي رام ولڀ جهڙن ڪردارن جي تسلسل کي برقرار رکي سگهجي ٿو. انھيءَ تي عمل سان ئي ڌرتي، ٻولي ۽ قوم لاءِ صحيح راھہ جو تعين ٿي سگهي ٿو.