تبصرو _ هڪ شاعر جنھن لاءِ لکڻ عياشي آهي: عدنان منگي
”اھڙي طرح منھنجي جِيوَن ۾ گلائون ڪرڻ ۽ چڱائي ڪرڻ جو فالٽ آھي. آئون اھي ٻئي ڪم نٿو ڇڏي سگهان ۽ ان ڪري ئي شايد پڇتاءُ بہ منھنجي پچر ناھي ڇڏيندو ۽ جڏھن بہ پڇتاءُ، ڪروڌ، چڱايون، گلائون مون وٽان موڪلائي وينديون آھن تہ، مون وٽان نثري نظم بہ موڪلائي ويندا آھن.“
اھڙي قسم جو اعتراف فقط اھو ئي ڪري سگهي ٿو، جنھن ۾ اسٽيٽ فارورڊ ھجڻ جي سگهه موجود ھجي ۽ دنيا جا وڏا وڏا ليکڪ اسٽيٽ فارورڊ ئي رھيا آھن. اسٽيٽ فارورڊ ماڻھو ۾ اھا خوبي ھوندي آھي تہ ھُو ڪڏھن بہ ڪوڙ ناھي لکي سگهندو ۽ نہ وري فرمائشي اديب ٿي سگهندو آھي. ڀائو روشن شيخ جا نثري نظم بہ ان ڳالھ جي بار بار گواھي ڏيندا رھيا آھن تہ انھن جو تخليق ڪندڙ to the point ڳالھہ ڪرڻ وارو ماڻھو آھي. سماج جون تلخ حقيقتون، ڏک ۽ عشق ڀائو روشن شيخ جي نثري نظمن جا موضوع رھيا آھن ۽ انھن کي بيان ڪرڻ جو انداز ليکڪ جيان ئي بيباڪ ھوندو آھي. ادب ۾ بہ رک رکاءُ ڪجي تہ باقي ڇا بچيو؟
مان جڏھن شاعري پڙھڻ شروع ڪئي ھئي تہ ھڪڙي ماڻھو مون کي نثري نظمَ پڙھڻ کان منع ڪيو ھو. چيائين تہ نثري نظم شاعري ناھي. مان ان جي ڳالھ تسليم بہ ڪئي ھئي. ڪجهہ عرصو گذريو تہ ’وليم ورڊس ورٿ‘ جا شاعريءَ بابت ڪجهہ اصول پڙھي ذھن ۾ ھڪ سوال پيدا ٿيو تہ ھيڏو وڏو ماڻھو اھي ڪھڙا اصول ٻڌائي رھيو آھي؟ پر اڳتي ھلي ذھن پختو ٿيو ۽ شيون سمجه ۾ اچڻ لڳيون.. ھلندي ھلندي مان ان نتيجي تي پھتس تہ ادب ماءُ آھي ۽ صنفون ان جو اولاد آھن. ڪنھن نقاد کي اھا اجازت نٿي ڏئي سگهجي تہ ھُو ويٺو ھڪ صنف کي ادبي قرار ڏي ۽ ٻي صنف کي غير ادبي... ھر اھا شئي لٽريچر آھي جيڪا ڪنھن احساس جي ترجماني ڪري ٿي ۽ پڙھندڙ جي دل جي دريا ۾ پٿر اڇلائي، ان ۾ ڪنھن قسم جي حرڪت پيدا ڪري ٿي. منھنجي دل جي دريا ۾ اھڙي ئي حرڪت ڀائو روشن شيخ جي ھڪڙي نثري نظم ’اسان کي ھاڻي آسمان صفا ناھي وڻندو‘ پيدا ڪئي ھئي. سچ پڇو تہ منھنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ھيا. منھنجي نظر ۾ اھو نثري نظم جي صنف ۾ ماسٽر پيس آھي. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آھي جڏھن ڪا سنڌي ڪھاڻي، ناول يا ڪنھن قسم جي شاعري عالمي ادب جي ڪلھي سان ڪلھو ملائي بيھندي آھي.
روشن شيخ پنھنجي ڪتاب جي ’شاعر پاران‘ واري ليک ۾ لکيو آهي تہ، ”لکڻ ھن لاءِ عياشي آھي.“ اھا تمام وڏي ڳالھ آھي! اھڙي قسم جي عياشي دنيا جي تمام گهٽ ۽ خاص ماڻھن کي نصيب ٿيندي آھي. ماڻھو اڪثر خراب قسم جي عياشي ڪندا آھن، پر جن کي لکڻ جھڙي ڪم ۾ سرور اچي، اھڙا ماڻھو تمام گهٽ ڏٺا اٿم. الائجي ڪيترا موسمي شاعر ڏٺا اٿم، جيڪي فقط واھ واھ لاءِ لکن ٿا ۽ وري الائجي ڪاڏي گم ٿي وڃن ٿا. لکڻ جو ڪم مستقل مزاجي گهرندو آھي، پر جيڪو شاعر لکڻ کي ڪم بدران عياشي سمجهي، ان کي فقط available ھجڻ جي ضرورت ھوندي ۽ سمورا احساس، بيباڪي، قلم ۽ ڪاغذ وقت وٺي ان وٽ پھچندا ھوندا.
مان ڀائو روشن شيخ جو ٿورائتو آھيان جن مون کي پنھنجو نئون ڪتاب تحفي طور ڏنو. اميد آھي تہ اڳتي بہ پنھنجي قلم سان ادب جي دنيا ۾ ڪنٽريبيوٽ ڪندا ايندا.