ساهت ڦلواڙيءَ جو ڇڻي ويل ڦُول: ياسر قاضي
پنھنجي مزاج ۾ ماٺيڻو ۽ حضور شرم ماڻھو، جيڪو، جڏهن بہ سنڌالاجيءَ وڃبو هو تہ پنھنجي پاسِيرَي ڪمري ۾ سدائين لکڻ پڙهڻ جي ڪرت ۾ مصروف ملندو هو ۽ جڏهن پنھنجي مخصوص سنجيدہ مرڪ مُرڪي مخاطب ٿيندو هو تہ سندس ٻاجهارو آواز سندس ڪمري جي جهيڻي چُرندڙ پکي جيان آنند ۽ ڌيرجَ سان اچي سماعتن سان ٽڪرائبو هو ۽ وٽس ويٺي، ساهتي سُس پُس ڪندي، دنيا جي ادب جو واءُ سواءُ وٺندي ڏُکندو ڏُور پيو ٿيندو هو. هاڻي اها هلڪي سنجيدہ مُرڪ ۽ چشمي جي ٿُلھن شيشن جي پريان چمڪندڙ اکيون هميشہ جي لاءِ ٻُوٽجي چُڪيون آهن ۽ انھن ’نيڻ - تارن‘ جي ان نرمل نھار جُون انھن ذهنن ۾ فقط يادگيريون ئي رهجي ويون آهن، ’جنين ڏٺو پرينءَ کي...‘
گهٽ ماڻھن کي خبر هوندي تہ ولي رام صاحب، ادب جي صحرا جي سيّاحيءَ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي ۽ هُو مزاج ۾ بہ ڪي قدر شاعر ڀاسندو هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ شاعر طور سندس مضبوط سڃاڻ نہ بڻجي سگهي. سندس پھريون ڪتاب ’اڏارُون آڪاس ۾‘ هڪ شعري مجموعو ئي هو، جنھن کان سُتت پوءِ سندس ڪھاڻين جو مجموعو ’زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو‘ پڌرو ٿيو. چئبو تہ ولي رام صاحب ماهر غواص جيان جيڪڏهن ترجمي جي عميق ساگر ۾ ٽپو نہ ڏئي ها تہ اڄ اسان کيس شاعر ۽ طبعزاد ڪھاڻيڪار طور ئي سڃاڻون ها. خود سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ’ڪوتا ڦلواڙي‘ بہ شعري مجموعو آهي، جنھن ۾ دنيا جي 19 ڌار ڌار ملڪن ۾ ڳالھائجندڙ 26 مختلف ٻولين جي 112 شاعرن جا 215 نظم ڏنل آهن. سنڌي پڙهندڙن لاءِ دنيا جي ’وڻَ وڻَ جِي ڪاٺي‘ شاعريءَ جي اهڙي گهڻ رنگي اينٿالاجيءَ جو شايد ئي ڪو ٻيو مثال اسان وٽ موجود هجي.
سائين ولي رام جي زندگيءَ جي لکيل ڪن احوالن ۾ سندس ڄم جو سال 1941ع ڄاڻايل آهي تہ ڪن ۾ 1944ع... سائين ولي رام پاڻ 2017ع ۾ پنھنجي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ پنھنجي چيلھار اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو سال 1951ع ٻڌايو آهي. اسان وٽ عام طور ٻار 5 سالن جي ڄمار ۾ اسڪول داخل ڪيو ويندو آهي. ان حساب سان 1944ع ۾ ڄم وارو گمان وڌيڪ مضبوط لڳي ٿو. سندس جنم تہ مٺيءَ ۾ ٿيو، پر پنھنجي پِتا، شري ڪيول رام لوهاڻي جي پوليس جي نوڪريءَ سبب لاڳيتين بدليُن جي ڪري سندس بنيادي تعليمي سلسلو مٺيءَ کان سواءِ ڪُنري، چيلھار ۽ سلام ڪوٽ ۾ بہ جاري رهيو. بنيادي تعليم دؤران ئي کيس نامياري تاريخ نويسَ ۽ ’تاريخِ ريگستان‘ جي ليکڪ رائچند هريجن جي شاگرديءَ ۾ اچڻ جو موقعو مليو، جنھن منجهس موجود ادب جي فطري چڻنگ کي اتساھہ ڏنو. چيلھار ۾ پڙهندي پنڊت پُونم چند جھڙي استاد وٽ کيس هندي ۽ گجراتي سکڻ جو موقعو مليو، جنھن پڻ هن ساهتي هيرَي جي تراش خراش ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. انھن ٻن ٻولين جي سکڻ مان سنڌ کي اهو فائدو ٿيو جو اڳتي هلي ولڀ صاحبَ هنديءَ ۽ گجراتيءَ جُون شاهڪار تخليقون ترجمو ڪري سنڌي ادب جي بُڪ شيلف ۾ سجايُون.
سنڌي ساهت کي لڳ ڀڳ 40 منفرد ۽ موچارا ڪتاب ڏيندڙ ولي رام صاحب جي ڪريڊٽ تي مٿي ذڪر ڪيل ٻن مجموعن کان علاوه ’بھشت، دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (ھندوستاني ڪھاڻين جو ترجمو)، ’غدار‘ (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)، ’سيتا ھرڻ‘ (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، ’بند دروازو‘ (امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو)، ’ٽين دنيا جُون ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’ٿڪل سريت‘ (اطالوي ڪھاڻيڪار ’البرٽو موراويا‘ جي ڪھاڻين جو ترجمو)، ’ٻارُ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾‘ (طبعزاد ٻالڪ ادب)، ’سدا ساوا پنَ‘ (سوانحي مضمونن جو مجموعو)، ’ڌاريو‘ (البرٽ ڪاميو جي ناول ’دي اسٽرينجر‘ جو ترجمو)، ’پوئين پھر جا پانڌيئڙا‘ (قرة العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، ’اقبال‘ (احمد نديم قاسميءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’سنڌ ڪھاڻي‘ (ڪيول ملڪاڻيءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’ڀڳوت گيتا جو اڀياس‘ (سار ديسائي ۽ بوس جي ڪتاب جو ترجمو)، ’منَ جي شانتي‘ (ھنديءَ مان سنڌي ترجمو)، ’ڪوتا – ڦلواڙي‘ (پرڏيھي شاعريءَ جي اينٿالاجي - چُونڊ ۽ ترجمو)، ’مٺڙا ڀاءُ‘ (طبعزاد ڪھاڻيون)، ’زندگي سي ڪٽا هُوا ٽُڪرا‘ (سندس ڪيل انٽرويوز ۽ ڪھاڻين جو اردو مجموعو)، ’يادون، ملاقاتون ۽ ڪجهہ اڀياسَ‘ (مھاڳَ، مضمونَ، يادگيريون ۽ تذڪرا)، ’ڪھاڻي ھنن جي‘ (امرتا پريتم جي پنجابي ناول جو ترجمو)، ’ڇِتن ڪُتن جو مسيحا‘ (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ’ائنا ڪرينينا‘ (ليو ٽالسٽاءِ جي رُوسي ناول جو ترجمو)، ’سُمھيل پاڻي‘ (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ’ڪارو ڪتاب‘ (عابد سُورتيءَ جي ھندي پُستڪ جو ترجمو)، ’امريڪي ۽ لاطيني امريڪا جون ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (اردو ۽ ھندي ڪھاڻيون)، ’يورپي ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’ڏُور - اوڀر جون ڪھاڻيون‘ (ترجمو)، ’لو‘ (شمشيرالحيدريءَ جي شعري مجموعي ’لاٽ‘ جو اردو ترجمو)، ’زندگيءَ جو ھڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيُون ڪھاڻيون‘ (طبعزاد - پھريون ڪھاڻي ڪتاب واڌارن سان)، ’مون وٽ نہ ڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪُنجي‘ (ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي آتم ڪٿا)، ’جي مارن مُون ڏي مُڪا‘ (ھند ۽ سنڌ جي ليکڪن جا ڏانھس لکيل خطَ)، ’سنيھڙا‘ (ڌيئرن پشپا ولڀ ۽ گوري ولڀ پاران کيس لکيل خطَ)، ’مُکا ميلو‘ (سندس ورتل انٽرويوز)، ’جانورن جي عجيب دنيا‘ (ترجمو) ۽ ٻيا ڪجهہ ڪتاب شامل آهن. هنن ڪتابن مان اڪثر ڪتاب يا تہ فڪشن (ڪھاڻين ۽ ناولز) جا ترجما آهن يا وري ڪجهہ شاعريءَ جا مجموعا... جن منجهان واضح آهي تہ ولي رام صاحب بنيادي طور يا تہ شاعر هو، يا فڪشن نويس ۽ سندس چاھہ جا شعبا بہ اهي ئي هئا.
معياري ترجمو، تخليق کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ تہ تخليق کي تبديل ڪرڻ جو اختيار تخليقڪار وٽ ئي هوندو آهي. مترجم، تخليقڪار جي خيال کي تبديل نٿو ڪري سگهي. ان کي ئي فقط ٻي ٻوليءَ جو ويس پارائي ٿو. ان مشڪل ۽ اهم ادبي ڪرت کي انجام ڏيندڙ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماهرن ۽ دانشورن مان هڪ اهم ۽ منفرد هڳاءَ وارو گُل، ’ساهت - ڦُلواڙيءَ‘ مان ڇڻي ويو ۽ اڄاتل حيات جو ’ڪارو ڪتاب‘ لکڻ لاءِ ان دروازي جي پرئين پار هليو ويو، جنھن جو نہ ’ڪنھن وٽ نہ ڪو ڪُلف آهي، نڪا ڪُنجي...‘