قِراني ڪُتبخانو عمرڪوٽ: استاد لغاري
هي ڪتبخانو علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو، ’مدرسہ جامعيہ اسلاميھ‘ جي بنياد رکڻ شرط، سن 1315 هجريءَ ڌاري، پنھنجي ڳوٺ محمد عمر ڀنڀرو، تعلقي عمرڪوٽ ۾ قائم ڪيو. مس، قلم، ڪُپڙيون، ڪاغذ ۽ ڪتاب گڏ ڪري، قلمي نسخا لکڻ جو ڪم شروع ڪيائين.
سال 2019ع جي اوائل ۾، قِراني ڪتبخاني ۽ مدرسي ڏسڻ جو موقعو مليو. اسان جي سھڻي ساٿ ۾ سنڌ جو سگهڙ محترم ’تاج محمد هاليپوٽو‘ ۽ استاد ’حڪيم امام بخش مڱريو‘ صاحب شامل هئا. مدرسي جي موجودہ مھتممِ اعليٰ ’مولوي نور محمد ڀنڀرو‘ صاحب سان ملاقات ٿي. ڪتبخاني ۾ ٻين بہ ڪيترن ئي قديم قلمي نسخن سان گڏ، علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو صاحب جا هٿ اکر لکيل بياض نظر مان گذريا. جن ۾ ’بياض القِراني‘ جلد پھريون، ٻيون ۽ ٽيون کان علاوه ’روايھ‘، ’الزالت الاوهام عن حڪم الفاتحه فلف الامام‘، ’فقھي بياض‘ ۽ ٻيا بہ موجود هئا
مدرسي ۾ پراڻيون ڪاٺ جون قيمتي الماڙيون ۽ لوھ جا ڪٻاٽ ڏٺا ويا. انھن ۾ ڪيترن ئي قلمي نسخن جا مخطوطات موجود هئا. جن جا نالا روبرو قلمبند ڪيا ويا. مخطوطات جي اهڙي فھرست مقالي جي آخر ۾ ڏيکارجي ٿي. ’مدرسہ جامعيہ اسلاميھ‘ جيئن ئي قائم ٿيو، تہ ان جي اندر ڪتبخانو بہ قائم ڪيو ويو. هن ڪتبخاني ۾ ڪافي سارا ڪتاب گڏ ٿيندا رهيا، پر هتي باقاعدہ قلمي نسخن لکڻ جو بندوبست ۽ اهتمام بہ ڪيو ويو.
علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ صاحب جي باري ۾ معلوم ٿيو، تہ پاڻ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب تصنيف ڪيائون. ڪيترن ئي ڪتابن تي شرح ۽ حاشيا پڻ لکيائون. سندن چيل اشعار عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
سندن هٿ سان لکيل ڪيترن ئي قلمي ڪتابن جو ذخيرو هن ڪتبخاني ۾ اڄ بہ موجود آهي. حضرت مولانا محمد عثمان ’قِراني‘ صاحب جي تخلص مبارڪ سان منسوب، هڪ عدد علمي رسالو ’قِراني‘ بہ ڪنھن وقت ۾ هتان شايع ڪيو ويندو هو. جيڪو بعد ۾ ڪن اڻٽر مجبورين سبب بند ڪيو ويو.
قديمي قيمتي قلمي نسخن کي ڏسندي ۽ فھرست ٺاهيندي، اها ڳالھ مشاهدي مان گذري، تہ هتي اهڙا ٻيا بہ مخطوطات ڪافي تعداد ۾ موجود آهن، جن جي مٿان ڪپڙي ۽ چمڙي جا جلد چڙهيل آهن. قرآن الڪريم جي هڪ عدد حمائل سائيز قلمي نسخي جي زيارت بہ نصيب ٿي. جنھن بابت ٻڌايو ويو تہ، ”هيءُ قلمي نسخو بغداد شريف جي ڪنھن ڪاتب جو، هڪ هزار سال اڳ جو لکيل آهي.“ ڪجهہ قلمي نسخا اهڙا بہ ڏٺا ويا، جن جو پنو هٿرادو لغدي مان جوڙيل هو. پراڻي زماني ۾، جڏهن ڪاغذ جي ڪمي هوندي هئي، تڏهن وڻن جي سُڪل پنن، ٻُوٽن جي ٽارين، ووڻاٺين، سانگلين، مڪئيءَ جي سُڪل سِٽن، ڪاني جي ڦوڦن، پلال جي پرپري ۽ بُھ وغيره کي پينھي، مسالو ملائي، پاڻيءَ ۾ پُسائي، ويلڻ سان ويلي، ان مان ڪاغذ تيار ڪيو ويندو هو. اهو ڪاغذ ڪيميڪل ڪاغذ کان ڪجهہ ٿُلھيرڙو ۽ کُرترو ٿيندو هو. اهڙن هٿرادو ٺاهيل ميرانجھڙي ڪاغذن تي تحرير ڪيل ڪتاب، اڄ بہ ڪيترن ئي ڪتبخانن، لائبريرين ۽ علمي درسگاهن ۾ موجود آهن. اهڙي قسم جا قديمي قيمتي قلمي نسخا، علم و ادب جا عاشق، پيار جا پروانا ۽ مطالعي جا ماهي ماڻھو سيني سان سانڍيندا ٿا اچن.
علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ جو تعارف
حضرت علامہ محمد عثمان ’قِراني‘ جو جنم27 صفرالمظفر سن 1296 هجريءَ ۾، حافظ ڄام ڀنڀرو جي گهر، ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي، تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۽ هاڻوڪي تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. سندس وفات جي تاريخ 15 رجب المرجب سن 1355 هجري آهي. ستن سالن جي عمر ۾، پنھنجي ويجهي ڳوٺ اُميد علي خان ۾، مولوي ميان سيد حاجي احمد شاھ وٽ قرآني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويٺو. فارسي تعليم ڳوٺ سيد لاکو شاھ ۾، ميان محمد علي صاحب کان حاصل ڪيائين. وڌيڪ عربي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، ٽنڊي مير غلام علي ۾، حضرت مخدوم قاضي القضات مولوي لعل محمد صاحب متعلوي جن وٽ ويٺو. آخر ۾ دستار بندي ۽ سَنَدِ علم بہ اُتان ئي حاصل ڪري آيو. ٿوري وقت لاءِ سماع، حديث شريف ۽ علم تفسير بابت اضافي ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر ’مدرسہ قاسميہ دارالعلوم ديوبند‘ بہ ويو. ان کان علاوه پنجاب ۽ هندوستان جي مختلف عالمن ۽ اديبن کان بہ فيض حاصل ڪندو رهيو. مولانا محمد عثمان ’قِراني‘ صاحب بابت وڌيڪ معلوم ٿيو، تہ سندن رهڻي ڪھڻي تمام سادي ۽ فقيراڻي هوندي هئي. پاڻ مشڪل مسئلا مختصر لفظن ۾ سمجهائيندو هو. حضرت ’قِراني‘ صاحب مجاهد، متقي، فقيھ، عابد، زاهد، پرهيزگار، پارسا ۽ محڪم ارادي وارو انسان هو. سندن مدرسي جو تعليمي نظام ’دارالعلوم ديوبند‘ وارو هو.
مولانا صاحب پنھنجي طالبِ علمن کي، تفسير، حديث، فقھ، صرف و نحو، منطقِ صغريٰ و ڪُبريٰ، علم حڪمت، هيئت، فلسفو، رياضي، علم و ادب، سُلوڪ، تصوف، طب ۽ حڪمت وغيره، سڀ ڪجهہ پاڻ پڙهائيندو هو.
’قِراني‘ تخلص بابت
’قِراني‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو گرامر موجب صفت جي صيغي ۾ ڪم اچي ٿو. ’قِران‘ لفظ جي معنيٰ آهي، ٻن شين جو پاڻ ۾ گڏجڻ. علم نجوم جي اصطلاح موجب، ان کي ٻن سعد ستارن جو گڏجڻ چئبو آهي يعني جڏهن هڪ ئي وقت ۾، هڪ ئي بُرج ۾ ٻہ سعد ستارا اچي گڏجن، تہ ان گهڙيءَ کي ’قِران السعدين‘ سڏبو آهي. مطلب تہ ’نيڪ بخت‘ يا ’سعادت وارو وقت.‘
مدرسي ڏانھن وڏن عالمن جو اچڻ
اسان کي ٻُڌايو ويو تہ، ”مدرسہ جامعيہ اسلاميہ ۾، حضرت مولانا عبيداللھ سنڌي صاحب جن بہ ڪڏهن ڪڏهن اچي قيام پذير ٿيندو هو. هتي ٿورو عرصو ترسي، علماءِ هند جي عالمن، مدرسي جي استادن ۽ وڏن طالبِ علمن کي تقريرن وسيلي فڪري درس ڏيندو هو. انگريز سرڪار جي مٿس سخت چوڪسي ۽ سختي هوندي هئي. ان ڪري سُتت ئي ڪنھن ٻئي هنڌ منتقل ٿي ويندو هو.“ مولانا عبيداللھ سنڌي صاحب پنھنجي وقت جو وڏو انقلابي، سياستدان، قرآن الڪريم ۽ حديث پاڪ جو عالم، مفسر، علم شريعت، حقيقت، طريقت ۽ معرفت جو صاحب هو. تاريخ، تصنيف ۽ تصوف جو ماهر، فلسفي، پاڪ دل صوفي ۽ عارف بااللھ بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ هندوستان ۽ سنڌ مان سفر ڪندو، افغانستان، ترڪي ۽ يورپ کان ٿيندو، عربستان جي شھر مڪي معظمہ ۾ ساندہ ٻارنھن سال رهيو. سندن سھڻي ساٿ ۾، وقتن فوقتن مولوي عبداللھ لغاري (پاڙو ڪالواڻي) ۽ مولوي مفتي عبدالقادر لغاري (پاڙو احمداڻي) ضلعو سانگهڙ بہ سندن ٻانھن ٻيلي رهيا.
ڪتابن جي فھرست
هن کان هيٺ انھن مڪتوبات جي فھرست پيش ڪجي ٿي، جيڪي ’قِراني‘ ڪُتبخاني ۾ روبرو ڏٺا ويا:
1: ازالہ الاوهام عن حڪم الفاتحہ خلف الامام. ڪاتب محمد سليمان ريگستاني. سن 1342 ھ.
2: الزبتدہ العمدہ شرح قصيدہ بردہ. ڪاتب عبداللھ بن عالي. سن 1209 ھ.
3: انشاءِ هرڪن. ڪاتب هرڪن بن متھرداس. سن نامعلوم.
4: بوستان. ڪاتب محمد صالح آمري. سن 1312 ھ.
5: بياض القِراني جلد 1، ڪاتب مخدوم محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو. سن نامعلوم.
6: بياضِ القِراني جلد 2، ڪاتب مخدوم محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو. سن نامعلوم.
7: بياضِ القِراني جلد 3، ڪاتب مخدوم محمد عثمان ’قِراني‘ ڀنڀرو. سن نامعلوم.
8: بياضِ واحدي. ڪاتب مخدوم عبدالواحد سيوستاني. سن نامعلوم.
9: بياضِ هاشمي جلد 1، ڪاتب محمد سليمان تخت ذات نھڙي. سن 1335 ھ.
10: بياضِ هاشمي جلد 2، ڪاتب عبدالرحمٰن درس. سن 1338 ھ.
11: تاريخِ طبري. مؤلف محمد مير جرير الطبري. سن 1273 ھ.
12: تبصرہ المبتدي. ڪاتب محمد يوسف نھڙي ريگستاني. سن نامعلوم.
13: ترجمہ شريعت الاسلام. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
14: تفسيرالقرآن ازمائدہ تا يوسف. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
15: تنقيح المقاصد والعماني شرح ايساجي للملڪاڻي. ڪاتب مخدوم غلام محمد ملڪاڻي. سن نامعلوم.
16: پندنامہ. مؤلف شيخ فريدالدين عطار. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
17: حيات القلوب في زيارہ المحجوب. ڪاتب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سن نامعلوم.
18: خطبهءِ جمعہ. ڪاتب محمد عثمان ڳاهو، طالبِ علم مدرسہ قِراني. سن نامعلوم.
19: دلائل الخيرات. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
20: دو وايہ. ڪاتب محمد يوسف نھڙي ريگستاني. سن نامعلوم.
21: ديوانِ اشعار. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
22: ذريعت الوصول اليٰ جناب رسولؐ ڪاتب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سن نامعلوم.
23: رسالہ در اوراد و صلوات. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
24: رسالہ در تاريخ فقھاءِ انحاف. ڪاتب ابو سعيد قِراني. سن 1347 ھ.
25: رسالہ در حمايت شيعہ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
26: رسالہ در رد شيعہ و فضل چھار يار. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
27: رسالہ در سُلوڪ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
28: رقعات. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
29: زادہ السفينہ السالڪي المدينہ. ڪاتب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي. سن نامعلوم.
30: سڪندرنامہ محشي بحواشي دقيقھ. مؤلف نظام گنجوي. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
31: شرح السراجيہ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
32: شرح اربعين حديثا. ڪاتب محمد يوسف. سن 1137ھ.
33: شرح اسماءَ الحسنيٰ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
34: شرح الفوائد الضيائيہ. ڪاتب ميان نور محمد. سن 1331 ھ.
35: شرح الڪافيہ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
36: شرح حڪمت العين. ڪاتب محمد قاسم. سن 1331 ھ.
37: شرح هيڪل النور. ڪاتب محمد عثمان ڀرڳڙي. سن 1329 ھ.
38: فتح القدير. مؤلف محمد بن عبدالواحد ابن الھام. سن نامعلوم.
39: فرهنگ طب. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
40: قرآن الڪريم (حمائل سائيز ۾) ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
41: قرآن مجيد ڪامل 1. ڪاتب محمد موسيٰ. سن 1361 ھ.
42: قرآن مجيد ڪامل 2. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
43: قرآن مجيد ڪامل 3. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
44: قصيدہ بدءَ الامالي في العقائد. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
45: قوت العاشقين. ڪاتب محمد قائم بن محمد وارث متعلوي. سن نامعلوم.
46: ڪتاب السراجي في الفرائض. ڪاتب فقير احمد بن قاضي سليمان. سن 1222ھ.
47: ڪتاب الفرائض محشي. ڪاتب فقير احمد بن قاضي سليمان. سن نامعلوم.
48: ڪتاب برزبان فارسي. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
49: ڪتاب حل مسائل. مؤلف قطب الدين بن عبدالحق الحسيني. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
50: ڪتاب در طب. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
51: ڪتاب در علم صرف. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
52: ڪتاب در فقہ و مسائل و نسائح. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
53: ڪتاب در واعظ. مولف عبداللھ واعظ ملتاني. ڪاتب نامعلوم. سن 1112ھ.
54: ڪنزالدقائق. ڪاتب محمد عارف. سن 1012 ھ.
55: گلستان. ڪاتب شيخ سعدي مصلح الدين. سن نامعلوم.
56: مائہ المسائل في تحصيل الفضائل. مولف احمد عبداللھ بن دليل اللھ. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
57: مثنوي مخزن الاسرار. مولف نظامي گنجوي. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
58: مثنوي نل و دمن. ڪاتب عبداللھ بن سيد قاسم. سن 1065 ھ.
59: مھمات المسلمين. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
60: هدايت المسلمين. ڪاتب نامعلوم. سن 1322 ھ.
61: يوسف زليخان. ڪاتب ۽ سن نامعلوم.
مٿي ڏيکاريل قلمي نسخن جي فھرست ۾، عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي رسم الخط ۾ لکيل مخطوطات شامل آهن.
مختلف وقتن تي، مختلف دوستن جي ساٿ سان، مختلف ڪتبخانا ڏسڻ جي لاءِ، هن ناچيز جو وڃڻ ٿيندو رهيو آهي. اهڙن ڪتبخانن ۾ ’قِراني ڪتبخانو عمرڪوٽ‘ پنھنجو مثال پاڻ آهي. ازانسواءِ درسگاھ چوٽياري، درسگاھ سريواري، درسگاھ ميان ولھاري کنڀرو (ڍورو نارو) ڳوٺ محمد اسماعيل ڪنڀار لائبريري هنڱورنو تائين بہ وڃڻ ٿيو. جتي ڪيترن ئي قيمتي قديم قلمي نسخن جون زيارتون پڻ نصيب ٿيون.
حوالا
1: مھراڻ. سوانح نمبر، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، ڊسمبر 1990ع
2: مخدوم سليم اللھ صديقي. خزينت المخطوطات جلد ٻيو، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو پھريون، ڊسمبر 2010ع، چڱا اکر
3: ايڊيٽر اقبال دل. روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، اسپيشل ادبي ايڊيشن، خميس 09 جولاءِ 2020ع، مقالو: سنڌ جا ڪتب خانا ۽ لائبريريون