يُن فاسي (سال 2023 لاءِ ادب جو نوبيل پرائيز حاصل ڪندڙ): محمد حبيب سنائي
64 سالا ناول نويس، ڊراما نويس، مضمون نويس ۽ شاعر يُناولاو فاسي (Jone Olav Fosse) کي سال 2023ع جو ادب لاءِ نوبيل پرائيز ڏنو ويو آھي. بطور ناٽڪ نويس، ھن کي نئون ’اپسن‘ (Ibsen) قرار ڏئي ساراھيو پيو وڃي، ڇو تہ ناروي ۾ھن جا ڊراما ھينرڪ اپسن کان پوءِ وڌ ۾ وڌ اسٽيج تي پيش ڪيا وڃن ٿا. ورھين کان وٺي عالمي سطح تي پذيرائي جي باوجود، سندس ڪتاب ويجهڙ ۾ ئي انگريزي اشاعت جي مکيہ ڌارا ۾ شامل ٿيا آھن. نوبيل ڪميٽيءَ جي خيال ۾ ھن کي ادب جو نوبيل انعام ’سندس جدتن سان ڀريل ناٽڪن ۽ نثر جي باعث ڏنو ويو آھي، جيڪي بيان نہ ٿي سگهندڙ ڳالھين کي آواز ڏيارين ٿا.‘
ادب لاءِ نوبيل ڪميٽيءَ جي چيئرمين ائنڊرسن اولسن موجب، ”ھن جو وسيع ادبي پورھيو، مختلف صنفن تي مبني آھي، جن ۾ چاليہ کن ناٽڪ، ناولن جو ھڪ وڏو سرمايو، شاعري، مضمونن جا مجموعا، ٻارن جا ڪتاب ۽ ترجما شامل آھن. فاسي پنھنجي ٻوليءَ ۾ پاڙون ھئڻ ۽ پنھنجي نارويجيئن پسمنظر جي نوعيت کي جدت پڻي مان اڀريل فني حرفتن سان رلمل ڪري ٿو.“
دلچسپ ڳالھ اھا آھي تہ ڏھ سال اڳ، سال 2013ع واسطي شرطون رکندڙ سٽيبازن امڪاني اميدوارن ۾ ھن صاحب جو نالو فھرست ۾ اڳيان اڳيان ھو. جڏھن مارچ 2014ع ۾ گارجيئن اخبار جي ’ائنڊريو ڊڪسن‘ کائنس پڇيو ھو تہ، ”جيڪر نوبيل پرائيز کيس ملي پوي تہ ان جي نتيجي ۾ حد کان وڌيڪ نمايان ٿيڻ واري خفي کي ھُو ڪيئن منھن ڏيندو؟“ تہ ھن ٿڌو ساھ کڻي وراڻيو ھو، ”گذريل سال دنيا جي اخبارن ۾ لئڊبروڪس (سٽيبازي جي آن لائين ويب سائيٽ) جي ڪري منھنجو نالو ميدان ۾ اچي ويو. اوچتو اھو فھرست ۾ مٿي ٿيڻ شروع ٿي ويو...“
”پر يقينن ھُو اھو انعام حاصل ڪرڻ گهرندو؟“
”يقينن“، ھن چيو، پر ھُو قائل نٿي لڳو، ”پر سادو سچ اھو آھي تہ جڏھن مون کي خبر پئي تہ آئون انعام حاصل ڪندڙ نہ آھيان تہ مون کي سرھائي ٿي. عام طور، اھي انعام تمام جهونن ليکڪن کي ڏيندا آھن ۽ ان ۾ بہ ھڪڙي حڪمت آھي. توھان کي اھو انعام تڏھن ملي ٿو، جڏھن اھو اوھان جي لکڻيءَ تي اثر انداز نٿو ٿئي.“
ھلندڙ سال جڏھن کيس انعام ڏنو ويو آھي تہ ھن پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو آھي تہ، ”ھُو ھڪ پاسي خوشيءَ جي جذبن ۾ گهيريل آھي تہ ٻئي پاسي ڊنل پڻ آھي. آئون ان کي ادب جو انعام ئي سمجهان ٿو، جنھن جو بغير ڪنھن ٻئي مقصد جي، مکيہ مول ادب ئي آھي.“ ٻئي پاسي ھن ناروي جي سرڪاري نشرياتي اداري اين آر ڪي کي ٻڌايو تہ، ”آئون ڏھاڪو سالن کان نوبيل پرائيز لاءِ ٿيندڙ بحثن جو حصو رھندو اچان، تنھن ڪري مون پاڻ کي امڪاني طرح اھڙي موقعي لاءِ تيار ڪري ڇڏيو ھو.“
ھتي اھو ٻڌائڻ اجايو نہ ٿيندو، تہ نارويجئين ٻوليءَ کي سرڪاري طرح ٻن معياري نمونن ۾ لکيو ويندو آھي. 85 کان 90 سيڪڙو آبادي جيڪو نمونو استعمال ڪري ٿي، ان کي ’بوڪمال‘ (Bokmål) سڏيو وڃي ٿو، جڏھن تہ 15 کان 10 سيڪڙو آبادي يا ٿورائي جيڪو لکتي معيار استعمال ڪري ٿي، ان کي ’ني ناشڪ‘ (Nynorsk) يا نئين نارويجئين ٻولي چيو وڃي ٿو. يُن فاسي انھيءَ نئين نارويجئين ٻولي واري لکتي معيار يعني Nynorsk کي ڪم آڻيندو آھي. ڪي ماڻھو فاسي پاران ان کي استعمال ڪرڻ کي سياسي اھڃاڻ ڪري وٺن ٿا. پاڪستاني ليکڪ ’طاھا ڪيھر‘ موجب جڏھن ناروي تي ڊينمارڪ پاران قائم ڪيل صدين تي پکڙيل تسلط ختم ٿيو تہ ان جي رھواسين پنھنجي ٻوليءَ تان ڊئنش ٻوليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، جن ۾ ھڪ ني ناشڪ جو واهپو بہ آھي. ھن جي خيال ۾ ڪي ماڻھو انھيءَ ٻولي کي مرندڙ ٻولي سمجهن ٿا، تہ ڪي وري ان خيال جا آھن تہ قومپرستيءَ جي جذبي تحت رياست جي مدد سان انھي ٻوليءَ کي جيئدان ڏيڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ادبي نقاد، ’پير ورٽين‘ (Per Wirtén) ھڪ سويڊش نشرياتي اداري کي ٻڌايو تہ فاسي ھڪ پيچيدہ ۽ ٻاھر نہ ٻاڦيندڙ ليکڪ آھي ۽ ھن جا شروعاتي ناول ھڪ طرح، سماج جي ڏتڙيل ماڻھن، جھڙوڪ شرابين، غريب ماڻھن، اڇوتن پاران سرٻاٽن ۾ خود ڪلامي آھن. منھنجي خيال ۾ ھيءَ زبردست چونڊ آھي.
’ويسليان يونيورسٽي‘ (Wesleyan University) ۾ تخليقي ادب ۽ تنقيد جي پروفيسر ۽ ’نيويارڪر‘ مئگزين ۾ لکندڙ ’مرو ايمر‘ (Merve Emre) ين فاسي سان ناروي ۾ فاسي فائونڊيشن پاران، مترجمن، پبلشرن ۽ صحافين واسطي آگسٽ 2022ع ۾ منعقد ٿيل ين فاسي عالمي سمپوزيم دوران ملي ھئي، اتي جيڪا ھن جي ڳالھ ٻولھ فاسي سان ٿي، سا گذريل سال نومبر 2022ع ۾ ’نيويارڪر‘ مئگزين ۾ شايع ٿي آھي. ان مان ڪجهہ سوال جواب ھتي پيش ڪجن ٿا:
س: اوھان گهڻي ڀاڱي مُنھان مُنھن انٽرويو نہ ڏيندا آھيو؟
ج: آئون اي ميل جي وسيلي انٽرويو ڏيڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو آھيان. منھنجي خيال ۾ ڳالھائڻ کان وڌيڪ لکڻ، کڻي انگريزي ٻوليءَ ۾ ئي ھجي، وڌيڪ سوَلو آھي.
س: مون ڳچ ليکڪن جا انٽرويو ڪيا آھن، جيڪي دعويٰ ڪن ٿا تہ اھي ان ڪري لکندا آھن، جو اھي ڳالھائي نٿا سگهن؟
ج: ھا، منھنجي حوالي سان بہ ٿوري حد تائين ائين ئي آھي. ڪنھن جو چوڻ آھي تہ اسان جنھن متعلق ڳالھائي نٿا سگهون، تنھن کي خاموشيءَ جي مدد سان منتقل ڪرڻ گهرجي. اوھان کي دريدا طرفان انھيءَ ڳالھ جي مشھور وٽ (twist) جي ڄاڻ ھوندي: ”توھان جيڪو چئي نٿا سگهو، سو توھان کي لکڻو آھي.“ اھو نڪتو منھنجي سوچ کي وڌيڪ ويجهو آھي.
س: توھان جي شروعاتي مضمونن ۾ ’يئڪ ديريدا‘ (Jacques Derrida) ڪافي موجود آھي. توھان جي گهڻن ناٽڪن ۽ ناولن ۾ ھن جي سوچ جو اولڙو نظر اچي ٿو، خاص ڪري ’خاموشي ۽ ماٺ‘ واري ناٽڪ جي چوڌاري؟
ج: مون ديريدا کي 1979ع ڌاري پڙھڻ شروع ڪيو ھو. گهٽ ۾ گهٽ ھتي ناروي ۾، يونيورسٽي يا يونيورسٽيءَ جو مزاج (spirit) مارڪسزم کان متاثر ھو. اسان وٽ ھڪ انتھا پسند مائوسٽ پارٽي ھوندي ھئي، جيڪا استادن، عالمن، ليکڪن ۽ عام ماڻھن ۾ مقبول ھئي. اھو ان زماني جو مزاج ھو ۽ آئون بہ ان ۾ رڱيل ھوس. مون سوشيالاجي جو مضمون پڙھڻ شروع ڪيو، پر مون کي فضول پڻي جي احساس اچي ورايو. شين کي اثباتي (positivistic) نموني ڇيد ڪرڻ وارو ڍنگ مون کي اجايو پئي لڳو. مون وري فلسفي جي مضمون کي کنيو. ان زماني ۾ مارڪس جي جاءِ تي فرينچپس ساختيت فلسفي (post-structuralists) جاءِ وٺي رھيا ھئا. مون کي ياد آھي تہ مون ناروي جي ڪنھن ٻھراڙيءَ ۾ ديريدا کي پھريون ڀيرو پڙھيو ھو. اھو (Of Grammatology) جو ڊئنش ٻوليءَ ۾ ترجمو ھو.
انھيءَ ڪتاب مون کي گهڻو متاثر ڪيو. اوھان مارٽين ھائيڊيگر (Martin Heidegger) جي (Sein und Zeit) کي پڙھيو آھي. مون ھائيڊيگر کي ڪافي پڙھيو آھي. ھو ڪافي ڏکيو ھو، پر اتساھڪ پڻ ھو. مون کي لڳو تہ ديريدا، ھائيڊيگر کي ڳاٽي ڀر ليٽائي رھيو ھو. ھائيڊيگر وٽ مکيہ سوال اھو ھو تہ جيڪي شيون وجود رکن ٿيون، تن ۾ ھڪ جھڙي يا عام ڳالھ ڪھڙي آھي؟ پر ديريدا وٽ ان جي ابتڙ مکيہ اھو سوال ھو: جيڪي موجود آھن، تن کي ڪھڙي ڳالھ، ھڪ ٻئي کان مختلف يا منفرد بڻائي ٿي؟ مون ويچاريو تہ لکڻ جو عمل تمام انوکو آھي. اھو ڳالھائڻ وانگيان نہ آھي، پر اھو ڪافي مختلف آھي. انھي نڪتي مون کي ديريدا ۽ ان جي لکڻ جي تصور سان ھڪ تعلق جوڙڻ ۾ سھائتا ڪئي.
۽ ان کان پوءِ مون تقابلي ادب پڙھڻ شروع ڪيو. ان وقت تائين مون پنھنجو پھريون ناول ۽ ڪجهہ ٻيون ادبي لکڻيون لکي ورتيون ھيون. ناول جو نظريو منھنجو مکيہ موضوع ھو. انھن نظرين ۾ بنيادي تصور سدائين راويءَ جو ھوندو آھي: راوي، شخص، ڪردار ۽ انھن جي نقطهءِ نظر جي وچ ۾ سٻنڌ. اھي ڪافي اھم آھن، پر پوءِ بہ مون کي لڳو تہ فڪشن جي نظريي جو بنيادي تصور راوي نہ ھئڻ گهرجي، جيڪو زباني روايتن مان اڀريو آھي. بلڪہ اھو ليکڪ ئي ھجڻ گهرجي. مون جنھن نموني ليکڪ کي ورتايو ٿي، سو جيڪي ڪجهہ لکيل ھو، تنھنجو جسماني حصو ھو، توھان جي لکت ۾ آيل ٺوس پڻو. مون ليکڪ کي بنيادي تصور سمجهي ڪري، بيان يا لکيل فڪشن جو پنھنجو ننڍڙو نظريو جوڙڻ ٿي گهريو ۽ اھو وري موسيقي وڄائڻ جي تجربي مان اڀريو. مون جيڪو پھريون مواد لکيو، جڏھن آئون ٻارنھن يا تيرنھن سالن جو ھوس، سو ڪنھن گيت جي شعرن تي مبني ھو. مون ڪجهہ نظم ۽ ننڍيون ڪھاڻيون لکيون....
س: مون پھرين اوھان جا ناول پڙھيا ۽ پوءِ اوھان جا سڀ ناٽڪ پڙھيا آھن. اوھان جي ناٽڪن جي حوالي سان جيڪا ڳالھہ مون کي دلچسپ لڳي، سا اھا آھي تہ اھي گهڻي ڀاڱي جنسياتي حسد (sexual jealousy) کي انتھائي دٻيل ۽ دردناڪ انداز ۾ چِٽين ٿا، پر اھا ڳالھ وري اوھان جي ناولن ۾ گهڻي ماٺي ھوندي آھي يا ائين کڻي چئجي تہ ان کي پسمنظر ۾ رکيو ويندو آھي؟
ج: حسد ئي ناٽڪ جو بھترين موضوع ھوندو آھي. اھو قديم زماني کان لاڳو آھي: پھرئين ڪن ٻن شخصن کي اسٽيج تي آڻيو ۽ پوءِ وري ٽئين کي اتي آڻيو. ائين اوھان جو ناٽڪ شروع ٿي ويندو. اھو ممڪن آھي تہ ٻن شخصن تي ٻڌل ناٽڪ بہ جوڙجي، جيئن آئون پنھنجي ڪن ناٽڪن ۾ ڪندو رھيو آھيان، جيئن ’ماءُ ۽ ٻار‘ نالي ناٽڪ ۾ آھي.
س: مون ٻڌو آھي تہ ناول لکڻ جي وچ واري عرصي ۾ اوھان ترجما ڪندا آھيو؟
ج: منھنجي خواھش آھي تہ وڌيڪ ناول نگار مترجم طور بہ ڪم ڪن. مون کي ترجمو ڪرڻ وڻندو آھي. اھو ھڪ طرح اڀياس وانگر آھي، پر اوھان کي گهرائي ۾ وڃڻو ٿو پوي. اھو تمام اونھو اڀياس آھي. آئون جڏھن ڇوڪراڻي وھيءَ ۾ ھئس، تڏھن ئي مون ’اولاو ھاگ‘ (Olav Hauge) جا ڪيل ترجما پڙھيا. اھي ھڪ جلد ۾ سھيڙيل آھن، جنھن جو نالو ’Translated Poems‘ آھي. مون آسٽرين شاعر ’جارج تراڪل‘ (Georg Trakl) کي پڙھيو تہ سندس شاعريءَ جي سحر ۾ جڪڙجي ويس، ڇو تہ ھاگ ان کي ترجمو ڪيو ھو. ان کان پوءِ مون ھن جي جرمن ڪليات خريد ڪئي، مون کي ان وقت جرمن ٻوليءَ تي ايترو عبور حاصل نہ ھو، پر مون ان ڪتاب کي ڪنھن طرح پڙھي ورتو. ھُو ايترو ڏکيو نہ ھو، ڇو تہ ھُو بہ مون وانگر پاڻ کي ورجائي ٿو. مون کان وڌيڪ اوھان ئي چئي ٿا سگهو تہ ھن جا سڀ نظم، ڄڻ ھڪ ئي نظم آھن. ٻہ ٽي سال اڳ مون ھن جي ھڪ مجموعي جو ترجمو ڪيو آھي. ھن سال مون ’The Elegies‘ جو ترجمو شايع ڪرايو آھي.
س: اوھان ’ڪافڪا‘ جي ’The Trial‘ جو ترجمو بہ ڪيو آھي؟
ج: ھا، ان ترجمي کي مبصرن ساراھيو آھي ۽ مون کي ان موٽ جي ڪري سرھائي ٿي. منھنجو پبلشر، جيڪو پاڻ جرمن آھي، تنھن منھنجي ترجمي جي ھڪ ھڪ لفظ، ويندي فل اسٽاپ کي چڪاسيو. اوھان ان تي اعتبار ڪري سگهو ٿا. منھنجي خيال ۾ ڪنھن بہ اسڪئنڊي نيوين (Scandinavian) ٻوليءَ ۾ ھيءُ ئي وڌيڪ مناسب ترجمو آھي. اھو پھريون ڀيرو ھو، جو مون ڪو ناول ترجمو ڪيو ھو. اھو ترجمو ڪتاب ’Septology‘ کان پوءِ ڪيو ويو. اصل ۾ مون محسوس پئي ڪيو تہ مون کي ڪجهہ منفرد ڪم ڪري، ساھي وٺڻ گهرجي. مون پھريون ڀيرو ڪو ناول ترجمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اھو ’The Trial‘ ھو، جيڪو منھنجي پسنديدہ ناولن مان ھڪ آھي.
مون ڪافي ناٽڪ، خاص ڪري عظيم استادن اسڪائيلس (Aeschylus)، يوريپائيڊس (Euripides) ۽ سوفوڪلز (Sophocles) جي يونان جي المياتي ڊرامن جا ترجما ڪيا آھن. اھو قديم آواز کي ورنائڻ جھڙو عمل آھي ۽ انھن جو آواز تُز آھي. منھنجي پنھنجي زماني ۾، جنھن نموني، آئون لکان ٿو، انھن آوازن کي ورنائڻ ۽ لکڻ سوَلو آھي. ائين ڪرڻ مون کي وڻندو آھي.
س: ھاڻي اوھان ’جيرالڊ مرنين‘ جو ’The Plains‘ ترجمو پڻ ڪري رھيا آھيو؟
ج: مون کي خبر نہ آھي تہ آئون ڪيئن مرنين کي پڙھڻ تائين پڳس. ھن کي اڳ ۾ نارويجيئن ٻوليءَ ۾ ترجمو نہ ڪيو ويو آھي، پر مون ڪٿي ھن متعلق پڙھيو ۽ مون کي ھُو دلچسپ ليکڪ لڳو ۽ تنھن کان پوءِ ’The Plains‘ سندس وڌ کان وڌ ترجمو ٿيل ۽ مشھور ناول آھي. اھو سويڊش ۽ ڊئنش ٻولين ۾ بہ ترجمو ٿيو آھي. جيتري قدر ادب جي ڳالھ آھي، تہ آئون جرمن توڙي انگريزيءَ ۾ بہ پڙھي سگهان ٿو، پر آئون ان کي اسڪئنڊي نيوين ٻوليءَ ۾ پڙھڻ کي ترجيح ڏيندو آھيان. تنھن ڪري مون ان کي سويڊش ٻوليءَ ۾ پڙھيو ۽ اھو واقعي مون کي وڻيو. ان بعد مون فيصلو ڪيو تہ ان کي آئون پاڻ ترجمو ڪندس.
ادبي ذخيرو
فاسي جي ناولن ۽ ٻين نثري ڪتابن جو تعداد چاليھارو کن آھي. ناروي يا يورپ ۾ سندس ناماچاريءَ جو مکيہ سبب سندس ڊراما آھن، جيڪي ھزارين ڀيرا اسٽيج تي پيش ٿي چڪا آھن. ھيلتائين ھن 40 کن ڊراما لکيا آھن. ان کان علاوہ سندس شاعريءَ جا 13 کن مجموعا شايع ٿيا آھن. دنيا جي پنجاھ ٻولين ۾ ھن جي مخلتلف لکڻين جا ترجما ڪيا ويا آھن. انگريزي ٻوليءَ ۾ سندس ناٽڪن جا ترجما ڇھن جلدن ۾ سال 2002ع کان 2014ع تائين شايع ٿيا. سندس پھريون ناول جيڪو انگريزيءَ ۾ 2006ع ۾ شايع ٿيو ھو، سو ’Melancholy‘ جلد پھريون ھو. انھيءَ ڪتاب جو ترجمو ’Damion Searls‘ ڪيو، جنھن ھن جا ھيستائين ڏھاڪو کن ڪتاب ترجما ڪيا آھن. سندس انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيل ناولن، ڪھاڻي ڪتاب ۽ شاعريءَ جي مجموعن جا نالا ھيٺيان آھن:
1. Aliss at the Fire, trans. Damion Searls (Dalkey Archive, 2010
2. Melancholy II, trans. Eric Dickens (Dalkey Archive, 2014)
3. Poems Selection of poems, translated by May-Brit Akerholt (Shift Fox Press, 2014)
4. Morning and Evening, trans. Damion Searls (Dalkey Archive, 2015)
5. An Angel Walks Through the Stage: and Other Essays, trans. May-Brit Akerholt (Dalkey Archive, 2015
6. Trilogy, trans. May-Brit Akerholt (Dalkey Archive, 2016). Compiles three novellas: Wakefulness, Olav's Dreams and Weariness.
7. Boathouse, trans. May-Brit Akerholt (Dalkey Archive, 2017
8. Scenes from Childhood translated by Damian Searls (Fizcarraldo Editions, 2018)
9. The Other Name: Septology I-II, trans. Damion Searls (Fitzcarraldo Editions, 2019
10. I Is Another: Septology III-V, trans. Damion Searls (Fitzcarraldo Editions, 2020
11. A New Name: Septology VI-VII, trans. Damion Searls (Fitzcarraldo Editions, 2021)
12. A Shining trans. from the Norwegian by Damion Searls, 2023
ڊرامن وارا ڪتاب:
1. Plays One (2002). Someone Is Going to Come Home; The Name; The Guitar Man; The Child
2. Plays Two (2004). A Summer's Day; Dream of Autumn; Winter
3. Plays Three (2004). Mother and Child; Sleep My Baby Sleep; Afternoon; Beautiful; Death Variations
4. Plays Four (2005). And We'll Never Be Parted; The Son; Visits; Meanwhile the lights go down and everything becomes black
5. Plays Five (2011). Suzannah; Living Secretly; The Dead Dogs; A Red Butterfly's Wings; Warm; Telemakos; Sleep
6. Plays Six (2014). Rambuku; Freedom; Over There; These Eyes; Girl in Yellow Raincoat; Christmas Tree Song; Sea
7.
ويجهڙ ۾ ھن جي مکيہ تصنيف ستن ڀاڱن ۾ ورھايل ھڪ ناول ’Septology‘ آھي، جنھن جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٽن جلدن ۾ شايع ٿيو آھي. انھيءَ ناول جي پھرئين جلد يا ڪتاب بعنوان :The Other Name Septology I - II، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي، کي سال 2020ع جي عالمي بڪر انعام لاءِ ڊگهي فھرست ۾ ۽ آخري يعني ٽئين ڪتاب يا جلد بعنوان A New Name: Septology VI-VII، جيڪو ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آھي، کي سال 2022ع لاءِ عالمي بڪر انعام لاءِ مختصر فھرست ۾ شامل ڪيو ويو. انھيءَ انعام جي نامزدگيءَ بعد انٽرنيشنل بڪر پرائيز وارن جيڪا ساڻس ڳالھ ٻولھ ڪئي، ان مان ڪجهہ ٽڪرا ھتي پيش ڪجن ٿا:
س: سڀ کان پھرئين اسان کي اھو ٻڌايو تہ ڪھڙي شئي اوھان کي ھيءُ ناول لکڻ لاءِ اتساھيو؟
ج: 1983ع ڌاري منھنجو پھريون ناول شايع ٿيو ھو. اسي واري ڏھاڪي ۾ منھنجا ڪجهہ ٻيا ناول ۽ شاعريءَ جا مجموعا پڻ شايع ٿيا، پر نوي واري ڏھاڪي جي شروع ۾ مون ٿئيٽر لاءِ لکڻ شروع ڪيو. قريبن ٽيھارو کن ناٽڪ لکڻ ۽ ھر جاءِ انھن جي افتتاحي محفلن ۾ شرڪت واسطي سفر ڪرڻ کان پوءِ، مون محسوس ڪيو تہ ھاڻي گهڻو ئي ٿيو، تنھن ڪري مون وري فڪشن، جنھن کي مون ڍرو نثر (slow prose) ٿي تصور ڪيو، جيڪو ناٽڪ لاءِ گهربل اختصار (shortness) ۽ جولاني (intensity) جي ابتڙ ھو، لکڻ ڏي واپسيءَ جو فيصلو ڪيو.
اھو ڪتاب ’Septology‘ منھنجي ھيستائين لکيل مواد ۾ ڊگهو ترين متن آھي. مون کي انھيءَ ناول لکڻ ۾ پورا پنج سال لڳا آھن، جيڪو ستن ڀاڱن ۾ ورھايل آھي. گهڻن ملڪن ۾ ان کي ٽن جلدن يا ڪتابن ۾ شايع ڪيو ويو آھي. مون کي اميد آھي تہ انھن کي اڪيلو ڪري alone پڙھيو ويندو، خاص ڪري پھريون جلد، جيڪو سال 2020ع لاءِ انھيءَ انعام جي لانگ لسٽ ۾ شامل ٿيو ھو ۽ ھيءُ آخري جلد، جيڪو ھاڻي شارٽ لسٽ ۾ شامل ٿيو آھي، پر يقينن ھيءُ ناول سڄي ست ڀاڱائي ڪتاب ’Septology‘ جو حصو آھي، اھو ھڪ طرح، مون جيڪي ڪجهہ اڳ ۾ لکيو آھي، تنھن جو خلاصو (sum up) ڪري ٿو. اڳين ناولن توڙي ناٽڪن جي محرڪات کي نئين سر، پر نئين تناظر ۾ لکيو ويو آھي.
س: ڪھڙن ليکڪن اوھان تي گھرا اثر وڌا آھن؟
ج: منھنجي خيال ۾ جن ليکڪن مون کي وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو آھي، انھن ۾ نارويجئين ليکڪ ’ترجي ويساس‘ (Tarjei Vesaas)، آسٽرين شاعر ’جارج تراڪل‘ (Georg Trakl) ۽ ’سيميوئل بيڪيٽ‘ (Samuel Beckett) آھن. ان کان علاوہ جن ليکڪن کي آئون وڌيڪ ساراھيان ٿو، تن ۾ ’فرانز ڪافڪا‘ ۽ ’نت ھئمسن‘ (Knut Hamsun) شامل آھن.
س: انگريزي ڳالھائيندڙ دنيا جي ماڻھن جي پڙھڻ لاءِ اوھان جي ڪتابن جي ترجمي تي اوھان ڇا ٿا محسوس ڪريو؟
ج: آئون ھڪ ناياب ٻوليءَ، نئين نارويجيئن ۾ لکندو آھيان. ان کي رڳو پنج لک ماڻھو ئي لکي سگهن ٿا. البت ان کي نہ صرف اھي، جن جي ٻولي نارويجيئن آھي، پر اھي بہ، جن جي ٻولي ڊئنش ۽ سويڊش آھي، سي پڻ سمجهي سگهن ٿا. ھڪڙي تناظر ۾ اسڪئنڊي نيوئن ٻوليون ھڪ ئي ٻولي آھن، ڇو تہ اھي گڏيل نموني سمجهي سگهجن ٿيون، پر انھن کي مختلف نسخن ۾ لکيو وڃي ٿو، جن مان ٻہ نارويجيئن آھن.
بھرحال قريبن ويھارو ملين (ٻہ ڪروڙ) ماڻھو اسڪئنڊي نيوئن ٻولي ڳالھائيندڙ آھن، تنھن ڪري يقيني طور اھو ممڪن آھي تہ جڏھن اھي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيندا تہ وڌيڪ ماڻھن تائين پھچندا. منھنجي قسمت ڀلي آھي تہ منھنجا سڀ ناٽڪ ۽ ڪافي ٻيو فڪشن اڳي ئي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آھن.
س: لکڻ جي حوالي سان اوھان کي ھيسيتائين ڪھڙي سٺي صلاح ڏني ويئي آھي؟
ج: لکو، سوچيو نہ!
ڀلي اوھان لکڻ کان اڳ توڙي لکڻ کان پوءِ ضرور سوچيو، پر جڏھن اوھان لکي رھيا ھجو، تڏھن نہ سوچيو.
ٻيا ايوارڊ ۽ انعام
فاسي، قومي توڙي عالمي سطح تي ڳچ انعام ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا آھن.
آخر ۾ سندس ڪھاڻين جي مجموعي ’Scenes from Child‘ جي پھرين ٽائٽل ڪھاڻيءَ مان ھڪ ٽڪرو، جنھن کي ڪن نقادن علحدہ نموني ساراھيو آھي، ھتي پيش ڪجي ٿو:
خط تي چُميءَ جو ڳاڙھو نشان
الف: اسان ڇٻر تي ويٺل ھئاسين، ھُوءَ مون کان قد بت ۾ وڏي ھئي، سندس ڊگها ناسي وار ھوا ۾ جهومي رھيا ھئا ۽ ھن جا چُپ ٿلھا ھئا. اسان جي عمر 14 سال کن ھئي. اھا اسڪول ۾ داخلا جي پڪ پڪاڻي واري گڏجاڻي ھئي، جتي مختلف اسڪولن جا شاگرد اچي گڏيا ھئا. ھن جون ڇاتيون بہ وڏيون ھيون. ڇٻر تي ويٺي ھن گٽار پڻ وڄايو. اسان ھڪٻئي کي پنھنجا پنھنجا ڏس پتا لکرايا. جڏھن آئون گهر پھتس تہ مون کي ھن وٽان خط مليو، جنھن تي چُميءَ جو ڳاڙھو نشان ھو. مون پڻ ھن کي خط لکيا.
ب: اسان ھڪ سال کان پوءِ وري ھڪ ڪيفي ۾ ملياسون. اسان جي گهرن جي وچ تي قائم ھڪ ڪميونٽي سينٽر ۾ موسيقيءَ جي محفل منعقد ٿيڻي ھئي. اسان انھيءَ موسيقيءَ جي محفل ۾ گڏجي ويٺاسون، پر مون ۾ نہ ھن کي ڏسڻ جي ھمت ٿي ۽ نہ ئي آئون ھن سان ڳالھائڻ جو حوصلو ڌاري سگهيس. ان کان پوءِ اسان ھڪ ٻئي کي ڳچ خط لکيا. مون کي لپ اسٽڪ وارين چمين جي نشان وارا خط ملندا رھيا.
ٻ: ھُوءَ ۽ ھڪ دوست بس ۾ ٻہ ميل سفر ڪري منھنجي گهر پھتا. اھو ايسٽر جو ڏڻ ھو ۽ اسان پھاڙين ڏي چڪر ھڻڻ وياسين. اسان وٽ برفاني چاکڙيون
(skis) نہ ھيون، سو پنڌکي ڇڪيوسين، موسم گرم ۽ اڻوڻندڙ ھئي، ٻئي پاسي برف پٽڙي ھئي، سو اسان ان ۾ دٻجي ٿي وياسون. اسان ٿوري وقت لاءِ ھڪ ٻئي جا ھٿ جهليا.
ڀ: مون پئي سوچيو تہ مون کي ھن ڏانھن خط پٽ لکڻ گهرجي. ھڪ سال بعد مون ٻڌو تہ ھُو ڪار ڪلٽي ٿيڻ باعث اجل جو شڪار ٿي ويئي، اھو حادثو ھڪڙي ڇنڇر جي رات جي پوئين پھر ۾ ٿيو.