ڪريان سڀ تخت تو صدقي ; حسن درس
مگر مُرسل مٺي نالي، وٺڻ جي لاءِ بڻي آهيان.
وٺي ويراڳ جا رستا، پُڇايان پئي پنهون پنهنجو،
ڪريان ڌم ڌم ڌمالون ٿي، ڪري ڇم ڇم ڇڻي آهيان.
عليعه اولاد تنهنجي تي، ڪريان مان ساهه سر صدقي،
فقيرن ۽ فراقن جي، مٿي جي مان ڦڻي آهيان.
عجيب اوڏڙو ڪر تون، ڏي ڪا جاءِ پيرن ۾،
مِلو مون سان مٺا مُرسل، وڇوڙن ڇو وڻي آهيان؟
صفا ويران واٽن تي، آهيان ويٺي وڇوڙيل ٿي،
پرينءَ جو پيار جي ملندو، ته پوءِ مان پدمڻي آهيان.
قلندر لال جو ڪِشتو، رڳن ۽ روح جو رشتو،
وڌايان پئي وٽو تنهنجو، گهٽائڻ کان گهڻي آهيان.
نظر ڪج نور جي نوري، اُگهاڙي ۽ اَٻالي تي،
گناهن ۾ گتل آهيان، ڀلي ڇا به کڻي آهيان.
سمورا تاج، تلوارون، ڪريان سڀ تخت تو صدقي،
غلامن جي غلامن ۾، اگر جي مان ڳڻي آهيان.
خدا جو سُنهن ته منهنجي دل، پئي ڦاٽي ٻُڌڻ جي لاءِ،
رڳو چئو هن ڇوري جو، محمدﷺ مان ڌڻي آهيان.
نماڻي نار ۽ ناري، بندي تنهنجي آهيان باري،
اڪيلي عشق ۾ احمد، حسن هڪڙي ڄڻي آهيان.