اي محبوب ماکيءَ کان مٺا! ; محبوب سروري
ها، اگر آهي ته بس آهي خدا، ٻيو ڪير آ؟
تون ئي آهين درد مندن جي دوا، ٻيو ڪير آ؟
پرت وارن جو پيارا پيشوا ٻيو ڪير آ؟
زخم ڏيندڙن کي ڪري جيڪو دعا ٻيو ڪير آ؟
صاحب جود و سخا مهرو وفا ٻيو ڪير آ؟
دوستن جي دل کسيندڙ، دلربا ٻيو ڪير آ؟
دشمنن جي مَن کي موهيندڙ مٺا ٻيو ڪير آ؟
رهبرِ حق، چشمئه صدق و صفا ٻيو ڪير آ؟
فخر عالم يا محمد مصطفيٰؐ ٻيو ڪير آ؟
تنهنجو ثاني يا رسول مجتبيٰ ٻيو ڪير آ،
خاتم پيغمبران خيرالوريٰ ٻيو ڪير آ؟
ڀال ڀُليل تي ڪندڙ، اي ڀرجهلا ٻيو ڪير آ؟
راهه رُليل جو رفيق ۽ رهنما ٻيو ڪير آ؟
عيب دارن ۽ گنهگارن کي ڏئي جو دلبري،
شافع روز جزا، مُشڪل ڪُشا ٻيو ڪير آ؟
غمزده سڏڪا ڀريندڙ کي ڀَلا سرچائي ڪير؟
دک ڀري دنيا جي دردن جي دوا ٻيو ڪير آ؟
باعث تخليق عالم، ڪاشف اسرار حق،
شافع محشر، شھ هر دو سرا ٻيو ڪير آ؟
تون شھ ڪون و مڪان، تون رحمت للعالمين،
فخر ڪن جنهن تي سدا ارض و سمان ٻيو ڪير آ؟
مظهر نور خدا، آهين رسالت جو چراغ،
منهنجا سائين، شمع بَزم انبيا ٻيو ڪير آ؟
تون ئي آهين جنهن جي دامن ۾ اچي آهيان لڪو،
منهنجو اي ”محبوب“! ماکيءَ کان مٺا! ٻيو ڪير آ؟