مهاڳ : يوسف سنڌي
ڳالهائج اُت ڳوڙهن سان ٻاهر نه ڪڍج ٻڙڪ
کنياتا هن کَت جي پئي نه ڪنهن کي کُڙڪ
لاڙج رُڳا لُڙڪ، هو سمجهي ويندا سپرين.
(ع.غ سنڌي)
پيغام/ نياپي موڪليندڙ کي پڪ هوندي هئي ته کنياتي جي پهچندي ئي پرين/ سپرين ڳالهه سمجهي ويندو ۽ ڪانگل جي اچڻ جي اُن اوسيئڙي کي رڳو شاعرن ئي موضوع سُخن ناهي بنايو، پر ڪيترن فنڪارن اها شاعري ڳائي پڻ آهن، جيئن: آ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سين تن ماروئڙن جي.... ماروئڙن جي سانگيئڙن جي..... يا ڪبوتر ڪبوتر، خبر هيءَ کڻي وڃ عقل جا اڪابر...
دور بدليو ته کنياتي جي جاءِ ٽپاليءَ اچي والاري، ٽپاليءَ کي پري کان ايندو ڏسي دل جي ڌڙڪن تيز ۽ عجيب ڪيفيت بنجي ويندي هئي، ۽ ٽپالي جو ايئن اوسيئڙو رهندو هو، جيئن محبوب/محبوبه جي آمد جو ۽ ٽپالي ڄڻ زندگيءَ جو لازمي حصو بنجي ويو هو، ٽپالي خط آڻيندو هو ته ڄڻ وارا نيارا ٿي ويندا هئا.
هاڻ ته ويچارو ٽپالي بجلي، فون ۽ گئس جا بل ورهائيندو وتي ۽ سندس جاءِ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن اي ميلز، موبائل فونز وغيره اچي والاري آهي... هاڻ خطن جو دور ڄڻ ماضي جو حصو بنجندو پيو وڃي. هاڻ ته ڪنهن سان اڌ ملاقات جي دل چوي ته سيڪنڊن جا کيل آهن، رڳو جسماني طرح هڪٻئي کي ڇهي نٿو سگهجي، باقي آواز ۽ هر چرپر سامهون.
انهن جديد ذريعن جي اچڻ سان جت فاصلا گهٽيا ۽ ڄڻ ختم ٿي ويا آهن ۽ ماڻهو جهڙوڪر هڪٻئي سان ڳنڍجي ويو آهي، اُتي ڪي نقصان به ٿيا آهن، اظهار جي ذريعن جي وڌڻ جي باوجود به ماڻهون ڄڻ اظهار لاءِ آتو آهي، جيڪو اظهار پني تي لکيل لفظن جي صورت ۾ ڪبو هو، اُڌمن ۽ جذبن جي پالوٽ ٿيندي هئي، اندر جي احساسن کي اوربو هو، اهو انهن جديد ذريعن جي باوجود به نٿو ٿئي.
سارنگ سهتي جو هي ڪتاب ”دوست وراڪو دل سين“ به ان ”خط -دور“ ۾ لکيل خطن جي مجموعي تي ٻڌل آهي.
ترتيب جي لحاظ کان هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي، پهرينءَ حصي ۾ اهي خط شامل آهن، جيڪي دوستن طرفان سارنگ ڏانهن لکيل آهن ۽ ٻيو حصو انهن خطن تي ٻڌل آهي، جيڪي سارنگ دوستن ڏي لکيا.
هونئن ته سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪيترائي سهيڙيل مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ عام رواجي حالن احوالن سان گڏوگڏ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ذاتي مسئلن تي پڻ خيال آرائي ڪيل آهي، ايئن هنن خطن ۾ پڻ عام رواجي حالن احوالن سان گڏ ذاتي ڏکن ۽ سورن، غمن ۽ پيڙائن، محرومين ۽ مجبورين سان گڏ قومي درد، فڪري ۽ نظرياتي مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ بحث ملي ٿو ۽ خط لکندڙن جي جيڪا ذهني نشو ونما ٿي رهي هئي، تنهن جو پڻ وستار ڪيل آهي.
هنن خطن جي گهڻائي انهن نوجوان سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جي آهي، جن نه رڳو سياست جي سُڌ ٻُڌ رکي ٿي، پر هُنن جي ادب سان به دلچسپي هئي ۽ هو لکندا به هئا ۽ هو هن- سماج ۾ تبديلي آڻڻ جي جدوجهد سان گڏ پنهنجو پاڻ ۾ پڻ تبديلي آڻڻ جي جستجو ۾ رڌل هئا، جيئن اياز ابڙو هڪ خط ۾ لکي ٿو.
”پهرين اسانکي سماجي تبديلي آڻڻي پوندي، معاشري مان ناجائز رسمن ۽ رواجن جي پاڙ پٽڻي پوندي، هڪ فرد جيڪڏهن پنهنجون ذميداريون پوريون نٿو ڪري سگهي ته هو سياسي ميدان ۾ قومي مسئلن لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟
(7 ڊسمبر 1987ع تي لکيل خط)
هنن خطن ۾ گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهاڪي جي ملڪي توڙي غير ملڪي حالتن جي ڪيٿارسس پڻ آهي، اسي وارو اهو ڏهاڪو سنڌ جي قومي سياست ۾ آيل اُڀار ۽ ان اُڀار کي جدوجهد ڏانهن موڙڻ بدران هڪٻئي جي ڪردار ڪشيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ ڪردار ڪشيءَ واري ان عمل ڪيترن ئي باشعور سياسي ڪارڪنن کي مايوس ڪيو ۽ صدمون رسايو، ان ڪردارڪشيءَ کين سياسي عمل مان نڪري وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جيئن بشير ابڙي اهڙين حالتن جي نشاندهي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي خط ۾ لکيو. ”مون هڪ فيصلو ڪيو آهي ته سياست جي ميدان مان عليحده ٿي، فقط ادبي سنگت ۾ سرگرم ٿجي“ (18 آڪٽومبر 1988ع تي لکيل خط). بشير ابڙي جي خط مان سنڌي ادبي سنگت جي سگهاري ڪردار ڏانهن پڻ اشارو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ڪيترن ئي موقعن تي شعور پکيڙڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو سياسي پارٽيون به ادا ڪري نه سگهيون، خود سارنگ به پنهنجي مڪليءَ ۾ رهائش واري عرصي دوران سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي، اُن کي مرڪز کان الحاق وٺي ڏنو ۽ مڪليءَ ۾ ڪيتريون ئي ادبي سرگرميون ڪيون. سنگت جي انهن سرگرمين ئي سارنگ کي سليم، اياز، محمد مارو ۽ ٻين اهڙن دوستن سان ملايو ۽ ڳنڍيو، اُن ئي شاخ جي سرگرمين جي باري ۾ ۽ ان کي اڃا به وڌيڪ سرگرم ڪرڻ جو اُلڪو ۽ ذڪر پڻ هنن خطن ۾ نظر ايندو. خود آئون به خاص سيڙ جي سنگت مڪليءَ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت لاءِ ويندو هوس، اڳتي هلي، سارنگ جي نوابشاهه واپس وڃڻ ۽ دوستن جي مختلف روزگارن سانگي ٻين شهرن ۾ وڃي رهڻ جي ڪري اها شاخ ختم ٿي ويئي.
هن ڪتاب ۾ شامل خطن جي گهڻائي مڪلي- ٺٽي مان لکيل آهي، انهن ۾ نه رڳو مڪلي جي پٿريلي مٽيءَ جي مهڪ آهي، پر وطن جي تڙپ، انسانذات جي ڏکن ۽ اهنجن، سکڻ ۽ سيکارڻ جي اُمنگ ۽ غريب ۽ مسڪين مارو ماڻهن جي آئيندي جو اونو ۽ هڪ غير طبقاتي نظام آڻڻ لاءِ جدوجهد جي تڙپ ۽ اُن خواب جي اُڻت پڻ ڪيل آهي- مڪلي، ٺٽو، جيڪو سدائين ڌارين جي هلائن جو شڪار ۽ ان سان گڏ جدوجهد جو استعارو پڻ رهيو آهي، پر مڪلي- ٺٽي جي هوائن جي هڳاءُ ۾ هڪ عجيب رومانس سمايل آهي، ۽ اهو رومانس ماڻهوءَ کي ڪنهن چقمق جيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. جنهن جو ذڪر ڪندي مانجهي پنهنجي هڪ خط ۾ سارنگ کي ٺٽي نه اچڻ تي هنن لفظن ۾ ميار ٿو ڏي، ”سارنگ! ڇا توکي ننگر ٺٽي جون سارون نه اينديون آهن؟“ انهن لفظن ۾ جيڪا ڪيفيت سمايل آهي، اُن جي تشريح ممڪن ئي ڪونهي ۽ ٺٽي جو سڄو منظر اکين اڳيان اچي بيهي ٿو.
مانجهيءَ جي خطن مان ئي هڪ ٻئي جملي پڻ مونکي ڳچ دير انهن لفظن تي اکيون کپائي بيهڻ تي مجبور ڪيو. مانجهيءَ لکي ٿو، ”نوڪري ته زندگي جي لعنت هوندي آهي، جيتري وڏي نوڪري، اوڏي وڏي لعنت!“ (خط 26 آڪٽومبر 1993ع )
هائو، صحيح لکيو آهي مانجهيءَ! جڏهن ماڻهو وڏي نوڪري يا وڏي ڪرسيءَ تي پهچي ٿو ته الائجي ڇو سڀ احساس ۽ جذبا مرڻ سان گڏ، لکيل لفظ به وسري ٿا وڃن، طبقو بدلجي ٿو ته ماضي به وسري وڃي ٿو، مانجهي به وقت گذرڻ سان گڏ وڏي عهدي تي پهتو ۽ پوءِ مانجهي جي ئي لفظن ۾ ”مون کان سڀ رستا وڃائجي ويا آهن... طرف به ڀلجي ويو آهيان!“ وقت مانجهي جي لفظن کي ڪيترو نه صحيح ثابت ڪيو... سوچيان ٿو، ڇا مانجهيءَ وڏي عهدي تي پهچڻ کانپوءِ پنهنجن لفظن کي ياد ڪيو هوندو يا ”طرف“ کيس وساري ويٺا...
سچ ته وڏو عهدو جذبا ماري ٿو ڇڏي... واقعي به جيتري وڏي نوڪري، اوتري وڏي لعنت ٿي وسي...!
هنن خطن ۾ مٿي ذڪر ڪيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن، پنهنجي غلط روين جي پاڻ ئي نشاندهي ڪندي، پاڻ کي خود تنقيدي عمل مان گذاريو آهي، جيئن سليم تنيو پنهنجي 16 مارچ 1987ع تي لکيل خط ۾ لکي ٿو:
”هوٽل تي ويٺي هڪڙي ڏينهن مون بيري کي گهٽ وڌ ڳالهايو، پوءِ مان سوچڻ لڳس ته هڪڙي طرف انهن تي لکون به ٿا ته ٻئي طرف انهن کي استعمال به ڪيون ٿا، پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيس.“
سارنگ پاران دوستن جي ذهني ۽ فڪري تربيت جي حوالي سان هنن خطن ۾ ڪيترائي حوالا ملن ٿا ۽ ان وقت سياسي ڪارڪنن لاءِ مطالعو فڪري خوراڪ جي حيثيت رکندو هو ۽ دوست خطن ۾ نه رڳو هڪٻئي کي پنهنجي مطالعي هيٺ آيل ڪتابن کان آگاهه ڪندا هئا، پر کين اهڙيون صلاحون به ڏيندا ۽ کين مطالعي ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ همٿائيندا پڻ هئا، جيئن سليم پنهنجي 13 سيپٽمبر 1987ع واري لکيل خط ۾ سارنگ جي ننڍي ڀاءُ مرتضيٰ کي لکي ٿو، ”توهانجا امتحان ته ٿي ويا آهن، تنهنڪري هاڻ توکي نظرياتي يا ادبي ڪتاب پڙهڻ سونهن، مان اوهان مان ايتري ئي اميد رکي سگهان ٿو.“
خود سارنگ جا لکيل دوستن ڏانهن خط به دوستن لاءِ همت ڏيارڻ ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا هئا، جيئن اياز ابڙو 16 جنوري 1993ع تي لکيل خط ۾ سارنگ کي لکي ٿو، ”يار! منهنجي خواهش آهي ته تون مونکي اڳي وانگر طويل خط لکين، اُن ڪري جو تنهنجا خط منهنجي حوصلا افزائيءَ جو ذريعو هوندا آهن. اڄ به مونکي تنهنجن پيارن ۽ بامقصد خطن جي شديد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي.“
سارنگ جون اهي محبتون دوستن لاءِ سدائين آٿت رهيون آهن، هو دوستن مٿان پنهنجي نالي جيان ئي ’سارنگ‘ بنجي وسندو رهي ٿو.
ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جا خط به شامل آهن، جيڪي هن اسلام آباد مان سارنگ کي تڏهن لکيا، جڏهن هو هڪ وڏي عهدي تي مقرر هو ۽ ”تاريخ ضلع نوابشاهه“ لکي رهيو هو ۽ سارنگ جهڙا ڪيترائي نوجوان اُن ۾ ساڻس سهڪاري هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي نوجوانن کي موضوع ورهائي ڏنا هئا، جن تي اهي نوجوان تحقيق ڪري مواد هٿ ڪري،مضمون لکي ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ کي موڪليندا هئا، جيڪي پوءِ ”تاريخ ضلع نوابشاهه“ ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي نالي ئي ڇپيا. هڪ خط ۾ ڊاڪٽر لائق، سارنگ کي لکي ٿو:
• مونکي يقين آهي ته توهان وعدي موجب تحقيقي ڪم ۾ مصروف ٿي چڪا هوندا، محترم حاڪم علي ۽ سندس والد حاجي محمد حسين ۽ آصف صاحب (زرداري) جي ڏاڏي، خاندان ۽ سياسي تاريخ تي ڀرپور نموني لکي مڪمل ڪري رکندا، هڪ مهيني کان به وڌيڪ توهان کي ٽائيم ميسر آهي... (20 سيپٽمبر 1995ع تي لکيل خط)
• تاريخ جي ڪم ۾ توهان ڪيترو هٿ ونڊايو آهي، مطلع ڪندا. (31 جنوري 1996ع)
• تاريخ نوابشاهه جي حوالي سان هر ٻئي ٽئي ڏينهن ڪانه ڪا خبر ايندي رهي، جيئن هرڪو ماڻهو با خبر هجي ته تاريخ لکجي رهي آهي، توهان مهرباني ڪري مينهان خان رند ۽ ٻين چڱن مڙسن بابت احوال گڏ ڪندا. (4 جولاءِ 1996ع)
سنڌ ۾ هاڻ اها ڳالهه نئين ناهي رهي ته اڪثر وڏن عهدن تي ويٺل مها دانشور ٻين کان ڪم وٺي، نوڪ پلڪ درست ڪري پنهنجي نالي ڪتاب ڇپرائي ڇڏيندا آهن، مرحوم فقير امداد علي سرائيءَ پنهنجي ڪتاب ”ڪَستي منجهه ڪَڻا“ ۾ لکيو آهي ته سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ اديب سندس لکيل ڪتاب ”کاري جي مڇي“ پنهنجي نالي سان ڇپرائي ڇڏيو.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي اهڙا خط آهن، جن جا حوالا ڏيئي انهن تي لکي سگهجي ٿو، خاص ڪري سليم تنئي ۽ اياز ابڙي جا خط، ڇو ته هي خط بي مقصد نه پر با مقصد خط آهن، هنن خطن جي رواني، انهن ۾ موجود ادبي چاشني اُن ڪري نه آهي ته انهن جا لکندڙ نوجوان ٺلهو هوائي نعرا هڻندڙ ۽ نار جي ڍڳن وانگر هلندڙ هئا، پر هو باشعور هئا ۽ کين ڪتابن پڙهڻ ۽ علم سان چاهه هو ۽ انهيءَ ڪتاب بينيءَ ئي کين سياسي ۽ سماجي شعور ڏنو، جنهن سبب هنن جو اندر بي چين هو، ان بي چينيءَ کين ادبي، سماجي ۽ سياسي ميدان ۽ عمل ۾ متحرڪ رکيو. اهي رڳو جاگيرداراڻي قومپرستيءَ جي پويان نه لڳا، پر هنن هڪ اهڙي نظام ۽ نظريي لاءِ جدوجهد ڪئي، جنهن تحت طبقن جو خاتمو، انسانيت جو احترام، انهن جي گهرجن جي پورائو ۽ پرماريت جو خاتمو هو، ان نظام جو نالو سوشلزم آهي، سوشلزم جيڪا هڪ سائنس آهي، ترقيءَ جو وسيلو ۽ انسانيت جي احترام جو نالو آهي، سوشلزم جنهن سويت يونين جي دور ۾ ڪيترائي معرڪا سَر ڪيا. آمريڪا کان به اڳ خلائن ۾ پنهنجا خلائي جهاز اُڏايا، ڪئين ايجادون ڪيون، سوشلزم کي ناڪام چوندڙن مان ڪو اهو ٻڌائي سگهندو ته سويت يونين جي خاتمي کانپوءِ ”يلسٽن- پيوٽن ازم“ جي دور ۾ روس ڪهڙي نئين ترقي ڪئي آهي، ڪيترا معرڪا سَرڪيا آهن. ڪهڙيون نيون ايجادون ڪيون آهن.؟
هن ڪتاب جي ٻي حصي ۾ سارنگ جا دوستن ڏي لکيل خط ڏنل آهن، سارنگ جا اهي خط ڇا آهن، درد ڪٿائون آهن. پيڙا جا پڙاڏا آهن، بي رُخين، محرومين، بي حَسين جي روين تي ماتم آهن، دم به آهن ته دلاسا پڻ، سهارا به آهن ته صلاحون به، اهي خط ناهن، سارنگ جي آتم ڪهاڻي جا ننڍا ننڍا حصا آهن، جن ۾ سارنگ گهڻو ڪجهه لکيو ۽ اظهاريو آهي.
مٿين خطن کي پڙهندي ڪيترن ئي هنڌن تي منهنجي اکين مان بي اختيار لڙڪ وهڻ ٿي لڳا ۽ دل چيو ته رانڀاڙ ڪري رُئان، ان ڪري نه ته اسان هيٺينءَ طبقي وارن جي درد ڪٿا ۽ پيڙا هڪجهڙي آهي، اسانجا آدرش ۽ سپنا ساڳيا آهن! پر مون اُن ڪري روئڻ ٿي چاهيو ته انهن آدرشن کي ڪيئن نه چکيائن تي چاڙهيو ويو، انهن خوابن کي ڪيئن نه نيلام ڪيو ويو، انهيءَ جدوجهد کي ڪيئن نه مفاد پرستي ۽ انائن جي ور چاڙهيو ويو .
هي خط تاريخ جي رڙ آهن، ڪر بناڪ رڙ- هي خط ايف. آءِ . آرون آهن ته جدوجهد جي قافلن کي ڪيئن نه دڳ ڀلائي رڻ ۾ رلايو ويو، ڪارڪنن جي ڪلهن تي چڙهي ڪيئن نه اڳواڻن پنهنجا طبقا بدلايا... هي خط پڙهڻ سان سڀ نه ته به ڪجهه اولڙا ضرور نظر ايندا.. ڪجهه چهرا ضرور پَسبا ۽ تاريخ انهن جي باري ۾ جڏهن ايف . آءِ . آر ڪاٽيندي ته هن ڪتاب ۾ شامل خط انهن تي شاهد ٿي بيهندا.
يوسف سنڌي
15 نومبر 2013ع