محمد مارو خشڪ
جيئي پورهيت عوام
87 ـ 6 ـ 22
ٺٽو ـ سنڌ.
ٿر ۾ لڳي لُڪ مرن ماڻهو مال پيا.
”مارو“ ساڳي مال ۾ ناهي پاڻي ڍُڪ،
”سارنگ“ سنڌي سِڪ، اچيو ڪڙڪي اوچتو.
پيارن ۾ پيارا ساٿي
سارنگ !
شال سدائين سرخُرو ۽ شاداب هجو،
شال پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين جي خوشحالي
۽ مظلوم ماڻهن جي آزادي لاءِ، جاکوڙن ۾ جنبيل هجين.
ڏينهن پٺيان راتيون، راتين پٺيان ڏينهن،
هليا ويا ڪيئن، ڪل نه پئي ڪابه مون.
سو وقت ماضي کي ميساريندو، حال مان هلندو، مستقبل ڏانهن رڙندو رهي ٿو. ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن ـ مگر هڪٻئي جي حال احوال کان واقف نه ٿي سگهياسين، سو نه ٿي سگهياسين.
توهان ڏانهن، زندگيءَ جي لهرن مان لڙهي، توهان جي هٿن مبارڪن ۾ پهچندڙ، شايد هي منهنجو ٻيو خط آهي. ڇو ته امتحان هئڻ سبب واندڪائي کي وارو ئي ڪونه ملي سگهيو ـ ٻيو ته امتحان هئڻ سبب مون پڻ ڪنهن ٻي مصروفيت کان پاڻ کي پري رکيو، امتحان ختم ئي مس ٿيا آهن ته توهان جي ياد هينئن ۾ هُرڻ لڳي، ڇو ته ڪي ڪي ڏينهن اِهم يادگيرين جا اِهم حصا هوندا آهن. بهرحال واندڪائي کان وارو وٺي اڄ ڪجهه اکر اوهان ڏانهن اماڻجن ٿا. اميد ته نا اميد نه ڪندا.
رات جا 12 ٿي ويا آهن، اکيون ننڊ کان ماڳهي نڪميون ٿي رهيون آهن، ڇو ته روزانو رات جو اوجاڳو ڪرڻ ڪري دماغ صفا سالم ڪونهي، انهيءَ ڪري اڀرا سڀرا اڻ توريا لفظ بنا ڪنهن تڪ تور جي کڻي هي خط لکان پيو ـ انهيءَ ڪري جواب کي جلدي ڪرائيندا ته جيئن هڪٻئي جي حال احوال وڏي پيماني تي واقف ٿي سگهجي ــ
متان مون کي انتظار جي عالم ۾ گمنام نه رهڻو پئجي وڃي، تنهن ڪري اهو خاص عرض اوهان کي دل گُهرين دوستن جي سُپرد ڪجي ٿو.
اميد کيس اسان لاءِ خط موڪلڻ تائين سانڍيندا ايندا.
بهرحال ڳالهيون ڪم جون ته ٿيون ئي ڪونه،
ها ! (هجن ته ڪريون)
مگر، هڪڙي ڳالهه ضرور آهي جنهن جو اونو اسان کي به آهي ته توهان کي به ضرور هوندو. ادبي سنگت بابت ڪافي ڏينهن گڏجاڻين کي پاسي ڪرڻ کان پوءِ وري به ان ۾ سٺي نموني سان هٿ وجهنداسين. اميد ته اهو ڪم جلدي جاري و ساري ٿي ويندو.
ڀاءُ سارنگ !
هڪڙي ڳالهه ٻُڌي اٿم ته توهان کي نئين روشنيءَ ۾ هيڊ ماستري ملي وئي آهي. ڏاڍي خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي، ان لاءِ مُبارڪون .... !
سليم ڳالهه پئي ڪئي ته جتي توهان ماستري ڪريو پيا، اتي روشني ته ماڳهي ڪانه ٿي ڏسجي، ڄڻ ته اوندھ آهي ...
بهرحال جتي به توهان هوندا اُتي روشنيءَ جي ڪرڻن جي اميد رکي سگهجي ٿي، توهان ئي هن قوم جي ٻچڙن جي مستقبل کي روشن ڪرڻ جي لاءِ ڌيان ڏيندا. اميد ته پنهنجي مقصد ۾ پاڻ ڀرا هوندا.
سڄي سنڌ سورن ۾ آهي، اسڪولن جي حالت جي توهان کي اڳيئي خبر آهي. جن جي خبر هيٺين بيت مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿي،
هڪڙي آ اسڪول هن ساري تر ۾ بس،
سا به الائي ڪيئن جوڙي اٿن مَس،
ڀڳل سڀئي بينچون، ڪونهي منجهس رس،
ٿا ٻار پڙهن جنهن ۾ جت آهي جنين کي جَس،
هلي پوي وس، جي ٻڌي
ڪن سڀ ٻارڙا.
ادل: ٻيو ته خير لڳو پيو آ نه وڌيڪ ڇا لکجي.
چڱو سدائين گڏ. ـ
محمد خان خشڪ، اياز
۽ ٻين سڀني جا
فقط توهانجو
محمد مارو خشڪ
=======================================================================
22 فيبروري 1990ع
سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،
جيڪرآئون هياس ڪا گريءَ گوندر ول جي.
(شاهه)
پياري ۾ پيارادوست! ساٿي، سارنگ!
شال سدائين مسڪين ۽ مظلوم پيڙهيل پورهيتن ۽ ستايل سانگين جي جياپي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا.
ڀاءَ سارنگ! وقت پاڻيءَ جي تيز وهڪري جيان، ماضيءَ کي پٺتي ڌڪيندو حال ۾ هلندو، مستقبل ڏانهن پيرا کڻندو وڌندو رهي ٿو. ڏينهن به ڏاڍا گذري ويا آهن. وڳر مان هڪ پکي جدا ٿيڻ تي افسوس ظاهر آهي ته ٿيو هوندو! ڪنهن چيز جي کوٽ ٿي هوندي. ان ڳالهه جو اظهار ظاهري طور تي ڪرڻ، مون لاءِ الائي ڇو ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي.
ها! هاڻ ٻڌايو ته توهان ڪُڄاڙو پيا ڪريو. مصروفيتن جا منهن کليل آهن يا بند. امتحان جي تياري ۾ ته نه آهيو؟ جو، توهان چيو هو ته”مون کي امتحان ڏيڻو آهي.“
اسان وٽ ادبي سنگت اداسيءَ جي عالم مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي، پر الائي ڇو اڃا نڪري نه سگهي آهي. بهرحال ليڪچر جو پروگرام به رکيل آهي. همراه ٺيڪ ٿي ويندا. مگر اسان کي مڙيئي ياد پيا ڪجو. قلم جي نوڪ مان نڪتل لفظ، سوچن جي سمونڊ مان ڪجهه ڪڻا اسان ڏانهن به موڪليندا رهجو ته جيئن هن درديلي دل ۽ مرجهيل من کي آٿت ڏيندا رهون.
دوست! آئون هي خط لکان ته پيو ڏاڍي چاهه سان، پر ذهن ڏاڍو ٿڪل پيو لڳي. ننڍڙن ڇوڪرن جو گوڙ پيو پوي. انهيءَ ڪري اکر به تڙ تڪڙ مان اڀرا سڀرا لکجي پني سان لائون پيا لهن. 27 فيبروري تي راهوڪي آيا ته اتي ملنداسون. ملڻ جي ڪوشش ڪنداسون، نه ملياسون تڏهن به خير آهي. اميد ته خطن رستي پنهنجي قلمي ڪچهري زنده آباد رهندي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي منهنجي پاران سٺن ٽيڙو لکڻ تي مبارڪباد چوندا. وڌيڪ ڇا لکجي سڀني دوستن جا سلام قبول ڪندا. چڱو هاڻ هن بيت سان موڪلائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
دردن جا درمان، سيني ۾ سانڍيل،
اديون هي ارمان، وڃن ڪونه وجود مان.
توهان جو دوست ساٿي،
محمد مارو خشڪ