سڪندر هاليپپوٽو
جهمپير
مانائتا ڀاءُ سارنگ سهتو صاحب
سدا مهراڻ ۾ موجون ماڻيندا رهو. جيئي سنڌ!
ڀاءُ! گهڻي وقت کان ڪوشش هئي ته توهان ڏانهن خط وغيره لکجي، پر افسوس جو ايڊريس نه هئڻ ڪري توهان ڏانهن پتر لکي نه سگهيس. اڄ اوچتو پراڻن ڪتابن ۽ بوڪن کي سنڀاليندي، توهان جي هٿ اکر لکيل ائڊريس تي نظر پيئي، جيڪا توهان مڪليءَ تي لکي ڏني هئي، ادا، انهن ڏينهن ۾ مون توهان کي هڪ ڏاهريءَ دوست سان رابطو رکڻ لاءِ چيو هئو، پر مون کي افسوس آهي جو ان دوست جي ملڻ جي باوجود به توهان ان جي سَهي طريقي سان رَهنمائي ڪري نه سگهيا. خير، ان کان پوءِ ڪافي ڀيرا منهنجو به نواب شاهه اچڻ ٿيو، پر خبر نه پئي پوي ته آخر توهان کي ڪٿي ڳولهجي.
خير ادا ڪم جي ڳالهه اولين فرض ٿو سمجهان، ته اسان کي ڳوٺ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو يونٽ کولرائڻون آهن. ۽ توهان ضلع جا عهديدار آهيو، ان ڏس ۾ توهان اسان جي ڪيتري مَدد ڪري سگهو ٿا، مون هت سائين رَسول بخش دَرس صاحب جن سان به ذڪر ڪيو هو، پر انهن به توهان سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ چيو. پر توهان کي ڪٿي ڳولهجي. ان لاءِ مهرباني ڪري پهرين ته خط ذريعي پنهنجي مڪمل ملڻ جي ائڊريس ڏيندا ته هينئر جيئن مان نواب شاهه اچان ته ڳوٺ ۾ Unit کولي ڇڏيون، اسان وٽ تقريباً 15 کن ميمبر ادب ذوق آهن، ائين ڪرڻ سان سندن همت افزائي ۽ سندن رهنمائي ٿيندي. وڌيڪ سڀني دوستن کي دل جي گهرائين سان سَلام چوندا. جواب جو اوسيئڙو رهندو.
سڪندر هاليپپوٽو
*
29 سيپٽمبر 1991ع
جهمپير
مانوارا پيارا ڀاءُ سارنگ سهتو!
سدائين سَرها رَهو.
ادل! توهان جو خط خيريت سان مونکي مليو ۽ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. ادا مونکي حيرت به ٿي جو توهان ايترو جلد خط جو جواب موڪلي ڇڏيو. بهرحال پيار ڪرڻ وارا ياد ته ڪندا ئي آهن. ادا مان مڃان ٿو ته اسان جي ڪچهرين جا سلسلا تمام ٿورا رهيا آهن، پر اهي ايتريون ته اثر واريون هُيون، جو توهان هر وقت ذهن تي ڇانيل رهيا ۽ اڪثر مڪليءَ تي سليم، اسماعيل، ۽ مجيب وارن وٽ توهان جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. توهان به ايتري ئي خلوص سان ياد ڪيو، اها به مهربانيءَ نه ته ڪي ماڻهون ته ڪئين سال گڏ رهڻ کان پوءِ به وساري ڇڏيندا آهن.
ادا توهان جيڪو نئون ڪتابي سلسلو شروع ڪري رهيا آهيو. ان لاءِ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، منهنجو ته اڀرو سڀرو سهڪار توهان سان هر قسم جو رهندو. في الحال ڪويءَ سان ملڻ نه ٿيو آهي، باقي ٻين دوستن جو مَواد موڪليان پيو. رسول بخش درس کي ڪهاڻيءَ لاءِ چيم. پر سندس ڪهاڻي تمام ڊگهي هئي.ان ڪري پوءِ هڪ وائي ڏني اٿائين. ان کان سواءِ اسان جا ڪجهه نوجوان لکندڙ دوستن جو مواد به موڪلي پيو ڏيان، باقي ڪويءَ جي شاعري مان پاڻ تو وٽ کڻي ايندس، منهنجو 5 مئي تي ڳوٺ اچڻ جو پروگرام آهي، بس پوءِ ڏينهن ٻن ۾ مان توهان وٽان چڪر لڳائي ويندس. توهان جي ائڊريس مون وٽ محفوظ آهي. ادا اڄڪلهه توهان پريس ۾ ڪجهه گهٽ پيا نظر آيو. بس رڳو ڪافي وقت اڳ ۾ ”هزار داستان“ ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي پڙهي هئم. ادل ڪجهه ادبي سرگرميون تيز ڪيو. نوابشاهه ته شاعري ۽ ڪهاڻيڪارن جو ڳڙهه آهي ۽ اهو اسان تي قومي فرض به عائد ٿئي ٿو.
اسد ڪيريي کي سلام چوندا ۽ ها سائين رسول بخش درس توهان کي سلام پئي چيا. وڌيڪ ڳالهيون پوءِ روبرو اچي ڪنداسين. پوءِ موڪلاڻي ڪانهي.
سڪندر هاليپوٽو
*
12 ڊسمبر 1991ع
ڄام صاحب- نياز آباد
مانوارا سارنگ صاحب سدا خوش رهو.
اسلام عليڪم!
ادا جهمپير کان ته توهان ڏي خط جو جواب موڪلي ڇڏيو هئم، پر توهان ڏانهن ان خط ۾ اچڻ جو به لکي ڇڏيو هئم. سو ڳوٺ ته پهتس ۽ نوابشاهه به آيس. پر افسوس جو توهان سان رِهاڻ ٿي نه سگهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي جو مان 7 ڊسمبر تي جيئن نوابشاهه آيس ته مون سان گڏ منهنجا ڪجهه دوست به هئا، سو وري مون مناسب نه سمجهيو، جو هروڀرو اچي توهان کي تڪليف ڏيان ها، وَري اهو به خيال ٿي آيو ته خبر ناهي توهان وٽ اوطاق جو سسٽم به آهي يا نه... بس وڌيڪ ڪا به ڳالهه ڪانه هئي، مان ڄاڻان ٿو توهان ناراض ته ضرور ٿيا هوندا. ان ۾ جيڪر مون غلطي ڪئي هجي ته پليز مونکي معاف ڪجو.
ها! ٻي ڳالهه ته ڪويءَ مون کي چيو هو ته مون شاعري موڪلي ڇڏي آهي ۽ ان کان سواءِ جهمپير جي هڪ پياري دوست رزاق ساريو به توهان ڏانهن ڪهاڻي موڪلي هوندي. ان تي مهرباني ڪري نظرثاني ڪجو. وڌيڪ هينئر ته مان ڳوٺ ئي آهيان، پوءِ به جيڪر مونکي وقت ملي ويو ته توهان وٽ ضرور ايندس. باقي جيڪر جهمپير وڃڻ ٿيوته پوءِ وري انشاء الله ٻئي ڀيري ملنداسين.
ادبي سنگت جي يونٽ لاءِ دوست ڪجهه مطمئن نه پيا نظر اچن، جڏهن مون بهتر سمجهو ته توهان سان ان معاملي به مَدد وٺبي. ٻيا سڀ خير آهن. خط جهمپير جي ائڊريس تي موڪليندا ۽ رابطي ۾ رهندا. مهرباني
سڪندر علي هاليپوٽو
*
مٺڙا ڀاءُ سارنگ سهتو صاحب
سدائين مهراڻ ۾ موجون ماڻيندا رهو.
جيئي لطيف!
اميد اٿم ته خيريت سان هوندا (آمين)
ادا سائين! اڄ ڪويءَ توهان جو ڇپايل ڪتاب آڻي ڏنو... ته ماضيءَ جا سونا روپا ورق وَري اٿلي پيا... هونئن به تنهائين جي عذاب ۾ توهان جي پيار ۽ خلوص جي ٿڌاڻ شدت سان محسوس ٿيندي اٿم... پر وقت جي ڏاڍائين آڏو بيوس ٿي پوندو آهيان ته نواب شاهه ۾ ايترا ڀيرا اچڻ کان پوءِ به توهان سان ملاقات ڇو ڪانه ٿي سگهي آهي. مان ته توهان جي پيار جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪجهه ٻُڌڻ ۽ ڪجهه ٻڌائڻ جي آس ۾ آهيان... پر ڀاءُ صرف چاهڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟... ٻه ٽي ڀيرا توهان سان ملڻ جي ڪوشش به ڪيم، پر سَهي ڏس پتو ملي نه سگهيم. ڏسو نه... اهو ظلم ئي ته آهي جو هڪ ئي ڳوٺ جا هوندي به پنڌ پڇائڻا ٿا پون... سو ان لاءِ مهرباني ڪري آفيس ۽ گهر جي ائڊريس مون ڏانهن موڪليندا ته ٿورائتو رهندس.
باقي ادا سائين! ڪتاب هٿ ۾ اٿم... توهان جون محنتون کيرون لهڻن... سڀني دوستن ڏاڍو ساراهيو اٿئي... سائين رسول بخش درس به مبارڪون ڏنيون اٿئي... ادا توهان جنهن جذبي سان ڪتابي سلسلو شروع ڪيو آهي... ۽ جيتري محنت ڪئي اٿوَ... مونکي وشواس آهي ته هڪ ڏينهن توهان سنڌ جي قومي ۽ شعوري سجاڳيءَ ۾ امر ٿي رهندا... ڀاءُ حوصلا پست نه ڪجو... اسان جو به اُڀرو سڀرو سهڪار توسان آهي... ڪنهن به مسئلي ۽ هر ڪم لاءِ توهان سان گڏ رهنداسين... وڌيڪ ٻين دوستن کي مون طرفان مبارڪون ڏيندا... جن توهان سان ان ساٿ ۾ سهڪار ڪيو... خاص طور تي فياض چنڊ ڪليري، جنهن جي ڪهاڻي ۽ شاعري به وڻيم... کيس منهنجا سلام چوندا. وڌيڪ ڪچهري گڏجي ڪنداسين... خط جو اوسيئڙو رهندم... ۽ ها... مان اڪثر ’سنڌوءَ‘ رسالي ۾ لکندو رهندو آهيان... دعا ڪجو، هي تخليقي عمل تاحيات جاري رهي.
سڪ منجهان
سڪندر علي هاليپوٽو