مانجهي
مڪليءَ جو قبرستان
سارنگ!
ها، تنهن جو خط (گڏيل) مليو، سرهو ٿيس يا ارهو انهيءَ کي ڇڏيون ٿا ڇو ته اهو ڳُڙ آئون کانءُ (پيئان) ٿو. مڪليءَ جي قبرستان (هاسٽل) ۾ رهيو پيو آهيان، ٻيون به ڪجهه شيون مون سان گڏ رهن ٿيون، رَنڙيون راتيون، مَٿي ڦِريا ڏينهن، ڪنهن کان وڇڙي آيل موسمون، نڌڻڪيون هوائون، منهنجا حسين خواب (جن سان دراصل ريپ ٿيل آهي) نالائق سوچون، ذهن جي تباهه ٿيل گلين ۾ ڀٽڪندڙ تصور، ها، اهڙي دنيا ۾ ڪجهه مهڪ ڀريون سارون به آهن. مون سان گڏ انهن سڀني شين تي ڏينهن جو سج، رات ستارا ۽ چنڊ گڏجي کلندا آهن، پر هو ڪاريون راتيون به چرچا ڪنديون آهن، هُو پريان (اوڀر کان) ٺٽو به ٺٺوليون ڪندو آهي ۽ آئون پڻ تماشائين ۾ شامل هوندو آهيان، مهرباني ڪري پنهنجا پاڻ تماشائي نه ٿجو. آئون چاهيان ٿو ته ڊسمبر جي موڪلن ۾ اچ ته ڪجهه اندر جون اوريون. تون ڪيئن آهين، تنهنجي سنگت ڪيئن آهي، تنهنجي ڪلا ڪيئن آهي؟
سلام
پنهنجي پاڻ جو به نه،
مانجهي
*
22 آڪٽوبر 1993ع
مڪلي
مٺا سارنگ!
تنهنجو خط پهتو، ڪافي ڏينهن اڳ ۾، روز سوچيم ته جواب لکان پر نه ڄاڻان ڇو هينئر ڪجهه ڪرڻ کان من ڪيٻائي ٿو. سچ پچ ته هي جيڪا اڄ آهي، تنهن ڪالهوڪا ڪيترائي ڏينهن کاڌا آهن ۽ ”اڄ“ انهن خوبصورت ڏينهن جي کاڄ جو نتيجو آهي، جنهن ٻاروتڻ کان وٺي جوانيءَ جا خوصورت ترين ڏينهن کاڌا آهن.
زندگي ڇا آهي؟ انهيءَ جو هر موڙ ڪيترو نه خوبصورت آهي ۽ ساڳي وقت ڪنهن اونڌاهي کوهه ڏانهن ڌڪيندڙ پڻ آهي.
هينئر رات جا 4.00 ٿيا آهن، ڪجهه دير اڳ آئون هاسٽل جي روم مان ٻاهر نڪري مٿي ڇت تي اچي بيٺس، هلڪي هلڪي اتر جي هوا، رات جو پويون پهر، ستارن جي سُس پُس، مڪليءَ جي هُوڪاريل فضا ۽ اوڀر طرف انهيءَ خوبصورت شهر ٺٽي جي بتين جي جهرمر جنهن مون جهڙن الائي ڪيترن جي زندگين جا جام پيتا آهن ۽ انهن سڀني جامن جا خمار ٺٽي جي شهر جي نيڻن ۾ سَجيل آهن ۽ نه ڄاڻان ڪيترن مون جهڙن جون جوانيون هُن جهپي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀريون آهن ۽ ڪيترن مون جهڙن جي وارن کان ڪاريون راتيون کسيون آهن، ڪيتريون ڦوهه ڦلارن جون مهڪون اُٺيون آهن، ڪيترن جي موتئي جهڙن مُکن تان مرڪن جا گل پٽيا آهن، ڪيترن نگاهن جون ادائون (صدائن ۾ تبديل ڪري) مروڙيون آهن ۽ ڪيترن جي ڇاتين جي ڍنڍ جا ڪنول ڇني، سي سڀ پاڻ سمائي پاڻ خوبصورت ترين ٿي ويٺو آهي. آئون ڇت تان هيٺ لهي آيس ڪو هوا جو جهونڪو ڪَن ۾ تنهنجو نالو کڻندي هليو ويو ۽ ايندئي پين پنو کڻي توڏانهن ڪي گل ته نه پر ڪجهه سُڪل ڪليون ئي سهي آڇيان ٿو. گذريل وئڪيشن 1992ع ۾ آئون لاهور ۾ هئس. اسان تمام گهڻو پي جنهن مهل هيرامنڊي گهمي رهيا هئاسين ۽ مون کان ڪنهن دوست پڇيو هو ته ”ڪيئن لڳو هي زندگي جو پَل؟“ چيو هوم ”هن سر جي گدلي سينور ۾ هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آهي.“ ۽ ڪجهه اڳتي هڪ مُجري ۾ وڃي ناچ ڏٺوسين، اُتي به انهيءَ منهنجي دوست جهومندي چيو هو ”زندگي فقط هي ئي آهي“ مون سوچيو هو ته هڪ ڏينهن هُوءَ پنهنجي سهيلين کي ڪينجهر تي وٺي آئي هئي. اسين ٻيڙيءَ رستي ڪينجهر جي هڪ نويڪلي ڪپر پهتا هئاسين، اُتي هُنن سڀني رقص ڪيو هو. هنن تي انهن جو پاڇو پيو هوندو.
سارنگ! ڪينجهر جا ڪپر مون کان ڪيئن کسيا، ڪيئن ڪنهن جي هٿن جو جام پي هميشه لاءِ ٺٽي جي گهٽين جو کاڄ بنجندو رهيو آهيان اها ڏاڍي وڏي ڪٿا آهي، تو لکيو آهي ته آئون ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهيو آهيان، جنهن تي تون خوش آهين، پر سچ پچ ته مون کان زندگيءَ جا خوبصورتي کسي ويئي آهي. آئون جڏهن پرائمري اسڪول ڪينجهر ۾ استاد هوس انهيءَ کان وڌيڪ مون لاءِ ڪجهه به نه هو.
نوڪري ته زندگي جي لعنت هوندي آهي جيتري وڏي نوڪري اوتري لعنت وڏي. البته پنهنجو درس و تدريس سان واسطو آهي، انهيءَ ڪري ڪجهه سهمت آهيون.
تو ڪويءَ جي حال احوال لاءِ لکيو آهي ته مون کي جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو، پر انهيءَ لاءِ مهاتما ٻُڌ جو هڪڙو واقعو مون کي ياد آيو آهي انهيءَ جو سهارو وٺندس، مهاتما ٻڌ جيڪو دنيا جو وڏو مثبت مفڪر هو، انهيءَ جي پوئلڳن هڪڙي ڏينهن سوچيو ته سائينءَ کان پُڇون ته ڀڳوان / خدا ڪٿي آهي، آهي به يا نه آهي، سو هڪ ڏينهن سڀئي گڏجي مهاتما ٻُڌ وٽ آيا، چيائون ”سائين ڀڳوان/خدا ڪٿي آهي، ڪيئن آهي، ڇا آهي، آهي به يا نه!؟“ مهاتما ٻُڌ سوال ٻڌي ٻه منٽ بلڪل خاموش ٿي ويو ۽ منٽن کان پوءِ خاموشي ٽوڙيندي چيائين ’اچو ته دنيا جون ڳالهيون ڪريون‘ اها ٻن منٽن جي خاموشي اڄ به ٻڌمت وارن وٽ آهي، هُنن جي عبادت ئي اها ٻن منٽن جي خاموشي هوندي آهي، جنهن کي Nobel Silence چيو ويندو آهي.
آئون پاڻ کي اهو ٻار لڳان ٿو جيڪو راند روند ڪرڻ لاءِ گهران نڪتو هوس، راند ڪُڏندي ڪُڏندي پوپٽ پڪڙيندي ڏاڍو پري نڪري آيو آهيان، هاڻي مون کان سڀ رستا وڃائجي ويا آهن. طرف به ڀُلجي ويو آهيان، ماڻهن جي هجومن ۾ اچي پيو آهيان. جن جي ٻولي سمجهي به نه ٿو سگهان ۽ نه ئي پنهنجي ڳالهه سمجهائي سگهان ٿو، ها سارنگ! آئون اهو وڃايل ٻار آهيان.
شعور ته ڄڻ ته ڪو محبوب آهي، ڏاڍو ڏنگي ٿو، ڏاڍو آزاري ٿو، ڏاڍو ساڙي ٿو، دردر ڀٽڪائي ٿو، ذليل۽ خوار ڪري ٿو، ماري ۽ جياري ٿو، سڄي دنيا اڳيان اگهاڙو ڪري ٿو، مطلب ته هر قسم جو ايذاءُ ڏي ٿو، تنهن هوندي به ڏاڍو وڻي ٿو، ڏاڍو پيارو آهي، ڏاڍو عزيز آهي ۽ زندگيءَ جي سموري خوبصورتي ۽ سچائي آهي ۽ مون انهن سمورين خوبصورتين ۽ سچاين سان پيار ڪيو آهي، پيار؟ ڏاڍو پيار. انهيءَ سان پيار فقط مون نه پر ٻين به چرين ماڻهن ڪيو آهي، جن مان تون به هڪ آهين سارنگ!
ڪڏهن اچ ته ڪجهه حال احوال ڪيون، ڏاڍا ڏينهن ٿي ويا آهن، متان اڄ ته ٺهيو، پر مستقبل به ماضيءَ جو کاڄ نه ٿي وڃي.
باقي، اسد، فياض، وسيم به ڏاڍا ياد ايندا آهن، منهنجا ڪجهه سلام چئجان ۽ چئجان ڪڏهن خط ته لکن. اچڻ لاءِ انهيءَ ڪري نٿو لکان جو وسيم جهمپير ۾ آيو اُتان ٿي هليو ويو، پر ڪجهه ڪلاڪ ڪڍي مون تائين نه پهتو. ميار ڏجانس. محمد بخش کي پڻ سلام. چڱو شال ڌرتيءَ جي سُونهن ۽ سچائي سلامت رهي.
تنهنجو مانجهي
*
4 اپريل 1987ع
هائي برو هي ڀنڀور نه ڄاڻي،
ڪير منجهس آري ڙي.
(اياز)
مانوارا سارنگ سهڻا ادا!
رات ڪنهن وينگس جي ڪارن زلفن وانگر وٽجي سَٽجي پنهنجو پاڻ کي ويڙهي وڃڻ لاءِ آخري سڏڪا ڀري رهي آهي. پورب پاسي ڳاڙهي لالاڻ ڪنهن ڦوهه جوان ماڃرجي مهاڻيءَ جي گلڙن مان چورايل لڳي ٿي. جا ڪنهن حسين مصور جي هاريل لڳي ٿي. ٺٽي جي هوا جنهن ۾ ڪنهن جي ڪنوار پڻ جي هلڪي هلڪي هُٻ هلي رهي آهي. جنهن ۾ جوڀن جي آڳ جي اُٻ به آهي. ڪنهن وينگس انگ انگ جو ڇُهاءُ ڇٽي ڇڏيو آهي ۽ جن ۾ منهنجي سپنن جي سُرهاڻ لڳي ٿي.
آئون سَڄي رات مسلسل جاڳيو آهيان، هينئر ته پرهه ڦٽيءَ ويل به ٿي چڪي آهي. آئون ٽيو ڏينهن اسڪول تان موڪل ڪرڻ وارو هوس ته هڪ فقيرياڻي جا پنڻ آئي هئي. هن جهان کان حسين لڳي هئي. هِن جي جهولي منهنجي من جيان لڳي ٿي، جو پڻ ڪنهن لاءِ ڦهلايل آهي. هن جا چوليءَ مان جهاتيون پائيندڙ اُرهه ڪوئي آمد جو اعلان هئا. مون هن جي نيڻن ۽ ڪارن لڙڪندڙ وارن ڏانهن ڏٺو. مون کي ٿر جي رات ٺريءَ جو ٿڌڙي مٺڙي ٿڌڪار لڳي هئي. سچ پچ ته حسن سڀڪجهه آهي. هُن ويندي ويندي ڪجهه اهڙي انداز سان نهاريو، جو مونکي ڀنواٽي اچي ويئي ۽ سماج جو هر ستم منهنجي اکين اڳيان ڦري ساڙڻ لڳو.
منهنجي ڏات جي ديوي جا ڪافي ڏينهن کان رُٺل هئي جا ويجهي منهن جي ڪلهي تي هٿ رکي بيٺي، جنهن وقت منهنجي ڏات ڪنهن پهرين پهرين اوڏڻ جهڙي لڳي هئي، جنهن هن ڌرتيءَ تي پهرين پهرين اجها اڏيا هئا ۽ آئون اهو صدين جو انسان هوس. مون پاڻ کي موهن جي دڙي ۾ ڦرندي ڏٺو ۽ سنڌوءَ ڪناري رهندڙ ڪوئي سوڍو لڳو هوس، هونءَ به سرمد جو رت پاڻ ۾ ته هر وقت محسوس ڪريان ٿو. منهن جو هر پل سرمد جي سپنن جو تعبير لڳي ٿو. مون ٺٽي جا سونارا ۽ سوناريون ڏٺيون آهن، پر شايد سرمد ماڃر جا مهاڻا ڏسي نه سگهيو هو. ڪينجهر جي ڪنڌين جا رهواسي ڏسي نه سگهيو هو. هُن شايد چانڊوڪين راتين ۾ ڪينجهر تي پوئينءَ رات جو ڪنهن جي جوڀن جي پڻ ڪنوار جو ڇُهاءُ محسوس نه ڪيو هو. هو انهيءَ دنيا ۾ رهي اسانجي دنيا کان وانجهيل رهيو. توڙي جو هوءَ به اسان جو ساٿي آهي. آئون سرمد کان ڏاهو آهيان. مون ڪينجهر تي هر مند ۾ هر پل رهاڻ ڪري گذاريو آهي. مون باک مهل ماڃر ۾ ماڪَ وسندي مهل ڍنڍ ڪنارن تي کينچل ڪندي ڏٺو آهي. مون اهي پل ڏٺا آهن، جيڪي لطيف جو بيت لکنداآهن، جيڪي ميران جو دوهو لڳندا آهن. جيڪي ڪاليداس جون تشبيهون لڳندا آهن. جيڪي اياز جا گيت لڳندا آهن. جيڪي معصوم مُرڪ لڳندا آهن.
توهان جو ڪافي ڏينهن اڳ خط مليو هو، جنهن لاءِ مون مڪمل ڪوشش ڪئي هئي، پر اياز کان معلوم ٿيو ته توهان روشنيءَ ۾ وڃي رهيا آهيو. پوءِ چُپ ٿي ويس، جيڪڏهن اڃان به نه ٿي ته خط لکجو اميد ته بندوبست ٿي ويندو. پر اچڻ کان اڳ خط ضرور لکجو. آئون خط جو جواب ڏيئي نه سگهيس انهيءَ لاءِ معذرت.
ادا سچ پچ آئون پاڻ کي ڪڏهن سارنگ سهتو لڳندو آهيان. پريشان، مايوس، ۽ انهن به مُرڪ- ڇا تو ڪڏهن منهنجا سڏڪن ڀريا سڏ هوائن ۾ محسوس ڪيا آهن؟ آئون ميران وانگر بنن ۾ ڀٽڪيو آهيان. پر پوءِ به اڏول آهيان.
مون کي اياز جو چوڻ ياد پيو اچي: ”هر شاعرِ محبت، شاعر انقلاب ٿي سگهي ٿو، پر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت نٿو ٿي سگهي.“ هائو مان شاعرِ محبت آهيان.
ڪافي ڊيگهه ڪري چڪو آهيان. اسڪول ٽائيم به ٿي رهيو آهي، تيار ٿي اسڪول وڃڻو آهي. منهنجي ترجماني اياز جو هي ٽيڙو ڪري سگهي ٿو.
ڏن ڳرو ڏيئي
جيئڻ ڪاڻ جيئون پيا،
ميان مڙيئي.
سڄي سنگت کي سلام چوندا. آئون اُميد ته اوهان جي ڳوٺ جلد ئي ايندس. ڇا رمضان ۾ ماني وغيره ملندي يا نه؟ لکندا.
پرت اسانجي رات ٺري جو
ٿر جي ٿڌڙي واريءَ وانگر
ڏات اسانجي ڇرڪي ’مانجهي‘
ڪنهن ڇوري ڪنواري وانگر،
اوهان جو پنهنجو، مانجهي
*
20 سيپٽمبر 1990ع
حيدرآباد
شال سونهندو رهين
سارنگ!
ڪالهه رات دير تائين جڏهن آئون ۽ ڪوي ڪينجهر جي هڪ نويڪلي ڪَپَ تي ڪچهري ۾ مصروف هئاسين. اچانڪ سانوڻيءَ جي ڪنهن کينچلي وڄَ جيان تنهنجو ذڪر هليو. ائين جيئن وڏڦڙي وسڪارو. ڪنهن ڳالهه تي ڪوي ايئن ڇرڪيو، جيئن آئون ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ ننڍڙي ڪهاڻي پڙهي ڇرڪيو هئس. ها بلڪل ايئن جيئن جڏهن مون تنهنجو ذڪر هُن سان هڪ ڀيرو ڪيو هئم ۽ هوءَ پڻ.
ها سارنگ! منهنجي ويجهن وٽ اڪثر ذڪر تنهنجو ٿيندو آهي، هونءَ به آئون پنهنجي پاڻ ۾ توهان پارن گهڻن ئي سڄڻن جون محفلون ڪوٺيندو آهيان، جيڪي اڪثر ٿينديون آهن. اڄ جڏهن آئون اڪيلو هاسٽل تي پنهنجي روم 24 تي ويٺو هوس ته تنهنجي ياد به ماکيءَ ميٺ جيئن محسوس ٿي ۽ آئون اُٿيس ميز تان قلم ۽ ڪاغذ کڻي توڏانهن ڪجهه لکڻ لڳو آهيان. آڏا اُبتا لفظ جيڪي چون ٿا اظهار جو بهترين وسيلو آهن، پر سارنگ سچ پچ لفظن مون سان اهڙي قسم جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏنو آهي. جڏهن به جيڪو ڪجهه مون اظهار ڪرڻ چاهيو آهي. ڪڏهن منهنجي جذبن ۽ احساسن جي مڪمل اُپٽار ڪري سگهيا آهن!؟ نه! بلڪل نه!
زندگي جيڪا پاڻ هڪ سهڻي سدا سُرهي آهي، سا هميشه سونهن جي ڳولائو رهي آهي، جيئن مون وٽ ايئن جيئن ڪرڙ جي ٻوٽي جي ڦلار، جيئن ڦوڳ ڦلار، جيئن ٻير جي ٻور تي پوپٽ ڀيرو.
سارنگ! هاڻي وڌيڪ آئون ڪجهه به نه ٿو لکان ڇو ته لفظ اڄ ڪنهن الهڙ ڇوريءَ وانگر مون کان ٽهن پيا. جن سان آئون ڪڏهن ٻکيو پيو هوندو آهيان.
چڱو خط ضرور لکجانءِ پر تڪڙو. دير نه ڪجانءِ.
ها تو سوچيو هوندو ”هاسٽل ڪهڙي؟“ ها! منهنجي ٻه مهينا کن اڳ ۾ بي ايڊ (اولڊ ڪيمپس حيدرآباد يونيورسٽي) ۾ سليڪشن ٿي آهي. آئون ريڊيو پاڪستان سامهون مٺارام هاسٽل جي روم نمبر 24 ۾ رهندو آهيان. ضرور اچجانءِ. وسيم کي سلام.
تنهنجو پنهنجو
مانجهي
*
29 سيپٽمبر 1982ع
ٺٽو
ساگر جي سيرن منجهه ٻُڏان،
تڙ تڙ تي مون لاءِ تڙيون.
(مانجهي)
سارنگ! سُرخ سلام.
دنيا جون وڏيون وڏيون چوٽيون ته چڙهي چڪا آهن، پر انسان جي سوچن جون بلندين تائين ڇاڪير پهتو....
ڪينجهر جي عام عورت ڦلان ماڇاڻي (آڳاٽو ٿي گذري آهي) ڏينهن جو واندڪائي ويل ۽ جڏهن لوڪ ستو ٿي ته هيءَ اُٿي ڍنڍ ڪپر تي اچي ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ ويهندي هئي. باک ڦٽڻ ويل پنهنجي گهر اچي هنڌ تي ليٽي مُنهن گنديءَ ۾ لڪائي اوڇنگارون هڻي روئندي هئي. ماڻهن ليکي ڦلان ستل خواب لهي ٿي ۽ هو اٿاريندا هئا. ايئن ڦلان جي عمر گذري ويئي پر هن جو راز ڪير به معلوم ڪري نه سگهيو. هونءَ ته ڦلان عقلمند ۽ با همت هئي. پر هي ڇا هيو جنهن ڦلان جهڙي ارڏي عورت کي اوسيئڙن جي عمر ڏني، ڪير معلوم ڪري سگهبو؟
جي ها!... !!.... !! مون اهڙين گهراين ۾ گهوري ڏٺو آهي ڏات جي ڏياٽيءَ جي اُهاءُ ۾.
ادا، چوڻي آهي کاري جي ڍوري ۽ ڍوريءَ جو ۽ ماڃر جي ڇوري ۽ ڇوريءَ جو انت ڪنهن به نه لڌو. بلڪل صحيح،....پر اسان ته اهڙين گهراين جا رهواسي آهيون، توضرور سوچيو هوندو ته هي هروڀرو ڦُلان جو ذڪر مون ڇو ڪيو، پر آئون اهو ٻڌايان ٿو ته اها گهرائي اُها آزاد اُڏام منهنجي رت جي ڦڙي ڦڙيءَ ۾ رليل آهي. ڇا هن سماج ۾ اهڙو به ڪو هوندو جو سُرت ۽ ساڃهه کي قيد ڪري سگهي... مون تنهنجي ترجمو ٿيل ڪهاڻيءَ ۾ تنهنجي ڪردار کي صاف ڏٺو، اها ڪهاڻي اسان ’سر سَوَتي‘ ۾ ڪهاڻين جي مهڙ ۾ پيا ڏيون. معاشي حالتن لاءِ ۽ مئگزين جي سلسلي ۾ مونکي تمام گهڻي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پئي آهي، جنهنڪري آئون توهان ڏانهن اچي نه سگهيس. توهان جي ٽريننگ لاءِ مون ڳالهايو هو، پر توهان دير سان اطلاع ڪيو، سو هاڻي نا ممڪن آهي. آئون توهان وٽ نوابشاهه 15 آڪٽوبر 1987ع خميس جي شام جو اميد ته ايندس حال روبرو اوربا.
ڪالهه به مون ۽ ڪويءَ ننگر جي گلين ۾ هلندي تنهنجو ذڪر ڪيو هو. ادا، ڪويءَ جو هر پاسو ڪوي آهي. ڪويءَ جي ساٿ مون کي هيج ڀري چنبيليءَ هٻڪار ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ جي ٿڌڙي چانڊاڻ ڏني آهي. ڪويءَ تي آئون ڪڏهن الڳ لکندس. جيئن سمجهيو ويو آهي، ايئن ناهي هن کي سمجهڻ تمام ڏکيو آهي. موسمن جي تبديلين (ائٽمي ڌماڪن وغيره کان متاثر ٿي) هيل سارنگ کي اچڻ ئي نه ڏنو. سارنگ مان ست ڪڍي ڇڏيو آهي. ڇا سارنگ هاڻ نه ايندو؟ ها..... مڪليءَ تي کلندڙ کنوڻ، ڀتن تي برسات جي ڀيڄ، ڪارونجهر تان ڪڙڪاٽ ڪري وهندڙ پيار جهڙي برسات جو پاڻي، ڇا اهو سڀ ڪجهه نه ٿيندو ۽ ڇا ماڻهن جي مزاجن به اهو اثر قبول ڪيو آهي؟
کڻي پاند پنهنجي گلابي گهڙيون،
سدا دل چوي ٿي تون ايندين ضرور.
تنهنجو پنهنجو
مانجهي
*
4 آڪٽوبر 1989ع
ڪينجهر
سامي! چنڊ نياڻ ۾ ٽٻي ڏي ٿو،
۽ پوءِ ٿئي ٿو، ننگي ڇاتي نار جي.
(اياز)
سارنگ شال تنهنجا رنگ رهن. سلام!
جيئن ته ياد ڪيئي تنهن لاءِ ڀلايون. ڏاڍو سرهو ٿيس، سرهائي فقط ان لاءِ نه ته ساريئي، پر اُن تي به ته تنهنجي لکت جا لفظ ڪنهن جي پنکڙين جهڙن چپن جيان چُري ڪيئي ماجرائون ڏيڻ لڳا. تنهنجي لکت مان درد جيڪو سرس بکيو پئي، درد جنهن ۾ ڪا سگهاري سُرهاڻ هئي. اها درد جي سگهه ۽ سُرهاڻ جنهن ماڻهوءَ کي انسان ڪيو. جنهن درد 1رودڪي پيدا ڪيو، جنهن درد پُشڪن پيدا ڪيو، جنهن درد جيڪ لنڊن پيدا ڪيو، جنهن درد هر اُوچي سوچ پيدا ڪئي.
ادا، ڪينجهر جي ڪپَ تي مونکي ڪنولن جي ڪوملتا ۽ وِڦلندڙ ڇوليون مليون آهن ۽ هن وستيءَ جو واس. سچ ته منهنجي ڏات جون ڇوليون به ڇرڪي پيون آهن ۽ الائي ڇو مون تنهن کان ڏاڍو لنوايو آهي. حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي بَد حالتن ڏاڍو ڏکويو آهي. سپنا جن ۾ اڳ رڳو سندرتا ۽ سرهائي سَجَندي هئي، هاڻي انهن سپنن ۾ لَهو ۽ لاش آهن ۽ ساڃاهه ڏاڍو ڏنگي ٿي. ڪڏهن اچ نه اُهي احوال اوريون.
سنگت سَرهي آهي ۽ سلام چئي ٿي ڪويءَ سميت. توهان به شال سُرهي ساٿ سان سَرها هجو. وَسيم کي چئجانءِ خط ته لک. ادبي سرگرميون اوهان جون ڪهڙيون ۽ ڪيئن آهن. ضرور لکجو. مڪلي ۽ ننگر واري سنگت ڪڏهن ڪڏهن ملندي آهي. پڄاڻيءَ ۾ رڳو پيار.
تنهنجو
مانجهي
*
سارنگ!
ڇا توکي ننگر جون سارون نه اينديون آهن؟ ۽ ننگر جي حوالي سان آئون به ياد ڪونه ايندو آهيان؟ ڇو سارڻ ڇڏي ڏنو اٿئي؟ تنهنجي منهنجي وِڇڙئي کان پوءِ ڪيڏيون حالتون بدلجي چُڪيون آهن هن ديس جون.
آئون پنهنجي اسڪول تي (پرائمري اسڪول ڪينجهر) جڏهن ٻارڙن کي پڙهائيندو آهيان ۽ هيڏي هُل ۾ ڪو ٻار خاموش پنهنجي سوچن ۾ گم ٿي ويندو آهي، تڏهن تون ڏاڍو ياد ايندو آهين. ڪالهه جڏهن آئون مڪليءَ تي جهوني قبرن جي پٿرن تي ڪجهه پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته مون کي کل ٿي، ڄڻ قبرن مون کي گلي مان جهلي چيو پي ”وڃ هليو هيتريون پيڙهيون وساري اڄ آيو آهي اسان کي سارڻ. اسان جنهن ديس تي ڪو سو واءُ نه نه سٺو، انهيءَ تي ڪربلا آهي. سو ديس جلد ئي ناگاساڪي ڪرڻ لاءِ سانباها ڪيا پيا وڃن، ڇا تون آيو آهين اسان تي چٿرون ڪرڻ؟ ادا! پنهنجا ڀائر بارودن سان نه سونهن، پر هن کي وک وک تي بارود ڏسڻو پوي ٿو ۽ بارود ته انسان جي زندگيءَ جو حصو ٿي پيو آهي. سارنگ! انهيءَ موضوع تي آئون وڌيڪ نٿو لکان. توکي رڳو ايئن ٿو چوان ته اچ يا لک ته تنهنجي ماجرائن جو پتو پئي. الائي ڪهڙي ڳيهڻ ۾ ڦَسي پيو آهين. ڇا توکي به وقت مون جيان ته پيڙهيو ناهي؟ پڄاڻيءَ ۾ تولاءِ ۽ سٿ لاءِ پيار.
تنهنجو
مانجهي
*
1 جنوري 1990ع
ڪينجهر
پچڻ گهڻا پچايان، تون پچڻ کي پَچاءِ،
(لطيف)
سارنگ! سائين، سَرهو هجين شال! سلام!
تنهنجو خط مليو، سارڻ لاءِ لک ٿورا، پر تنهنجي لفظ لفظ مان مايوسيءَ جي اُپٽار محسوس ڪري ڏاڍو ڏک رسيم. ادا، هي وحشي سماج آهي جنهن مان وحشت جي ئي توقع رکڻ کپي، ٻي ڪا به نه. ماڻهو ماڻهوءَ جي من ۾ ٿورو جانچي ڏسبو ته حيرت محسوس ٿيندي. توهان جون مڪليءَ ۾ ادبي خدمتون به سٺيون آهن. سارنگ، آئون تو سان ملڻ چاهيان ٿو، چَئو ڪيئن ملان. آئون آزار کان بچڻ بجاءِ آزارن سان اڙي پوندو آهيان ۽ اڙڻ ۾ ئي مطمئن هوندو آهيان. ننگر ۾ تنهنجو ذڪر اڪثر هلندو آهي. جڏهن تون ڪراچيءَ کان موٽندي آيو هُئين، تڏهن آئون ننگر ۾ ئي هوس، پر الائي ڇو ملي نه سگهياسين. منهنجي عزيز کي به خبر هُئي.
منهنجي شاعري ته مختلف رسالن وغيره ۾ پڙهندو هوندين، ڪيترو مطمئن آهين. ضرور لِکج. تون پنهنجي سرگرمين جي باري ۾ ضرور لکج. وسيم کي منهنجا سلام چئج. توکي ڪوي ۽ اثر سَلامَ چون ٿا. پڄاڻيءَ ۾ پيار تو لاءِ.
تنهنجو
مانجهي
- خط جي موٽ جو اوسيئڙو رهندو. پر هڪ ڳالهه ياد پيئم سو تو لکيو رابطو نه ٽوڙجان. سارنگ ڪهري حيرت ڀري ڳالهه لکي اٿئي.تون ته اڪثر موقعن تي مون ساڻ هوندو آهين. چئبو وهم ڌارڻ به سکيو آهين. نه هرگز نه!!
*
1 اپريل 1992ع
سارنگ! خوش هجين شال!
ڪهڙا خير هوندا پاڻ غلام ماڻهن وٽ.
ڏينهن ٿيا آهن حال احوال نه مليو آهي. حادثاتي طور تي ڪنهن ميڙ ۾ ڪا ملاقات ٿئي ٿي نه ته بس، نه اسين ڪنهن پروگرام وغيره لاءِ چئون نه ئي اوهين. پر سارنگ! ننگر ٺٽو ته تنهنجو پنهنجو آهي، جڏهن اچين هليو اچ اوسيئڙو رهندو.
21مارچ تي منهنجو H.S.T جي حيثيت سان هاءِ اسڪول ڇتو چنڊ ۾ آرڊر ٿيو آهي. سارنگ! آئون ڪينجهر تي ڏاڍو خوش هوس، ڪينجهر جو هڪ حصو ٿي ويو آهيان. انهيءَ اسڪول تي منهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون گهُرجون پوريون ٿي رهيون هيون. اهو تمام گهڻو ڊگهو موضوع ڪڏهن روبرو موقعو مليو ته ڪبو. ٺٽي ۾ جاءِ مسواڙ تي ورتي آهي. ڪوي به ساڳي اسڪول تي آهي، تنهنڪري گڏ ئي هوندا آهيون. پر ها! آئون هاڻي وڌيڪ نه لکندس، انهيءَ ڪري جو تون خط ڇو نٿو لکين، آئون احتجاج ٿو ڪريان. بس!
سلام اسد ڪيريو ۽ فياض چنڊ کي کوڙ سارا ڏجو، کين چئجو ڪجهه ته ياد ڪيو.
مانجهي
*