مختلف موضوع

دوست وراڪو دل سين (خط)

هي ڪتاب ”دوست وراڪو دل سين“ محترم سارنگ سهتي ڏانهن لکيل ۽ سارنگ سهتي پاران لکيل خطن جو مجموعو آهي. هونئن ته سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪيترائي سهيڙيل مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ عام رواجي حالن احوالن سان گڏوگڏ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ذاتي مسئلن تي پڻ خيال آرائي ڪيل آهي، ايئن هنن خطن ۾ پڻ عام رواجي حالن احوالن سان گڏ ذاتي ڏکن ۽ سورن، غمن ۽ پيڙائن، محرومين ۽ مجبورين سان گڏ قومي درد، فڪري ۽ نظرياتي مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ بحث ملي ٿو ۽ خط لکندڙن جي جيڪا ذهني نشو ونما ٿي رهي هئي، تنهن جو پڻ وستار ڪيل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2912
  • 537
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سارنگ سهتو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دوست وراڪو دل سين (خط)

غلام رسول ٽالپر

محترم دوست رسول،
سدا سکيو هجين شال!
توکي اڳيون خط ڪجهه جذباتي لکي ڇڏيم ۽ هاڻي وري پڇتايان ويٺو، مون سوچيو توکي پاڻ وٽ گهرائڻ لاءِ گهڻو زور بار ڏيئي مون ڪو چڱو عمل نه ڪيو آهي، آئون سدائين توکي پريشان ڪندو رهيو آهيان ۽ سمجهان ٿو ته مون ماڻهؤ زندگيءَ جي تجربن مان ڪجهه به نه پرايو آهي. آئون هر اُن ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آهيان، جيڪو مونکي ٿوري لفٽ ڪرائيندو آهي. هرڪو ماڻهو پنهنجن پيرن تي بيٺو آهي ۽ پنهنجا رستا پاڻ تلاش ٿو ڪري، پر آئون سدائين ٻين جي ڪلهن تي بار ٿيندو رهيو آهيان يا ٻين جي ڪلهن تي چڙهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي اٿم. مون کي پنهنجي گندي ماحول مان جان ڇڏائي آهي، ڇو ته مون کي ان کان سخت نفرت آهي (نفرت جي شدت رڳو آئون ئي محسوس ڪري سگهان ٿو) ته پوءِ ان لاءِ حڪمت عملي به مون کي جوڙڻي پوندي يا آئون چاهيان ٿو ته اسلام آباد ۾ نوڪري ڪريان، پر ان لاءِ مون کي پاڻ ئي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ روٽس ٺاهڻ/پيدا ڪرڻ گهرجن. ڪنهن مهيني جي پگهار کڻي نڪري پوندس، پوءِ جي ڪم ٿيو ته به واهه، نه ته به واپسيءَ جا رستا ته ڪنهن ڪونه بند ڪيا هوندا.
ساڳئي وقت آئون پاڻ کي هتي سيٽ ڪرڻ لاءِ به تيار ڪري رهيو آهيان، سي ٽي پڻ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ڪري رهيو آهيان، ٻيا به ڪي منصوبا آهن، پر حالتن (گهرو توڙي سماجي) نستو ۽ بي حال ڪري ڇڏيو آهي. علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا سڃاڻ هجئي ته ان ۾ منهنجا پهرئين سيمسٽر بهار (1991) جا امتحان ٿيا آهن، سيٽ نمبر B6690463 سي.ٽي. آهي ۽ سينٽر سڪرنڊ هو.
سارنگ سهتو
*
8 فيبروري 1993ع
نوابشاهه
اسين زنده ناهيون، توڻي جو جيئون پيا،
اسين قبرن ۾ ناهيون، توڻي جو مري چڪا آهيون.
(دوستو وسڪي.)
رسول!
اڄڪلهه آئون ڏاڍو منڌل ۽ پريشان آهيان (يقيناً هي جملو توکي منهنجو روايتي جملو محسوس ٿيندو) آئون جيڪو تو جهڙن انيڪ دوستن جو همدرديون ۽ محبتون اڳ ئي وڃائي چڪو آهيان، جنهن جي سماجي ۽ گهريلو حيثيت زيرو آهي، سو واقعي به درد جي پاتال ۾ گم ٿي ويو آهيان ۽ ”بابا“ جي وڇوڙي ته ويتر مون کي عدم تحفظ جي احساس ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي، ها آئون تنها ۽ بي وس ٿي پيو آهيان. بابا جي مرتئي تي ڪيترن يارن تعزيتي خط اماڻيا، مون انهن خطن جي روح کي پرکيو ۽ پروڙ پيم ته انهن مان ڪوبه اهڙو خط نه هو، جيڪو واقعي درد سان لکيو ويو هجي، انهن خطن جي روح ۾ رسمِ جهان، لاپرواهي ۽ بي نيازي سمايل هئي. هڪ سنگتيءَ ته صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي صاف لکي ڇڏيو ته ”مون کي تنهنجي فادر جي ڊيٿ جو ٻڌي ڪوبه ڏک نه ٿيو.“
منهنجي مٿان تمام گهڻو بار پئجي ويو آهي، سماجي ڏکن، گهريلو معاشي الجهنن، توجهڙن سنگتين جي بي رخين، انيڪ محرومين ۽ روايتي مجبورين جو. مون بابا جي جاءِ سنڀالي آهي، ڏاڙهي ڇڏائي اٿم ۽ مسجد جي سيوا پيو ڪريان. (گهر جي قبضي ڪارڻ) رئان به ٿو ۽ جيئان به ٿو، ڪو به ته ڪونه آهي، جيڪو مون تي رحم کائي ۽ منهنجي سهائتا ڪري. لڳي ٿو آئون ”زندگي“ نه پر ”قيد“ ڪاٽي رهيو آهيان، زندگيءَ کي آئون نه پر زندگي مونکي گذاري رهي آهي. آئون مري ويو آهيان، مون آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهوءَ جو فڪري ۽ احساساتي موت، جسماني موت کان گهٽ آهي ڇا؟!
فقط
سارنگ
*
17 فيبروري 1985ع
منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري
ته مر لڳيم لوح، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
منهنجا مٺڙا مير شال سدائين شاد آباد هجين، قائم ۽ دائم هجين ۽ شال سدائين ذهني پيڙائن کان آزاد هجين.
تنهنجي مقدس هستيءَ کي منهنجو نماڻو سلام (شال قبول پوي)
عرض ته مٺڙا سائين! ڪلهه توهان کي گاڏيءَ ۾ خير سان ويهاري دردن ۽ پيڙائن جو بوجهه پنهنجي پٺن تي کڻي نراس دل، هراسيل نظرن، ۽ ٿڪل قدمن سان هارايل جواريءَ جيان مايوس مايوس واپس موٽيس. توهان الائي ڪيئن پهتا. رستي ۾ ڪا تڪليف ته ڪانه ٿيوَ. سا ته خبر ڪانهي، پر پوءِ به اميد ٿو ڪريان ته شانتيءَ سان پنهنجي ماڳ پهتو هوندين، لياقت ڀاءُ جو ڪو پتو ڪونهي، سچ ته سندس مونکي به شديد ڳڻتي آهي. توکي اگر ڪو پتو پئجي ويو هجي ته مهرباني فرمائي آگاهه ڪجان ته جيئن پريشاني ختم ٿئي.
توهان ڪلهه ويا آهيو ۽ اڄ خط لکان پيو، پر ڀاسيم ٿو ته ڳپل وقت ٿي ويو آهي. اوهان کان وڇڙئي، ڪلهه يعني جمعي تي توهان کي ڇڏي گهر آيس ته مهمان آيل هئا، جنهن جي ڪري ٿورو بزي لڳو پيو هوس، ان ڪري اوهان جي جدائيءَ جو احساس ذرا گهٽ لڳو، پر اڄ سڄو ڏينهن اوهان جي خيالن ۾ دڪان تي گم رهيس. سيٺ صاحب به ڪونه هو، ان ڪري ڪجهه واندڪائي به هئي ۽ تنهنڪري توهان جي ياد گهڻو پئي ستايو ۽ هن وقت گهر پهچي هي غلط الائي صحيح، گندن الائي سٺن لفظن جي ڀيٽا اوهان ڏانهن موڪليان پيو، اميد اٿم ته پڙهي ناراض نه ٿيندين، پر جي ناراض ٿي به پوين ته به پِٽجان نه، ڇو ته تو جيڪڏهن پاراتو ڏنو ته مان سمجهان ٿو متان لڳي وڃي. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڏکايل جي دانهن آسمان ۾ طوفان آڻي ڇڏيندي آهي. هي ته مان ناچيز ننڍڙو ماڻهو آهيان. آئون توڏانهن ڪوبه فلسفيانه خط ڪونه ٿو موڪليان ۽ نه وري ڪو بحث ٿو ڇيڙيان، ڇو ته پوءِ وري معاملو تمام گهڻون وڌي ويندو ۽ خط موڪلڻ کان شايد قاصر رهجي ويندس. اُن ڪري صرف حال احوال ۽ ذاتي پيڙاءُ بيان ڪريان ٿو. اڄ دڪان بند ڪيو آيس پئي ته ايندي ايندي اوهان واري هوٽل ڏي هڪ دفعو جهاتي پائي ڏٺم، جيتوڻيڪ پڪ هئم ته اوهان ڪونه هوندؤ، پر پوءِ به مڙئي رهه پوري ڪيم. اڄ سڄو ڏينهن صرف توهان کي ياد ڪندي ۽ اهو سوچيندي گذاريو اٿم ته آئون آخر اوهان ٽنهي جي ويجهو ڇو اچي ويو آهيان. آخر اهو ڪهڙو محرڪ جذبو آ، جيڪو مونکي اوهان لاءِ اُتساهي ٿو، آخر منهنجو توهان سان ڪهڙو رشتو ناتو آ، پر مون کي واضح طور تي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي. رڳو ايترو سمجهان ٿو ته توهان منهنجا محسن (خير خواهه) آهيو، منهنجا همدرد آهيو، توهان مون کي پيڙائن جي دنيا مان ٻاهر ڪڍيو آ، توهان منهنجي زخمن تي پها رکيا آهن، توهان جي محبت مان مون کي اهو پتو پيو آهي ته دنيا ۾ اڃان ڪي عظيم انسان آهن، جيڪي اسان جهڙن اياڻن ۽ غريبن کي به انسانن جي قطار ۾ شمار ڪن ٿا. سچ ته توهان سڀ جا ۽ خاص طور تي تنهنجا مون نماڻي تي ڪروڙين قرب ڪيل آهن، جيڪي آئون عمر ڀر نه وساري سگهندس. گهٽ ۾ گهٽ ان وقت تائين ته ڪونه وساريندس، جيستائين مون ۾ انسانيت هوندي، باقي مون مان انسانيت ئي موڪلائي وڃي ته پوءِ يار مون تي ميار ڪانه اٿوَ. سچ ته توهان سان جڏهن ملندو آهيان، تڏهن مايوسي مون کان موڪلائي ويندي آهي، هنيانء جنهن تي سدائين مڻ بار جا محسوس ڪندو آهيان اهڙو هلڪو لڳندو اٿم، جهڙو ڪپهه جو ڪو ٻُڙو يا پاڻيءَ جو ڪو ڦُڙو. توهان کي ڏسي الائي ڇو مون کي ذهني ۽ دلي ايڏي ته خوشي ٿيندي آهي جو جنهن جي ڪا حد ناهي. دل چوندي آ ته هميشه توهان سان گڏ هجان ۽ توهان جي ئي جهوليءَ ۾ موت ملي، پر ظالم زماني کي پنج منٽ به توهان سان گڏ گهارڻ تي ڄڻ ڪو وڏو ناسور لڳي ٿو پوي. ۽ اهو سوچن ٿا ته هي ڇو پاڻ ۾ ايترو رلي ملي ويا آهن، هنن کي ته هڪ ٻئي سان وڙهڻ کپندو هو، ڇو ته هڪڙو ٽڪي جو نوڪر ۽ ٻيا ڪاليج پڙهندڙ شاگرد.
بس يار! آئون تنهنجو لياقت ڀاءَ جو، امير ڀاءَ جو ۽ تمام گهڻون تنهنجو شڪرگذار ۽ مشڪور آهيان، جو توهان مون کي پنهنجو دوست بنايو ۽ دردن جو بار ڪجهه دل تان هلڪو ڪرايو. هڪ ارمان سو ضرور اٿم ته توهان جي ڪابه خدمت نه ڪري سگهيس. بس يار! اقتصادي مسئلا مون سان ايترا آهن، جن جو ڪو ڪاٿو ڪونهي ۽ توهان جي خاص خدمت نه ڪرڻ جو به اهو ئي ڪارڻ آهي. سچ ته گهڻا دوست ان ڪري به مون سان سدائين لاءِ بس ڪري ويا، جو آئون سندن ڪا به وڏي خدمت نه ڪري سگهيس. ان ڪري ان ڪم ۾ آئون تمام گهڻو محتاط رهندو آهيان. آئون وري به ان غلطيءَ جي نه، پر مجبوريءَ جي معافي ٿو وٺان.
دوست! آئون تمام حساس دل ماڻهو آهيان. ان ڪري جيڪو ٿورو مون کي پيار ڏيندو آ، يا پنهنجو سمجهندو آ ان تان پنهنجي جان نڇاور ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان ۽ کين تمام معتبر سمجهندو آهيان ۽ توهان به اهڙن ماڻهن مان هڪ آهيو، ان ڪري آئون اوهان جي عظيم هستيءَ کي جهڪي سلام ٿو ڪريان.
بس! ڪيئي ڳالهيون آهن جيڪي دل چاهي پئي ته لکان، پر سوچيان ٿو ته تون بور ٿيندين ۽ پنهنجو ٽائم هروڀرو مون جهڙي واهيات ماڻهوءَ جي واهيات تحرير تي وڃائيندين. دوست! سچ چون ٿا هڪ تمام وڏي جرئت ۽ سٺائي آهي. ۽ منهن جي به عادت آهي ته گهڻون ڪري هر ماڻهوءَ کي سچ منهن تي چئي ڏيندو آهيان، پوءِ ڀل ڪاوڙ لڳيس، سچ ٻين کي چوڻ بهادري ۽ سٺائي جو ڪم آهي، پر پاڻ متعلق صاف گوئي ۽ سچائيءَ کان ڪم وٺڻ يعني پنهنجو پاڻ کي سچ چوڻ منهنجي خيال ۾ تمام وڏي بهادري ۽ سٺائي آهي. توڙي جو خبر اٿم ته ان سچ ٻولڻ ڪري مونکي به نقصان پوندو، ڇو ته جڏهن آئون پاڻ متعلق سچ چوان ته توهانکي مون کان نفرت ڪرڻ لڳندؤ، پر پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به مان اڄ پاڻ متعلق سچ ڳالهايان ٿو، پوءِ ڀل تون به مون سان نه ڳالهاءِ ۽ پنهنجا به نه ڳالهائن. بس هڪ ڳالهه ٻُڌي ڇڏ، هر انسان ۾ هزارين خاميون هونديون آهن ۽ اهڙن هزار خامين مان هڪڙي خامي مون ۾ پڻ آهي. جيتوڻيڪ اها هاڻي مون مان ختم ٿي وئي آ. آئون ان تي ڪنٽرول ڪري ويو آهيان پر پوءِ به هن سماج جو اهو دستور آ ته ڪو ماڻهو اگر ڏهه سال اڳ ۾ چور هو، هاڻي بلڪل شريف آ، پر پوءِ به جڏهن به ڪاوڙجندس ته اهو طعنو ضرور هڻي ڪڍندس ته سڃاڻو ٿا توکي تون فلاڻون چور چور جو پٽ آهين. سو ان کان اڳ جو توهان مون متعلق سوچيو ته هي سٺو ماڻهو آ. آئون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته آئون تمام روڊ قسم جو ماڻهو آهيان، انتهائي واهيات ۽ ذليل. ڪميڻون، لفنگو، لُچ ۽ لوفر، بي حيا، بي شرم، بي غيرت ۽ ٻيو گهڻون ڪجهه. توڙي جو هاڻي شريف آهيان. جيتوڻيڪ اڳ ۾ به هوس، پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪيفيت تمام ڪميڻي قسم جي ٿي ويندي هئي ۽ نهايت ئي ڪڌائپ ۾ ڪاهي پوندي هئي. ان ڪيفيتن جي ڪري ئي آئون پاڻ کي دنيا جو سلجهيل قسم جو واهيات ترين انسان تصور ڪندو آهيان. آئون برائي جو مجسمو آهيان. منهنجي برائي جيڪا مون ۾ هئي، اها اڄ به اگر توکي ٻڌايان ته تون مون کان نفرت ڪرڻ لڳندي، توڙي جو تون سلجهيل آهين، پر پوءِ به ڳالهه به اهڙي آهي نه. الائي ڇا لکيو اٿم، سا ته خبر ڪانه اٿم، ڇو ته ننڊ پئي اچي ۽ جهوٽن سان لکان پيو، بس ايترو سو سمجهان پيو ته ذاتي پيڙا پيو لکان، جيڪا توکي وقت وڃائڻ کانسواءِ ڪابه شيءَ ڏئي نه سگهندي. اميد اٿم ته جواب ڏيندي، پر نه ڏي ته به ڏک ڪونه ٿيندو، ڇو ته آئون سراپا نفرت آهيان ۽ ٻيو ته مون کي هرڪو جواب به ڪونه ڏيندو آ.
ڀاءُ لياقت به سٺو ماڻهو آهي، يار شهري ڇوڪر ٿي اسان سان ايترو فري ٿي ٿو ڳالهائي، پر ڪا به وڇوٽي نٿو رکي، اسان ۾ ۽ سندس ۾. سچ ته سندس اها عظمت عظيم آهي، آئون ان کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان. سندس جيڪڏهن پتو هجي ته لکي موڪلجو.
آخر ۾ آئون توکان هٿ ادب جا ٻڌي پيرن کي چمي معافي ٿو وٺان ان ڳالهه جي ته جيڪڏهن متان مون ڪٿي تنهنجي دل آزاري ڪئي هجي يا تنهنجن جذبن کي ٺيس پهچائي هجي يا ڪا ٻي لفظن جي رويي ۾ تڪليف ڏني هجي ته مهرباني فرمائي مون غريب کي معاف ڪجو. جيڪڏهن منهنجي طرفان ڪڏهن به ڪو توهان کي اهنج ۽ ايذاء رسيو هجي ته ان لاءِ به هٿ پيرن تي رکي اوهان کان معافي ٿو وٺان، اميد ته قبول ڪندا. بس آخر ۾ موڪلايون ٿا هنن لفظن سان ته ”پنهنجو نينهن بچي، شال بچي، ڪاريهر جي ڏنگ کان“.
فقط تنهنجو ڏکايل ڀاءُ
سارنگ

*
ٺٽو، 15 جون 1985ع
سرجيس تان سور سامايس تان سک ويا،
اهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
(شاهه)
منهنجي من مندر جا سائين، هن بت خاني جا صنم،
سنڌو سائين، شال سدائين شاد هجين!
منهنجا دوست! ”مان ڪجهه به ناهيان، مان رڻ ۾ ڀٽڪندڙ روجهه وانگيان پاڻيءَ جو ڳولائو آهيان، پر پاڻيءَ تائين پهچي نه سگهيو آهيان. مان ڪارونجهر جي پوٺن تان رڙيون ڪندڙ مور آهيان، جو ڪنهن ڪاريءَ ذات کان ڪنارو ڪندو آهي ۽ رڙيون ڪندو آهي، پر مان ڪابه دانهن ڪري نٿو سگهان. مان مينهن لاءِ تنواريندڙ تاڙو آهيان، جنهن لاءِ سڀ ساهه وارا ماندا هوندا آهن. ماڻهو، مرگهه، مينهون، تاڙا، آڙيون ۽ سپون سڀ آڪاس ۾ اکيون ٽمڪائي ويهندا آهن. پر هاڻ ته مان مينگهه، ملهار ۽ سارنگ ڳايان ٿو ته به مينهن نٿو وسي. پٽ خالي پيا آهن، سنگهارن جا ساهه سڪل آهن، نه اڱڻ نه ڪُنڍين جا ڌڻ آهن. ڦاٽل گج آهن. نديون خالي آهن، ٻارڙا روندا آهن، ڀٽاريون ڀري ويون آهن. وٿاڻ واندا آهن، نه چڙا آهن، نه چؤنريون آهن. سپن، سسين ۽ سرهن آڪاس ڏي واجهائيندي ورهه وهائي ڇڏيا آهن. مندن سندا مينڍا مينهن بنا ويڙهيون ٿي ويا آهن. مان رات جي ڪارين اونداهين ۾ ڀٽڪندڙ پهٻڙو آهيان، پر اڃان مارڳ نه رسيو آهيان. هاڻي ته ماڳ تي رسڻ جي وسعت ئي نه رهي آهي، ڀانيان ٿو ته ننڊ نيڻن کي نهوڙي وئي آهي.
مون پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي، مان ڪڏهن به پنهنجو پاڻ سان وفادار نه رهيس، ڪڏهن به فن سان وفا نه ڪيم. مان ته ڍنڍ جي ان پکيءَ جيان آهيان، جو ڪڏهن هُنَ ڪپر ته ڪڏهن هِنَ ڪپر.مون زندگيءَ سان ٺڳي ڪئي آهي. مون زندگيءَ کي املهه سمجهڻ بجاءِ ڪين جهڙو سمجهيو آهي. مون اهو ڪڏهن نه سوچيو ته زندگي هڪ مکڙيءَ جيان آهي، جنهن جي ٽڙڻ مان واس نه ورتم ته نيٺ گل ڪومائجي ويندو. خوشبوءِ هلي ويندي. مون اهو نه سوچيو ته هر گهڙي هر پلڪ منهنجي زندگيءَ کي پوئتي ڌڪيندا ٿا وڃن. مون اهو نه سمجهيو ته منهنجي زندگي هڪ ٻير جي وڻ مثل آهي. جنهن مان هڪ هڪ ٿي پن ڇڻندا ٿا وڃن. اهو به نٿو ڄاڻان ته هاڻي ڪيترا پن رهجي ويا آهن، ۽ ڪيڏي مهل ڪو زورآور جهوٽو اچي ۽ سڀ پَن اچي پَٽ پون ۽ زندگيءَ جو وڻ سکڻو ئي سکڻو ڪاٺيون رهجي وڃي.
ڏک منهنجا وفادار يار آهن، پر مان ڪڏهن به انهن سان وفا نه ڪري سگهيس. مان سدائين انهن کان ڏور ڀڄندو رهيس. سک هڪ بيوفا سريت آهي، جنهن جي پٺيان ڀٽڪي ڀٽڪي جيون جا ڏهاڙا پي گهاريا اٿم. ڏينهن ڪهڙا گهارڻا اٿم، جيون جو گاڏو آهي، تنهن کي پيو گهليان. سوچيان ٿو گاڏي جا ڦيٿا ڦري ڦري نيٺ ڊهي ويندا. انهن ڊهڻ کان اڳ انهن تي ڪجهه بار ڍوئي وٺان ها ته چڱو هو، پر سڦلتا نه پاتي اٿم.
مان ڪنڊن تي هلڻ نه سکيو آهيان. مون ڊڀن تي ڊوڙون نه پاتيون آهن. مون اڻانگها پيچرا نه اورانگهيا آهن. مان سدائين آراڙ ۾ ڀٽڪندو رهيو آهيان. مون واٽ ئي نه ڳولهي آهي، ڪنهن ڏاهي ڪا وات ڏني اٿم ته مان راهه اڻانگي ڏسي ڏور پي ڀڳو آهيان. مون مارڳ مارڻ ڪاڻ سولي واٽ لاءِ سڌون پي ڪيون آهن. پر آراڙ مان نڪرن جون راهون اڻانگيون هونديون آهن.
”هوت لنگهيا هاڙهو، تون اڻاسي اُڀرين.“
(شاهه)
ڪيڏو نه سچ آهي. هو وڃي ماڳ رسيا ۽ مان اڃا تائين بي عقل ٿيو، جهوٽا کائيندو، آراڙ ۾ ڀٽڪندو ٿو وتان. ٿاٻا کائيندو ٿو وتان. آراڙ جي رهواسي خطرناڪ جيتن کي سُريلو سنگيت سمجهي پي ڳايو اٿم. مان انهن جي رنگن تي موهجي ماٺ ڪري ويهي رهيو آهيان. مون اهو نه ڄاتو آهي ته انهن ڪمرن جي ڪنڊ ۾ ڪروڌ ڀريل آهي. زهر جا مَٽ ڀريل آهن. مان بيوس آهيان. مان ناڪامين ۽ محرومين هٿان مارجندو رهيو آهيان. محروميون مونکي ماري ڇڏينديون آهن، آسون مون کي وري جيارينديون آهن. مان مرندو ۽ جيئندو رهندو آهيان. اميدن جي سرخيالن جي وهڪري سان دل جي درياهه ۾ وهندي رهندي آهي. تمنائن جا گل ترندي ترندي ٻڏي ويندا آهن.
اڻ ڏٺي تي اکين جا آرا، من جا انگل هنيان کي لوڙهي ڇڏيندا آهن. جاڳ جا سپنا، اُميدن جا ريشمي ڄار جوڙيندا دل جي اونهي سمنڊ ۾ اڇليندا ويندا آهن. ڪابه سپنن جي راڻي اڃا تائين ان ڄار ۾ نه ڦاٿي آهي.
گلن جي آرزو ۾ تصور جي ڪنڊن تي هلندي زندگيءَ جو ڳچ عرصو گذري چڪو آهي. زندگي هڪ بي وفا يار وانگر پنهنجو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڊوڙندي پئي وڃي. آئون اُن جي پٺيان پاڳلن وانگر ڊوڙندو ٿو وڃان. ڊڄان ٿو ته زندگي هاڻي محرومين جي ڪهاڻيءَ ۾ مون کان ڀڄي نه وڃي.
منهنجي آس جون وَٽيون خيالن جي ڏيئي ۾ جلنديون ٿيون رهن. زندگيءَ جي رات هاڻي وهامندي ٿي وڃي، تمنائن جو تيل ٻري چڪو آهي. مون جيڪي چاهيو آهي، سو نه ٿيو آهي. ڪئين ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون اڳيان اينديون رهيون آهن. اهي هونديون ته تمام ننڍڙيون آهن. عام رواجي، روز ٿيندڙ، پر منهنجي دل ۾ گهاوَ ڪري وينديون آهن. يادگيري ڇڏي وينديون آهن، دل بي چين ٿي ويندي آهي. بيقرار دل کي پر ڀائڻ لاءِ بهانو ڳوليندو آهيان، خيالن جي ڀاڄ، قلم ۽ ڪاڳر جي ويڙهه، جندڙيءَ سان جهيڙا، آنڌ مانڌ. پوءِ:
”ڌڳايو ڌڻين، جيرو اندر جندڙي!“
(شاهه)
ادل، هي ته هو مانواري اديب مشتاق باگاڻي جي ڪهاڻيءَ ”ڪاجا پيم ڪاڻ“ جو ٽڪرو، جيڪو منهنجي زندگيءَ جو مڪمل ترجمان آهي. جيڪو مون ”گرامي پبليڪيشن“ جي ڪتاب ”سنڌ جي تباهيءَ جا ڪارڻ“ تان ورتو آهي. تنهنجو خط اربع ڏينهن تي مليو. پريتم جو پريت نامون پڙهي اندر کي ڏاڍو آرام آيو. سچ ته آئون تنهنجو پريت نامون پڙهي روئي ويٺس. هڪ هيڏي ساري وشال ڌرتيءَ تي تون ئي هڪ، منهنجو اهو مٺڙو پيارو دوست آهين، جنهن سان مونکي حد درجي محبت آهي، عقيدت آ، عزت آ. تون عظيم آهين، تنهن جي عظيم ۽ سٻاجهي شخصيت مون لاءِ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مقدس ۽ عظيم بنجندي ٿي وڃي. سچ ته ساري هن جڳ ۾ تون ئي ته آهين، جيڪو مڪمل طور تي هر نقطي، هر پوائنٽ، مطلب ته زندگيءَ جي هر فيلڊ ۾ منهنجي ڀرپور همت افزائي ٿو ڪرين. مون کي نت نوان جذبا ٿو ڏئين. جن محرومين جي احساس ڪري آئون مري ويندو آهيان، مرڻ تي هوندو آهيان، تون انهن جو احساس منهنجي من/دل کان مٽائي ڇڏيندو آهين ۽ آئون وري تنهنجي مهر ۽ ڪرم ڪري جيء پوندو آهيان. محروميون مونکي مارينديون آهن، تنهنجا ڏنل جذبا مون کي جياريندا آهن. محرومين ڪري مرندو آهيان، تنهنجي مهر ڪري جيئندو آهيان. مان مرندو ۽ جيئندو رهندو آهيان. شايد اُن مرڻ ۽جيئڻ تي ئي دنيا هلي پئي. مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته ”انساني جسم اندر هر وقت مرڻ ۽ جيئڻ جو سلسلو هلندو رهندو آهي. ننڍا جيوگهرڙا مرندا ۽ ڄمندا رهندا آهن ۽ اُن مرڻ ۽ جيئڻ تي ئي انساني حياتي دارومدار رکي ٿي. ۽ انسان مرندو به ان وقت آهي جڏهن سندس اندر (جسم ۾) جيو گهرڙا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.“
اڄڪلهه منهنجي من اندر هڪڙو خوف، هڪڙو خطرو، هڪڙو ڀؤ، هڪڙو ڊپ ويهي ويو آ. ٻڌايائين ڪونه ٿو، ڇو ته توکي به گهڻون ئي تنگ ڪيو اٿم. ۽ وڌيڪ هروڀرو گهڻون تنگ ڪرڻ نٿو گهران. ڏس نه، تون خود به مون جيان محرومين جو شڪار آهين. پر پوءِ به اها ڪيڏي نه بهادري ۽ منزل سان سچائي آهي ته هڪڙو محرومين جو شڪار ٿيل انسان ٻئي انسان کي ڏڍ ٿو ڏئي. اها ئي تنهنجي عظمت ۽ سچائي آ، جيڪا مونکي مڃائي ٿي ته تون عظيم آهين، مقدس آهين، تنهنجي عظمت کي منهنجا سوين سلام. شال ٺٽي کان ٽالپر وڏا تائين پهچن. تون چوندي ته آئون ته مرڳو مرزا غالب ۽ امير خسرو جهڙن درٻاري ثنا خوانن جهڙو ٿي پيو آهيان. پر دوست، سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”سڄڻ جو ٿيل ٿورو لاهجي، جي لاهي نه سگهجي ته ڳائجي.“ سو تو به مون تي وڏا وڙ ڪيا آهن/ڪري رهيو آهين ۽ انهن جو سلو/بدلو مون غريب وٽ هنن عقيدت جي الفاظن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو هي خط پڙهڻ کان پوءِ چوي ته ٻيلي هي ته سهڻي ميهار يا سسئي پنهون وارو قصو لڳو پيو آهي. ته منهنجي خيال ۾ ان ماڻهوءَ کي ائين چوڻ جو حق آهي. سهڻي ميهار، سسئي پنهون سنڌ جا ڪردار هئا، اسين به سنڌي آهيون. سنڌ جا ڄاوا آهيون، ٿي سگهي ٿو ته اسين سهڻي ميهار يا سسئي پنهون جو ٻيو جنم هجون. جيڪڏهن ائين نه ته به اسين ٻه انسان آهيون، ساڳئي ظالم اسان کي لٽيو ۽ تباهه ڪيو آ، ان ڪري اسين ٻئي هڪ ئي ظالم کي تباهه ڪرڻ لاءِ/ختم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون.
اسان ٻنهي جي منزل ساڳي آهي، اسان کي پنهنجي منزل سان پيار آهي ۽ اُن منزل ساڳي هئڻ ڪري به اسين هڪ ٻئي سان محبت ڪريون ٿا. هڪ ٻئي سهاري زنده آهيون، هڪ ٻئي لاءِ جيئون ٿا. انسان کي انسان سان محبت ڪرڻ جو مڪمل حق آهي. اسان حق تي آهيون، ناحق کي اسان هميشه ننديو آهي، ۽ ناحق کان اسان کي نفرت آ. حق حاصل ڪرڻ لاءِ ئي اسان هڪ ٻئي سان اُنس رکون ٿا. ڇو ته ان حق لاءِ اسان کي جدوجهد ڪرڻي آهي.
اسان محبت صرف پنهنجو پاڻ سان ڪونه ٿا ڪريون، پر سڄي عالم جي مظلوم انسان سان اسان کي محبت آهي. اسان انهن سان هر پل گڏ هئڻ جي هام هڻون ٿا. سندن خوشي اسان جي خوشي آهي. انهن تي ظلم ٿو ٿئي ته ڏک اسان کي ٿو رسي. اسان کي سڄي دنيا جي مظلوم عوام سان محبت آهي ۽ اسين خود به مظلوم آهيون ۽ مظلوم انسانن جي حوالي سان ئي هڪ ٻئي سان محبت ڪريون ٿا.
عيد تي اچڻ جي تياري ڪريان پيو. گهڻون ڪري ايندس. اصل ۾ اچان ڪونه ها، پر تنهنجا هي لفظ مون کي اچڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن. ”ٻڌ، تون اچجان سهي!“ ڪيڏي نه پنهنجائپ ۽ پيار آ هنن لفظن ۾. آئون ايندس ضرور ايندس. اڪيلو اڪيلو ڪجهه به لکي ڪونه کڻي ايندس. سبب پوءِ ٻڌائيندو مانوَ.
مون الائي ڇا لکيو آ، خبر ناهي توکي هي منهنجا رنڍا روڙيل سٺا لڳن يا خراب. بهرحال تنهنجي فراخ دلي ۽ طبيعت جي سٻاجهائيءَ جي ڪري جيڪو ڪجهه جيئن لکيو اٿم، تيئن ئي موڪليان پيو. بنا ڪنهن ڦير ڦار جي.
لياقت ڪڏهن ڪڏهن ياد ايندو آ، کيس ڪافي ڏينهن اڳ ۾ خط لکيم، پر جواب ڪونه ڏنائين. شايد ڪاوڙيو آ، الائي وساري ڇڏيائين. ها دنيا ۾ ائين ٿيندو رهندو آ. نوان دوست ملندا آهن ۽ پراڻا وساربا آهن.
خط ۾ ڏنل شاعري سٺي هئي. ائين هر واري جيڪا سٺي هٿ اچئي موڪليندو ڪر. هيٺين سٽ توکي مون لاءِ نه لکڻ گهربي هئي. ڇو ته آئون اديب نه ٿي سگهيو آهيان ۽ نه وري شاعر.
پني ٽڪر تي اور ته ڪجهه،
شاعر تنهنجي سوچ سڙي
پاڻ سان پاڻ ڪرين ٿو دوکو
توتي هاڻ ڪير رڙي.
چڱو هاڻي گهڻون ئي گند داڦيو اٿم. اکر به آهن مور، جو هروڀرو ايتري ڊَڪَ ۾ پئجي ويو آهيان. موڪلايون ٿا عيد تي ملڻ جي آشا سان.
آخر ۾:
سج اُلهي سانجهي ٿي، وڻن هنئي وڻڪ،
سڄڻ تنهنجي سڪ، موٽيو ماڳ نهاريان.
(شاهه)
فقط
سارنگ
يار اکر ڏاڍا خراب آهن ۽ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندا پيا وڃن. اکر سڌارڻ جو ڪو آسان طريقو ٻڌاءِ.
*