اياز ابڙو
(سارنگ جهوپڙي- صبح جا پوڻا ڏهه)
نوابشاهه
دل ۾ سدا واسو ڪري ويٺل، مٺا اياز!
ڪيئي زمانا گذري ويا، ڪيترين بادشاهتن جي مٿان حڪمراني جا سج اڀريا ۽ لهي ويا، حالتون ته ساڳيون بي رحم ۽ جامد رهيون، پر چهرا ۽ ذميواريون تبديل ٿي ويون. پنهنجي رابطه ٽٽا ۽ اهڙا ته ٽٽا جو وري اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن، ڪيڏو نه، اڻ ڄاڻ رهيا آهيون، پاڻ هڪ ٻئي جي خوشين، غمن ۽ ذهني ڪيفيتن کان! حقيقت ته اها آهي ته آئون تنگ ٿيو هوس پنهنجي جمود ۾ ورتل ذاتي حالتن کان، ذهني صورتحال به هڪ هنڌ اچي بيهي رهي هئي، رهجي ويو هو ڄڻ رڳو پٽڪو، ڪاوڙ ۽ نراسائي، لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾، پنهنجي اندر جي اجري ۽ ڪمپرومائيز نه ڪري سگهندڙ انسان جي چپن تي تالو هڻي، سندس اڳيان رکيل سمورا ڪورا ڪاڳر ۽ قلم هٽائي، سندس دسترس کان پري ڪري ڇڏيم. هر اهو ڪجهه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيم، جيڪو عام حالتن ۾ نه پئي ڪري سگهيس. ٿورڙن مسڪين حال معصوم ماڻهن جي سرڪل مان نڪري، منافق ماڻهن جي ميڙ ۾ شامل ٿي ويس، منافقت ڀرين مُرڪن سان منهنجي آجيان ڪئي وئي، مون پنهنجا جوهر/ ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا، تان جو مونکي قبوليت جون سندون ملڻ شروع ٿي ويون. نوڪري ملي، سئي گئس ۾، سترهين گريڊ جي برابر. سئي گئس ۾ فوجي ڀرتيءَ جهڙو منظر هو. يقين ٿي ويو ته هي سمورو فوجي لشڪر ڪنفرم ڪونه ٿيندو، ان ڪري نئين حڪمتِ عملي جوڙي، پوين منافق ماڻهن جي سرڪل سان لهه وچڙ ختم ڪري، سڄو توجهه نوڪريءَ تي ڏيندي، پنهنجن بالا آفيسرن سان تمام ويجها واسطا رکڻ شروع ڪيم. ڪم جو بوجهه وڌي ويو ۽ آئون “Beast of Buden” ٿي ويس. هتي به ريمارڪ مليا ته ”جيالن“ رڳو جاهل نه پرڪي ڪم وارا بندا به ڀرتي ڪرايا آهن. جنهن دؤر ۾ ڪَلفي جيالا هفتي پندرنهن ڏينهن اچي حاضري ڀري آفيسرن کي داٻا ڏئي هليا ويندا هئا، ان دؤر ۾ مون آپشن ليس پوسٽنگ، ڪرسي ۽ ڪم گهريو، ڇو ته ايندڙ وقت جي نزاڪتن جو خيال رکڻ لازمي هو. اها دورانديشي ڪم آئي ۽ PPP حڪومت جي خاتمي کانپوءِ به اسان جي روٽين ورڪ ۾ ڪا تبديلي نه آئي، جڏهن ته ڪلفي جيالا، ايڊجسٽ ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳا. اسان به پاڻ کي وڌيڪ محتاط ۽ پابند رکڻ لڳاسون.
نوڪريءَ جي ڪنفرم ٿيڻ جي آسري تان ته هٿ کنيو سونِ، پر هتي ته مرڳو روزگار وڃائڻ جو خوف ورائي ويو. عجب ماحول ٿي ويو اسان جن آفيسن جو. سَهميل چهرا، مايوس نگاهون ۽ خوف ۾ ويڙهيل ذهن، وري مٿان کوکلو ماسڪ چڙهيل بي پرواهي ۽ اميد جو.
هڪ ڀيرو وري مون پنهنجو جائزو ورتو. پاڻ کي سهيڙيم ۽ نئين حڪمت عملي جوڙي، ان خوف کان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي، پنهنجن سمورن حواسن کي بيدار ڪري ڪميشن جي تياري ڪرڻ لڳس. ان زماني ۾ مون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ SWO لاءِ فارم جمع ڪرايو هو، خبر پئي ته امتحان مهيني ٻن ۾ ٿيڻ وارا آهن. بس پوءِ هٿ ڌوئي اچي پڙهيم Sociology، وقتي طور پاڻ کي سئي گئس ۾ موجود سموري ماحول کان پري ڪري ڇڏيم، منهنجي توجهه جو مرڪز هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارو امتحان هو. رٽن ٽيسٽ جي ويجهي وارا ڏينهن فل ٽائيم امتحان جي تياريءَ لاءِ صرف ڪرڻ لڳس. آخرڪار امتحان ٿيو، هزار ٻارنهن سؤ جي لڳ ڀڳ اميدوار ڏسي، هنيانءُ ئي لڙهي پيو، امتحان ۾ پنهنجا سڀ حواس سالم رکي ڏٺم، وقت پوري ٿيڻ کانپوءِ امتحان هال مان ٻاهر نڪتم. ٻاهر ٽهڪ، چرچا، خوشي، مون سڀ سوال ڪيا، پيپير ته صفا سولو هو جهڙا ريمارڪ ڇوڪرن / اميدوارن جا ٻڌي وائڙو ٿي ويس. ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، تڪڙو گهر آيس. مهينو عجيب ذهني ڪشمڪش ۽ خوف جي گهيري ۾ رهيس، نيٺ اها صورتحال تڏهن ٽٽي جڏهن هڪ ڏينهن منهنجا ٻه مهربان يوسف رستماڻي ۽ ڊاڪٽر هاشم شيخ مون وٽ آيا ۽ مونکي ڪافي وقت چيڙائي پوءِ هڪ وڏي سرپرائيز طور منهنجي رٽن ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌاين. اهڙو ته خوش ٿيس جو سڌو مسجد ۾ وڃي شڪراني جا ٻه نفل ادا ڪيم، لڙڪ منهنجي نيڻن مان لڳاتار وهندا رهيا. حيرت انگيز طور تي تمام ٿورا ڇوڪرا پاس ٿيا هئا. هڪ ڀيرو وري داؤد پوٽو لائبريريءَ ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيم. ڪانفيڊنس ۽ سيلف رلائنس جا جذبا بيدار ڪري، انگريزيءَ کي پنهنجو محتاج بنائي زباني امتحان ۾، پوڙهن گنجن سامهون وڃي ويٺس. ادبي، سماجي، سياسي ۽ صحافتي موضوعن واري اڌ مني ڪلاڪ جي ڪچهريءَ ۾ مون پاڻ کي ڀرپور نموني Expose ڪيو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ نڪتل فائنل رزلٽ ۾ منهنجو نالو ”ٽاپ ٽين“ ۾ هو. اهڙي طرح مون ڪميشن پاس ڪري ورتي مئي 1997ع ۾. پر اها وقت جي ستم ظريفي چئجي جو هن وقت تائين اسان جي پوسٽنگ ڪانه ٿي آهي، اسان جي سمري لياقت جتوئيءَ جي ٽيبل تي Rediapism جو شڪار ٿي وئي آهي.
سئي گئس مان به 26 نومبر 1997ع تي نڪري ويس. ماستريءَ جي بحاليءَ لاءِ ڊوڙان پيو، اڃا ته ڪا اميد نظر ڪانه ٿي اچي. هڪ ڀيرو وري ان هنڌ اچي بيٺو آهيان، (بلڪ ان کان به هيٺ) جتان سفر جو آغاز ڪيو هوم. ماڻهن جا رويا ڪهڙا به هجن، پر مون کي يقين آهي ته اوچتو مونکي يقيناً ڪانه ڪا خوشخبري ملندي، جو ڪميشن پاس ڪيل، پوسٽ بهرحال منهنجو / اسان جو حق آهي.
توکان ئي نه سڀني کان مسلسل ڪٽيل رهيو آهيان. جي معاف ڪري سگهو ۽ پنهنجو حال احوال تفصيلي اوريو ته اوهان جا ٿورا ٿيندا. بشير ۽ رؤف جو به مهرباني ڪري احوال موڪل، سلام به ڏين. تون ڪيئن آهين، ڪٿي پهتو آهين، ڀائر ۽ گهرجا ڪهڙا حال آهن، اميد ته مونکي ضرور معاف ڪري، خط لکندي.
قلم تازو! سستي، مونجهارن ۽ پريشانيءَ سبب هي خط پوسٽ نه ڪري سگهيس، تان جو تنهنجو ”مَياري عيد ڪارڊ“ اچي مليو آهي. گهريلو حالتون ڏاڍيون گڙ ٻڙ واريون آهن، حالتون اهڙيون ته خراب ٿي ويون آهن جو اسين شايد پنهنجي اباڻي شهر کي الوداع چئي وڃي حيدرآباد يا ڪراچي وسايون. ناراض نه ٿي، اڳيئي زماني جا کوڙ سارا زخم کنيو پيا جيئون. خط جو جواب جلد لکجانءِ.
تنهنجو ساڳيو
سارنگ سهتو
*