اياز ابڙو
27 فيبروري 1987ع
ساٿي سارنگ!
شل دنيا جون سڀ خوشيون ماڻين،
ٻيو مڙيئي خير. ڪجهه احوال هن ريت آهي.
اسان جا امتحان به خير و خوبيءَ سان ختم ٿي چڪا آهن. پيپر سڀ سٺا ڪيا آهن. دوست سڀ خوش آهن. امتحان جيئن ته ختم ٿي چڪا آهن، تنهنڪري سنگت جون گڏجاڻيون سڀاڻي کان باقاعدي شروع ٿينديون.
محترم مانجهي وارن هڪ ڪتاب ڇپائڻ جو پروگرام توهان جي موجودگيءَ ۾ ٺاهيو هو. سو ڇپجي چڪو آهي ۽ ڏهه ڪاپيون سليم کي کپائڻ لاءِ مليون آهن.
توهان جي سروس ۾ انقلابي تبديليءَ تي منهنجي ٽٽل دل جون مبارڪون قبول ڪندا.
توهان جو خط مليو آهي ۽ هي ان جي موٽ آهي. ٻيا سڀ خير. سور سلڻ مون به ڇڏي ڏنا آهن. تنهنڪري هيترو خط ڪافي آهي. اڄڪلهه ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول آهيون ۽ روزانو هڪ ڪتاب منهنجي معمول ۾ شامل آهي.
مڪليءَ جي ويرانيءَ کي خوشبوءِ جا خزانا بخشڻ لاءِ ڪڏهن ٿا اچو- ضرور اچجو!
ڪجهه ماڻهن جو توهان ڏانهن رويو ڦري وڃڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي، چوڻي آهي ته ”بيٺل جو سڀڪو يار“. ڪنهن مان به سٺي رويي يا سلوڪ جي اميد رکڻ بيوقوفي آهي، هن ناڻي جي پوڄاري دورنگي دنيا ۾ ٻيو سڀ ٺيڪ آهي.
جيڪڏهن نياز توهان کي ملي ته کيس عزت جا ٻه اکر چئجوس ته واهه جو باشعور ۽ ترقي پسند شاعر ۽ انسان آهين. وڃڻ کان پوءِ اسان ڏانهن ٻه اکر لکڻ جي تڪليف به نه ڪيئي.
سلام سڀني کي جن کي مان سڃاڻان ۽ اهي جي مون کي سڃاڻن. ٻارن کي پيار- گهروارن کي پڻ سلام
سدائين گڏ توهان جو تنها دوست
اياز ابڙو
مڪليءَ جو مُقام
”خاموشي اظهار جو بهترين ذريعو آهي. لفظ...؟ ويچارا لفظ به ته گونگا آهن، اهي انسان جي اُڌمن ۽ احساسن جو اظهار ڇاڪري سگهندا. جيڪڏهن مان اوتار هجان ها ۽ مان خدا سان پيار ۽ قرب جي اظهار لاءِ ڪتاب پيش ڪريان ها ته اهو ڪتاب لفظن کان ايئن خالي هجي ها جيئن ننڍڙي ٻار جي دل گناهه جي خيال کان خالي هوندي آهي. مان پنن جي سيني کي لفظن جي داغن سان داغدار نه ڪريان ها.“ (چنڊ جا تمنائي- آغا سليم)
جڏهن مڪليءَ اچو ته منهنجي لاءِ ڪجهه ڪتاب ضرور کنيو ايندا، جيڪي مون ڪم عقل لاءِ ضروري سمجهو.
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي-ٺٽو
28 مارچ 1987ع
عظيم سارنگ،
شل سنڌو ڌرتي جيان سدا آباد رهين! (دعائن کانسواءِ ڪجهه به ناهي مون وٽ.
تنهنجي دردن جون دانهون، تنهنجي خطن ذريعي مون تائين پهچنديون رهن ٿيون (افسوس مان رڳو محسوس ڪري سگهان ٿو) عظيم آهين تون جو دردن جي ساگر ۾ ٻُڏندي به پرت جو پيغام پهچائڻ نه ڀُليو آهين. گڏ هوندي ته ٺهيو، پر دور هوندي به حوصله افزائي واري (عظيم) عادت نه وساري اٿئي. سچ ته تنهنجي حوصله افزائيءَ جي ڪري ئي اسان سڀني ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ اسان جي شعور جي گهرائيءَ ۾ واڌ آئي. تنهنجي ئي محنت ۽ مسلسل جدوجهد ڪري اسين اڄ هن جاءِ تي پهتا آهيون، جو دنيا جي لاهين چاڙهين کي سمجهي سگهون ٿا، بلڪ چڱيءَ طرح سمجهي سگهون ٿا.
ادا معاف ڪجانءِ جو مان تنهنجي اجازت کانسواءِ تنهنجو موڪليل طويل خط پنهنجي اکرن ۾ لکي پنهنجي خرچ تي فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڪجهه باشعور دوستن مثلاً سعيد ميمڻ، مانجهي، فرخ، سائين شيوارام، گهنور علي جتوئي ۽ ڪجهه ٻين اهڙن دوستن تائين مفت پهچايو اٿم. ان معاملي ۾ مون کي يقين آهي ته تون منهنجي خيالن ۽ جذبن کي چڱيءَ طرح سمجهي ويو هوندين، جيڪڏهن نه، ته پوءِ تون مون لاءِ جيڪا سزا تجويز ڪندين مون کي قبول هوندي.
تون پاڻ چوندو هئين ته دوستيءَ ۾ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن مفاد پرست به ٿي ويندو آهي. سو آئون ڄاڻي واڻي به مفاد پرستيءَ واري راهه اختيار ڪريان پيو. اهو ان لاءِ جو مان خطن ذريعي ڪجهه ڄاڻڻ چاهيان ٿو. مون سوچيو آهي ته توکي ڪڏهن ڪڏهن خط ۾ ڪجهه عنوان موڪليان ۽ تون پنهنجي ڄاڻ آهر انهن متعلق اسان ڏانهن لکي موڪلين. ائين اسان جي ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيندو ۽ شايد تنهنجي في الحال بوريت دور ٿيندي ڪجهه وقت لاءِ. جيڪڏهن پنهنجي ذهن جي ڏيئي مان اسان جي ذهن جا ڏيئا ٻارڻ چاهين ته پوءِ هيٺين موضوعن تي مختصر ۽ سادي نموني لکي موڪلجانءِ.
1. مارڪس ۽ اينگلس جا نظريا ۽ سندن فلسفو.
2. سوشلزم، ڪميونزم ۽ ٻيا منشورَ (مارڪسزم، ليننزم)
مان دردن جي دنيا ۾، سورن جو صليب ڪلهن تي کنيو، وقت جي واچوڙن سان منهن ڏيئي، تات جي تاريڪيءَ ۾، راتين جي رڻن ۾ ڀٽڪندي. زندگيءَ جي زهر کي پيان پيو. انهيءَ آس تي ته متان اهو زهر ئي دردن جي دوا بڻجي جيون جي جوت جلائي ۽ زندگيءَ ۾ انقلاب آڻي.
تنهنجا لک ٿورا جو اسان جهڙن نيچ ۽ گناهگار انسانن سان ناتو جوڙيو اٿئي ۽ ڀرپور نموني سان نڀائيندو پيو اچين. You are great ڀلي طويل خط لک. انهن جو امتحانن تي ڪو اثر نه پوندو، هونئن وري ڪهڙو سڄو ڏينهن پڙهون پيا.
”سنگت سماچار“ اچي ۽ کپي به ويو. ويهه ڪاپيون ڪرايون هيون سين. تنهنجي وڃڻ کانپوءِ دوست فين جي معاملي ۾ ڪجهه سست ٿي ويا آهن.
سلام سڀني ساٿين جا توهان جي نظر ڪجن ٿا. خاص ڪري مانجهيءَ جا. منهنجا سلام توهان پاڻ کان علاوه نواب شاهه جي انهن سڀني پريم ديوتائن کي چوندا، جيڪي منهنجي من مندر ۾ رکيل آهن. گهروارن کي پڻ سلام. ساجد، ماجد، عابد ۽ راجه محمد علي کي پيار ڪندا ۽ ها چميون پڻ. باقي آئنده.
فقط (مڪليءَ جي مندر جو پراڻو پڄاري)
اياز علي ابڙو
جنهن جي دل پڻ هڪ مندر آهي ۽ ان ۾ اوهان جهڙن اوتارن جا بُت رکيل آهن ۽ مان هر وقت کين سجدا ڪندو رهندو آهيان.
====================================================================================
مڪلي-ٺٽو
12 مارچ 1987ع
رات جا نوَ
سوچيندو ته هوندين
تو سان گڏ ڪو سايو هو،
ڳولهيندو ته هوندين.
(اياز)
گُل ورهائيندڙ سارنگ! سدا جيءُ.
سان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي توازن ۾ رکي نه سگهندا آهن ۽ هو وقت جي وهڪري ۾ پاڻُ ڇڏي ڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته وقت سان وير ڪير به وجهي نه سگهيو آهي. سو تون ۽ مان (شايد سڀ) انهن انسانن مان ئي آهيون. هاءِ بيوسي توهان جو خط مليو. پڙهي محسوس ٿيو ته اها ڪا خاص ڳالهه نه آهي ته ڪو انسان سماج جي گهاڻي ۾ پيڙجندي دانهون ۽ ڪوڪون ڪندو هجي، اهو ته ڄڻ هن دنيا جو دستور آهي ۽ شايد سدائين هلندو رهندو ۽ اسان جهڙا هيڻا ۽ بيوس انسان ڪوڪون ۽ دانهون ڪندا ئي رهندا... ڪندا ئي رهندا. ڪنهن کي پنهنجا غم ۽ پيڙائون ٻڌائي ان مان مدد جي آس رکڻ آئون سمجهان ٿو ته بيوقوفي آهي. هن دؤر ۾ توهان جيان سڀني کي اندر جا سُور اندر جي قبر ۾ ئي دفن ڪرڻ گهرجن. اياز گل چوي ٿو ته:
شاعر جي جذبن جون ڳالهيون،
سنڌوءَ جي جوڀن جون ڳالهيون
اڄ جي ٽهڪن ۾ ڀلجي ويس،
ڪالهوڪن لڙڪن جون ڳالهيون.
بس يار زندگيءَ جي انڌيرن راهين ۾ هر ڪو غمن ۽ ڏکن جو صليب پنهنجن ڪلهن تي کنيو پيو هلي تو جيان. چون ٿا ته اميد جي سهاري دنيا قائم آهي. اهڙيءَ طرح اميدن جي سهاري اسان جي ساهن جو سلسلو به قائم آهي/رهندو، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين، جڏهن هن دنيا کان کِلي موڪلائبو، جنهن سدائين خوشين بجاءِ غمَ، ڪاميابين بجاءِ ناڪاميابيون، اميدن بجاءِ نااميدي ۽ گلن بجاءِ ڪنڊا جهول ۾ وڌا. سڄو دل ۽ دماغ زخمن سان چُور آهي. ڪهڙا سُور ويٺو چِٽيان هن ڪاغذ تي جيڪو پڻ اسان وانگي هن فاني دنيا جو مهمان آهي. (باقي آئنده)
- گڏجاڻي پندرهن ڏينهن کانپوءِ ٿيندي آهي. امتحانن جي ڪري.
- سنگت سماچار لکجي پيو. اميد ته جلد منظر عام تي ايندو. مون هن دفعي ”ٻه اکر“ لکيا آهن.
- نياز اسان کان موڪلائي هالا پهتو هوندو.
- شاعري هلي پئي. بقول دوستن جي”چڱي.“
- ”ليڪچر“ جو پروگرام 20 مارچ تي آهي.
- دوست سڀ خوش آهن. سليم،ا سماعيل، الطاف، موسيٰ، عزيز پليجو، مجيب عزيز جانوري ۽ ٻيا.
- شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڪتاب ”چنڊ چنبيليءَ ول“ ورتو اٿم.
- سلام منهنجا ننڍڙي عابد، ماجد، ساجد، صاحب ۽ ٻين گهروارن کي چوندا. گهروارن جا سلام پڻ چوندا.
غزل
خوشيون خوابن خيالن وانگي
دل، ڏار پيل ديوارن وانگي،
هي زندگي ويران آهي،
فضا ۾ پولارن وانگي.
غم ئي ته حقيقت آهن،
خوشيون بي وفا يارن وانگي.
من تي جيڪي زخم لڳا هن،
چمڪن روز ستارن وانگي.
جهڙالي هي موسم ڀي آ،
مون لئه ڄڻ اونهارن وانگي.
وايون منهنجون آهون آهن،
گيت منهنجا پڪارن وانگي.
’اياز‘ اڃان جيئي پيو،
يار کان وڇڙيل يارن وانگي.
سدائين گڏ
فقط زندگيءَ جو تنها مسافر
اياز ابڙو، مڪلي-ٺٽوادا زندگيءَ ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن ۾ ان
====================================================================================
مڪلي-ٺٽو
27 جنوري 1987ع
”اڻ ڄاڻ منزل جا مسافر“
ادل سارنگ! شل سدا ساوا رهو.
توهان جو پريت ڀريو پترڙو پڙهندي ڪجهه عجيب ڪيفيت هئي. حيران پئي ٿيس ته هي سارنگ جو خط آهي؟ جنهن جي تصور کي ئي اڃا مان پنهنجي وجود کان ڌار نه ڪري سگهيو آهيان.
بهرحال توهان جي وڃڻ کانپوءِ اسان جي پهرين ميٽنگ ٿي گذري. سڀڪو پيو تعريف ڪري ڄڻ تنقيد نه هئڻ جي برابر ٿي. اها شڪايت محترم مانجهي پڻ ڪئي. سيڪريٽري جي لاءِ اسان پروانو رسول بخش کي ۽ مانجهي کي چونڊيو هئوسين، مگر ٻئي مصروف قسم جا ماڻهو آهن، سو انهن انڪار ڪيو. في الحال نياز ڪم هلائيندو ميٽنگ جي خبر عبرت ۽ هلال پاڪستان ڏانهن موڪلي آهي. تازو آزاد نظم موڪلي رهيو آهيان. اهو نظم مون گذريل گڏجاڻيءَ ۾ پڙهيو، تمام گهڻو داد مليو. مانجهيءَ چيو ته ”لڳي ٿو هي ٻيو اياز آهي“.
جلد ملڻ واري ڪندا
اڄڪلهه تمام گهڻو مصروف لڳو پيو آهيان تڏهن به روزانو رات جو مطالعو ضرور ڪندو آهيان، سڀ دوست خوش آهن. سلام سڀني پاران توهان پاڻ قبول ڪندا ۽ ادي غلام مرتضيٰ ۽ ادي غلام مصطفيٰ کي پڻ چوندا.
”آزاد نظم“
وقت جي لهرن ۾ لڙهندي،
پرديسي پکيئڙن،
پنهنجا آستانه ويران ڇڏي،
پنهنجو ديس وڃي وسايو آ،
وقت ڪيڏو نه ظالم ۽ بي رحم آ،
مگر! هو پرديسين جي دلين مان،
اُڏامي ويل پکيئڙن،
جي يادن کي مٽائي نه سگهندو،
دل جي مندر ۾ سندن محبت جي،
تراشيل پريم ديوتا کي،
ڊاهي نه سگهندو،
۽ دل ۾ ٺهيل محبت جي يادگار،
”تاج محل“ کي ڪيرائي نه سگهندو،
هو پرديسين جي دلين ۾ امر آهن،
۽ امر رهندا،
سنگت سماچار سڀاڻي کان محمد خان خشڪ لکڻ شروع ڪندو. قادو جهونگائي مليو هو. جلد ساڻس ملي سنگت ۾ اچڻ لاءِ چونداسين. هو هينئر شوگر ملز ۾ آفيس سيڪريٽري آهي. توهان جو ٻڌي کيس ڏاڍو افسوس ٿيو.
لکڻ لاءِ ڪافي ڪجهه آهي مگر وقت تمام گهٽ آهي.
روزانو صبح جو لاشعوري طور سوير تيار ٿيندو آهيان. اهو خيال هوندو آهي ته سارنگ سان ملڻو آهي ۽ چانهه پڻ پيئڻي آهي. بس اهي آهن، حال اسان هيڻن جا.
سدائين گڏ
اياز علي ابڙو
مڪلي- ٺٽو
====================================================================================
9 ڊسمبر 1986ع
محترم سارنگ سهتا صاحب!
شل سدائين ساوا رهو.
مون کي خبر آهي ته هي خط پڙهندي توهان جا هٿ ڪجهه لرزش ۾ هوندا. ادا اهڙي ڪا ڳالهه ناهي جو توهان کي پريشان ٿيڻو پوي. هڪ ٻي ڳالهه واضح ڪندو هلان ته هن خط جو سبب ”توهان جي گهر وارن جو اسان غريبن ڏانهن نه اچڻ“ به نه آهي ۽ ڪتابن جو به ان ڳالهه سان ڪو تعلق نه آهي. بهرحال ان ۾ نه توهان جو ڪو قصور آهي ۽ نه ئي توهان جي گهر وارن جو. مان توهان جي گهر جي ايترو ويجهو رهيو آهيان، جو گهٽ ۾ گهٽ توهان جون پريشانيون ۽ مسئلا ته سمجهي سگهان ٿو. دوست سليم کي مان پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، سندس چوڻ آهي ته دوستيءَ ۾ گهڻو حجائتو نه ٿجي، ڇو ته گهڻي حجت دوستيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. سليم ۽ مان تقريباً پنج سال گڏ رهيا آهيون ۽ مڪليءَ وارا اسان جي دوستيءَ تي رشڪ کائيندا هئا/ آهن. انهيءَ عرصي ۾ مان سليم سان ايترو Free نه ٿي سگهيس، جو کيس ”ذليل“ جو لفظ به چئي سگهان، مان سندس طبيعت تي تنقيد/ٽوڪون ڪندو رهندو آهيان، مگر هو پنهنجي جاءِ تي بلڪل پٿر تي ليڪ جيان اڙيل آهي.
سليم جو مثال مون انهيءَ ڪري ڏنو، جو مان توهان سان ايترو ته فري ٿي ويو آهيان جو توهان لاءِ منهنجي واتان اهڙا لفظ ٿا نڪرن جيڪي اڳ مان ڪنهن دشمن لاءِ به نه ڪڍي سگهندو هوس. مان پاڻ کي سدائين بيوقوف/واهيات سمجهندو آهيان، مان ڪنهن جي جذبات ۽ مجبورين کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهيان صرف پنهنجي ننڍي ۾ ننڍي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ. ڪنهن دوست ڏانهن توهان پنهنجي لاءِ لکيو هو ته ”مان هڪ ٻاڙي پاڻيءَ جو کوهه آهيان، جنهن مان ڪوبه فيض پرائي نه سگهيو آهي.“ پر ادا مان ته اهو کوهه آهيان جيڪو ورهين کان سُڪي ويو آهي ۽ ان ۾ ڪنڊا ۽ گند گاهه ڦٽي نڪتو آهي ۽ جيڪو ڪنهن کي پاڻ ڏانهن مائل به نٿو ڪري سگهي. هي خط پڙهي اهو محسوس ته ڪندا ته مان پهرين کان سنجيدو هوندس يا منهنجو موڊ خراب هوندو. مان پنهنجا غم ۽ ڏک سوُر ٻين کي نه محسوس ڪرائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر آهي ته هن دنيا ۾ ڪو ڪنهن جو احساس نه ٿو رکي ۽ رهندو وري مون کي ٽوڪيندا ته چريو ٿيو آهي، مٿو خراب ٿيو اٿس. مون اڳ ۾ به هڪ خط لکيو هو، پر ان تي عمل ڪرڻ بدران وري اُن جي ابتڙ وڌيڪ فري ٿي ويا آهيون. اميد ٿو ڀانيان ته وري ٽيون خط لکڻ جي ضرورت نه پوندي. وڌيڪ توهان سمجهدار آهيو.
هي جيڪي ڪجهه لکيل آهي اهو صرف هن خط تائين محدود آهي منهنجي زبان ۽ چهري جي تاثراتن تي ان جو ڪوبه آثار توهان کي نظر نه ايندو.
نوٽ: هن خط جي مقصد تي عمل درآمد نه ڪيو ويو ته مجبوراً مونکي ٻي راهه اختيار ڪرڻي پوندي.
فقط مصيبتن جو ماريل
اياز علي ابڙو
====================================================================================
مڪلي-ٺٽو
23 فيبروري 1989ع
پير حسام الدين راشدي
لائبريري، مڪلي
ڪوهن جو فاصلو هوندي به هر وقت مون سان گڏ رهندڙ سارنگ! اوهان جو پريت ڀريو خطڙو مليو. پڙهي اندر اڌ ٿيو، مگر ظالم اکين ڳوڙها ڪين وهايا، شايد اکين جو آب خشڪ ٿي ويو آهي، زماني جي سُورن کي سهندي.
اوهان جو خط گڏجاڻيءَ ۾ دوستن کي پڙهي ٻڌايم. مون محسوس ڪيو ته خط جا، جادو وارو اثر رکندڙ لفظ ٻڌي سڀني اندر اڌ ٿيندي محسوس ڪيو هوندو. ماڻهون توهان جي ڪمي ڪيترو محسوس ڪري رهيا آهن. ڪاش توهان هجو ها ته ڏسي سگهو ها.
مڪلي ۾ گهڻو ڪجهه هوندي به توهان جي ڪمي تمام گهڻي شدت سان محسوس ڪريان ٿو. وقت وڏو ويري آهي، ڪنهن جون آهون ۽ دانهون ٻُڌڻ کان آجو، وقت جي ڪنن ۾ ڪپهه جا ٻوڙا رکيل آهن. هاءِ مجبوري.....! زندگيءَ جي راهن ۾ ملڻ ۽ وڇڙڻ جو سلسلو صدين کان هلندو اچي، ڪي ئي سڪ جا سڪايل ۽ محبت جا ماريل وقت جي ڏاڍائيءَ تي بيوسي جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا ۽ اسان پڻ انهن ئي بدنصيبن مان آهيون. تنهنجي ملاقات مونکي زندگيءَ جي ريگستان ۾ ڪنهن وڻ جي ڇانوَ جيان محسوس ٿيندي آهي. اسان جون منزلون ته هڪ ئي هيون، مگر راهون الڳ الڳ.
وقت ورايو واءُ
سوچون سپنا چُور ٿيا سڀ،
لڳو اهڙو گهرو گهاءُ.
مڪلي منهنجي ماءُ،
پريت جي هيءَ وستي آ،
اچي پنُ پنُ مان پڙلاءُ.
سوچون سپنا گهايل آهن،
من جا گُلَ مرجهايل آهن،
خوشيون مونکي راس نه آيون،
درد اويلا آيل آهيان.
دوستن جي چوڻ مطابق شاعري وڌيڪ پختي ٿيندي ٿي وڃي، شايد زندگيءَ جي دردن ۾ اڃان ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ٿو وڃي.
1. سنگت سٺي نموني هلندي آهي، گڏجاڻيون ٿينديون آهن. تنقيد وڌيڪ سٺي نموني ٿئي ٿي، مانجهي ۽ ڪوي ايندا رهندا آهن، ويجهڙائيءَ ۾ سائين غلام حسين رنگريز کان ليڪچر وٺڻ جو پروگرام آهي. سوسائٽيءَ پاران.
2. دوست سڀ خوش آهن. منهنجو دوست بشير احمد، توکي خط لکندو موٽ ڏجانس.
3. سلام سڀني دوستن پاران قبول ڪندا. منهنجا خاص سلام پڻ. ماجد، ساجد، عابد ۽ ٻين ننڍڙن کي پيار. گهروارن کي گهروارن جا سلام. ذوالفقار شاهه، قاسم، اختر عمراڻي، دائود ۽ ادي عبدالقادر کي منهنجا خاص سلام چوندا. (باقي آئنده)
زندگيءَ جو تنها مسافر
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي-ٺٽو
16 آگسٽ 1987ع
وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن
وڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترا.
اُتم ۽ عظيم سارنگ!
خوش رهين شال.
نوابشاهه ۾ تو مون سان جهڙو پنهنجائپ جو رويو رکيو ۽ منهنجي هيسيل هينئن کي هڪ نئين شڪتي بخشي. ان لاءِ مون وٽ لفظن جي کوٽ آهي، ڪجهه لکي نٿو سگهان. ٻيو سڀ خير آهي. خط ته پهريائين تنهنجو اچڻ کپندو هو، ”ڪهاڻين“ سميت، پر ٺهيو. ٻين دوستن ڏانهن خط لکيم پئي، توڏانهن به لکڻ ضروري ڄاتم.
ترجمو ڪيل توڙي تنهنجون ذاتي سٺيون ڪهاڻيون موڪل ته مان اهي هيڏانهن هوڏانهن ڪري سگهان. سمجهي ويو هوندين. مطالعو جاري آهي زور و شور سان. ساٿي سليم پڻ ٺيڪ آهي. سنگت ۽ سوسائٽي لائبريريءَ سميت ترقي پيون ڪن، اسان جي موجودگيءَ ۾.
سلام توهان پاڻ قبول ڪندا ۽ ادي غلام مرتضيٰ ۽ ڀاءُ غلام مصطفيٰ کي مون هيڻي جا نماڻا سلام ساٿين سميت چوندا.
موڪلاڻي ناهي
فقط توهان جو
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪليءَ جو مُقام
27 جولاءِ 1987ع
هر ڪم ڪار ۾ ٻه چار مجبوريون،
هڪڙي پيار ۾ هزار مجبوريون.
(استاد بخاري)
سچ جيان سچا ۽ پيار جيان پيارا سارنگ!
توهان جي طويل خط جي جواب ۾ هي ڪجهه غير معياري جملا عرض ڪندس، اميد ته قبول پوندا.
انسان جو ضمير تڏهن ئي مطمئن ٿيندو آهي. جڏهن پاڻ کي ڪنهن جي بري نظر ۽ بُرن لفظن کان محفوظ ڀانئي. مان هاڻي ڪنهن جي به شيرين زبان تي هڪدم اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، جو ماضيءَ ۾ ايئن ڪرڻ ڪري مونکي ڪيترائي درد مليا آهن ۽ بيشمار موقعن تي شرمندو ٿيڻو پيو اَٿم، هونئن به ماڻهو ڪِرڻ کانپوءِ ئي سنڀالي هلڻ شروع ڪندو آهي ۽ ڪِرڻ وري اُٿڻ، ملي وڇڙڻ، جَڙي وري ٽٽڻ ۽ کلي وري روئڻ جا عمل اسان جي جيون جا اٽوٽ سلسلا آهن. تضاد تي ئي دنيا ٻڌل آهي ۽ تضاد ئي / ڀڃ ڊاهه ئي ترقي جو سبب آهي. دنيا جي هيڏي ترقي به تضاد جي ڪري ئي آهي. بهرحال مقصد اهو ته توهان پنهنجي مصروف زندگيءَ جون قيمتي گهڙيون سيڙائي مون ڏانهن ”اڪيڊمي“ ۽ ان جي ورڪرن جي اجتماعي مقصدن ۽ ماضيءَ ۾ سندن شرمناڪ ڪرتوتن تان پردو کنيو ۽ منهنجي علم ۾ واڌارو آندو. مان هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته مان انهن جي خيالن سان ڪنهن به طرح متفق نه ٿيان ها، جيستائين انهن نظرين کي چڱيءَ طرح نه پڙهان/سمجهان ها. توهان هيڏو طويل خط صرف ان ئي موضوع تي شايد ان ڪري لکيو هو، جو مون توهان جي سامهون چيو هو ته ”سٺو ٿا لِکن“. منهنجي ان چوڻ جو هرگز اهو مطلب ڪونه هو ته هو ”صحيح ٿا لکن“ ۽ سندن لکڻيون حقيقت تي مبني آهن. ان هوندي به توهان جي هڪ هڪ اکر لاءِ ٻئي جنم تائين احسانمند رهندس. وسارين متان.
اڪيڊمي وارن جا ڪتاب ڪونه پڙهيا اٿم ۽ نه ئي پڙهندس. ساڙي ڇڏيندس.
سارنگ جيڪڏهن توهان جو ڪو دوست ٿئي ٿو ۽ کيس سيرو تفريح لاءِ هڪ ڪار آهي. توهان کانئس پڇون ٿا ته هو چوي ٿو منهنجي پنهنجي آهي. توهان جا احساسات ان وقت ان شخص جي لاءِ ڪهڙا هوندا جڏهن توهان ساڳئي ڪار جو اصل مالڪ ڪو ٻيو ڏسو ٿا.
منهنجي هن لکڻ جو مقصد آهي ته انسان پاڻ کي ٻين جي نظرن ۾ مٿاهون ڏسڻ ۽ پنهنجي لاءِ ٻين جي واتان ”واهه واهه“ ٻڌڻ لاءِ ڇا نه ٿو ڪري. ڪيڏا نه سهڻا ۽ خوش ڪندڙ ڪوڙ هڻي ٿو. توهان کي ٻڌي افسوس ۽ تعجب ٿيندو ته اسان جو دوست نياز سنڌي به اهڙن ماڻهن مان نڪتو آهي. تازو مان حيدرآباد ويس، اتان محترم تنوير عباسيءَ جو پراڻو شاعريءَ جو ڪتاب ”سج تِريءَ هيٺان“ ورتم ۽ پڙهيم. پڙهي بي حد افسوس ٿيو جو دوست نياز جو آزاد نظم ”چون ٿا هيءَ رات مستقل آ“ ۽ ٽيڙو:
رونبو ڪن اِن ريت
گپ هاڻا ماڻهو
ڳائن اُجرا گيت.
هن ڪتاب جي صفحي نمبر 34 ۽ 77 جو حصو هئا. سوچيان ٿو نياز ڇا سوچي تنوير عباسيءَ جي ڪوتا پنهنجي نالي ڪري ٻڌائي هئي؟ صرف اهو ته گڏجاڻيءَ ۾ ”واهه واهه“ ٿيندي ۽ منهنجي عزت وڌندي. ڏس ڪيئن نه اڄ سچ پڌرو ٿي پيو. اهو ڪتاب مون وٽ آهي ۽ ڀانيان ٿو اڃان به هڪ ٻيو آزاد نظم جيڪو نياز ٻڌايو هو. سو به هن ڪتاب ۾ موجود آهي. اهو سڀ ڪجهه ٻُڌائڻ جو مقصد اهو هرگز نه ڀانئجان ۽ ته ڪو مان نياز جي خلاف پروپيگنڊا پيو ڪريان، پر هڪ دکدائڪ حقيقت آهي جيڪا اڄ واضح ٿي آ ۽ مون کي ڏک پهتو آ.
ڪتاب پڙهڻ ۽ شام جو لائبريريءَ ۾ وڃڻ اها آهي زندگي ۽ بندگي. لکڻ جو سلسلو جاري آهي. مجيب اسان سان رابطي ۾ نٿو اچي ۽ اوهان سان ۽ ٻين سان اسان جي عدم تعاون جي شڪايت ٿو ڪري. ٻيو اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟
نواب شاهه اچبو پر عيد کانپوءِ. ڪوشش ڪري عيد کان ٻئي ڏينهن تي اينداسين، جو اسان کي توهان کان پوءِ سانگهڙ واري دوست سان ملڻو آهي. سليم، الطاف ۽ غلام مصطفيٰ جو به خيال آهي.
عيد کان ٻئي ڏينهن تي گهڻو اوسيئڙو نه ڪندا. ادي غلام مرتضيٰ لاءِ ڪتابن جو فڪر نه ڪندا، توهان کي پهچي ويندا عيد کان پوءِ. دوست هڪ احساس جيڪو اڄ تائين مونکي ڏنگيندو ٿو اچي ته هن ويل تائين مون مان ڪير به خوش نه آهي/ مان ڪنهن کي به خوش ڪري نه سگهيو آهيان، انهن ماڻهن کي به جن کي آئون دل جي گهراين سان چاهيندو آهيان. سوچيندو ته گهڻو ڪجهه آهيان، پر موقعي تي حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهندو آهيان/ سست ٿي ويندو آهيان، مونکي افسوس آهي جو مان توکي پڻ اڄ تائين ڀرپور ڪمپني نه ڏيئي سگهيو آهيان ۽ اهو احساس تاحيات مونکي ڏنگيندو رهندو. حساس دل ماڻهو ئي حساس جذبن کي پري کان پرکي وٺندو آهي، پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته اسان کي تنهنجي جذبن/سوچن/سپنن جي خبر نه هوندي آ. اسان کي سڀ ڄاڻ هوندي آ ته ڪو ڪنهن پياري سان ملڻ ويندو آ ته ڪيئن نه سهڻا خيال دل ۾ سجائي ويندو آ ۽ جڏهن ورتاءُ سپنن جي اُبتڙ هوندو آ، تڏهن سندس دل جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي آ. بس جيڪو تون پاڻ سمجهين... هڪڙو عرض ڪندس ڀل دل ۾ ڪرينءَ ته جيڪڏهن توکي مڪليءَ پهچي ڪنهن به قسم جو دلي سڪون نٿو ملي ۽ اسان توکي خوش نٿا ڪري سگهون ته توکي وڌيڪ عذاب ڀوڳڻ لاءِ اسان ڏانهن نه اچڻ گهرجي ۽ ها جي دل گهريو ته اسان تو وٽان ٿي اينداسين.
سلام سڀني کي چوندا جيڪي مونکي سڃاڻن،
خطن ذريعي ملاقات جو سلسلو نه ٽوڙجانءِ.
سدائين گڏ
حسرتن جو ماريل
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
1 سيپٽمبر 1987ع
جيئن مون گندَڻَ وَڍَ، وَڍيُئِه تيئن وجو دکي،
ڇو تون ڇڏي سَميون، لڳين منهنجي ڪَڍَ؟
ڇا هيءَ تنهنجي اَڍَ، يا مون ۾ ڪائي مڻيا؟
(اياز)
ساٿي سارنگ!
شل سدا اياز جي شاعريءَ جيان امرتا ماڻينءَ.
خط لکڻ ۾ دير، جذبن ۽ پيار جي گهٽتائيءَ جو نه پر حالتن جي وهڪري ۾ لڙهي وڃڻ جي ڪري ٿي ويندي آهي. هيڏي تيز رفتار ۽ مسئلن جي واچوڙن ۾ وڪوڙيل دؤر ۾ ايتريون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ اجايو آهي.
تنهنجي هڪ خط ۾ ايتري ته پنهنجائپ ۽ سڪ جي خوشبوءِ سمايل هوندي آهي، جو ان هڪ خط جي سهاري صدين تائين مان پنهنجي ساهه کي سُرهو رکي سگهان ٿو، تون ته وري به جلديءَ ۾ خط لکندو آهين. مون کي اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته مان جيڪو پاڻ سڄو رُڃ آهيان ۽ اُڃ جي ڪري منهنجو وجود هر وقت پياس اُجهائڻ جي لاءِ سدائين رڻن ۾ ڀٽڪندو ٿو وتان، منهنجو روح کنڊرن جي خالي ۽ سنسان ڳلين ۾ رُلندو ٿو وتي. ڪهڙو سبب آهي جو سارنگ جهڙا مهان ديوتا به مون سان سڪ جو اظهار ڪن ٿا ۽ نه رڳو اظهار ڪن ٿا، پر مون کي پنهنجي دُکي دل ۾ اعليٰ ۽ اوچي جڳهه تي ويهارين ٿا؟ مان پاڻ سدائين اهو سوچيندو رهندو آهيان ته توکي خط ذريعي تڪليف ڏيئي ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪريان. پر وري اهو خيال مونکي روڪيندو آهي ته ڇو ڪنهن تي ايترو بار وجهجي. تون جيڪڏهن مون کي حالتن کان آگاهه ڪندين ته اها تنهنجي خيالن جي هڪ هٽي نه ٿيندي، ڇو ته مان هر خيال ۽ سوچ کي پنهنجي ذهن جي سانچي ۾ ڍالي پوءِ ئي قبول ڪندو آهيان.
سچ ته توکان پوءِ هتي منهنجو ڪوبه رهنمائي ڪرڻ وارو ڪونه آهي، ڪافي ڳالهيون مطالعي کانپوءِ ذهن ۾ کٽڪڻ لڳنديون آهن، ڪنهن کان پُڇڻ جو سوچيندو آهيان، پر ڪوبه نظر نه ايندو آهي، جنهن کان رهنمائي حاصل ڪري سگهان. جيڪي ادب دوست آهن، سي به دنيا جي ڪمن ڪارين کان واندا ٿين ته مون سان ملن ۽ رهنمائي ڪن.
خاص ڪري ’اياز‘ کي سمجهڻ ۾ مونکي ڪنهن ساٿيءَ جي ضرورت آهي. 1’اياز‘ کي سمجهڻ لاءِ صرف هڪ مسئلو آهي. اهو آهي لفظن جي معنيٰ، جيڪي منهنجي لاءِ بِنهه نوان آهن. تون ئي مسئلي جو ڪوئي مناسب حل ٻڌاءِ يار!
سنگت رڙهي، پئي، مون ۽ سليم کانسواءِ مان سمجهان ٿو ڪنهن کي به خاص دلچسپي ناهي. تون ئي ٻڌاءِ اسين ٻه ڄڻا ڇا ٿا ڪري سگهون.
سوسائٽيءَ کي ڪجهه پئسه مليا آهن. جلد ئي گڏجاڻي ڪري نون ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ وينداسين. تون به ڪي سٺا ڪتاب لکي موڪل جيڪي اسان وٽ نه آهن ۽ ضروري آهن.
مان سوسائٽيءَ جو رابطه سيڪريٽري ٿي ويو آهيان. ٻيو سڀ خير آهي. سلام سڀني سڄڻن کي چوندا.
فقط توهان جو
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي-ٺٽو
26 آگسٽ 1987ع
ساٿي سارنگ! خوش رهين شال.
خبرون خير جون، تنهنجي ڪهاڻي ملي، مون ”عبرت مئگزين“ ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، باقي کٽن ڀاڳ.
اسان جون داخلائون شروع آهن، ان کانسواءِ تنظيم جي وٺ وٺان ۾ لڳا پيا آهيون. سنگت لاءِ پڻ گل محمد خشڪ ڪجهه تجويزون پيش ڪيون آهن. جن تي عمل درآمد ڪيو سين ته توکي ضرور مطلع ڪبو.
ٻيا سڀ خير لڳا پيا آهن. دنيا جو ڪاروبار هلي پيو تيزيءَ سان، يار اسان ان کي هاڻي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهڻ لڳا آهيون. مان پڻ اڄڪلهه اياز کي پڙهڻ ۾ لڳو پيو آهيان. ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ پڙهان پيو. ان کان پوءِ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ پڙهڻ جو خيال آهي.
ادي غلام مرتضيٰ ۽ غلام مصطفيٰ کي گهڻا سلام، بيبي کي پيرن تي هَٿَ.
سڄيءَ سنگت جا سلام تو لاءِ، موڪلاڻي ناهي وقت وارو ڏنو ته وري ملبو.
سدائين گڏ
فقط توهان جو احسانمند
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي-ٺٽو
16 سيپٽمبر 1987ع
ساٿي سارنگ! خوش هجين شال
توهان جو خط مليو ۽ گڏوگڏ هڪ پرچو پڻ.
پرچو مون پڙهيو ۽ سليم کي پڻ پڙهايم. ان پرچي بابت ساٿي محمد مارو سان حال احوال ٿيو. هن چيو ته اها ڳالهه اڃا زير تحقيق آهي ۽ اهي پرچا غير قانوني طرح ورهايا ويا آهن ۽ جن دوستن اهو پرچو لکيو آهي، سي به ته غير جانبدار نه آهن. هڪ ڪاميٽي تحقيق لاءِ ٺاهي وئي آهي جنهن جو صدر محترم محمد ابراهيم جويو آهي. اها تحقيقي ڪاميٽي فيصلو ڪندي ته ڏوهي ڪير آهي؟ وڌيڪ پليجي جو تازو انٽرويو پڙهان پيو جيڪو عبرت مئگزين ۾ آيو آهي، جيڪو پڻ ساڳئي مسئلي بابت آهي.
توهان جي مسئلي بابت مون مانجهيءَ سان ڳالهايو هو، هن چيو ته ان بابت سائين غلام حسين رنگريز صاحب سان ڳالهه ڪريان ته هو ڇا ٿو ڏَسي.
مون ان مسئلي بابت هڪ خط حيدرآباد سائين محترم فتاح هاليپوٽو/شرجيل ڏانهن پڻ لکيو آهي، جنهن سان مان ڪجهه ڏينهن اڳ رئوف سان گڏ وڃي مليو هوس.
رئوف جي والد صاحب جي نوڪري شايد في الحال نواب شاهه شهر ۾ آهي ۽ رئوف تازو نوابشاهه آيو هوندو، پر افسوس جو توهان جي ائڊريس وٺڻ وسري ويس، جو توهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿو. ٻيو سڀ خير آهي. 18 سيپٽمبر کان اسان جا ڪلاس شروع ٿي رهيا آهن. دوست سڀ خوش آهن. سندن سلام قبول ڪندا. خاص سلام ڪامريڊ غلام مرتضيٰ ۽ ادي غلام مصطفيٰ کي چوندا. چاچي جي پيرن تي هَٿَ.
فقط توهان جو
اياز ابڙو
====================================================================================
• توهان جي مسئلي بابت تفصيل ايندڙ خط ۾ لکندس جو مانجهي ۽ سائين فتاح جي جواب جو انتظار آهي.
سائين فتاح ”ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين“ حيدرآباد ۾ استاد آهي. سائين جي ساڄي ڄنگهه بلڪل ڪونهي. ڪنهن ظالم حادثي ۾ سندس ڄنگهه وڍجي ويئي هئي.
*
31 آڪٽوبر 1987ع
ساٿي سارنگ، سدا خوش هجين شال
يار معاف ڪجانءِ ڪافي ڏينهن کان خط صرف انهيءَ ڪري نه لکي سگهيس جو انهن وهمن ۽ وسوسن جو شڪار هوس ته متان تنهنجو ڪو خط اچي وڃي، مگر مونکي هار مڃڻي پئي ۽ حاضر آهيان. مان سائين فتاح ڏانهن ويو هوس، ٻڌايائين ته توهان هن وٽ ويا هئا ان مسئلي جو ڇا ٿيو؟ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪاليج بند آهن. دوست بشير هتي آيو آهي. سڀاڻي مان، بشير ۽ سليم گڏجي ڳوٺ وينداسين صرف پنجن ڏينهن لاءِ. ٻيو سڀ خير. سلام سڀني ڪامريڊن کي.
فقط توهان جو
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
16 نومبر 1987ع
ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو مٽيءَ بنان ٿانءُ،
آهي تنهنجي ٻاجهه سان، ميان منهنجو نانءُ،
ڪٿي هجان آنءُ، جي تون نه هجين جوءِ ۾.
(شيخ اياز)
پيارا سارنگ!
خوش هجين شال.
ڪافي ڏينهن کان خط به نه لکيو اٿئي، اهڙي ڪا اڻ ٽر مجبوري آهي ڇا؟
هتان وڃڻ کانپوءِ تون سائين فتاح سان مليو هئين. ڳوٺ پهچڻ کانپوءِ نه ڪو خط نه احوال، ممڪن آهي ته خوشين توکان يادون وساري ڇڏيون هجن، پر هتي اسان سدائين غمن کي چنبڙيا پيا آهيون، ڪنهن اڻ ڄاتل اميد جي سهاري. مون وٽ لکڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي ۽ ها! جيستائين تون وري ساڳئي نموني باقائدگيءَ سان خط لکڻ شروع نه ڪندين، تيستائين خط و ڪتابت بند! دوست سڀ خوش آهن. تنهنجي موڪليل ڪهاڻي ”سرسوتي پبليڪيشن“ جي ٻئي شماري ۾ ڇپي آهي. مبارڪ هجئي.
سلام سڀني کي!
فقط توهان جو
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
7 ڊسمبر 1987ع
ٻنهي ٻي ٻي اک
ساڳيو گُل گلاب جو
مان ۽ ماکيءَ مک.
(شيخ اياز)
پيارا سارنگ!
غمن جي پاڇولن کان به بچين شل!
جيڪو پاڻ پنهنجي ساهه کي سڪ جي سرهاڻ سان واسڻ لاءِ هر گل جي پٺيان ڊوڙندو بن بن ڀٽڪندو وتي، تنهن وٽ ٻين کي ڏيڻ واسطي فقط اڌورين آسن ۽ اڌورن سپنن کانسواءِ ڇا هوندو؟ سو مون وٽ به سواءِ کوکلن لفظن جي ٻيو ڇا آهي توکي ارپڻ لاءِ؟ ۽ ها سچي مون کي ته اڃان پورو خط لکڻ به نه ٿو اچي. منهنجي لکيل هر لفظ مان توکي سواءِ سڙڻ جي بانس/بوءِ/ڌپ جي ٻيو ڪجهه به محسوس نه ٿيندو هوندو ۽ اها ڌپ منهنجن سڙيل جذبن ۽ سپنن جي هوندي آهي. سارنگ! زندگيءَ مونکي ايڏو ته ”ڪنفيوز“ ڪري ڇڏيو آهي، جو مان ڪنهن جي جذبن جو قدر/احترام ڪرڻ جهڙو به نه رهيو آهيان ۽ ماڻهن ان حالت مان مختلف انداز لڳايا هوندا/آهن. مان جسماني طور صحيح هوندي به ”پوليو“ جو مريض بڻجي ويو آهيان، منهنجي سوچڻ جي قوت به ختم ٿيندي ٿي وڃي.
تازو امتحان جي نتيجي پڻ منهنجي ذهن تي هڪ ڀرپور ڌماڪو ڪيو جو مان ٽن سبجيڪٽن ۾ ڪِري پيس. ۽ منهنجن ڪجهه ”دوستن“ جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن. انهن منهنجي دل کي ڄڻ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي. تعليمي معيار کان ڪير به اڻڄاڻ نه آهي. منهنجو ڏوهه صرف اهو هو ته مونکي صحيح نموني ڪاپي/نقل ڪرڻ نٿي آيو ۽ مونکي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ منهنجو ڪو به وڏو ڀاءُ، دوست يا مائٽ ڪونه هو. تعليمي لحاظ کان هيءَ منهنجي پهرين ناڪامي هئي سا به غير متوقع!
تو سياست تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو هو. يار ڌوڙ پئي آهي سياست ۽ سياستدانن جي منهن تي.! پهرين اسان کي سماجي انقلاب (تبديلي) آڻڻي پوندي معاشري مان غلط ۽ ناجائز رسمن ۽ رواجن جي پاڙ پٽڻي پوندي. هڪ فرد جيڪڏهن پنهنجو سماجي ذميداريون نٿو پورو ڪري ته هو سياسي ميدان ۾، قومي مسئلن لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو؟ ”سنگت“ جو تازو پرچو موڪلي رهيو آهيان ”بڪ پوسٽ“ وسيلي، ملي ته جواب ضرور لکجانءِ. ٻيو سڀ خير آهي. سلام سڀني گهروارن کي چوندا.
فقط تنهنجو
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
23 جنوري 1988ع
پيارا سارنگ!
وڏيون آسون ۽ اميدون تو لاءِ.
ناراض نه ٿجان، خط ننڍڙو آهي. ڇا لکان؟ اهي ئي اڄوڪي باشعور ۽ اڳتي سوچيندڙ انسان جا سورَ ۽ مشڪلاتون! پاڻ سڀ سمجهي ويا آهيون هاڻي خطن ۾ اهي سورَ پٽڻ جي ضرورت نٿو ڀانيان ۽ نه ئي مان وڌيڪ ڪجهه لکي سگهان ٿو. ذهن ۽ سوچ منتشر رهي ٿي. ۽ ها! تون خط (وڏا) ڀلي لکُ جو اهي مون لاءِ ڪارائتا آهن. ڪهاڻيون ۽ مضمون ذاتي لکيل يا ترجمو ڪيل مون ڏانهن ضرور موڪلجان. دوست سڀ خوش آهن. لائبريرين هاڻي مجيب کي ڪيو اٿئون، جو منهنجي طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي ۽ پڙهائيءَ جو بار به ڪجهه سرس آهي.
ٽي پرچا فرسٽ ايئر جا به ڏيڻا آهن. خط ضرور لکجان. اوسيئڙو رهندو. بشير کي پڻ خط لک، هو خوش ٿيندو ۽ ڪجهه سکندو. سلام سڀني کي چوندا.
فقط تنهنجو
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
7 مارچ 1988ع
تو بن آئون، نه آئون،
ساجن! تنهنجو نانءُ.
مون کان مور نه وسرين.
(شيخ اياز)
............... سارنگ،
خوش هجين شال.
تنهنجو خط مليو. پڙهي الائي ڇا محسوس ڪيم، خبر ناهي. خط پڙهڻ کانپوءِ جا ڳالهه مونکي شدت سان محسوس ٿي اها هيءَ هئي ته تو وٽ منهنجي سوچ جو ماپو تمام گهٽ آهي. ٺيڪ آهي، مان ڪو دانشور ناهيان، پر ايترو ڪم عقل ۽ ڪمينو به نٿو ٿي سگهان، جيترو تنهنجو خط پڙهڻ کانپوءِ مون پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪيو. اها ڪا ڳالهه ئي ڪانه هئي ۽ مون کي تنهنجي خط ملڻ کان اڳ تائين ياد به ڪونه هئي. قصو مختصر- مون اهو جملو چيو به هو ته محض هڪ مذاق جي طور تي- مون کي ڪهڙو حق آهي ايئن ناراض ٿيڻ جو ۽ ها- مجيب منهنجو تمام سٺو دوست آهي، اڳي کان به وڌيڪ. تون به صفا ”چريو“ آهين. مجيب جي هڪ معمولي جملي جي ڪري اجايو ٿو پريشان ٿينءَ. تون خط نه لکين ها ته مونکي اها ڳالهه ياد به نه اچي ها. اسان هتي ٺهيا پيا آهيون ۽ توکي پريشانيءَ گهيري ورتو آهي.
ممڪن آهي جنهن وقت تون هي خط پڙهي رهيو آهين. ان ويل آئون ڪراچيءَ مان آپريشن ڪرائي واپس مڪليءَ پهتو هجان. ها- سڀاڻي 8 مارچ تي آپريشن ٿيندي. معمولي قسم جي آپريشن آهي. اڄ ئي مان ڪراچيءَ وڃي رهيو آهيان. آپريشن کانپوءِ صرف هڪ رات اسپتال ۾ رهڻي پوندي ۽ 9 مارچ تي واپس ايندس، ٻيو سڀ خير آهي. دوست سڀ خوش آهن.
سلام ۽ نيڪ تمنائون سڀني دوستن ۽ عزيزن لاءِ.
فقط تنهنجو
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
23 مئي 1988ع
متان ٿئين مَلورُ، ڪين اڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪرڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.
(لطيف)
”سچ“ جا ساٿي سارنگ،
خوش هجين شال.
تنهنجو نالي ماتر ”عيد ڪارڊ“ مليو. ڇا محسوس ڪيم، لکي نٿو سگهان. تون وڏو عظيم انسان آهين. ان کانسواءِ تو زندگيءَ جو وسيع ترين مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو آهي. ان ڪري مان تنهنجي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهيان ۽ نه ئي ڪجهه هئڻ جي دعويٰ ڪري ٿو سگهان. تنهنجا مون تي اَڻ ڳڻيا احسان آهن ۽ مان اهي ڪڏهن به لاهي نه سگهندس. مٿيون سڀ حالتون هوندي، مان ڪڏهن به تنهنجي شڪايت/تنقيد جو جواب ڏيئي نٿو سگهان. تون ڀلي شڪايتون ۽ تنقيدون ڪندو رههُ- مان پنهنجين مجبورين ۽ بيوسين تي اندرئي اندر ڪڙهندو سڙندو رهندس ۽ ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍندس. هونئن ئي مون توکي ڪافي ڏک ۽ تڪليفون ڏنيون آهن، پر موجوده خاص ڳالهه تنهنجي شاديءَ تي نه اچڻ آهي. سو مجبوريءَ جو احوال لکي مان توکي بور ڪرڻ نٿو گهران. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اوچتو ڪجهه خوشيون ملي وينديون آهن ته هو لاشعوري طور غمن ۽ مجبورين کي وساري ويهندو آهي، پوءِ ڀلي ڇو نه هو انهن حالتن مان گذري چڪو هجي.
باقي رهيو اديب جي ”انا“ وارو مسئلو، اهو منهنجي نظر ۾ ايئن آهي ته اديب بنيادي طرح، ذهني طور پيڙيل طبقو آهي بقول تنهنجي: ”سندن سوچون هن سماج جي سانچي ۾ فِٽَ نٿيون اچن، ان ڪري هو آڏو ڦڏو لکي پنهنجي دل جي باهه تي ٻه ڇنڊا وجهندو آهي.“ ٻين کي نيچ يا ڪمتر سمجهڻ لاءِ مان چوندس ته تنهنجو اهو خيال منهنجي خيال جي بلڪل ابتڙ آهي. منهنجي ذهن مطابق ته اديب بنيادي طرح احساس ڪمتريءَ جو شڪار هوندو آهي ۽ پنهنجي ان احساس کي لڪائڻ لاءِ پاڻ کي ٻين کان ڪجهه الڳ رکندو آهي. مان سچو اديب اُن کي سمجهدو آهيان جيڪو سچ لکي ٿو ۽ ان تي عمل ڪري ٿو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سٺي شخصيت رکي ٿو. سٺي شخصيت مان منهنجي مراد آهي سٺو ۽ سچو انسان، جيڪو نه ڏئي نه ڏکائي. اهي آهن منهنجي ناقص دماغ جا خيال. باقي هر ڪنهن جي سوچ پنهنجي هوندي آهي. هڪ عرض ته مون کي ادب ۽ اديب سان نه ڳنڍيندو ڪر. مان اڳيئي احساس ڪمتريءَ جو شڪار آهيان. جيڪڏهن ٻه اکر لکان ٿو ته ڪنهن تي ڪو احساس ڪونه ٿو ڪريان، بس رڳو ”پنهنجي پچار“ ۾ لڳو پيو آهيان. اهو سچ لکندي مان ڪوبه شرم محسوس نٿو ڪيان ته مان خود غرض، مفاد پرست، احسان فراموش ۽ هڪ نيچ انسان (شايد انسان به نه) آهيان. عيد ڪارڊ اڳ ۾ موڪليو اٿم، اميد ته مليو هوندو. 26 مئي 1988ع کان امتحان شروع آهن.
سلام سڀني کي
فقط ڪنهن جو به نه
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
20 جولاءِ 1988ع
سارنگ!
ڇا ڪجي؟ حالتن اهڙي هنڌ اچي بيهاريو آهي جو ڪو به مناسب رستو نٿو سُجهي، جنهن تي پنهنجا پٿون ٿيل پير اڳتي وڌايان. ممڪن آ اهو منهنجو ذهني مونجهارو هجي، پر ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه حقيقت جو جُزُ ضرور شامل آهي. مان به پنهنجي ضمير جي ڪٽهڙي ۾ هر ويل ٻانهون ٻڌيو، ڪنڌ جهڪايو، شرمسار ٿيو بيٺو آهيان. ان جي باوجود به ڏس! مان ڪيئن نه بي شرمائيءَ سان جي رهيو آهيان ۽ پاڻ کي باعزت ۽ تنهنجو دوست (جيڪو شايد ناهيان) سڏايان ٿو ۽ اُن تي فخر محسوس ڪريان ٿو. اها منهنجي بي حيائيءَ جي حد آهي. مان پاڻ کي ڪيترو به حساس ۽ باشعور چوايان، پر حقيقت اِها آهي ته جيڪڏهن مان نرم گدي واري پلنگ تي سمهندڙ آهيان ته واڻ تي سمهندڙ جا احساس ۽ جذبا ڪڏهن به سمجهي نه سگهندس، توڙي جو مان به وقتي واڻ تي سمهيل هجان ۽ ان جي سختي محسوس ڪئي هجي. لاشعوري طور ”جيءُ خوش، ته جهان خوش“ واري ڪيفيت هر وقت اسان جي دل ۽ دماغ تي ڇانيل هوندي آهي ۽ ان جي، وقتي طور اسان کان ڀُل ٿي ويندي آهي ۽ اسان ٻئي کي احساس ڏياريندا آهيون ته اسان سندس حالتن کي چڱيءَ طرح سمجهون ٿا. اها به منافقيءَ جي هڪ ڳجهي شڪل آهي، ۽ تون ته ڄاڻين ٿو اسان هر پل منافقت جو سهارو وٺي پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ٿا ڏيون، اڪثر سوچيندو آهيان ته اسان جي هنن ڀُرندڙ وجودن ۽ ڏنگيل سوچن جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو آهي. سوچ جي ڌارا ۾ وهندو انساني رشتن جي تقدس جي پامالي، خودغرضي، اناپرستي، منافقي ۽ دوکيبازيءَ جي سببن تي سوچيندي آخر ان نتيجي تي پهچندو آهيان ته سڀ انسان نردوش آهن! ته آخر ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ هنن سڀني وحشتن جي فضا پيدا ڪرڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ پوءِ آخر سوچ تاريخ جا ڪروڙين سال اورانگهي اشتراڪي دؤر جي پڇاڙڪي گهڙيءَ تي پهچندي آهي، جڏهن انسان جي دل ۾ حرص ۽ حوس جاڳيو هو ۽ هُن ٻانهن جي ٻَل تي ٻين انسانن کي پنهنجو زيردست بڻايو ۽ اتان ئي حوس جي باهه دُکندي دکندي اِجهو هينئر هڪ وڏو مچ بڻجي چڪي آهي. جنهن ۾ رشتن جو تقدس پڻ ٻري رکَ بڻجي چڪو آهي. ۽ تون ۽ اسان هڪٻئي سان شڪايت ڪرڻ تي مجبور آهيون. تون ڄاڻين ٿو ته هر طبقي جا پنهنجا مفاد هوندا آهن، پر ان سان گڏ اِهو به سوچڻ جوڳو مسئلو آهي ته هر طبقي جا پنهنجا پنهنجا مادي ۽ روحاني مسئلا ۽ مونجهارا به هوندا آهن، جن ۾ ماڻهو جڪڙيل رهن ٿا.
تون چوندو ۽ لکندو آهين ته اسان جو مستقبل روشن آهي. پر هن وقت جيڪڏهن تون منهنجي جاءِ تي هجين ته شايد توکي پنهنجي ان خيال جي ترديد ڪرڻي پوي! وڌيڪ لکڻ ضروري نٿو سمجهان.
تنهنجو خط جلدي پهتو هو. مگر ”قصو“ اهڙو ٿيو جو مونکي ملي نه سگهيو. اڄ ملڻ شرط جواب لکان پيو. ”وڏا ننڍن کي معاف ڪندا آهن ۽ اِهو پڻ توتي فرض آهي.“
دوست سڀ خوش آهن.
سلام سڀني کي
فقط ڪنهن جو به نه
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
30 آگسٽ 1988ع
ڪڇ اور بڙـھه گئڳ جو اندھيرڳ تو ڪيا هوا،
مايوس نهيڻ هيڻ طلوع سحر سڳ هم.
(ساحر)
سارنگ،
خوش هجين شال!
لکڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي. سڀ ڪجهه ڦرجي ويو آهي اسان کان.
تون هر وقت خوش رهندو ڪر. مڃان ٿو ته ذهن تي قابو پائڻ مشڪل آهي. پر ڪجهه وقت پاڻ کي ٺڳي به ته سگهجي ٿو. تون ذهنيءَ طرح ڪجهه ڪمزور آهين. گهڻي سوچ تنهنجي لاءِ چڱي ثابت نه ٿيندي.
ڪتاب پڙهڻ کان وڌيڪ گڏ ڪرڻ جو جنون سوار ٿي پيو آهي. ممڪن ٿي سگهي ته ڊاڪٽرياڻيءَ کي ڏنل ڪتاب ”ناچڻي“ هٿ ڪري ”بوڪ پوسٽ“ وسيلي اماڻين ته ٿورائتو رهندس. هونئن ته تنهنجا وَڙَ وسارڻ جوڳا ٿوروئي آهن. مون کي سڀ ياد آهن. مليل دکن جيان. 1سليم عام زندگيءَ کان ڪجهه ڪٽجي ويو آهي. گهٽ ٻاهر نڪرندو آهي ۽ گهٽ ملندو آهي. وري به ملندو آهي!
مان به سنجيده دوستن سان گهٽ ملندو آهيان، سوچيندو آهيان، هڪ ته زندگيءَ پنهنجي مئخاني جي در تان ڌڪي/تڙي ڇڏيو آهي، وري به ويهي انهن ئي زخمن کي تازو ڪرڻ، پاڻ کي وڌيڪ عذاب ۾ وجهڻ آهي. ڇو نه، نقلي طرح ئي، کلجي ۽ کلائجي ۽ ”خوش“ گذارجي، ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي جوڀن ۽ سونهن کي ڏسي ۽ ٻئي طرف ”فنا“ جو تصور ڪري نيرَ لارون ڪري وهڻ لڳندا آهن ۽ ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو آهيان ته ”اي زندگي! تون چوڏهينءَ جي چٽي چانڊاڻ هوندي به آخر فنا جي اٿاهه اوندهه ۾ گم ٿي وڃي ٿي. ڪاش! مونکي تنهنجو خالق رستي تي ملي وڃي ته مان ان جو وجو دئي فنا ڪري ڇڏيان، توکي ”بقا“ ڏيارڻ لاءِ- پري، اي! رازِ ازل تون يا ته ڌرتيءَ جي پاتار ۾ آهين يا چنڊ، سج ۽ هن سڄي ڪائنات کان اوجهل ڪنهن اڻڄاتي جڳهه تي، لڪي، ماٺ ڪريو ويٺو آهين.“
گهڻو وقت الطاف ۽ مشتاق سان هوندو آهيان. منور مون ڏي خط لکيو هو. شروعات مون ڪئي هئي.
نوٽ: تنهنجو ’مضمون شهيد عبدالرزاق سومرو‘ خميس پهرين سيپٽمبر 1988ع واري هلال مئگزين ۾ ڇپجندو، اخبار ضرور هٿ ڪجانء.
سلام سڀني کي
فقط:
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
25 آڪٽوبر 1988ع
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
پيارا سارنگ!
خوش هجين شال
اصل ۾ هرڪو ذاتي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويو آهي جو سچ پڇين ته ڪنهن کي ياد ڪرڻ به وڏو مسئلو ٿي ويو آهي! حالتون واقعي نازڪ شڪل اختيار ڪري ويون آهن ۽ ڪجهه ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ۾ رابطو رکڻ ته تمام ضروري ٿي ويو آهي ۽ اسان ۾ رابطو مضبوط آهي. سليم کي الاصف شوگرمل ڳاڙهو ۾ نوڪري ملي وئي آهي. اسماعيل ۽ موسيٰ پليجو به اوڏانهن نوڪري ڪن ٿا. هفتو کن ٿي ويو آهي. مجيب کي شڪايت آهي ته تون ڏانهنس خط نٿو لکين، توڙي جو هو توکي خط لکندو رهندو آهي. موٽ ته ڏيڻ گهرجي توکي.
رديءَ مان ڪو ناياب ڪتاب ملي ته وٺي ڇڏيندو ڪر منهنجي لاءِ. پيمينٽ مان ڪندس! تخليق وغيره مون ڏانهن موڪليندو ڪر. منور کي چئجانءِ ته منهنجا ڏوهه معاف ڪري. مون ڏانهن خط ڇو نٿو لکي. مان پريشان آهيان. ۽ ها! جي منور منهنجي تصوير ٺاهي هجي ته اها هٿيڪي ڪجانءِ ۽ موڪلڻ لائق هجي موڪلي ڏجانءِ.
مان تو ڏانهن ڪا به وضاحت موڪلڻ نه چاهيندو آهيان جو مان سمجهان ٿو ته تون هن سماج جا هڙئي مسئلا ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿو.
سلام سڀني کي
بابي ۽ امڙ کي پيرن تي هٿ
جواب جلد ڏيئي سگهين ته ڏجانءِ
فقط اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
10 جنوري 1989ع
پيارا سارنگ!
زندگي ڏاڍي ڏکي/سکي آهي. هر ڪنهن جو پنهنجو حصو آهي جيڪو کيس ملي ٿو ”ڪوئي لُٽ جاتا هڳ ڪوئي لوٽ جاتا هڳ“ انٽر جو سپلمينٽري ڏيڻو اٿم، جنهن ۾ پنج ڏهاڙا باقي آهن. وڌيڪ ڇا لکان؟ اسان ماڻهن لاءِ ڏک سک جي سيني تي لت رکي، زور زور سان نعرو هڻي رهيو آهي، ”پيڙائون زنده باد“، ”پيڙائون امر آهن“.
سارنگ! منور کي چئجانءِ ته خط ضرور لکي مون ڪجهه گهرڻ ڇڏي ڏنو آهي.
سلام سڀني کي
وڌيڪ ٻئي ڀيري.
فقط
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي، ٺٽو
25 جنوري 1989ع
تيري قربت ڪڳ لمحڳ ڦول جيسڳ
مگر ڦولوڻ ڪي عمريڻ مختصر هيڻ.
(احمد فراز)
خواب ايڏا اذيتناڪ ثابت ٿيندا آهن، مون ڪڏهن سوچيو به نه هو! تيلو تيلو ڪري جوڙيل آکيرو، هوا جي هڪ ئي جهوٽي سان ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو. مونکي گمان ئي ڪونه هو! آخر ڇو؟ اسان جي زندگيءَ جا رنگ وقت سان گڏوگڏ ڦٽندا ويندا آهن. جيڪڏهن واقعي هن ڪائنات جو ڪوئي واحد خالق آهي ته اسان جي زندگي سندس ڪنجوسي يا شايد بيوسيءَ جو اهڃاڻ آهي.
سمندر سڳ پياسڳ ڪو ملڳ شبنم
بخيلي هڳ يه رزاقي نهيڻ
ڇا مان پنهنجون پريشانيون ۽ مسئلا تو ڏانهن لکان. تون جيڪو خود ساڳين مسئلن جو کاڄ بڻجي چڪو آهين. سلام سڀني کي
فقط
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
16 فيبروري 1989ع
دُکي سارنگ؟
مون هڪ دفعو ڊائريءَ ۾ لکيو هو ”هن ڪائنات جو تخليقڪار ۽ ان کي (ڪائنات کي) فنا ڪرڻ جو دعويدار مونکي ڪٿي ملي وڃي ۽ مون ۾ ايتري قوت اچي وڃي جو مان کيس ”فنا“ ڪري ڇڏيان. هن دنيا ۽ پيارن انسان کي بقا ڏيارڻ لاءِ، جيڪي ٻَئي هو اسان کان ڏاڍو جلدي کسي وٺي ٿو.
”ڪاش! ڪو پيدا ٿئي جيڪو تباهه ڪار کي تباهه ڪري، جيڪو ماريندڙ کي ماري ڇڏي.“ مون جڏهن کان محسوس ڪيو آهي ته نه صرف عام ماڻهو نه مرندو آهي پر (اسان جا پيارا ۽...) خاص ماڻهو به مري ويندا آهن، مون روئڻ ۽ ڳوڙها وهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪالهه نارائڻ شيام مري ويو. تازو چاچو مولا بخش ۽ سڀاڻي شيخ اياز، نه ئي تون ۽ مان. ڪنهن ڪنهن جي لاءِ روئنداسين، هيءَ مختصر زندگي رڳو ڳوڙها وهائڻ لاءِ ته نه ملي آهي؟ مان ذهني طرح هر صدمو سهڻ لاءِ تيار آهيان. هاڻي ڏک جي لاءِ مان شيهي جي ديوار بڻجي ويو آهيان. ڀلي هليا اچن ”ويل ڪم“ مان ڪنهن سان به (چاهي منهنجو ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڇو نه هجي) تعزيت يا ڏک جو اظهار ڪري نه سگهندو آهيان. الائي ڇو؟ دک اندر ۾ سانڍڻ جي عادت پئجي وئي آهي. ياد ڪر نور الهديٰ شاهه جا لفظ ”اسان پنهنجي اندر ۾ دُکن کي دفن ڪرڻ لاءِ کاهي کوٽي ڇڏي آهي ۽ ان کاهيءَ جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“
مان ڏک جو اظهار نٿو ڪري سگهان نٿو ڪري...! منهنجي مجبوري آهي. ۽ ها! مان نوابشاهه هاڻي ڪجهه (خبر ناهي ڪيتري) عرصي تائين اچي نه سگهندس. منهنجي طرفان سوڳوارن کي چئجانءِ ”ڇو ٿا روئو، نه روئو، روئڻ مان ڪجهه ڪين ورندو. هيءَ دل جي باهه آهي ڳوڙهن سان نه وسامندي-
فقط اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
17 مئي 1989ع
ڪتنڳ هونتون سڳ تبسم ڪڳ جنازڳ لڳ ڪر،
دوستو! وقت دبڳ پائوڻ گذر جاتا هڳ.
پيارا سارنگ!
دنيا جون سڀ خطائون منهنجي نالي ڪري ڇڏ، مگر پنهنجي دل ۾ ڪو غير نه رکجانءِ. مان گناهگار آهيان ۽ پل پل پنهنجي گناهن جي لسٽ ۾ واڌارو ڪندو پيو وڃان. ڇاڪيان؟ گناهن تي به منهنجو وس نه رهيو آهي. بس ڪندو ٿو وڃان... عيد ڪارڊ مليو. رسمي عيد مبارڪ هجئي. تفصيل سان لکڻ چاهيان ٿو مگر قلم ۽ لفظ ساٿ ڇڏي رهيا آهن. ڪڏهن تفصيل سان لکندس سلام سڀني کي.
فقط اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
15 جولاءِ 1989ع
حالتون جي راهه ۾ حائل نه ٿين ها،
مشڪلون ايڏيون مشڪل نه ٿين ها،
وڇوڙي بجاءِ جي وصل ٿئي ها،
چاهتون اسان جون ڪامل نه ٿين ها.
(اياز ابڙو)
====================================================================================
پيارا سارنگ!
خوش هجين شال.
هيتري وقت جي وڇوٽيءَ جو سبب انفرادي مسئلا ۽ مايوسي آهي. اهو عرصو مان ”پنهنجي وجود جي ٻرَ ۾“ گهڙي ويو هوس ۽ پنهنجي چوڌاري هڪ وقتي خول ٺاهي ڇڏيو هوم. هينئر ڪجهه سامت ۾ آيو آهيان ۽ سڀ کان پهريون خط توڏانهن لکي رهيو آهيان. پنهنجي آئندي جو فڪر وڌي ويو هوم ۽ هر طرف کان ناڪامي ۽ مايوسي جو منهن ڏسڻو ٿي پيو. منهنجي انٽر ڪليئر نه ٿيڻ ڪري (ٻه سال لاڳيتو) ماڻهن جي واتان جيڪي ڪجهه ٻڌڻو پيوم، سو وڌيڪ حساس هئڻ جي ڪري ڏاڍو ڏکيو لڳو ۽ نتيجي ۾ مايوسي گهَرُ ڪري وئي. هن وقت خوشيءَ جو ڪِرڻو نظر آيو اٿم ۽ اڳي کان بهتر حالتون آهن.
لاڙڪاڻي شهر ۾ تازو ٽيڪنيڪل ڪاليج جڙي راس ٿيو آهي ۽ داخلائون پڻ ٿي چڪيون آهن، ۽ خوشقسمتيءَ سان منهنجي داخلا به ٿي چڪي آهي ۽ پهرين آگسٽ کان ڪلاس شروع ٿيڻ جي توقع آهي.D.A.E يعني ”ڊپلوما آف ايسوسيئشن انجنيئرنگ“ ٽن سالن جو ڪورس (سيمسٽر سسٽم) ۾ آهي.
ٻي ڳالهه! بشير جي داخلا به ٿي آهي سندس شعبو مڪينيڪل ۽ منهنجو شعبو سِوِل آهي. ڪوشش ڪري به تبديلي سِوِل ۾ ڪرائينداسين. لاڙڪاڻي شهر ۾ جڳهه جو بندوبست به ڪيو اٿئون ۽ پهرين آگسٽ کان رهڻ شروع ڪنداسين. وڌيڪ احوال لاڙڪاڻي ۾ سيٽ ٿي پوءِ ڪنداسين. مان 25 جولاءِ تي ڳوٺ ويندس. ان کان اڳ هتي آهيان.
حالتن جو تفصيل لکيو اٿم. اميد ته معاف ڪندين ۽ ها رسمي طرح توکي سڄي ڪٽنب سميت ”عيد واڌايون“ موٽ جو منتظر
اياز ابڙو
====================================================================================
لاڙڪاڻو
5 جنوري 1990ع
زماني جي ستم کان نه گهٻراءِ سرڪش
چوڻو سچ آهي، ته خدا کي به چئي ڏيندو ڪر.
(سرڪش سنڌي)
پيارا سارنگ،
خوش رهين شال.
تنهنجون ميارون ۽ قرب ”ڪاسائيءَ واري ڪار“ ڪري اندر کي ذرا ذرا ڪري ٿيون ڇڏين. هونئن ته اسان هر پاسي کان مياري آهيون. قوم، ضمير ۽ ڌرتيءَ ڏانهن. مان تو ڏانهن ڪن سببن ڪري خط نٿو لکي سگهان يا دير ٿي وڃي ٿي ته ان جو مطلب اهو ٿورو ئي آهي ته تون مون کي ياد ڪونه آهين. بلڪل نه، تون به مون کي ائين ئي ياد ايندو آهين جيئن مان توکي.16 جنوريءَ کان امتحان آهي. انشاء الله 5 فيبروريءَ تائين نوابشاهه اچبو. ڪجهه ڏينهن دير ٿئي ته پريشان نه ٿجانءِ اچبو ضرور.
بشير ۽ رؤف به خوش آهن. باقي حال احوال ملاقات تائين سنڀالي ٿو رکان.
سلام سڀني کي
فقط اياز ابڙو
====================================================================================
لاڙڪاڻو
24 آڪٽوبر 1989ع
پيارا سارنگ
تون مون کان ڪڏهن به وسري نٿو سگهين اهو ضرور آهي جو دنياداريءَ جي ڪري رابطو ٽٽي وڃي ٿو. ڪاليج ۾ ڪم تمام تڪڙو ۽ سٺو هلي پيو. مصروفيت گهڻي رهي ٿي، ان ڪري دوستن ڏانهن خط به ڪونه ٿو لکي سگهان. حال احوال کان تون به واقف ڪر ته پوءِ وڌيڪ لکندس. لاڙڪاڻي سنگت ۾ ويندا آهيون. بشير جا سلام قبول ڪندا.
وڌيڪ ٻئي خط ۾ ،
اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
22 جون 1990ع
بڳ خودي ڪا بڙا سهارا هڳ
ورنه دنيا ميڻ ڪون همارا هڳ؟
ساٿي سارنگ،
سدا مرڪندو رهين شال؟
زندگيءَ لاءِ انفرادي هڻ هڻان ۾ ايترا ته گم ٿي ويا آهيون جو ”سورن جي ساٿين“ کي ياد ڪرڻ جو به موقعو نٿو ملي! عجيب وغريب صورتحال آهي. اسان جي معاشري ۽ ديس جي. تون ائين نه سمجهه ته ڏک ۽ پريشانيون صرف نوابشاهه ۾ سارنگ سهتي جي گهر ۾ گهرُ ڪري ويٺيون آهن، مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، پر تون سمجهين ٿو ته تو وٽ وڌيڪ آهن ته اهو تنهنجي نهايت حساس دل ۽ دماغ جو نتيجو آهي. حقيقت ۾ اسانکي ڏکن کان بچڻ لاءِ دل ۽ دماغ جي رفتار کي روڪڻو پوندو، جيڪو زنده انسان لاءِ ناممڪن آهي.
وئڪيشن سبب مڪليءَ ۾ آهيان. امتحان ڏيڻ لاءِ عيد کانپوءِ واپس لاڙڪاڻي ويندس. سليم، اسماعيل ۽ مجيب خوش آهن. مڪليءَ واري لائبريريءَ کي چڱو سڌاريو اٿن. چار پنج اخبارون ۽ ڪافي سنڌي رسالا (ساڃاهه، سهڻي، پروڙ، عبرت مئگزين) باقاعدگيءَ سان اچن ٿا.
موقعو مليو ته توسان ملڻ ضرور ايندس. سلام سڀني کي تنهنجي موڪليل ڪهاڻي ”انا پرست“ عوامي آواز، ۽ صبح ٿيندو، ڏانهن موڪلي اٿم.
فقط اياز ابڙو
====================================================================================
لاڙڪاڻو
5 مئي 1991ع
اپني تڪميل ڪر رها هوڻ ميڻ،
ور نه تجھه سڳ مجھه ڪو پيار نهيڻ.
فيض
پيارا سارنگ!
گهڻي عرصي کانپوءِ وري هن اڌ ملاقات (خط) جو مقصد بظاهر ته ڪوبه ڪونهي، پر انهيءَ رابطي ۾ سڪ جي ڪا تَندُ ضرور جڙيل آهي. جنهن کي ڇنڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. سو، منهنجو ذهن ۽ دل به ان وچ واري عرصي ۾ ڪنهن اڻڄاتل ڇڪتاڻ ۾ رهيا، جنهن سبب تو سان ۽ ٻين سمورن دوستن سان رابطي ۾ سستي رهي. خير، هاڻي وري گڏ آهيون (۽ هئاسين، ذهني طرح)، اميد ته موٽ ضرور ڏيندين.
تازو احوال: لاڙڪاڻي شهر ۾ رهندو آهيان (بشير سان گڏ)، پڙهائيءَ ۾ مڪمل ڌيان اٿم. هڪ مهينو لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ روزاني سنڌي اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي عهدي تي ڪم به ڪيوسون (بشير پڻ)، پر پڙهائيءَ تي اثر پوڻ سبب نوڪري ڇڏي سون.
هڪ دفعو وري ماضيءَ ڏانهن موٽڻ لاءِ تيار ٿي ويههُ. مان جُون جي پهرين هفتي ۾ وئڪيشن ملڻ شرط تو وٽ پهچندس، وڌيڪ پروگرام بعد ۾ توکي لکندس. تنهنجا ترجما رسالن ۾ پڙهيا اٿم. سٺو پيو ڪرين، لکندو رهه مسلسل. باقي آئنده.
سلام سڀني ڀائرن چاچي ۽ نوابشاهه جي هڙني واقفن کي، موٽ جو منتظر.
اياز ابڙو
====================================================================================
17 آڪٽوبر 1991ع
مسٽر سارنگ صاحب خوش هجو سدا
احوال ڪجهه هن ريت آهي ته اياز مون کي توهان ڏانهن خط لکڻ لاءِ چيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو هاڻي اسپتال ۾ نه آهي، هن کي 15 آڪٽوبر 1991ع تي ڊسچارج ڪيو ويو آهي. هاڻي هن جي طبيعت پهرين کان بلڪل بهتر آهي. وڌيڪ علاج لاءِ هو بابا سان گڏ جي ڳوٺ ويو آهي. وڌيڪ علاج مان منهنجو مطلب يوناني علاج آهي. مون کي اياز توهان ڏانهن خط لکڻ لاءِ انهي ڪري چيو جو متان توهان خوامخواهه اچڻ جي تڪليف ڪيو. وڌيڪ احوال اياز موٽي اچڻ کان پوءِ ڪندو. چڱو موڪلاڻي ڪونهي سدائين گڏ.
فقط ممتاز علي ابڙو (اياز جو ننڍو ڀاءُ)
====================================================================================
لاڙڪاڻو
18 نومبر 1991ع
پيارا سارنگ!
موت جو ڀوائتو منظر ڏسڻ کانپوءِ ٻيهر زندگيءَ کي ڏٺو اٿم. هينئر زندگيءَ اڃان وڌيڪ خوبصورت پئي لڳي! مان بلڪل نارمل آهيان. توکي فڪر ته ڏاڍو هوندو. ٻيو سڀ خير آهي. اميد ته ڊسمبر جي ٻارهين تاريخ بروز خميس تو وٽ نوابشاهه اچبو. پوءِ پاڻ ’جشن صحت‘ پڻ ملهائينداسين. وڌيڪ احوال پوءِ سلام سڀني دوستن ۽ گهروارن کي.
فقط: اياز ابڙو
====================================================================================
لاڙڪاڻو
25 اپريل 1993ع
پيارا سارنگ!
ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ کان سوال پُڇندو آهيان ته ڇا مان سارنگ کي وساري چڪو آهيان، تون يقين ڪر ته ڪڏهن به جواب ”ها“ ۾ نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ملندو.
سارنگ! هيءَ حسين زندگي ان لاءِ ته ناهي جو ماڻهو املهه لمحا، ڪلاڪ، مهينا ۽ سال صرف ۽ صرف ”جيئڻ جو وسيلو“ ڳولهڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏي- هي نظام ايترو منجهيل ۽ ظالم ڇو آهي؟ اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو جڏهن انسان مڪمل طرح رڳو معاشي وسيلن جي پويان ڊوڙڻ بجاءِ ويهي سک سان ڪائنات جي سونهن وڌائڻ لاءِ تخليقي ڪوششون وٺندو؟ منهنجو وجود خلا ۾ لڙڪيل ڇو آهي؟ منهنجا پير ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڄمندا؟
مٿيان اهي سوال آهن جن جي جواب لاءِ مان مسلسل آڪسيجن پنهنجن ڦڦرن ۾ ڦوڪي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري رهيو آهيان. مان سڀاڻي ٺٽي هليو ويندس. تون ڪوشش ڪري مئي جي پهرين هفتي ۾ ٺٽي ضرور اچجانءِ. تنهنجو اوسيئڙو شديد رهندو. بشير به گهڻو ڪري اُتي هوندو.
فقط اياز ابڙو
====================================================================================
لاڙڪاڻو
16 جنوري 1993ع
پيارا سارنگ!
خوش هجين شال
تازو هينئر ئي ٽي وئيءَ تان امر جليل جو ڊرامو ”سارنگ“ ختم ٿيو آهي. جنهن ۾ هڪ ڊائلاگ هي به هو ته ”مان ۽ تون الڳ ته رهي سگهون ٿا مگر پري/دور نه“. اها ڳالهه مان پنهنجي طرفان تنهنجي لاءِ به چوان ٿو. خبر ناهي هڪ سال جو عرصو الائي ڪيئن گذري ويو ۽ تو سان ملاقات به نه ٿي سگهي (هونئن ته ذهني طرح تون مون کان وسري نٿو سگهين).
ڪجهه وقت اڳ سليم کان خبر پئي ته (خدا ڪري خبر ڪوڙي هجي) چاچو گذاري ويو آهي ۽ تو سان تعزيتي بيان پڻ اخبارن ۾ ڇپيا آهن. مان خبر ٻڌڻ کان وٺي اڄ تائين ان ڳالهه کي ذهني طرح قبول ڪري نه سگهيو آهيان (جيئن مان پنهنجي ڏاڏي جي موت کي اڃان تائين قبول ڪري نه سگهيو آهيان، جيڪو محترم استاد بخاري کان ٻئي ڏينهن تي وفات ڪري ويو). چاچي بابت ٻڌل خبر جو احوال جلد ڏجانءِ، مونکي اوسيئڙو رهندو.
مان ذاتي طرح پنهنجي معاشي مستقبل جي حوالي سان ڪجهه مايوس ۽ پريشان آهيان، ان هوندي به نوڪريءَ لاءِ ڪوشش جاري آهي. (مون ڊپلوما مڪمل ڪري ورتي آهي)- نوڪريءَ جي ئي سلسلي ۾ ڳوٺ آيل آهيان. اميد جا ڪجهه ڪرڻا نظر اچن پيا. اڳتي ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.
يار! منهنجي خواهش آهي ته تون مون کي اڳي وانگر طويل خط لکين. ان ڪري جو تنهنجا خط منهنجي حوصلا افزائيءَ جو ذريعو هوندا آهن. اڄ به مون کي تنهنجن پيارن ۽ با مقصد خطن جي شديد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. اهڙي قسم جو خط ضرور لکجانءِ. سخت انتظار رهندو. سلام سڀني کي.
فقط: اياز ابڙو
====================================================================================
مڪلي- ٺٽو
17 مارچ 1994ع
زخمي هوئڳ جو هونٽ تو محسوس يه هوا
چُوما ٿا ڪسي ڦول ڪو ديوانگي ڪڳ ساٿ.
پيارا سارنگ!
خوش هجين شال.
هن کان اڳ به هڪڙو خط موڪلي چڪو آهيان، مگر موٽ ڪونه ملي اٿم. پر مان اڃان مڪمل طورتي مايوس ڪونه ٿيو آهيان. اميد ته هاڻي وڌيڪ مايوس نه ڪندين.
تازو احوال ته بابا سائين کي ميڊيڪل بنيادن تي ريٽائر ڪيو ويو آهي ۽ ٻن مهينن اندر حساب ڪتاب Clear ڪري سڄي فيملي ڳوٺ Shift ٿي ويندي ۽ مان هتي اڪيلو رهجي ويندس. منهنجي هتي رهائش بابت ڪوبه فيصلو ڪونه ٿيو آهي. بهرحال نوڪري ته ڪرڻي آهي ۽ رهائش جو بندوبست به ڪري وٺبو.
طارق قريشيءَ سان ملاقات ٿي آهي. ماڻهو ڀلو آهي. اميد ته سلسلو جاري رهندو. اڃان تفصيلي ڪچهريون ڪونه ٿيون آهن.
بشير پرائيويٽ جاب سان لڳو پيو آهي ۽ رئوف سنڌيءَ ۾ ليڪچرار لاءِ ڪميشن پاس ڪئي آهي. سندس پوسٽنگ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ متوقع آهي. دوست سليم، الطاف، اسماعيل ۽ ٻيا سڀ خوش آهن. فياض کي چوندا ته مان سندس سرگرمين ۽ تخليقن جو مداح آهيان اخبارن ذريعي احوال ملندو رهندو آهي ۽ ها فياض کي چوندا ته مون کي آفيس جي ائڊريس تي خط لکي ۽ پنهنجي ائڊريس به موڪلي. کيس عيد مبارڪ پڻ چوندا.
منهنجي طرفان توکي سمورن گهر ڀاتين سميت سلام ۽ عيد مبارڪون. ”تڪڙي“ موٽ جو منتظر.
اياز ابڙو