ماڻڪ ملاح
جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،
ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.
(شيخ اياز)
مٺڙا ماڻڪ شل سدائين سرهو هجين.
پيارا! احوال ته هت سڀ خير آهي ۽ اميد ته اوهان ڏانهن پڻ خير هوندو.
پيارا دوست! اسٽور تي ويٺو آهيان ۽ ڏاڍي بوريت پيو محسوس ڪريان، سوچيم ته ان بوريت کي ختم ڪرڻ لئه ڪنهن دوست کي خط لکان، وري سوچيم ته ڪنهن ڏي لکان ۽ پوءِ سوچيندي سوچيندي تنهنجو نالو ذهن تي اُڀري آيو ۽ هي رنڊا روڙي رهيو آهيان. شال قبول پون.
عيد تي ايمان کي تازو ڪرڻ لئه ’رهبراعظم‘ ڏانهن ويو هوس، هڪ رات ۽ ٻه ڏينهن اتي هوس، ڏاڍو دل کي آٿت مليو. سچ ته دل واپس ورڻ تي ئي نه پئي چئي. مون سان گهڻون ڪري ائين ئي ٿيندو آهي، جڏهن به رهبر اعظم وٽ ويندو آهيان ته دل واپس ورڻ تي ئي نه چوندي آهي ۽ اها چاهنا پيدا ٿيندي آهي ته منهنجي سموري زندگي ان عظيم درسگاهه جي در تي فيض حاصل ڪندي ختم ٿي وڃي.
دوست! ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جا ماڻهو ڪيترو نه پٺتي پيل آهن. کين پنهنجي ۽ پراين جي ٺپ پرک نه آهي. تون ئي کڻي ڏس ڀلا! ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جنهن پنهنجي پوري زندگي هارين جي حقن وٺڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ان کي اسان ڇا ڏنو، مرڻ وقت به سندس جنازي ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو هئا. تن مان به گهڻائي انهن ماڻهن جي هئي جيڪي ڪامريڊ جا ذاتي دوست هئا. باقي نام نهاد ڪامريڊ جيڪي اڄ حيدر بخش جي تعريف ڪيو نٿا ڊاپن، انهن مان ڪوبه مرحوم جتوئي جي جنازي ۾ ڪونه هو. ٻيو ته ٺهيو ڪامريڊ جي تربت به عام قبرستان ۾ ٺاهي پئي وئي هئي، پر سائين جي ايم سيد چيو ته حيدر کي عام قبرستان ۾ رکڻ نه ڏنو ويندو ۽ کيس غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀرسان رکيو وڃي ۽ پوءِ يار محمد شاهه وڃي پنهنجا ماڻهو ڪري آيو، جن اچي قبر ٺاهي. ان دوران هنن سائين جي ايم سيد واري پاڇولي ۾ ويٺي انتظار ڪيو، وڏي ڳالهه ته جن ماڻهن يعني هارين لاءِ ڪامريڊ پنهنجي پوري زندگي قربان ڪري ڇڏي انهن مان ڪوبه سندس جنازي ۾ شريڪ ڪونه هيو. اڄ به عام هاريءَ کي اها خبر نه آهي ته حيدر بخش ڪير هو ۽ هن ڇا ڪيو هو.؟
رهبر اعظم سائين جي ايم سيد ڏس! جنهن پنهنجي پوري زندگي اسان سنڌي ماڻهن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ زندانن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ دردناڪ اذيتون سهندي گذاري ڇڏي آهي. ان کي اسان ماڻهن ڇا ڏنو آهي. اهو ئي نه ته هي ڪافر آ، ملحد آ، اسلام دشمن آ وغيره وغيره.
دوست! الهه بچايو مرڻاس توهان ٻڌو هوندو هڪ مشهور ورڪر آهي. ميرپور ماٿيلي جو ويٺل آ. ”چنڊ تارا“ ڪتاب به شايد ان جي ئي ڪوشش آهي. ان ماڻهوءَ چاهيو ته آئون هارين ۾ ڪم ڪريان، سو هن وڃي هارين ۾ ڪم ڪيو ۽ تمام سٺو هارين کي تيار ڪيائين، ان تي ڪيترن ئي هارين کي زميندارن بيدخل ڪري ڇڏيو. مرڻاس وڃي ڪورٽ ۾ وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو. ان دوران مرڻاس جا ٻه ڀائر وڏيرن ان ڪري مارائي ڇڏيا جو هو وڏيرن خلاف هارين کي ڀڙڪائي رهيو هو ۽ سندن خلاف هڪ هلچل مچائي ڇڏي هئائين. خير، ڪورٽ جڏهن ڪيس هلايو ته وڏيرن ڪجهه هارين کي پئسن تي خريد ڪيو ۽ ڪيترن تي دٻاء وڌو، ڪورٽ جڏهن هارين کي گهرايو ته سڀ هاري ڦري ويا ۽ هن پاسي مرڻاس اڪيلو ڪَن ڪڍيو بيٺو هو. ان تي وڏيرن مرڻاس تي ڪيس داخل ڪيو ته”هن معزز وڏيرن کي ڪورٽ ۾ گهرائي سندن توهين ڪئي آهي کين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن.“ ڪورٽ ڪيس هلائي مرڻاس کي پندرهن ڦٽڪن ۽ ڪارو منهن ڪري گڏهه تي چاڙهي سڄي شهر ۾ گهمائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان کان پوءِ ان سزا تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويو يعني کيس پندرهن ڦٽڪا به هنيا ۽ ڪارو منهن ڪري سڄي شهر ۾ به گهمايو ۽ کيس برف تي سمهاري شرمناڪ اذيتون ڏنيون ويون. انهن سزائن جي ڪري ويچارو مرڻاس ٻوڙو ٿي پيو. مرڻاس جڏهن جيل مان نڪتو ته سندس هاري ته ٺهيو پر نام نهاد دانشور ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ رڙيون ڪندڙن مان به ڪو کيس ملڻ ڪونه ويو. اڄ هن ماڻهوءَ کي سڀ دانشور تمام گهٽ سمجهندا آهن ۽ کيس ٻوڙو ٻوڙو ڪري ڪوٺيندا آهن.ا ڄ ڪير هن جي قربانين کي ڪونه ٿو ساراهي، اٽلندو هرڪو هن کي ڌڪاري ٿو. هي جيڪڏهن محاذ ۾ ٿو وڃي ته هو چون ٿا ته اُن ٻوڙي کي ڪير کڻندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پاسي وڃي ٿو ته هو به کيس ساڳيو ئي جواب ڏين ٿا. هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته جنهن قوم کي دشمن ۽ سڄڻ جي ئي پرک ڪانه آهي سا اڳتي هلي ڇا ڪندي.
دوست! پنجاب جا ماڻهو پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سڏائيندا آهن. پر پنجاب ۾ هڪ سک نالي رنجيت سنگهه جو مجسمو رکيل آهي. جنهن جي صبح و شام پنجابي زيارت ڪندا آهن ۽ هن سال ته ان پنجابي سک جي مزار تي سرڪار طرفان باقاعده ميلو لڳايو ويو هو. جنهن ۾ سڀ اسلام جا ٺيڪيدار پنجابي به اچي ڪٺا ٿيا هئا، انهن کان ڪير اهو ته پڇي ته اوهين ته اسلام جا ٺيڪيدار آهيو. اوهان جو انهي سکَ سان ڇا وڃي، هو جيڪڏهن پنجابي هو ته ڇا؟ پر اسلام دشمن ته هو نه. اهي وڃي پنهنجي پنجابي سک جي اڳيان سجدا ڪن ٿا ته اهي اسلام جا ٺيڪيدار، پر جيڪڏهن اسان مهاراجه ڏاهر جي تعريف ڪريون يا سندس ورسي ملهايون ته اسان ڪافر ۽ اسلام دشمن. ڌاريا ته ڌاريا پر پنهنجا به پيا وڦلندا آهن ته اوهان جو هيرو هڪ ڪافر آهي ته پوءِ اوهان وري ڪهڙا مسلمان هوندا. انهن اسلام جي پٽن کان ڪير اهو ته پڇي ته اوهين انهن پنجابين کي ڪافر ڇو نٿا چئو، جيڪي رات ڏينهن رنجيت سنگهه اڳيان پنهنجي سيس نمايو بيٺا آهن. (دوست! رنجيت سنگهه هڪ سک هيو ۽ شاونسٽ يعني ڪٽر قوم پرست هيو. هو پنجابين جو هيرو آهي. سندس زندگي متعلق وڌيڪ تفتيش ڪريان پيو. جيڪڏهن ڪجهه وڌيڪ معلومات ملي وئي ته پوءِ رنجيت سنگهه جي زندگيءَ تي هڪ خط لکندس.)
سچ ته دوست! جنهن قوم پنهنجا تاريخي ڏينهن ۽ قومي هيرو وساري ڇڏيا، سا قوم پنهنجي موت مري ويندي ۽ اسان سان به اهو ئي حشر پيو ٿئي. درسي ڪتابن ۾ اسان جن تاريخي ڏينهن ۽ قومي هيرن جو گهڻو ڪري ذڪر ئي ڪونهي پر جيڪڏهن ڪٿي آهي ته انهن کي غدار ۽ مڪار ڪري پيش ڪيو ويو آهي، اسان جي تاريخي ڏينهن کي مذاق طور لکيو وڃي ٿو. اسان جن سورمن کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ٿو ته جيئن عام ماڻهوءَ تي اُن جو خراب اثر ويهي ۽ هو پنهنجن تاريخي ڏينهن ۽ قومي هيرن کان انڪار ڪري پنهنجي موت پاڻ مري وڃن.
ان پروپئگنڊا ذريعي سامراج گهڻي قدر ڪامياب ويو آهي. اسان جا ماڻهو راجه ڏاهر کي ته گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا، پر قاسم جي پُٽ کي جيڪو هڪ لٽيرو هو ۽ خليفي وليد جو ..... هو، ان کي پنهنجو هيرو ڪري مڃيندا آهن. اسان جا ماڻهو جي ايم سيد کي ته ملڪ دشمن سڏين ٿا پر محمد علي جناح کي تمام زبردست سمجهندا آهن. اسان جن ماڻهن کي ساميءَ جي ته خبر ڪانه آهي پر علامه اقبال کي ڀلي ڀت سڃاڻن.
دوست! مونکي خبر آ تون بور ٿي پيو هوندين. پر آئون ڇا ڪريان پنهنجي جوش کي به روڪي نٿو سگهان. متان ائين سمجهي ته آئون پنهنجي عوام مان مايوس ٿي ويو آهيان. ائين قطعي ڪونه آهي. پر هڪ حقيقت ان کي بيان ڪرڻو ئي پوي ٿو. آئون اهو ئي چوان ٿو ته هاڻي اسان کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ اسان کي ’سيد اعظم‘ جو آواز وستي وستي ۽ واهڻ، واهڻ پهچائڻ گهرجي. اسان جي عوام جي پنهنجي ۽ پرائي جي پرک سمجهائجي ۽ کيس سامراج جي چالن کي باخبر ڪرڻ گهرجي.
ها! تون پنهنجي خبر ٻڌاءِ. شاعري ڪرين پيو يا نه. پنهنجي ڪا تازي شاعري ته لکي موڪل. گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن، شاعري ئي ڪانه ٻڌي اٿم.
دوست! آئون سمجهان ٿو ته تون هاڻي بلڪل بيزار ٿي پيو هوندين ان ڪري خط جي پُڄاڻي هن ٽڪري تي ڪري رهيو آهيان.
علي محمد شاهه راشديءَ سائين جي ايم سيد کي خط لکيو ته ”تون جنهن عورت جي پويان پيو آن. اها سڄي ڪوڙهه ۾ ورتل آ ۽ توکي به هروڀرو ڪوڙهه وٺي ويندي. ان ڪري ان عورت کي ڇڏ، ۽ اچ ته زندگيءَ جا مزا ماڻيون.“
علي محمد شاهه سنڌي ماڻهن جي نالي لکيو هيس ته اهي ماڻهو خرابين ۾ ورتل آهن ۽ ڪڏهن ڪونه سُڌرندا. اٽلندو توتي الزام هڻندا ان ڪري انهن کي ڇڏي ڏي ۽ اچ ته زندگيءَ جا مزا ماڻيون.
جواب ۾ رهبر اعظم صرف هي لفظ لکيس:
”ليليٰ رابچشم مجنون ببين“
معنيٰ ليليٰ کي مجنون جي نظر سان ڏس،
ليليٰ هڪڙي ڪاري ۽ ڪوجهي عورت هئي ۽ مجنون خوبصورت ڇوڪر. پر بجاءِ ان جي جو ليليٰ مجني تي عاشق ٿئي، مجنون ليليٰ تي عاشق ٿي پيو. ان ڪري منهنجي قوم کي منهنجي نظر سان ڏس. ان کي جيڪڏهن منهنجي نظر سان ڏسندين ته دنيا جو مڙئي چڱايون ۽ سٺايون توکي سنڌي قوم ۾ نظر اينديون ۽ سنڌي قوم کانسواءِ ڪا به شيءِ خوبصورت نظر ڪانه ايندي.
چڱو جيئي سنڌ
تنهنجي جواب جو منتظر
سارنگ
*