سليم تنيو
اوهان جو پاٻوهه ڀريو پتر اربع تي مليو پر ڪجهه مجبورين ۽ پريشانين باعث ستت جواب نه موڪلي سگهيس، زندگي ڏاڍي بي مزي، سست ۽ ڍلي ٿي وئي آ، منجهس ڪو ساء نه رهيو آ. الائي ڇو رڳو رڙيون ۽ واڪائي منهنجي پلئه ۾ اچي پيا آهن. ائين ٿو ڀاسي ته مون وٽ جيڪا منهنجي ميراث هئي اها سنڌوءَ ۾ لڙهي وئي آ ۽ آئون ڏات جي ڏيهه ۾ خالي جهول جهليل ڀِکاري رهجي ويو آهيان، در در سين ٿو هڻان او لوڪو! مون کي منهنجي ڏات موٽائي ڏيو ۽ ظالم لوڪ وارا منهنجي بي وسيءَ تي چٿرون ڪري چريو چريو چئي مون کي چيڙائن ٿا، مان انهن ڏانهن نهاري ڦڪي مُرڪ مرڪي پوءِ اوچتو اوچتو وڏا ٽهڪ ٿو ڏيان، ائين جيئن مان سچ پچ چريو هجان. وقتي طور ائين به ٿئي ٿو، جو ذهن ۾ اچي خيال گونجي ٿو. ”انشا جي اُٺو اب ڪُوچ ڪرو، اس شهر ۾ جي ڪو لگانا ڪيا“ وري سوچيان ٿو نه سارنگ اها مايوسيءَ جي انتها آهي، اهڙيون وقتي ويرون ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۾ اينديون آهن، جيڪي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏينديون آهن پر همٿ هارڻ مردن جو ڪم ناهي، مڙس ٿي زندگيءَ جي هر ڏک ۽ تڪيلف سان مهاڏو اٽڪاء يا يوسف شاهين جي لفظن ۾ ته ”متان ڏرو ڏاڍ کان، ڏاڍي ناهي ساهه، گهوري ساهه پياهه گهڙي پوءِ گهاڻي ۾“. وقت ڪڏهن تکيون ڪڏهن ڍريون وکون کڻندو حال کي ماضيءَ ۾، مستقبل کي حال ۾ تبديل ڪندو اڳتي وڌي رهيو آ، اسان پنهنجي منزل جي اوسيئڙي ۾ آهيون. پر وقت جي رفتار ٻڌائي پئي ته منزل اڃان پري آ، وڏي ويڙهه کانپوءِ اوهين ان تي پهچندا.
عيد تي اوهان جو انتظار ڪندس، تون ۽ اياز پروگرام ٺاهي مونکي مطلع ڪري ڇڏيو ته جيئن آئون اوهان کي هٿيڪو ملان. اسان جو حال اهو هيو، جيڪو ڏٺئي، جي ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ته معاف ڪجانءَ، آهيان غريب جو ٻار جيڪو حال هيو اُهو اوهان پرين اڳيان پيش ڪيوسون، اميد ٿو ڀانيان ته هيڻون حال ڏسي، منهن نه موڙيندا، بلڪه سدائين ڦيرو پيا ڪندا.
سلام سڄي سنگت کي.
تنهنجو
سارنگ سهتو
*
جر، ٿر، تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀئي ٿيا سيد چئي، سوريءَ سزا وار،
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين.
(شام)
ساٿي سليم سوز!
پيارا!
تو سمجهيو هوندو ته مون توکي وساري ڇڏيو هوندو، پر ائين ناهي، ها بهرحال ٻٽي ڏينهن آئون ڪجهه اهڙو ته پريشانين ۾ گهيرجي ويو هوس جو پنهنجي وجود کان به بي خبر ٿي ويو هوس ۽ اُن سبب ئي تو جهڙي پياري ساٿيءَ سان رابطو بحال رکي نه سگهيو هوس. هاڻي منهنجون حالتون هڪ ڀيرو وري ڪنهن قدر سڪون ڏانهن موٽي رهيون آهن ۽ ان سڪون جي سچ ته پهرئين لمحي ۾ اوهان ڏانهن تفصيلي احوال موڪليان پيو، اميد ته اڳيون پويون سڀ خطائون / غلطيون معاف ڪندا.
سليم ڏس، ويچاري غريب ماڻهوءَ سان ڪيڏو نه ناحق آ، آئون صرف ٽي مهينا بيروزگار رهيس، پر اِهي ٽئي مهينا مون لاءِ ڪنهن جهنم کان گهٽ نه هئا، ڪجهه دوست ڇڏي ويا، رڳو ان ڪري جو مان صفا سُڃو ٿي ويو هوس، مٽن مائٽن جي اها ملڻي جلڻي نه رهي هئي، ڪافي ماڻهو مون مان تنگ ٿي ويا هئا، مون پاڻ ڏانهن نهاريو، مون کي نظر آيو ته مان ساڳيو سارنگ هوس، مون ۾ ذري جيترو به فرق نه آيو هو، پر منهنجن کيسن ۾ واقعي رڳو بيڪار پنا رهجي ويا هئا ۽ آئون هڪڙن چئن آنن لاءِ به محتاج هوس. انهن سمورين رَوَشن ڪري مان پنهنجي زندگيءَ مان مڪمل طور تي بيزار ٿي پيس ۽ هر ويلي رڳو منفي سوچ ئي ذهن ۾ پيدا ٿي رهي هئي. سليم تون ڀاءُ آهين ته مان ايترو ته تنگ ٿي ويس پريشانين مان، جو مون لاءِ ڪا واهه ئي نه رهي، سواءِ ان جي ته مان شراب پيان، سگريٽ ڇڪيان ۽ فالتو ماڻهن سان اجايون ڳالهيون ڪري پنهنجو پاڻ کي خودڪشيءَ کان بچايان، ايڏا عجيب غريب واقعا منهنجي سامهون ٿيان جو مان سمجهان ٿو هڪ طويل ناول جيترو مواد منهنجي ذهن ۾ ڪٺو ٿي ويو. تجرباتي طور تي به ڪي قدم اورتي وڌيس، ماڻهو جيڪي ”ٻهروپيا“ هوندا آهن انهن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺم ۽ سندن اندر ۾ ڀريل ڪيني کي اوڳاڇيندي ڏٺم، جيڪو هو سدائين دل ۾ سانڍي اسان جي اٻوجهه عوام کي دوکو ڏيندي ڏيکاريندا ۽ چوندا وتندا آهن ته اسين اوهان جا وڏا خيرخواهه آهيون. سڀ واقعا جي لکان ته پوءِ ”وڏي ڳالهه“ ٿي ويندي، ان ڪري ڪوششن ڪندس ته مختصر نموني احوال لکان.
ايڏانهن اچڻ کانپوءِ 3 اپريل تي ڪجهه دوست آيا ۽ چين ته بابا تيار ٿي ڀٽي صاحب جي ورسيءَ تي ٿا هلون، چيومان پنهنجا کيسا صفا خالي آهن، چين ته بسون مفت ۾ ٿيون کڻي هلن، ٻيا خرچ ڪونه ٿيندا، بس هلون ٿا، مون چيو ادا جيڪا اوهان جي مرضي، بس سائين تڪڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي بسن ۾ وڃي چڙهياسون، ڪيترا واقعا رستي ۾ رونما ٿيا پرڪونه ٿو لکان، رات جو رتيديري کان ڦرندا تقريباً ڏهين ڌاري وڃي ڳڙهي خدا بخش پهتاسون، ماڻهن جا هشام هئا، گاڏين جو ڪو ڪاٿو ڪونه هو، ڀٽي جي ورسي ڪنهن سياسي وليءَ جو ساليانو عرس ڀاسجي رهي هئي، آئون خود به ڀٽو عقيدت پرستي تحت نه پر صرف مشاهدو ماڻڻ ويو هوس، هڪ ڳالهه ڏاڍي شدت سان محسوس ڪيم ته”هي هيترو لوڪ آ، ۽ سڀ پنهنجي پارٽيءَ لاءِ والهانا محبت رکن ٿا، پر ڪوبه انهن جي صحيح تربيت ڪرڻ وارو ڪونهي، هي هيترا جذبا هروڀرو اجايو غلط استعمال پيا ٿين انهن کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪير به نٿو سوچي، الائي ڇو.“ شايد پارٽيءَ کي رڳو هوا ۾ اڏامندڙ جذباتي ڪارڪنن جي لوڙ آ، نه ڪي سنجيدن ماڻهن جي جيڪي هر ڏکيءَ ويل پارٽيءَ جي صحيح رهنمائي ڪري سگهن. اتي اهو احساس ڏاڍي شدت سان محسوس ٿي رهيو هو ته هي ڳوٺ سليم، اياز، رؤف ۽ بشير جو آ. مان مختلف تجربن ۽ مشڪلاتن مان گذرندو پنجين اپريل تي صبح جو خير سان گهر اچي پهتس. هڪ ٻه ڏينهن وري به روزگار جي، تلاش ۽ پريشانيءَ ۾ گذاريم، ستين تاريخ هڪ ڪارڊ مليو ته ”سنڌي ادبي سنگت، پريس ڪلب ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊميءَ“ جي تعاون سان پريس ڪلب ۾ اٺين تاريخ تي شام جو پنجين وڳي ”پير حسام الدين راشدي“ جي ورسي ملهائي پئي وڃي. اٺين تاريخ تي شام جو اڃان وڃڻ جي تيارين ۾ ئي هوس ته ڪجهه نوجوان اديب آيا ۽ چين ڇا هي ڀلا پنج ٿي ويا آهن اڃان تيار نه ٿيو آهين، تيار ٿي وڃي فنڪشن واري هنڌ ويٺاسين. اسان مشاعري ۾ پنهنجو نالو درج ڪرايو، تقريرون ٿيون، ڪنهن پير حسام الدين راشديءَ جي خاندان کي سلام ٿي پيش ڪيا ته ڪنهن وري پير حسام سان ذاتي ياريءَ جو داستان ٿي کوليو، پر ان سلسلي هلندي هڪ اهڙو سچار ۽ بي باڪ اديب به آيو، جنهن چيو ته ”مان تاثر پيش ڪندس“ تاثر شروع ڪجهه هيئن ٿيو: ”چيائين: ڇا پيو ڪرين. چيم: مقالو پيو لکان. پڇيائين: ڪنهن تي. چيم: پير حسام الدين راشديءَ تي. چيائين: ڇا لکندين. چيم: سندس علمي ۽ ادبي خدمتون. چيائين: لک ته مان ڏسان ڪيئن ٿو لکين. چيم: نه تون وڃ ته پوءِ، ڇو ته تنهنجي وڃڻ کانپوءِ ئي لفظن جي موتين جي مالها جڙندي. ٺيڪ آ، ته پوءِ مان وڃان ٿو. چيم: پر تو پنهنجو نالو ته ڪونه ٻڌايو، تو پڇيو ئي ڪونه. هاڻي ته پڇان ٿو. طارق عالم ابڙو. ڇا اهو طارق عالم ابڙو جنهن جا ٻئي گردا ختم ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي جي سول هاسپيٽل ۾ داخل آ. ها مان اهوئي طارق آهيان. پوءِ تنهنجو ڪجهه ٿيو. ڇا ٿيندو. توهين سڀ ”اسڪرين پليئر“ / اکرن جا رانديگر آهيو، اوهين لکو مئلن تي مقالا، جيئرن سان اوهان جو ڇا.“ ڏاڍي بهترين انداز ۾ سچ ته هن تاثر لکيو هو، جنهن ۾ هن طارق کي بچائڻ لاءِ جاني مالي امداد جي اپيل ڪئي ۽ اختتام هنن اکرن سان ڪيائين ”راشدي صاحب! مون کي معاف ڪجان، جو تو مئل ماڻهؤ جي محفل ۾، مون هڪ جيئري انسان تي ڳالهايو آ، پر مان سمجهان ٿو ته تنهنجي ڀيٽ ۾ طارق تي ڳالهائڻ وڌيڪ وقتائتو هو.“
ان بعد وري هڪ ٻي هتي جي اردو اديبا کي تقرير لا سڏ ٿيو، جنهن صاحبه پهرين ته پير صاحب جي خاندان کي آسمان تي وڃي پهچايو ۽ چيو ته اسان کي راشدي خاندان جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي جنهن ههڙو ڀلو ماڻهو اسان کي پيدا ڪري ڏنو. ان کانپوءِ هوءَ اچي ڌاڙيلن ۽ شاگردن جي پٺيان پئي، چيائين شاگرد ڪلاشن ڪوفون کڻي ٿا هلن، محنت نٿا ڪن، ڌاڙيلن لاءِ چيائين، انهن کي ڪو شرم ڪونهي، مون کي ڏاهري صاحب ٻڌايو ته هي اهڙا ته ويل ماڻهو آهن جو عورتن کي به نٿا ڇڏين، سندن زوريءَ زيور ٿا لاهن. ماڻهو ڌاڙيل ٿيئي ته به ڪا شرافت هجي. چيائين، هي ڌاڙيل اهي غريب شاگرد آهن، جيڪي وڏا وڏا خواب رکندا آهن ۽ جڏهن پورا نه ٿيندا اٿن ته پوءِ ڪارن، بنگلن وارن کي ڦريندا آهن، اسان کي ملڪيت ڏني آهي ته مولا ڏني آهي، اسان اها محنت سان هٿ ڪئي آ، اوهين (غريب ماڻهو) محنت ڇو نٿا ڪيو. منهنجو مڙس ڊاڪٽر صاحب ميلن جا ميل پري پنڌ ڪري پڙهڻ ويندو هو، اوهين به محنت ڪريو، باقي اسان جي ڪارن بنگلن ۾ اکيون ڇو ٿا وجهو.“ اهڙي نموني جي ڄاڙي هڻندي هوءَ لٿي اسٽيج تان. هڪ ٻن مقررن کانپوءِ مون کي مشاعري لاءِ سڏ ٿيو. مون هڪ آزاد نظم ۽ ڪجهه ٽيڙو ٻڌايا ۽ پوءِ اسٽيج تي صدر صاحب کان اجازت ورتم ته هو اگر مون کي ڪجهه لفظ ڳالهائڻ ڏي ته سندس مهرباني، هن صاحب، ڪنڌ ڌوڙيندي ها ڪئي ۽ مون چيو سائين پير حسام الدين راشدي سنڌ جو هڪ عظيم تاريخدان هو، هن کي مڪليءَ سان بي انتها محبت هئي ۽ مان به ڪجهه ڏينهن مڪليءَ تي گهاريا آهن، ان ڪري مون کي به راشدي صاحب سان تمام گهڻي محبت آهي، مون چيو ان کان پوءِ آئون نوراحمد چنڙ صاحب متعلق صرف ايترو چوندس هو سنڌ جو هڪ سچو ۽ بي باڪ اديب آهي، هن واقعي سچ چيو آهي، اسان سنڌي رڳو مرده پرست آهيون، جيئرن لاءِ ڪجهه نه ڪندا آهيون ۽ مئلن جون وڏيون ورسيون ملهائيندا آهيون. مائي ڀاڳي مري وئي، اسان جي بي وسيءَ تي ماتم ڪندي، پر اسان کيس رڳو ”ٿر جي راڻي“ جي خطاب کانسواءِ ڪجهه نه ڏئي سگهيا سون، مسڪين جهان خان کوسو، جنهن جو موت ڏاڍو ڏکوئيندڙ ٿيو، تنهن لاءِ اسان ڪجهه نه ڪري سگهياسون ۽ اڄ سندس وڏيون ورسيون ملهائيندا آهيون، مون چيو، طارق مري ويندو، اسان سندس لاءِ ڪجهه نه ڪنداسون ۽ مرڻ کانپوءِ مٿس مقالا لکنداسون. ان بعد مون چيو مان ميڊم ڏاهري صاحبه تي به ٿورو ڳالهائيندس. مون چيو توهان ڌاڙيل ٿيڻ جا پهرين ڪارڻ ته ڏسو ته ڌاڙيل پيدا ڇو ٿا ٿين. محنت اسان ڪيون ته سهي، پر اسان کي محنت ڪرڻ جا موقعا ته ڏيو، اسان ۾ صلاحيتون آهن، پر اهي سڀ تباهه پيون ٿين. مون چيو مان انٽر آهيان، مون کي ڪا نوڪري نٿي ملي، آخر ڇو، اسان کي ڪا خبر ٿي پوي ته آخر اسان جو ڪهڙو ڏوهه آ. مان اتي جوش ۾ اچي ويو هوس مون کي خبر نه پئي پئي ته مان ڇا پيو ڳالهايان، البته اهو ڏٺم پئي ته ماڻهن تاڙيون ضرور وڄايون پئي. آخري لفظ منهنجا هئا ته ممڪن آ اها منهنجي منفي سوچ ئي هجي، پر مان سمجهان ٿو مون کي به ڌاڙيل ٿيڻ گهرجي ڇو ته ٻي ڪا واهه ئي ناهي، مون وٽ مان ڌاڙيل ٿيندس، ها مان ڌاڙيل. مان پگهر ۾ شَلُ اسٽيج تان لٿس، تاڙيون وڄيون پئي، ڪنهن ائين به چيو ”زبردست ڊائلاگنگ، سارنگ، سائين پنهنجي لئي بيهاري آيو.“ فنڪشن جي صدر صاحب تقرير ۾ ايترو چيو، اسان جي نوجوانن سان ظلم ضرور آهي، پر اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هنن جي اسين ڪهڙي ۽ ڪيئن مدد ڪريون. جيئن اڳارو هن نوجوان چيو ته مان انٽر آهيان، يا طارق لاءِ نور چنڙ اپيل ڪئي، انهن جي ڪو مدد ڪري. (باقي کيس ٻرو ٿي چڙهيو مدد ڪندي) پروگرام پورو ٿيو ته خاطر تواضع لاءِ ماڻهن کي ويهاريو ويو. ان دوران نور محمد چنر، خان محمد پنهور ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ مئنيجر نئين روشني اسڪول نوابشاهه سرور شاهه پرنسپل مهراڻ انجينئرنگ ڪاليج نوابشاهه ۽هڪ انجينئر قاضي خضر حيات کي چيو انهي نوجوان کي نوڪري وٺي ڏيو، نه ته هي جي ڌاڙيل ٿيو ته پهرين ماريندو به اوهان اديب آفيسرن کي. ان تي خان محمد پنهور چيو ابا اهو ڪهڙو آ سارنگ، مان اٿي ويس پهرين سرور شاهه ڏي ويس، جنهن پروگرام جي صدارتي تقرير ۾ منهنجي مدد لاءِ چيو، چيائين بابا هوڏي پنهور صاحب ٿو سڏئي، پنهور وٺ ويس چيائين ٻهراڙيءَ ۾ نوڪري ڪندين، چيم ڇو ڪونه ڪندس. چيائين ٺيڪ آ، سڀاڻي آفيس ۾ درخواست کڻي اچجانءِ، تنهنجو ڪم ٿي ويندو. مان ڏاڍو خوش. اتي ئي مونکي مبارڪون ملڻ شروع ٿي ويون. گهر آيس ته اچڻ ساڻ اوهان ڏانهن تڪڙ تڪڙ ۾ خط لکيم ۽ صبح جو پهرين خط پوسٽ ڪري پوءِ سمورا ڪاغذ کڻي صاحب جي آفيس ڏانهن روانو ٿيس. سچ ته مون کي پڪو يقين هو ته مون کي نوڪري ملي ويندي، صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ وڃي کيس ڪاغذ ڏيندي چيم، مان سارنگ آهيان سائين رات وارو. صاحب چيو ابا هاڻي نوڪري ته منهنجي هٿ ۾ ڪونهي، تون ڪاغذ ڏئي وڃ، مان ڪوشش ڪندس،، باقي جي توکي ڏٽو ڏئي ڇڏيان، سو به چڱو ناهي، ڪوشش ٻئي هنڌ به ڪندو رهجانءِ، متان آسرو پڪو رکي ويهي رهين ۽ چيائين هي ڪاغذ ڪلارڪ کي ڏئي ڇڏ، ڪلارڪ کي صاحب جي منهن تي ڪاغذ ڏيندي چيم ڪجهه ٿيندو به يا اهي هليا ويندا رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾. ڪلارڪ چيو اطمينان رک. چڪرايل ذهن سان صاحب جي آفيس کان ٻاهر نڪتس، مون چيو هي ڇا، ايڏو دوکو به ٿيندو آ. ڏاڍو مايوس ٿڪل، پريشان گهر پهتس ته بابا چيو روڊس ڊپارٽمنٽ ۾ تنهنجو آرڊر نڪتو آ داروڳي جو. انجنيئر ويچاري ڏي سدائين پيو ويندو هوس، سو اڄ نيٺ ڪم ڪيو اٿائين. چيم آرڊر ڪٿي آ. چيائين ٿوري دير کانپوءِ سپرينڊنٽ انجنيئر جي آفيس مان وڃي کڻي اچ. تڪڙو تڪڙو خوش خوش، اهو سوچيندي ويس ته هڪ هنڌان نه ته ٻئي هنڌان ڪم ٿيو. آفيس مان آرڊر ڏيندي چين، هي هاڻي اي سي جي آفيس ۾ کڻي وڃ. وري تڪڙو تڪڙو اي سي صاحب جي آفيس پهتس، جتان خبر پئي ته صاحب قاضي احمد ويو آ سڀاڻي ايندو، ٻئي ڏينهن ويس ته به صاحب ڪونه هو، ٽئي ڏينهن ويس ته صاحب موجود هو ۽ مون کي ٻه آرڊر ڪاپيون آفيس مان مليون ۽ چين هڪ تون پاڻ وٽ رک ۽ هڪ سڪرنڊ جي روڊس آفيس ۾ کڻي وڃ ۽ اُتي ئي توکي ڊيوٽي رپورٽ ڏيڻي پوندي، وري سائين سڪرنڊ ويس، هيڊ ڪلارڪ صاحب چيو بابا اتي اي سي آفيس وارن توکي ڪجهه نه چيو، مون چيو نه. چيائين ڀلا تون پڙهيل آهين، چيم ها، چيائين پوءِ هي آرڊر جي انڊرلائين سٽ پڙهه. لکيل هو: His pay will start with effect from the start of work Mud Palio link Road. چيائين معنيٰ مون چيو هن جي پگهار مڏ پليو روڊ جي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندي. چيائين پوءِ پيارا انهي روڊ جي اڃان بجيٽ ئي ڪونه آئي آهي. مون چيو پوءِ هي آرڊر چيائين ها جڏهن کان ڪم شروع ٿيو تڏهن کان تون ڊيوٽي ڏيندي، هاڻي هيڊ آفيس مان پڇا ڪندو ڪجانءِ، جڏهن به بجيٽ اچڻ جي خبر پوئي تون هليو اچجان، وري هيڊ آفيس ويس، چين بجيٽ ڇهن مهينن ۾ به اچي سگهي ٿي، ٻارهن مهينن ۾ به ته ته پندرهن ڏينهن ۾ به. تون چڪر هڻندو رهجانءِ. ٻه ٻه ٽي ڏينهن ترسندو ڪي پندرهن ويهه ڏينهن ويندو رهيس، پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو. ان وچ ۾ سوچيم ته ماٺ ڪري ويهڻ کان بهتر آ ته سڀني آفيسرن سان ملان، من ڪو ڪنهن کي رحم اچي وڃي، اسپتال جي ايم ايس ڏي ويس، جنهن صاحب ته جڳهيون خالي هئڻ جي باوجود به درخواست ئي نه ورتي. مون واري ڀيڻوئي جي کاتي جي هتي واري آفيسر ڏانهن به ويس، جنهن پهرين ته درخواست ئي نه ٿي ورتي، پوءِ ”ايگزيڪيوٽو انجنيئر“ جي اسپيل پڇيائين، جيڪا درست ٻڌائي مانس ته چيائين يار، لڳين هوشيار ٿو اپليڪيشن ڏئي وڃ ۽ وڃي ٽائيپ سک، مان توکي پوءِ ڪٿي نه ڪٿي لڳرائي ڇڏيندس. سرور شاهه پرنسپل مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڏي ويس، جيڪو پاڻ کي ڏاڍو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ ادب دوست انسان سمجهندو آ، تنهن صاحب چيو جڳهيون مون وٽ آهن پر دعا ڪيو ته شوڪت شاهه ٿئي وزير ته پوءِ اوهان لکرائي اچوس ته توهان کي ڪا نوڪري ملي. چيو مانس مان ڇو دعا گهران ته شوڪت شاهه وزير ٿئي چيائين ڇو، مون چيو سائين هو هينئر ئي اسان جو ڪم ڪونه ٿا ڪن، وزير ٿيڻ کان پوءِ ته مرڳو نظرئي نه ايندا. چيائين پوءِ مان ڇا ٿو ڪري سگهان، چيو مانس ڀلا ڪلارڪي نه ته پٽيوالي ئي ڪري ڏيو، مان ذهني طور تيار آهيان، چيائين بابا، مون چيو نه ته مان ڪجهه نٿو ڪري سگهان، وڃي ڪنهن وزير کان نوٽ هڻائي اچ ته پوءِ ڏسنداسون. مجبورن مايوس ٿي موٽڻو پيو. وري خيال آيو هڪ چڪر خان محمد پنهور وٽان هڻجي. چيومانس سائين ڇا ڪيو اسان جو ڀلا، چيائين اڃان ته ڪجهه ڪونه ٿيو آ، مون چيس سائين هڪڙو ڀلا ڪم ڪريو مان ڏاڍو پريشان آهيان، مون ماستريءَ تان هٿ کنيو، مون کي مهرباني ڪري پٽيوالي ئي کڻي ڏيو، چيائين، ضروري ته ڪونهي ته ڪو توهان کي سرڪاري نوڪريون ملن، مزودري ڇو نه ٿا ڪيو، پنجابي، پٺاڻ ڪن ٿا اوهان نٿا ڪيو، چيومانس مان تيار آهيان مزدوريءَ لاءِ به، پر سچ ته اها به نٿي ملي، ابا ايتري ۾ منهنجو ٿو ڀاڳ ڦٽي هڪ رٽائر سنڌي ميجر، جيڪو جڏهن مان ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪندو هوس اتي اچي وڏا وڏا سرڪاري اسڪينڊل کوليندو هو ۽ پنهنجي قوم پرستيءَ جا ڇڪا ڇوڙيندو هو، نمودار ٿيو ۽ ايندي شرط چيائين مزدوري ڇو نه ٿي ملي، مان ٿو توکي مزدوري وٺي ڏيان، هن جڳهه جي مٿان ڪم پيو هلي، اتي هل ته مان توکي مزدوريءَ سان لڳرائي ڇڏيان. مون چيو هينئر نه باقي سڀاڻي. وري ڪرسيءَ تي ويهندي صاحب جي فون پنهنجي هٿ ۾ کڻندي، پنهنجي چمچاگيري جو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي چوڻ لڳو سائين هن باغي کي ڇو گهرايو اٿوَ. صاحب ٻين ماڻهن سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو ۽ هو ميجر فون تي ڳالهائي پاسو وٺي ٻاهر نڪري ويو، نيٺ مان به اٿيس ۽ صاحب کي چيم پوءِ سائين مان وڃان نه، چيائين تون بس سڀاڻي کان عباسي صاحب وٽ مزدوري اچي ڪر نه. مون کي هٿ ۾ جيڪي ڪاغذ/سرٽيفڪيٽ وغيره هئا تن کي ڪاوڙ ۾ مروٽيندي چيو مانس پوءِ هنن کي ته ڦاڙي ڇڏيان نه، چيائين ايترا جذباتي به نه ٿيو، چيو مانس توهان ماستري ته نه، پر پٽيوالي به ڏيڻ لاءِ تيار ناهيو. جند ڇڏائڻ واري ڪندي چيائين چڱو ڪلارڪ کي درخواست ڏئي ڇڏ پٽيوالي لاءِ مان اهو سوچي ٻاهر نڪري آيس ته هاڻي ڳالهائڻ اجايو آ. درخواست ڪانه ڏنم ۽ ائين ئي ڪاوڙ ۾ نڪتو آيس. ٻئي ڏينهن مزدوريءَ تي اُن ڪري نه ويس ته پرائمري ماستريءَ جي لکت انٽرويو ۾ پاس ٿي ويو هوس ۽ ان ڏينهن وري زباني انٽرويو هو، جيڪو ڏنم، شام جو اسان جي شهر جي هڪ شاعر مير عبدالرسول مير وٽ ويس، جتي اڃا ويٺس ئي مس ته مٿان خان محمد پنهور ٺڪاءَ اچي ڪيو، مان چيو واهه، ايتري ۾ هڪ ٻه آفيسر ٻيا به اچي ويا، جيڪي مير صاحب سان پنهنجي منهن ڳالهائڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويا، ڪمري ۾ مان ۽ خان محمد پنهور صاحب اڪيلا رهجي وياسون، مونکي چيائين ابا تون هوڏي مزودريءَ تي وئين، مون چيو نه. چيائين ڇو مون چيو اڄ منهنجو زباني انٽرويو هو، پرائمري ماستريءَ لاءِ، وري مڪمل تعارف پڇيائين ته پيءُ ڇا ڪندو اٿئي، ٻڌايو مانس مولوي آهي، ٺپ غريب ٿي پيو آهيان، تڏهن ڪو واهر نٿو ڪري نه ته مان جنهن تنهن کي ائين منٿون نه ڪندو وتان ها. چيائين ٽائيپ سک، مون چيو فيس لاءِ مون وٽ پئسا ئي ڪونه آهن. ٻه ٽي ادبي ڊائيلاگ به ٻڌايا مانس، مون چيو اسان جا اديب ويچارا پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا، مجبور ۽ بيڪس جهڙا لفظ افسانن ۽ شاعريءَ ۾ گهڻو پڙهي، اهو ذهني طور سمجهي ويهندا آهن ته اهي رڳو افسانوي ۽ ادبي ڳالهيون آهن، انهن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ڪونهي. پر مون چيو اوهان اسان جا مسئلا ڏسو، اسان جون مجبوريون ڏسو ته اوهان کي حيرت وٺي وڃي. مون محسوس ڪيو ته مان هن کي متاثر ڪري ورتو آ. مونکي چيائين هاڻي ڳالهه ٻڌ، مون وٽ ماڻهؤ جي گنجائش ڪانهي، باقي مير صاحب کان هڪڙي مون درخواست ورتي هئي، جي مير صاحب چوي ته انهي بجاءِ توکي رکان ته پوءِ ٺيڪ آ. ايتري ۾ مير آيو، مون مير کي چوڻ مناسب نه سمجهيو، پر پنهور صاحب پاڻ چيس ته هن تو واري همراهه بجاءِ هن کي رکون، هي بنهه غريب ٿو لڳي، مير چيو بلڪل ٺيڪ، هي واقعي اسان جو غريبڙو اديب اٿئي، هن سان وڏا ظلم ٿيل آهن، ان ڪري پهريان هي، پنهور صاحب اتي ئي مونکي چيو درخواست لک، مون درخواست لکي ڏني مانس، درخواست وٺي مون کي چيائين ته بس صبح کان وٺي تون اچ آفيس. ويندي ويندي مون کان پڇيائين ڀلا ٽائپ فيس گهڻي آ، مون چيو پنجاهه رپيا، مونکي پنجاهه رپيا ڏيئي چيائين ٽائيپ به وڃي سک. هڪ ڀيرو وري خوشيءَ ۾ نٿي ماپيس، صبح جو سوير اُٿي صاحب جي آفيس ويس، گهڻي دير کانپوءِ صاحب مليو، چيائين بس تون هاڻي ڪم کي لڳي وڃ. صبح جو ساڍي ستين کان اڪثر ڪري شام جا 4.30 يا پنج، ڇهه به ٿيو وڃن، پر ڏاڍي خوش اسلوبيءَ سان نڀايانس پيو، هڪڙي ٻي به ڳڻتي هئي اها، اها ته اسان جو پڪو آرڊر ڪراچيءَ مان ڊائريڪٽر وٽان اچڻو هو ۽ جيسين اهو نه آيو هو، ڏاڍي اندر ۾ اڻ تڻ هئي، پر هاڻي اهو به اچي چڪو آ. مان ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجون سڀ صلاحيتون استعمال ڪري آفيس جي سموري اسٽاف کي موهي وجهان. صاحب ڏينهون ڏينهن مون سان وڌيڪ قرب، محبت سان پيش اچي ٿو، چوي ٿو سنڌي ٽائيپ پئي اٿئي سک، انگريزيءَ تي به پرئڪٽس ڪندو ڪر، ڪالهه هيڊ ڪلرڪ کي گهرائي چيائين هن کي آفيس جو ڪم سيکار، سدائين هن کي پٽيوالو ته نه رکڻو آ، ساڳئي وقت مون کي به چيائين ته جون / جولاءِ ڌاري وري نيون ويڪنسيون اچن پيون، ان ۾ تنهنجو ڀاڳ آزمائينداسون. ڪافي سارا ادبي ڪم به مون تي سونپي ڇڏيا اٿائين، اخبارن جون ڪٽنگون، جيڪي نئي روشني اسڪولن متعلق هجن، فنڪشن جي سلسلي ۾ پريس بيان صحافين ۾ ورهائڻ، دعوت ناما ورهائڻ. مطلب ته ڪم ڏاڍو بهتر پيو هلي ۽ مان به خوش آهيان، رڳو منهنجي گهر وارا / ڀيڻوئي وارا ٿورو دل ۾ ناراض آهن ته صبح جو سويرو وڃي ٿو، شام جو اچي ٿو، وري يارن دوستن سان رلي پني ڏهين، يارهين وڳي اچي ڪري ٿو پوي، پر اهو مائنر مسئلو آ.
اڙي يار مان يڪو پنهنجي بڪواس ۾ لڳي ويس ۽ توکان حال احوال پڇڻ به وسري ويو، وقت ڪيئن پيو گذري، سنگت جي ڪهڙي پوزيشن آ، يار سليم، اوهان ۾ صلاحيتون آهن ۽ جيڪڏهن توهان اهي استعمال ڪيو ته اوهان سنگت کي گهڻون اڳتي وٺي وڃي سگهو ٿا. قرب محبت ۽ وسيع دل سان پيش اچو، سڀ ڪنهن سان، وساري ڇڏيو ڪنهن جون ننڍيون ننڍيون غلطيون. هينئر ته خير، امتحانن جي وٺ پڪڙ ۾ هوندؤ.
دوستن اسماعيل، مجيب، اياز، پروانو، محمد مارو، گل محمد، پپو ۽ ٻين مڙني سان رابطو آهي يا نه، ڪهڙا حال اٿن. لائبريريءَ ۽ سوسائٽيءَ جون خبرون ڏي، چونڊون ٿيون ته ڪهڙا عهديدار آيا.
گهڻون مصروف هئڻ ڪري مان به ادب کان گهڻون ڪٽيل آهيان. ڀلا ٻي ڳالهه اڄڪلهه ڪو دوست مون ڏي خط ڪو نه ٿو لکي مصروفيتون وڌي ويون آهن. يا ناراضگي آ، يا مرڳو وسري ويو آهيان دل تان. تون منهنجو هڪ پيارو ڀلو، سياسي، فلسفي ۽ ادبي دوست هئين ۽ منهنجي تمام گهڻو ويجهو به هئين، منهنجن سمورن مسئلن جي به چڱي ريت ڄاڻ هيئي، ان ڪري هي سڄو ذاتي خط تفصيل سان لکيو اٿم، رڳو ان لاءِ ته متان چوين يار، سارنگ ڳوٺ وڃي مرڳو ئي ڀلائي ڇڏيو. اوهان مان مون کان ڪوبه ڪونه وسرندو. سليم، اياز، مجيب ۽ اسماعيل جي پارت اٿئي، انهن سان ڀلي نموني ملندو ڪر ۽ ڪچهريون وغيره ڪندو ڪر، تون جيڪو پڙهندي ۽ پوءِ انهن کي گفتگو ۾ ٻڌائيندي ته اهو توهان سڀني لاءِ بهتر آ. مان ڪافي دوستن سان رابطو خط ذريعي پريشانين سبب نه رکي سگهيو هوس ۽ هاڻي اميد آهي ته جلد سڀني سنگيتن سان خطن / حالن احوالن جي ڏي وٺ ڪبي ۽ کائن معافي به وٺبي. اياز ۽ مجيب کي هي خط ڀلي پڙهائجان.
ٻڌ، يار مان جيڪو به خط لکائين اهو هٿيڪو ڪري رکندو ڪجان.
سلام سڄي سنگت کي
اوهان جو دوست ڀاءَ
سارنگ سهتو
*
ادا سائين سليم!
آئون ڪنهن ڪم سانگي ڪراچيءَ ويو هئس ۽ اتان موٽندي روح سٽ کاڌي ۽ اهو معلوم هوندي به ته توهان ڪونه هوندا، مڪليءَ جي بس ۾ چڙهي ويٺس. توهان جو ننڍڙو ڀاءُ مليو، جنهن ٻڌايو ته سليم اڄ ڳاڙهي ويو آهي ۽ پپو گهر نه هو، اياز جي گهر تي تالو هو، مجيب حيدرآباد ويل هو. اهي سڀ ڳالهيون / خبرون مون لاءِ پيڙا ڏيندڙ هيون. شام هئڻ سبب رات مجيب جي اوطاق تي رهڻ جو فيصلو ڪيم. مايوسيءَ جي عالم ۾ چڪر ڪاٽيندو لائبريريءَ به ويو هوس، الطاف ۽ اسماعيل سان ملاقات ٿي. پوءِ رات جو مجيب به اچي پهتو. رات جو ڪچهري ڪري صبح جو سوير حيدرآباد لاءِ نڪتس. اهو هو سڄو منهنجو سفر.
اوهان جي اچڻ جو ٻڌان پيو ۽ خط به لکيو هوم، پر معذرت سان مان اهو عرض ٿو ڪرڻ گهران ته منهنجا 7 جنوري 1988ع کان P.T.C جا امتحان مٺياڻيءَ ۾ آهن جيڪي 16 جنوري 1988ع تائين هلندا توهان مهرباني ڪري ٻئي 16 جنوريءَ بعد ايندا ته اوهان جا وڏا قرب ٿيندا. 16 جنوريءَ کانپوءِ اوهان جي اچڻ جو انتظار ڪندس، اميد اٿم ته ضرور ايندا.
موسيٰ پليجي جو ٻڌم ته ڪو مائٽ گذاري ويو هو، سو ان سان مون پاران تعزيت ڪندا. عزيز ۽ محمد خشڪ ڪهڙن حالن ۾ آهن. مون کين وساريو نه آه،ي البته سندن موجوده ڏس مون وٽ نه آهي. مانجهيءَ ۽ ڪويءَ جو به ڪو پتو ڪونه اٿم.
ساٿ سلامت
توهان جو
سارنگ سهتو
*
هي ساٿي سيئي، جي مون ڪوڏ نهاريا،
ايندم جان پيهي، لاهيندم سڀ ڏکڙا.
(شاهه)
ساٿي سليم
تنهنجو مختصر پر جامع خط مليو، پڙهي دل باغ بهار ٿي ويئي، سچ ٿو چوان ته تون جيڪو ماڻهو آهين نه، ڏاڍو خود اعتماد، هوشيار، جينيئس، انٽل ايڪچوئل (دانشور) بي باڪ، نڊر، ۽ محنتي قسم جو ماڻهو آهين، تون زندگيءَ جي هر موڙ، وهڪري ۽ رنگ ۾ ڪامياب ترين انسان آهين، تون مستقبل جو نه صرف بهترين اديب پر هڪ اعليٰ ذهن پڻ آهين. تنهنجو ذهن ڏاڍو تيز تڪڙو ۽ حافظي جو پڪو آهي، هزارين خوبيون آهن تو منجهه، مان ڪهڙي لکي ڪهڙي لکان. هيءَ مان تنهنجي چمچاگيري يا خوشامد ڪونه ٿو ڪريان، پر هڪ حقيقت آهي، جنهن کي کليءَ دل سان پيش پيو ڪريان، هن جو مطلب نه ته هروڀرو اهو ڪو آهي ته توکي مان اهو سرٽيفڪيٽ پيو جاري ڪيان ته تون ئي مڪمل انسان آهين، ٻيا سڀ اڌورا آهن ۽ نه وري اهو ئي ڪو آهي ته مان توکي خوامخواهه خوشفهميءَ ۾ مبتلا پيو ڪريان، تون يقيناً هڪ ڪمائتو ۽ قابل انسان آهين، تو وٽ فن ۽ فڪر آهي، پر ان جو ياد رک صحيح ۽ سچو استعمال اهو آهي ته تون پاڻ کي ڪجهه سمجهه، تون هنن ماڻهن جهڙو ماڻهو آهين ۽ انهن کي توکي انهن جهڙو ٿي تيار ڪرڻو آ. عظيم آهن اهي انسان جيڪي سڀ ڪجهه هوندي به پاڻ کي ڪجهه نه سمجهندا آهن. مان سمجهان ٿو ته تون اهڙن ماڻهن مان هڪ آهين، جي ناهين ته توکي ضرور ٿيڻ گهرجي. سليم، پاڻ کي ضرورت آ ماڻهن جي، پاڻ کي، پنهنجن انهن ماڻهن کي مذهبي، تصوراتي ۽ غليظ سوچ کان ٻاهر ڪڍي آڻڻون آ، ائين نه ٿئي جو سڀاڻي اهي اسان جا ماڻهو ئي اسان کي دهريو، ناستڪ ۽ پاڳل ڪوٺي ڪوٺي اسان جا وائسر ئي گهول ڪري ڇڏين. زمانو ترقي ڪري پيو، انسان خلائن، پولارن، آسمانن ۽ گرهن تي اُڏامي پيو، پر اسان جي ماڻهن اڳيان بند ٻڌا ويا آهن، پاڻ کي، پنهنجا ماڻهو فڪري طور تيار ڪري وڌي وڃي اهي بند ٽوڙڻ گهرجن. منهنجي ۽ نياز جي وڃڻ کانپوءِ تون، اياز، عزيز، محمد ۽ پروانو، ادبي سنگت جا سرگرم ڪارڪن آهيون، محمد ۽ پروانو ته ٿورو پري جا آهن، پر اوهين يعني تون اياز، مجيب هڪ ئي هنڌ جا آهيو ۽ منهنجو سمورو ڪم اوهان جي سپرد آهي. اوهين ٽيم ٺاهيو يار، گڏ گهمو ڦرو، پراڻن دوستن سان ملو، هر ڪنهن سان عليڪ سليڪ جي ڪوشش ڪريو، آفتاب، الطاف پارن کي پاڻ سان نه صرف گڏ کڻو، پر سندن ڀرپور همٿ افزائي ۽ رهنمائي پڻ ڪيو، جيئن اوهين مڪليءَ جا لڪل هيرا هيؤ، تيئن ٻيا به ڪيئي هوندا، اوهين انهن کي ڳولهيو ۽ هڪ جاءِ ڪٺو ڪيو. ننڍڙين ننڍڙين تلخين کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندا ڪريو، ذاتي مفادن کي اجتماعي مفادن تي ترجيح ڏيو. مان هروڀرو ليڪچرر ٿيڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان پر پاڻ وٽ جيڪي ڪجهه اٿم اهو اوهان کي ڏيڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، سڄي ڳالهه ٿورن لفظن ۾ هيئن ته انسان بذات خود اڪيلو ڪابه حيثيت ڪونه ٿو رکي، ڀلي کڻي اٺ ڪتابن جا ڇو نه پڙهي ڇڏي، يا ڪيئي نوٽ بڪ ڇو نه ڀري ڇڏي، پر سندس ڪابه اهميت ناهي. سڀ ڪجهه اجتماعيت ۾ آ، سڀ ڪجهه اجتماعيت لاءِ آهي. ادب تو لاءِ مون لاءِ ڪونهي، پر ادب پوري انسان ذات لاءِ آهي ۽ جيڪو ماڻهو ادب کي پنهنجي ذات جي بهتريءَ ۽ مٿاهينءَ لاءِ استعمال ٿو ڪري سو اديب نه پر انا پرست ڪُند ذهن مڪار ۽ فريبي ماڻهو آهي. ادب جو ٺيڪو نه ته ڪنهن هڪ ماڻهؤ کي مليل آهي ۽ نه ئي کيس اهو حق آهي ته هو اها هام هڻي. حقيقي ۽ سچا اديب اهي آهن جيڪي پنهنجن ماڻهن سان هر ڏکئي پل ۾ نه رڳو گڏ هوندا آهن، پر کين دڳُ ۽ راهه به ڏيکاريندا آهن، جنهن ڏينهن اسان اهو سوچي ڪنڌ تاڻيو ته اسان هاڻي وڏا قابل ۽ پنهنجن ماڻهن کان مٿانهان، جنڊيءَ تي لٿل مور مهانڊا آهيون ۽ اسان جو ڪو مٽ ڪونهي، ان ڏينهن کان اسان جو تنزل شروع ٿي ويندو. اوهان جي محنتن جو سلسلو اوهان کي ملندو ۽ ان تي اوهان کي فخر پڻ ڪرڻ گهرجي، پر ”آئون پِڻو“ ماڻهوءَ کي تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پهچائيندو آهي. اوهان جي چاهيو ٿا ته دنيا ۾ اسان جو نالو رهي، دنيا اسان کي ڳائي ته اوهين ماڻهن ۾ گم ٿي وڃو، ماڻهن تائين پنهنجي ڳالهه پهچايو ۽ پوءِ جڏهن اوهين نه هوندا تڏهن به هزارين اوهان جا تيار ڪيل ماڻهو هوندا، جيڪي اوهان جي نقش قدم تي هلي رهيا هوندا ۽ انهن ذريعي اوهان جو نالو زنده هوندو.
سنگت لاءِ منهنجي حقير راءِ آهي ته اڳوڻي باڊي ٽوڙيو، ۽ نئين سر سليڪشن ڪريو، پر بهتر ائين ٿيندو ته مرڪز کي به سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جيڪڏهن تڪڙ ۾ سليڪشن ڪرڻ گهرو ٿا ته پوءِ سيڪريٽري تون، جوائنٽ پروانو، خزانچي اياز، آڊيٽر محمد مارو.
اياز! ڏاڍو فني ۽ فڪري طور اڀري پيو جوائنٽ لاءِ ان جو نالو تجويز ڪرڻ گهريم پئي، پر پئسن جي معاملي ۾ ٻيا سڀ آهن سست، ان ڪري اياز خزانچي ٺيڪ آ. مجيب، اسماعيل، گل محمد، سعيد، مانجهي، ڪوي ۽ ٻين مڙني يارن سان رابطو رکو. گهنور جتوئي، محمد علي خشڪ، ۽ ٻيا يار جيڪي به اوهان جي نظر ۾ سٺا ليکڪ يا ادب دوست هجن، انهن کي ميمبر ڪيو، عزيز پليجي کي سنگت ۾ آڻيندا ڪريو. نون لکندڙن تي سخت ۽ ڳري تنقيد کان پاسو ڪجو.
مان ٿورن ڏينهن ۾ وري اوهان کي تنگ ڪرڻ اچي رهيو آهيان پيڊ کنيو ايندم. جي صبر ڪيو ته پوءِ وري به صلاح مشورو ڪري وٺنداسون. تاج جويو سان ملڻ جي ڪوشش ڪندس، ان کان به مٿاڇري صلاح وٺندس.
اوهان جيڪو مون کي مان ۽ مرتبو ڏيو ٿا ان جو مان ڪهڙن لفظن ۾ ٿورو مڃيان، سو مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي. حقيقت ۾ خط مون کي لکڻون هو پر مان ٿورو ٿورو ڪميڻو ٿي ويو آهيان، تنهن ڪري معاف ڪجانءِ. هوٽل جي مبارڪ هجيو. ڏاڍو سٺو، پر يار مڙس ٿي هلائجوس. توهان جا امتحان تمام مٿان آهن، پر پوءِ به تو مون کي وقت ڪڍي خط لکيو آ، ڇا ان کان وڌيڪ مهرباني به ڪو ڪنهن تي ڪري سگهي ٿو. توکي مان هڪ صلاح ٿو ڏيائين ته تون ادب جي حوالي سان فيلڊ وائيز مطالعو ڪر. يعني ”سنڌ جي تاريخ“ ته سڀ ڪتاب ان تي، جيڪي به لائبريري ۾ آهن يا هٿ ٿي سگهن ٿا لڳاتار پڙهه، ان سان تون هر فيلڊ ۾ مڪمل ڀڙ ٿيندين ۽ تنهن جي ڄاڻ ۾ ڪافي اضافو ٿيندو، پر اها ڄاڻ رڳو پاڻ وٽ سانڍي نه رکجان، دوستن يارن کي ڪچهرين، گڏجاڻين ۾ ٻڌائيندين ته تنهنجو ذهن به کلندو ۽ اها ڳالهه تنهنجي ذهن ۾ به هميشه ياد رهجي ويندي. مان هن خط ذريعي سڀني ساٿين ۽ دوستن کان معافي ٿو گهران، جو مان کين نه خط لکي سگهيو آهيان، نه ڀرپور رابطو رکي سگهيو آهيان، مونکي اميد آ ته ساٿي مونکي معاف ڪندا.
خط ۾ ڪافي خبرون چارون رهجي ويون آهن پر جي لکان ها ته پوءِ ”ڪهاڻي“ (اڳيون خط) بجاءِ ناول ٿي وڃي ها.
اوهان جو
سارنگ سهتو
*
حياتي! وڏيءَ ڪشمڪش ۾ وڌئي،
ٺهي ٿي سگهين، نه ئي ٿي ڊهين.
(اياز گل)
ادا سليم!
تنهنجي مهرباني جو سار لهندو اچين. آئون ته ڪافي سست ٿي ويو آهيان. بهرحال تنهنجي ٻئي خط مون ۾ ايتري ڦڙتائي آندي آهي جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي اکر لکڻ لاءِ پاڻ کي آماده ڪري ورتو اٿم.
وڏي مونجهاري جو شڪار آهيون پاڻ، ادبي، سياسي گوڙ يا ذاتي حوالي کان. چوندا آهن ته ماڻهوءَ تي جڏهن وڏيون ذميواريون عائد ٿينديون آهن ته ماڻهو وڏن تاريخ ساز فيصلن ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو آهي، پر اسان ماڻهو ته ويتر وڌيڪ پريشان ٿيا آهيون ۽ هڪڙي وڏي عجيب ڪشمڪش جو شڪار ٿي ويندا آهيون. اڪثر ڪري اسان پنهنجي فيصلن تي اڳتي هلي پڇتائيندا آهيون ۽ ڪرٽيسائيز ڪندا آهيون. سو تون به پنهنجي سڀني صلاحيتن کي استعمال ڪندي اهڙو بهتر فيصلو ڪجانءِ جو مستقبل ۾ به ان جا بهتر نتيجا نڪرن.
سڪ توهان جي ڏاڍو ستايو آهي، پر في الحال ته اچڻ جو پروگرام ڪونه پيو ٺاهي سگهان. خير ڪڏهن اچي نڪربو. مجيب کي به مون هڪ ٻه خط لکيا آهن، پر الائي ڇو جواب ڪونـ موڪليو اٿائين، ٻيا يار دوست ڪيئن آهن.؟
اياز ملئي ته مون پاران هڪ ڀاڪر پائي ڇڏجانس، وڌيڪ مون وٽ لفظ ناهن جو آئون ڪجهه لکان. ڪجهه ائبنارمل آهيان، نارمل ٿيندي ئي توکي تفصيلي خط لکندس.
اميد ته مائينڊ نه ڪندا.
اوهان جو پنهنجو
سارنگ سهتو
*
ڪو مانجهاندي جو ماڳ به آ،
آ ساري واٽ اتت لوڪو!
(اياز)
پيارا سليم!
مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم ۽ ذهن تي هڪ عجيب قسم جو بوجهه آهي. سمجهان ٿو ته پريشان آهيان پر ڇو؟ ته ان سوال جو ڪليئر جواب ڪونهيم. رکي رکي اياز جو هي ٽڪرو ذهن ۾ گونجي ٿو ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ“ منهنجو من (ذهن / دل) کوڙ سارن منجهائيندڙ ۽ عبرت ۾ وجهندڙ احساسن ۽ خيالن سان سٿيو پيو آهي. ڇا؟ منهنجو جيون ائين اڪارٿ گذري ويندو. ڇا مان پنهنجي ڄمار ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهندس ۽ هڪ ڏينهن ائين هلندي دنيا جي ڪاروبار ۾ ڪا رڪاوٽ وجهڻ کانسواءِ مري ويندس.
سليم! سمجهه ۾ نٿو اچي ته مان پيدا ڇو ٿيس، منهنجي ڪهڙي دنيا کي گهرج هئي ۽ مون کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڄڻيو ويو. هي سوچون هڪ وڏو مُنجهيل سٽ جو ڍيرو آهن، جن کي جيئن ٿو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪريان، تيئن ٿو مونجهاري جو شڪار ٿيان. عجيب ماڻهو ته آهيان آئون. هڪ ئي وقت بين الاقواميت پرست، ڪميونسٽ، قوم پرست ماديت پسند، اٿيئيسٽ، حساس ۽ الائي ڇا ڇا آهيان. جيڪڏهن مان ڪو هڪڙو خيال ڪٿان ها (قبول ڪيان ها) ته ڪم هلي وڃي، پر هاڻي سڄو ڏينهن انهن سڀني احساسن جي منهنجي اندر ۾ ويڙهه لڳي پئي هوندي آهي ۽ نتيجي ۾ آئون رڳو گهائل نه ٿيو آهيان، پر ڏاڍو ششدر، حيران ۽ وائڙو ٿي پيو آهيان. سڄو سچ کڻي مون نه پاتو هجي، پر سچ جو ڪو اولڙو، عڪس ۽ پرتوو مون ضرور ڏٺو آهي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو نه اکيون ٻوٽي ڪجهه لکي ٿو سگهان، نه پڙهي ٿو سگهان ۽ نه ئي وري ڪا فتويٰ ٿو جاري ڪري سگهان. استاد بخاري فائدي ۾ آ جو هن کي رڳو مونجهارا آهن ته ”ڇا حسن تي لکان يا قوم تي لکان“ پر مون آڏو ته رڳو حسن ۽ قوم ڪونهن، مون آڏو ته خود بخاري جهڙن ماڻهن جو ڪردار، اديبن جو طبقاتي ڪردار، سياست جا ٻهروپ، مسڪينن جون مجبوريون ماڻهن جا بدلجندڙ احساس، ڪميونسٽن جون قلابازيون، قوم پرستن جا ڪارناما، جمهوريت پسندن جون ارڏايون، دوستن جون ڏاڍايون ۽ چڱايون ۽ الائي ڇا ڇا آهي. ها! ذاتي/گهرو مسئلا اڃا علاوه ته هڪڙو ماڻهو تون پاڻ سوچ ڇا چريو نه ٿئي، اهڙي صورت ۾ جڏهن هو خوامخواهه جي جذبات ۽ خوش فهميءَ جو به شڪار ڪونهي، سڄو ڏينهن منافقت / ڪمپرومائيز ۾ گذاري، رات جو جڏهن سمهڻ لاءِ پاڻ کي هنڌ تي ڦٽو ڪندو آهيان ته سوچيندو آهيان ڪاش! اگرائين ٿئي ته صبح جو مان زنده نه هجان يا پنهنجي مرضيءَ جو مختيار ۽ ڪنهن سان به مون کي منافقت نه ڪرڻي پئي، پر افسوس تڏهن ٿيندو اٿم، جڏهن صبح جو نه رڳو جيئرو هوندو آهيان، پر منهن تي مصنوعي ماسڪ چاڙهي نڪري پوندو آهيان پيٽ گذر لاءِ، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر هڪ محدود دائري ۾ زندگي گذري پئي، نفرت هوندي به ان روٽين مان نڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي ۽ اهو لعنت جو طوق ڳچيءَ ۾ پاتل ڏسي ڏک به ٿئي ٿو ته اطمينان به، ته گهٽ ۾ گهٽ پهرين تاريخن ۾ ته ڪنهن هوٽل تي تو پاري دوست سان چانهن جي پيالي پي سگهجي ٿي.
مين دور امن مين ڪس سي سلامتي مانگون
شريف لوگ تو ماري گئي فسادون مين
مٺڙا سليم!
منهنجو جهول بنهه خالي آهي، معنيٰ مفهوم سان ڀريل لفظ منهن جي ذهن مان الائي ڪيڏانهن ڪُوچ ڪري هليا ويا آهن. مونوٽ هاڻي رڳو احساس ئي رهجي ويا آهن، جن کي آئون لفظن جو روپ ڏيندي به نٿو ڏئي سگهان. پاڻ سڀ آخر ڇو وکري ويا آهيون ۽ هيءَ ڪهڙي هوا گهلي آهي جو اسين سڀ ويڳاڻپ جي واديءَ ڏانهن گهلبا پيا وڃون. سليم! مون کي شديد پيڙا ٿي آهي، تنهنجي نراسيت جو ٻڌي، تون جيڪو منهنجو آئيڊيل رهندو پئي آيو آهين، ها تون جنهن کي مون سدائين هڪ اڏول ۽ اٽل آدرشي انسان جي روپ ۾ ڏٺو آهي، سو ٽٽي پيو آهين. تون اُٿ سنڀال پاڻ کي، تنهنجو روٽين تنهنجي همٿ ۽ حوصلي جي اوسيئڙي ۾ آهي. ائين نه ٿئي جو حال ۾ ماضيءَ جي يادن ۾ ايترو ته گم ٿي وڃين جو تنهنجو مستقبل به (منهنجي مستقبل وانگر) تنهنجي اڳيان گذري وڃي ۽ توکي پتو به نه پوي.
سليم!
هٿيار ڦٽا نه ڪجان، توکي قسم آهي منهنجو (جي آئون توکي پيارو آهيان). ڇا ڪجي ۽ اهو الميو ته آهي پر اسان کي ڌڪيو جي ويو آهي هن جنگ جي ميدان ۾، ته منهنجي خيال ۾ ته اسان کي ڀڄڻ بجاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي حالتن جو مان ڇا لکان اڳتي. مون کي ڊپ آهي ته منهنجون هي ڳالهيون ڪٿي توکي ڪنهن جهوني ماڻهوءَ جو بور ڪندڙ ليڪچر ته ڪونه پيون ڀاسن.
سليم!
اسان جي زندگيءَ ۾ ڪو اتساهه ئي نه رهيو آهي. سمورا آدرش ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن. ڪا به حسرت ڪانه رهي آهي. اهي سڀ حقيقتون آهن پر پوءِ به جيئڻ جو ساهس هٿان نه وڃائجي. موت خاتمو آهي، موت کانپوءِ ڪجهه به ڪونهي ۽ زندگي هڪ تجربيگاهه آهي ماڻهوءَ کي نوان نوان تجربا ۽ مشاهدا ڪبا رهڻ گهرجن.
بس اهو ئي مان لکي سگهيو آهيان. منهنجو هي خط اياز لاءِ به آهي ۽ مهرباني ڪري انکي به ضرور پڙهائجان. مون کي اياز متعلق ڪابه معلومات ڪانهي ته هو هن وقت ڇا پيو سوچي ۽ ڪهڙن ويچارن هيٺ گذاري رهيو آهي. چئينس مون سان مهرباني ڪري رابطو بحال ڪري. مهرباني ڪري توهان ٻئي ويجهڙ ۾ اچو ۽ اچي نوان سنوان ٿي وڃو. سلام وفا جوڻيجو، اسماعيل، مجيب، پپو (نذير) ۽ ٻين ساريندڙن کي.
اوهان جو پنهنجو
سارنگ
*
ق - ت رضا ويچاري کي بخار ٿي پيو آهي ۽ طبيعت درست نه آهيس ان ڪري ڪا خاص ڪچهري نه ڪري سگهيا آهيون. منهنجو انٽر ۾ ڏاڍو سٺو سيڪڙو 56 سيڪڙو بيٺو آهي دل چوي ٿي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنهن چڱي شعبي ۾ اپلاءِ ڪيان، پر ها ڙي مجبوري جو اسين ماڻهو رڳو خيالي پلاءُ پچائڻ ۽ خوابن لهڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون.
تنهنجو
سارنگ
*
نوابشاهه
8 مارچ 1989ع
سليم!
تو جيان مون به دعائون ڏيڻ ڇڏي ڏنيون آهن. ها، فائدو ڪهڙو پاڻ کي ۽ ٻئي کي فريب ڏيڻ مان. تون/مان هڪٻئي جي آسن/اميدن/ دعائن سان پنهنجي زندگي سڌاري نه ٿا سگهون.
دوست! ماڻهوءَ جو مزاج ڏاڍو حيران ڪندڙ آهي. ڪڏهن ته انسان پهاڙن کان به مٿي پنهنجا قدم ٿو رکي ۽ ڪڏهن وري ڪجهه ڪنڊا ڏسي راهه مٽائي ٿو ويهي. انسان سڌريل جانور آهي، اهو ته پاڻ ڄاڻون ٿا، پر اها به پاڻ کي پروڙ هئڻ گهرجي ته انسان ۾ اها پٺئين جبلت ڪڏهن ڪڏهن واپس وري ايندي آهي ۽ هو ائين ئي بنا سوچ ويچار جي جڏا ۽ برا ڪم ڪندو رهندو آهي. هر انسان بنيادي طور تي اندر جو ڪارو آهي ۽ هر من ۾ برائي وسي ٿي، پوءِ ڪي چهرن تي شرافت جا کوپا چاڙهيو وتن ته ڪي ان جو علي ال اعلان ظاهر ڪندا وتندا آهن.
ڪامريڊ گوربا چوف پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”پرستروئيڪا“ ۾ لکيو آهي ته چيڪوسلواڪيا جي دؤري تي هن جي اتي جي عام ماڻهن سان گفتگو ٿي. هڪ نوجوان کيس چيو ته ”ٿورن لفظن ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته سچ ڳالهايو، سچ سان محبت رکو۽ ٻين کان به سچ جي اميد رکو.“ ان تي ڪامريڊ چيس ته ”۽ سچ تي عمل به ڪريو ۽ اهوئي دنيا جو مشڪل ترين ڪم آهي.“ سو دوست، پاڻ ماڻهو جيڪي اصل ۾ برائيءَ جا مجسما آهيون ۽ ذهن ۾ انيڪ غليظ خيال رکون ٿا، اهي هڪ ٻئي کي ڪيڏو نه ٺڳيون ٿا ۽ پاڻ کي شريف زادو مڃائڻ لاءِ منهن سامهون وڏو شرافت جو ڪردار ادا ڪريون ٿا. سؤ فيصد ڪو به برو نه آهي ۽ نه وري ڪو سؤ فيصد شريف آهي. مڙئي گڏيل سڏيل قصو پيو هلي. مان جو اڪيلائيءَ ۾ درندو آهيان اهو ٻين (دوستن / عوام) سامهون نهايت هڏ ڏوکي ۽ حساس هوندو آهيان. گورباچوف جو ”نئين تشڪيل“ نالي ڪتاب پڙهي مان پاڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيو آهيان ۽ مون ”سيلف ڪرٽيسزم“ (خود تنقيدي) جذبو ڏاڍو بيدار ٿيو آهي.
هجي ڪا کاڻ خوبين جي، خامين کان بنهه آجي،
پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي.
(نارائڻ شيام)
تنهنجو خط مون کي اهڙي مهل مليو آهي، جڏهن مان ”پويان پساهه“ کڻي رهيو آهيان. ڏاڍو وقت ڳوليو هوم موت کي. وچ ۾ اوهان جهڙا دوست/سنگتي ساٿي ملي ٿي ويا ته مان رستو ڀلائي ٿي ويهي رهيس. پر گذريل تقريباً سال ڏيڍ کان ڪنهن به سهاري نه ملڻ ڪري آئون بي راهه رويءَ جو شڪار ٿي ويو آهيان/ ٿيندو پيو وڃان. مون وري اها وڃايل واٽ ڳولي لڌي آهي ۽ آئون وڃان پيو ذليل / نيچ موت ڏانهن. آئون پسي رهيو آهيان موت جو محل، هن جي چائنٺ مون کان ڪجهه وکون اڳتي آهي. مون کي ڏاڍو پوءِ پروڙ پئي ته انت رڳو جسماني نه هوندو آهي، انت روحاني، نظرياتي ۽ فڪري به ٿيندو آهي. جيئن وڻ کي اندران اڏوهي کائي پورو ڪري ڇڏيندي آهي، تيئن فڪري، روحاني، نظرياتي موت ماڻهو جي جسم کي ناس ڪري ڇڏيندو آهي. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سهاري جيئي ٿو ۽ جڏهن مون کان سهارا ڇڏائجي ويا آهن ته مان زندگيءَ مان مايوس ٿي ويو آهيان. زندگيءَ جي عجيب چؤواٽي تي بيٺو آهيان چرس توڙي چڪلو، ڀنگ توڙي ڀڙوت، شراب توڙي شوديبازي سگريٽ توڙي سيٽ / وڏائي، سڀ ڪجهه ته جائز ٿي ويو آهي مون لاءِ. ڪهڙي دنيا جي برائي آهي جا مون ۾ ناهي. سانحو اهو ناهي جو مان برو آهيان، پر سانحو اهو هوندو جو مان ان برائي ۾ وڪوڙجي وڃان ۽ ان تي فخر ڪريان. جڏهن ڪامريڊ هوندو هوس تڏهن هڪ نوجوان کي شراب پيئندو ڏسي ڏاڍو ارمان ٿيو هوم ۽ يڪدم کيس چيو هوم ادا! ڇو ٿو شراب پئين؟ هن ٺهه پهه وراڻيو هو غمن کي ڀلائڻ لاءِ. تو وٽ ٻيو ڪو بهانو به ڪهڙو آهي؟ مون کيس چيو هو ۽ سخت چڙ آئي هئم، ان شخص تي. ۽ اڄ نوري حجام کي شراب پيئندو ڏسي ڪيڏو نـ روح رسڪي پيو هو، پر اها پڪ سمجهي ته هو چُڪي به نه ڏيندو ماٺ ڪئي هئم. ڪنهن لکيو هو ته ”مان ان عورت کي هرگز پاڪدامن مڃڻ لاءِ تيار ناهيان جيڪا محض موقعو نه ملڻ ڪري پاڪدامن رهجي وئي هجي“ ۽ اهڙي نموني جيڪڏهن مان به رڳو موقعو نه ملڻ ڪري اوتاري تي نه وڃي سگهيو آهيان ته ان جو اهو مطلب هرگز نه اهي ته آئون ٺيڪ ٺاڪ ماڻهو آهيان.
آخر اهو سڀ ڇو ٿيو آهي؟ آئون جيڪو هڪ وڏو آدرشي انسان هوس، اهو برائيءَ جي کڏ ۾ ائين ڪري ڇو پيو آهيان. مون کي اهي سڀ عادتون رڳو تڏهن پيون آهن، جڏهن آئون آزاد ٿي ويس ۽ اجتماعيت کان ڪٽڻ شروع ڪيم. عجيب آهن سياستدان پنهنجا، انهن به ته ڏنڀ ڏنا آهن. وڌيڪ مطالعو آهي مون کي. ڏينهن ۾ جيڪڏهن آئون ڏهه پل قوم پرست آهيان ته پنج پل پڪو سوشلسٽ ۽ انهن مونجهارن مان نڪرڻ لاءِ بي راهه روي اختيار ڪئي اٿم. ڪنهن جي ڳل تي ڳوڙها ڏسي اڄ به مون کي اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن ۽ آئون رڳو روئيندڙ ڏانهن ڏسندو آهيان نه ڪي هن جي قوم يا مذهب ڏانهن. جڏهن مظلوم، مظلوم ترين ٿي ويندو آهي، تڏهن هو خود به ظالم ٿيڻ چاهيندو آهي ۽ سندس رويو پاڻ جهڙي مظلوم سان به سخت هوندو آهي. شايد هو سوچيندو آهي ته جڏهن مون تي ڪنهن به رحم نه ڪيو ته پوءِ آئون ڪنهن جو احساس ڇو رکان. آخر اڳتي هلي اهڙو اسٽيج اچي ٿو جو ظالم ۽ مظلوم ۾ ڪا به وٿي ڪانه ٿي رهي. سچ چيو آهي مها ڪوي اياز،
اوچ به ظالم، نيچ به ظالم
نيچ به پنهنجي نيچائيءَ ۾
اوچائي احساس رکي ٿو
تنهنجو تن ته هڏائون پڃرو
هو ڪجهه ٿورو ماس رکي ٿو.
تنهنجي رت پيئڻ لاءِ گڏ آ،
پنهنجي رت پياڪن سان هو،
توکي دوست ڪٿي ٿو سمجهي
خوش آ پنهنجي دشمن سان هو.
ڄڻ تون ڪو آئينو آهين
جنهن ۾ درندي جيان آ هو.
ساري قوم به ظلم ڪري ٿي
اوچ به ظالم نيچ به ظالم.
(اياز)
سليم!
اڄڪلهه دوستن ڏي طويل خط لکڻ ڇڏي ڏنا اٿم، رڳو ان ڪري جو، خط ۾ منهنجن پنهنجن سورن جو ذڪر هوندو آهي ۽ آئون نٿو چاهيان ته پنهنجا سور ٻئي کي ٻڌائي سندن دماغ ڪمزور ڪيان. مان ڪوشش ۾ آهيان ته وري زندگيءَ کي صحيح راهه تي وٺي اچان. جيڪڏهن ڪامياب ويس ته پوءِ ضرور توهان سان رابطو رهندو، پر جي نه سڌاري سگهان پاڻ کي ته پوءِ معاف ڪجانءِ جي تڪڙو رابطو نه رکي سگهان.
مان لکڻ اڃان گهڻو ٿو گهران پر جو ڪجهه لکيو اٿم اهو به ان احوال جو تقريباً اختصار آهي ۽ هڪ جهلڪ آهي. ان جهلڪ مان، آئون سمجهان ٿو تون سمجهو ماڻهو آهين، اندازو لڳائي ويو هوندين ته ڪيترو نه بي حس ٿي ويو آهيان.
مان انهيءَ ساراهه جو مستحق نه آهيان
سچ پچ منهنجا دوست منهنجو جيءَ جلڻ لڳي ٿو
جڏهن تون منهنجي سچائيءَ جي ساراهه ڪرين ٿو
مان انسان وانگر رهان ٿو ۽ نه چيتي وانگر
منهنجي ستم زد ۽ دل ۾ خوف جو آستان آهي
اعتبار ڪر ته مان خوفزده آهيان! مان خوفزده آهيان!
ها پر،
مون کي موت کان وڌيڪ خودفريبيءَ ۽ ذلت جي زندگيءَ کان خوف ٿئي ٿو. (رولٽن زيلڪ)
توهان دوستن جون علم ڀريون ڳالهيون ۽ صحتمند خيال منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا نئين رونق آڻي سگهن ٿا. بشرطيڪ اوهان رابطو رکو ۽ پنهنجا ويچار ونڊيو.
اوهان جو
سارنگ
*
نوابشاهه
17 اپريل 1989ع
ڏينهن تتي جو نڪتو آهين، ڇورا توکي ڇا ٿي ويو،
ڪنهنجي توکي ڳولا ڳهلا، هيڏو ڀٽڪڻ ڇا جي لاءِ.
(ارشد)
پيارا سليم!
مون هاڻي تنهنجو موڪليل خط پڙهيو آهي ۽ پڙهڻ ساڻ ئي جواب موڪلي رهيو آهيان. تنهنجا خط مون منجهه سدائين نوان جذبا ۽ نيون اُمنگون پيدا ڪندا آهن. سچ پچ ته مون لاءِ انتهائي سرهائيءَ جا لمحا هوندا آهن، اهي جڏهن مان ڪنهن پياري دوست جو موڪليل پتر پڙهندو آهيان ۽ اڄ جڏهن تنهنجو خط مليو آهي، تڏهن آئون ٻيڻو خوش آهيان. ٻيڻو ان ڪري جو آئون پنهنجي زندگيءَ بابت ڪجهه مثبت فيصلا ڪري اڃا سوچي ئي رهيو هوس ته مٿان توهان جو خط مليو، جنهن ويتر وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو ۽ اندر ۾ ڪرموڙيندڙ امنگن کي وڌيڪ بيدار ڪيو. مان جڏهن به مايوس ٿيندو آهيان ۽ بي راهه روي جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهيان تڏهن تنهنجا ٻاجهارا ٻول مون کي صحيح رستي تي آڻيندا آهن. تون مون لاءِ انڌيري ۾ اهو ڏيئو آهين، جنهن جي لاٽ سهاري مان پنهنجو پيچرو لهان ٿو. تنهنجو آئون انتهائي گهڻو احسان مند آهيان، جو تو سدائين مون کي وقتائتي موٽ ڏيئي بي انت بحر ۾ ٻڏڻ کان پئي بچايو آهي. آئون اميد ٿو رکان ته تون سدائين مون لاءِ ائين پنهنجي پيار جا ڪڪر ورسائيندو رهندين.
سليم! هر ماڻهوءَ جي شخصيت جي تباهه ٿيڻ جا ڪي مادي ۽ تاريخي سبب ٿيندا آهن ۽ منهنجي مايوس ۽ تباهه ٿيڻ جا به ڪي مادي توڙي تاريخي سبب هئا. مان انهن جي ڊيگهه ۾ نٿو پوان، جو پوءِ قصو وڌي ويندو، البته اهو سو ٻڌايائين ٿو ته مان ان برائيءَ جي ڌٻڻ مان نڪري آيو آهيان ۽ هاڻي هڪ ڀيرو وري نون جذبن ۽ ارادن سان پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃبو. هاڻي ته ڌڪن مان ڪجهه سبق به حاصل ٿيل آهي، ان ڪري ڪم جو طريقيڪار به ظاهر آهي، اڳي جي ڀيٽ ۾ چڱو هوندو، ماحول سان مليل هوندو ۽ ماڻهن جي احساسن جي ترجماني به ڪندڙ هوندو. ويجهڙ ۾ ئي مان توکي پنهنجي نئين پروگرام کان واقف ڪندس ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جي پڻ گهريءَ دل سان نينڍ ڏيندس. هي فيصلو مون اوچتو يا جذباتي نه ڪيو آهي، هن فيصلي ۾ وڏو وقت لڳو آهي ۽ مان وري به ان ئي فيصلي تي اچي بيٺو آهيان ته ڪجهه نه ڪرڻ مان ڪجهه ڪرڻ بهتر آهي. زندگيءَ جي سونهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارنهن سان اٽڪڻو ئي پوندو، ماٺ ڪري ويهڻ يا پاڻ کي برباد ڪرڻ مان ڪي حاصل ڪونه ٿيندو، ان سان ته هن ڪرندڙ، ڀرندڙ معاشري کي مضبوطي ملندي. مان پنهنجون سڀ صلاحيتون پورهيت ۽ مسڪين مارن جي سکن کي حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪريان ٿو.
مڃان ٿو اها راهه ڏاڍي پر پيچ ۽ ڪٺن آهي، پر ان سفر جو به پنهنجو مزو آهي، اهو سفر رائيگان نه آهي، ان سفر جو به لاڀ آهي، جو جلد يا دير حاصل ضرور ٿيندو. مان هيءَ راهه ڇڏي وڃي ويهي رهان ته ٻيو ڪجهه ڪونه ٿيندو سواءِ ان جي جو مان تاريخ ۾ بُرن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندس ۽ منهنجو ضمير خود مون کي گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيندو. تنهنجي، منهنجي وڃڻ سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي هيءَ لڙائي بهرحال هلڻي آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪامياب به وڃڻي آهي.
اسين حال هيڻا، اوهان جي وڏائي وڏي ڳالهه آهي،
هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي وڏي ڳالهه آهي.
”سڏ کي ڪي هڏ ناهن، جو توڙي سگهين
ٽوڙي جي ٽوڙي سگهين!
آئون جو آواز هان، زندگيءَ جو راز هان، ٿو وڃان دور تائين،
موڙ جي موڙي سگهين، روڪ جي روڪي سگهين!
تنهنجي نوڪري اتي ڪيستائين آهي، پرمنٽ آهين يا سيزنل. ادب سان ڪيئن واسطو آهي. لکڻ ٿئي ٿو يا نه، اهو ٻيو به سمورو احوال ايندڙ خط ۾ موڪليندا. سلام سموري سنگت کي ڏيندا. پپوءَ کي چوندا هاڻي ته وڌيڪ سمجهه سان ٿيو آهي ان ڪري مون ڏانهن خط ضرور لکندو ڪري. اياز ڪيئن آهي.؟
توهان جو
سارنگ سهتو
*
نوابشاهه
17 آڪٽومبر 1989ع
ادل سليم!
ناراضگي معاف، خط لکڻ ۾ ڏاڍي دير ڪيم. دير جو ڪارڻ، منهنجي اندر جي انسان جو ڀڄڻ ڀرڻ آهي. ڪجهه به نه رهيو آهي مون منجهه. مان خالي کوکو ٿي ويو آهيان، ڪنهن نه ڪم جو. زندگي گذارڻ جو مقصد مون کان وسري ويو آهي، سهارا سڀ وڃائجي ويا آهن. مان ۽ منهنجو منتشر ذهن وڃي رهيا آهيون. ساٿي ڄڻ ته آئون ذهني طور پاڳل آهيان، دل چوندي اٿم. ٽوڙي ڇڏيان سڀ رشتا ناتا جڳ جهان سان. ڪير به ڪنهنجو ساٿ نٿو ڏئي سگهي. هر دل اندر ڪربلا متل آهي ۽ هرڪو پنهنجي ”قيام“ ڇڏائڻ ۾ پورو آهي. سڀ دوکو آهي، اسين سڀ دوکيباز آهيون. ادب، سياست هن کي اسان صاف سٿرو سمجهيو هو، اهي به ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪچري سان ٿڦيل آهن سياستدانن، اديبن ۽ مُلن ۾ ڪو فرق آهي ڇا؟ جي آهي ته رڳو هڪڙو ته ٻنهي وٽ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ جا مختلف/ الڳ ڍنگ آهن. ٻئي بلڪ ٽئي براين جو آماجگاهه بڻيل آهن. مان ڇو اچي ان ماپ طور ۾ پيو آهيان، سچ ته مونکي سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. هن خط لکندي هڪ ذهني شاڪ پهتو اٿم ۽ هاڻي مان ذهني طور ڊپريس آهيان، سو مون کان وسري ويو ته ڇا لکڻ لاءِ سوچي ويٺو هوس. بس مان مجموعي طور اهو ئي لکڻ ٿي گهريو ته حقيقت ڇا آهي ۽ سچ ڇا آهي سو معلوم ڪرڻ ۾ مان گم ٿي ويو آهيان ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي، جو ائين سمجهه ته پنهنجو ذهني توازن وڃائي چڪو آهيان. چريو آهيان مان چريو. خط دير سان پڄي يا خط ۾ ڪا ڳالهه غلط سلط هجي، چريو سمجهي درگذر ڪندا. مان توهان مان ڪنهن کان به ناراض ناهيان، پر پنهنجي ذهني حالت ڪجهه اهڙي آهي، جو من چاهي ٿو ته خاموش رهڻ بهتر آهي. مجيب ۽ ٻين دوستن کي چئجانءِ ته مون کي معاف ڪن، پنهنجو ديوانو دوست سمجهي. سلام سڀني کي.
اوهان جو
سارنگ سهتو
*
ديوانو سي يه مت پوچھو،
ارمانون پي ڪيا گذري هي.
پيارا سليم!
تنهنجو سُڳنڌ ۽ سرهاڻ ڀريو خط مليو، پڙهي ڏکويل ڏيل کي ڏڍ/آٿت مليم، اها اوهان جي نوازش آهي نه ته مان ڪميڻو ڪهڙي حيثيت ٿو رکان. تنهنجن ڪوڙين قربن سان گڏ اهو هڪ قرب/ڪرم به وڌيو.
پيارا! اڄڪلهه ڏاڍو پريشان آهيان، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچيم ته آخر ڇا ڪيان. ڪو سنگتي ساٿي بـ اهڙو ڪونه ٿو سمجهيم جنهن ڏانهن مدد لاءِ هٿ وڌايان. هڪ ته منهنجي غلط کاڌي ڪري طبيعت تمام گهڻو بگڙجي وئي آهي. هاڻي هفتو ٿي ويو پيشاب ذريعي مسلسل پٿريون پيون اچن ۽ اڄ کان ته ويتر اها به ويڌن ٿي آهي جو پيشاب ۾ منيءَ جا قطرا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهنڪري ڏاڍو پريشان ٿي ويو آهيان، ان کان علاوه ڪيترا مهينا ٿيا آهن ته نظر ڪمزور ٿي وئي آهي، دوست يار چون ٿا ته ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکاري عينڪ وٺ، پر مون سان هر مهيني بجيٽ جو مسئلو آهي، انهي کانسواءِ ذهني ڪمزوري، حافظو تمام گهٽ، مٿي کي چڪر ته سدائين آهن. اهي ته رڳو جسماني بيماريون آهن جيڪي ڏينهون ڏينهن وڃن ٿيون مون کي وڪوڙينديون، وري مٿان ذهني ٽارچر ڪاليج جو، ڪلاس جا مسئلا، پڙهڻ جون دشواريون، انهن مان فرصت ملي ئي ڪانه آهي ته مٿان مائٽن هڪڙو ٻيو مون لاءِ عذاب کڻي خلقيو آهي، رشتي منهنجي جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، منهنجا مائٽ مڱڻي جون تياريون ڪري رهيا آهن، ڇوڪري اڻ پڙهيل، بلڪل سادي سودي، عام سمجهه واري ۽ ڪم فهم آهي. مون لاءِ ته اهو به هڪڙو سور ٿي پيو آهي ته ڇا ڪيان. يار سليم منهنجا به ڪي آخر جذبا هوندا، منهنجا به ته ڪي خواب هوندا، مون به ڪو آدرش رکيو هو من اندر. ڇا اُن سڀ کي من تان ميساري ڇڏيانس. مان سوچيو هو ته مون کي جي پڙهيل ڪڙهيل نه ته به گهٽ ۾ گهٽ اهڙي عورت ملندي جيڪا ذهين ته هجي، گهٽ ۾ گهٽ جيڪا منهنجي مقصد کي سمجهي سگهي، مون سان هن قومي قافلي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿئي، پر اهي سڀ سپنا هاڻي ڪافور ٿي ويا. سوچيان ٿو مائٽن مون سان انصاف نه ڪيو آهي ڇا هو اهو نٿا سمجهي سگهن ته مان هڪ ڪتابي ماڻهو آهيان ۽ ان ڪري ظاهر آ، آئون به ڪنهن پاڻ جهڙي ماڻهوءَ کي پسند ڪري سگهان ٿو. ڏاڍو تنگ آهيان پنهنجو پاڻ مان، ڪاوڙ اٿم پاڻ تي، جو مون ۾ فيصلو ڪرڻ جي ڪابه صلاحيت نه آهي، اندر ۾ اچي ٿو ته مائٽن کي جواب ڏيئي ڇڏيان، وري سوچيان ٿو ته آخر انهن اٻوجهن کي به ڪير قبوليندو ۽ جي مان اهو هڪڙو خسيس ڪم نٿو ڪري سگهان ته پوءِ قوم کي ڪيئن سڌاريندس. ادبي سنگت جي چونڊن ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندس، پر ممڪن آهي ته نه اچي سگهان، ڇو ته پهرئين تاريخ تائين مونکي پگهار به ڪانه ملندي ۽ موڪل به مشڪل آهي جو اسان جا هڪڙا پرچا پيا هلن.
دوستن يارن سڀني کي سلام.
اهو تنهنجو ٿورو آهي جو ٻاهرئين دنيا جي معلومات ڪتاب ۾ لکي موڪلي اٿئي. آئون ته يار ڪٽجي ويو آهيان، اهڙين ڳالهين کان هاڻ. مڙئي وقت سارو پيا قرب ڪندا ڪجو.
پپو، اياز، مجيب، اسماعيل ۽ ٻين سڀني دوستن کي سلام.
اوهان جو خادم
سارنگ سهتو
*
مينٽل ٽارچر سينٽر مٺياڻي
20 فيبروري 1988ع
ڪاهوءَ مٿان ڪيترا، اُڀري سج لٿا،
آيا جنهن ڪنهن جوءَ مان، ڪري جوڙ جٿا،
هي پنهنجو اتهاس آ، ڪهڙي ڪوڙ ڪٿا،
مهرين هيٺ مٿا، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري سنڌڙي.
(اياز)
منهنجا دل گهريا دوست سليم!
ائين ٿو ڀاسي ڄڻ مون وٽ جيڪو وکر هو سو سڀ مون کپائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي جهول ڪيو گهمندو وتان، تباهيءَ جي انهيءَ ڪنڌيءَ تي پهچي ويو آهيان آئون، جتان ورڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. اوهان ڏانهن منهنجي خط لکڻ جو هروڀرو مقصد رڳو اهو نه هوندو آهي ته مان صرف اوهان کي پنهنجا ذاتي سور ٻڌايان، پر يار ڇا ڪجي، دل جهل نٿي ڏئي ۽ نه لکڻ جي باوجود به گهڻو ڪجهه لکي ويندو آهيان. اياز ڏانهن به مون رڳو انهي ڪري خط لکڻ گهٽائي ڇڏيا آهن جو مون محسوس ڪيو ته انهن خطن ۾ منهنجي پنهنجي ڳالهه کانسواءِ باقي ٻيو ڪجهه نالي ماتر هوندو آهي ۽ پوءِ مون نتيجن اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي خط لکڻ گهٽائبا، ڇو ته سورن جي ته ختم ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر ڪونه آيو. افسوس اٿم ته وري به هي هيتري ساري پٽاڙ رڳو پنهنجي ذاتي ڳالهين تي لکي اٿم. اميد ته معاف ڪندا.
راهوڪي اچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس اگر اتفاق ٿيو ته ملي وينداسين. يار! پراڻي زماني ۾ هندو يا ٻيا ڪي مذهبي ماڻهو باسون باسيندا هئا مختلف ولين تي ۽ پوءِ مراد پوري ٿيڻ تي پيدل پنڌ اوڏانهن ويندا هئا، سو پاڻ وارن يارن به اهو سلسلو شروع ڪيو آهي ڇا؟ ايڏي ساري سائنس ترقي ڪئي آهي، ماڻهو هروڀرو ڇو پاڻ کي تڪليف ڏئي، پر ڇا عقيدتمنديءَ جي اظهار جو صرف اهو هڪڙو طريقو آهي يا پاڻ جيڪي لارين گاڏين ۾ فاضل شهيد جي مرقد تي هلنداسون، انهن جي هن ۾ هن عظيم انسان لاءِ عزت ۽ عقيدت نه هوندي. جي ائين ناهي ته پوءِ هي ڪهڙو جاهلانا طريقو آهي عقيدت جي اظهار جو، جو سوين ميل پنڌ ڪري پير سڄائي هلي وڃي حاضري ڀرجي. اهو ته ويتر ماڻهن کي وڌيڪ خيال پرستي ۽ رجعت پرستيءَ ڏانهن ڌڪڻو آهي. منهنجو ته اهو خيال آهي وڌيڪ تون ڇا ٿو سمجهين؟
هي پنهنجون اکيون رڳو ان ڳالهه جون آسائتيون آهن ته ڪڏهن ٿو ظلم جو قهري ڪوٽ ڪري ۽ مظلومن تان مارا ماري بند ٿئي. مجيب ۽ اياز سان نڀائيندا اچجو، انهن کي هيڪلو نه ڇڏجانءِ. سلام سڄي ساٿ کي.
اوهان جو،
سارنگ سهتو
*
مٺياڻي
پيارا سليم!
اڄ مٺياڻيءَ ۾ ڏاڍيون پُرڪيف هوائون لڳيون آهن، جن نه صرف من کي مدهوش ڪري ڇڏيو آهي، پر پراڻيون يادون به نئين سر اُکيلي ڇڏيون اٿن. جيئن فيض چيو هو:
”بهار آئي تو کُل گئي حساب ساري،
تيري ميري زندگي ڪي خواب ساري“
هونئن به ماڻهوءَ جو ماضي ڀيانڪ هجي يا بهتر، پر انسان ان کان پاند پالهو نه ڪري سگهندو آهي، مون پاڻ هڪ سٽ سرجي هئي ته ”مڪليءَ جون يادون مون لئه، ڳچيءَ ۾ ڄڻ ڳاني آهن“ هونئن لڳان ته مان به هڪڙي خيال کان رجعت پرست ٿو جو هڪڙي پراڻي ڳالهه کي اهڙو چُهٽي بيهي رهيو آهيان، جو ان کي ڇڏڻ جو نانءَ ئي نٿو وٺان. خبر ناهي توهان کي اهو ڪيئن ٿو لڳي، خوشگوار الائي ناگوار.
بنيادي عرض اهو ڪرڻو هو ته ”يوسف سنڌي“ پاڻ وارو دوست، جنهن کي توهان سٺي نموني سڃاڻو، ان ويچاري راهوڪيءَ توڙي حيدرآباد ۾ ٻنهي هنڌن مون کي عرض ڪيو هو ته مان ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ بيهان ٿو مهرباني فرمائي مونکي سليم وارن کان ووٽ وٺائي ڏيندا، مون هن دوست کي يقين ڏياريو هو ته توهان فڪر نه ڪريو مان پنهنجي ساٿين کي التجا ڪندس، مون کي اميد آهي ته هو منهنجي ڳالهه کي اهميت (ريسپانس) ڏيندا.
سو اوهان ڀائرن ۾ اميد سمجهي اهو عرض ڪيان ٿو ته ادبي سنگت جي چونڊ ۾ هي دوست جنهن به سيٽ تي بيهي هن کي ووٽ ڏيندا. باقي اوهان جي مرضيءَ تي ڳالهه ڇڏيل آهي ته اوهين هن کي ووٽ ڏيڻ چاهيو ٿا يا نه. مان اوهان تي زور زبردستي نٿو ڪريان ۽ نه وري ڪو احسان جتائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان تـ مون جو اهو حق آهي. منهنجو اوهان تي ڪوبه ٿورو يا احسان ڪونهي، جنهن جي بنياد تي آئون ويهي دوستن سان لٻاڙون هڻان ته يار مان فلاڻن تي هيترا وڙ ڪيا ۽ اڄ منهنجو هڪ خسيس ڪم نه ڪيائون. يوسف منهنجو اهڙو ئي دوست آهي جهڙا اوهان. هن جو مونکي ڪيترو لاچار هوندو، اهو اوهان سمجهي سگهو ٿا. وڌيڪ اوهان کي پنهنجو به شعور آهي، ان کي استعمال ڪريو، جي بيهندڙ ماڻهن مان هي اوهان کي بهتر لڳي ته واهه نه ته اوهان جو راز.
ٻيو اهو ته الائي ڪيئن غير شعوري طور تي مون کان مجيب ۽ اياز جا خط لفافي ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ ايڊريسن لکڻ ۾ مٽجي ويا هئا، جنهن جو اياز شايد غلط تاثر ورتو آهي، جو مونکي راهوڪيءَ ۾ ملڻ کانپوءِ چيو هئائين ته ”تو ڀلا مجيب جو خط مون ڏانهن ڇو موڪليو؟“ انهي ۾ ناراضگيءَ کان وڌيڪ ڏک جو اظهار معلوم ٿيم. ان لاءِ مان غلطي (جيڪا لاشعوري طور ٿي) جي معافي ٿو وٺان. تون مهرباني فرمائي اها غلط فهمي دور ڪرائي ڇڏجان.
تون ڇا پيو پڙهين ۽ لکين، اهو احوال ڇو ڪونه ٿو لکين. پنهنجي مطالعي مان چونڊ نوٽ لکي موڪليندوڪر ته بهتر. مان پڙهڻ جي ڀيٽ ۾ ڪڙهان وڌيڪ ٿو، سو به اجاين ڳالهين تي ان ڪري خط گهٽ ئي لکي سگهان ٿو ۽ ادبي تخليق به ڪانه پئي ٿئي.
جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان ڪيو اٿم. اميد اٿم ته ناراض ڪونه ٿيندا.
سلام انهن کي جن اڃان نه وساريو آ.
اوهان جو ڏوهي
سارنگ سهتو
*
ادا سليم!
توهان جنهن انداز ۾ پنهنجي دل جو درد بيان ڪيو آهي ۽ منهنجا سور سمڌا اٿوَ. مان ان لاءِ اوهان جو رڳو شڪريو ئي اد ا ڪري سگهان ٿو. مهرباني آهي اوهان جي، جو ايترو ويجهو محسوس ڪيو اٿوَ مونکي ۽ منهنجو ايترو احساس رکيو اٿوَ. هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ته بهتر آهي، پر ڪنهن جو گهرو احساس رکڻ به گهٽ نه آهي. اسين مدد کان وڌيڪ احساس جا محتاج آهيون. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ دردن جا انيڪ ڍير آهن ۽ اڃا ڪو اهڙو منصور پيدا نه ٿيو آهي جو انهن ڍيرن کي آڳ لڳائي ختم ڪري ڇڏي ۽ هر دل ۾ سرور جا ساٿ / ڍير پيدا ڪري.
عبرت مئگزين ۾ سعادت منٽو جا افسانا پڙهيم (جيڪي تو ترجمو ڪيا هيا) پر تنهنجو نالو نه ڏسي ڏک ٿيو. ڇا تو اهي موڪليا نه هيا يا مون جيان تنهنجي محنت به ٻئي جي نالي تي شايع ڪري ڇڏين.
مان ذهني طرح کوکلو ٿي ويو آهيان ڪجهه ذهني پريشانين، گهرو حالتن ۽ سياست ۾ عدم دلچسپيءَ سبب سوچڻ جي سگهه متاثر ٿي آهي. جڏو سڏو البته مطالعو ڪيان پيو. اڄڪلهه به ”ڇا مان ڪافر آهيان“ نالي هڪ ڪتاب پڙهان پيو، جيڪو ڪنهن سومري جو لکيل آهي، پر مون کي ٻوليءَ مان الائي ڇو سندس لکيل محسوس نٿو ٿئي، ائين ٿو لڳي ڄڻ ترجمو هجي. سٺو بحث آهي.
گفتگو ٿيندي رهندي، مٺياڻي 24 کان 26 جنوريءَ تائين امتحان آهي ڀائو مولا بخش جو به مسئلو آهي، جنهن کي سڀاڻي ڪراچي سول اسپتال کڻي ٿا وڃن، سو جيڪا ڳالهه ذهن ۾ آئي سا لکي اٿم رڳو تنهنجي ميار لاهڻ لاءِ، باقي اڪير وارا خط هيئن ڪونه ٿيندا آهن. غلطي معاف.
سلام پپوءِ ۽ ٻين ڀائرن ۽ دوستن کي
اوهان جو
سارنگ سهتو
*
پکي منجهه پدمڻين، ڏيئي وراڪا وِڄَ،
جهڙي صورت سِڄَ، تهڙي مورت مارئي.
(شاهه)
پيارا سليم! پنهنجي منزل ماڻين شال!
اوهان جو اندر جي اُجرن جذبن ڀريو ”سنيهو“ موصول ٿيو. من هڪ ڀيرو وري مڪليءَ پهچي ويو ۽ اوهان سان گهاريل انيڪ پل وري ذهن جي اسڪرين تي چالو ٿي ويا. جيستائين وسارڻ جو تعلق آهي ته اها هڪ محض غلط فهمي ئي آهي. احتساب جو فيڪٽر به پيدا ٿيڻ نه ڏبو. هونئن به حساب ڪبو ته پوءِ ڪٿي ٿي سنگت هلي سگهي. بس ڪجهه مصروفيتون ۽ ڪجهه سستيون ۽ پريشانيون، نتيجو رابطو منقطع. پاڻ هونئن به عام ماڻهن وانگر سوچيون ڪونه ٿا، سو ويهي هڪ ٻئي تي ڇوهه ڇنڊيون يا ڏوراپا ڏيون. مون اياز معرفت اوهان ڏانهن شايد خط به موڪليو هو ۽ کائنس تنهنجي احوال جو پڻ پڇيو هوم ۽ ان کان ئي پتو پيو ته اوهان ال آصف ۾ ڌنڌي سان لڳي ويا آهيو. اردوءَ جو ڪو شعر آهي ته ”ڇوٽي سي هي دنيا، ڪڀي تم ملوگي پوڇوگي حال“ سو پاڻ به وڇڙڻ/وسارڻ بعد به پيا ملنداسون. آمهون سامهون نه ته خيالن ۽ خوابن ذريعي. هاڻي به مون خواب ۾ اوهان سان ملاقات ڪئي هئي. تون خبر ناهي مٽيو آهين يا نه، پر منهنجي ذهن ۾ اڃا به اهو ساڳيو 86 وارو خاڪو آهي.
افسوس! شادي مون لاءِ سک جو باعث نه بنجي سگهي. ڪپڙن ڌوئارڻ، کاڌو ملڻ جون سهولتون ته اٿم پر جي ذهني هم آهنگي نه آهي ته پوءِ اها شادي به عذاب ئي آهي ۽ آئون به صحيح گهرو سک نه ماڻي سگهيو آهيان. شادي مون هڪ چئلينج سمجهي ڪئي هئي، ڇو ته هڪ ته منهنجي گهر جون حالتون انهيءَ ڳالهه جي تقاضا ڪري رهيون هيون ته مان شادي ڪريان ٻيو ته خود مون به سمجهيو ته مان ڪافي وقت تائين اهڙي پوزيشن ۾ اچي ڪونه سگهندس جو پنهنجي پسند جي مئريج ڪري سگهان. اڃا ٻي ڳالهه جيڪا منهنجي ذهن ۾ هئي سا اها ته ڇا ڪنهن اڻ پڙهيل ڇوڪرو پڙهيل ڇوڪري هٿ ڪري ته پوءِ اڻ پڙهيلن جو حشر ڪهڙو ٿيندو. اهي سڀ ڳالهيون سوچي مائٽن جون شديد خواهشون ڏسي مون ”ها“ ڪئي. پر هاڻي ائين نه ٿي سگهيو آهي، جيئن مان چاهيو هو. هُن جو (تنهنجي ڀاڄائيءَ جو) پڙهڻ طرف ڪو شوق نه آهي، ذهني طور انتهائي بيڪ ورڊ آهي ۽ پاڻ ۾ سڌارو آڻڻ جي ڪوشش نٿي ڪري. پيار ڀري گفتگو ۽ پيار ڪرڻ کان هوءَ عاري آهي. هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ هڪ مشين آهي. مان چاهيان ٿو ته هن ۾ انقلابي تبديليون آڻيان، پر افسوس ته هن ۾ دلچسپي ئي نٿو ڏسان. سو دوست گهرو لحاظ کان مان ڏاڍو پريشان آهيان. سڄي ڏينهن ۽ رات ۾ اسان جي گفتگو تمام محدود ٿيندي آهي، ڪڏهن ته اها به ڪانه ٿيندي آهي. بس وقت گذري پيو، باقي مزو ناهي. سياست ۾ ڪافي ڌڪا کائڻ بعد هاڻي ان ڳالهه تي اچي بيٺو آهيان ته جيڪا سياست ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن سياست جي هام هنئي ويندي آهي، سا سياست ٿئي ئي ڪانه پئي ملڪ ۾. بس مڙئي خانا پوري آهي. نار هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي، سو رينگٽ هلي پيو. معاشي طور بدحاليءَ جو شڪار آهيان تون پاڻ سوچ 984 روپيا پگهار ۾ شادي شده ماڻهو ڇا ٿو ڪي سگهي. ادب لکان ته ٺپ ڪونه ٿو، پر پڙهڻ جي رفتار به گهٽ آهي. واندڪائيءَ ۾ خط پنهنجي سوچ سميت ضرور لکندو ڪر. مان ڪڏهن موقعو مليو ته اچي اتي به نڪرندس. رابطو رهندو. ميار نه توهان مونکي ڏيو، نه مان توهان کي ڏيندس، جنهن کي فرصت ملي سو ٻه اکر لکي موڪلي، سچ ته اوهان جي خط پهچڻ سان من ڏاڍو خوش ٿي ٿو پوي.
اوهان جو
سارنگ
*
سج اُلهي سانجهي ٿي، وڻن هنئي وڻڪَ،
سڄڻ تنهنجي سڪَ، موٽيو ماڳ نهاريان.
(شاهه)
پيارا سليم!
مڪلي/ٺٽي ڇڏڻ وقت سوچيو هوم ته وقت جون ظالم ويرون اسان کي ڪڏهن به هڪ ٻئي کان جدا نه ڪري سگهنديون. پر سوچيان ٿو ته مون ڪيترو نه غلط سوچيو هو. هن هڻ وٺ واري معاشري ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري. هونئن به اسان ۾ اڪثر ماڻهو پراڻ پرست/قدامت پسند آهن ۽ انهي ٽولي ۾ هڪڙو ماضي پرست آئون به آهيان. ڪنهن شاعر چيو آ ته ”ياد ماضي دل نه ڪر، جيڪي ٿيو سو خوب ٿيو“. پر آئون انهيءَ جي ابتڙ هلندڙ آهيان يعني ته ماضيءَ کي چچڙ وانگر چنبڙي پوندو آهيان، بس طبيعت جو اهڙي اٿم. ڪيئي اهڙا دوست يار آهن، جن مون کي صفا وساري ڇڏيو آهي، پر آئون اڄ تائين انهن کي پيو من ۾ ياد ڪيان. شايد پاڳل آهيان آ.
غريب دوست آهيان توهان جو، ڀلي وساريو. مان ته يار نٿو وساري سگهان. مون کي ته اوهان جون انيڪ خدمتون ياد آهن، اوهان سان گهاريل هر پل ياد آهي. مڪليءَ جو هر چهرو پنهنجي انهي انفرادي رنگ ڍنگ ۾ اڄ به منهنجي ذهن جي نقشي تي چٽيو پيو آهي. محمد مارو آ، اسماعيل آ، مانجهي آ، ڪوي آ، پپو آ، الائي ڪير ڪير آهن. پر جن کي مان وساري به نٿو وساري سگهان، انهن ۾ اياز، مجيب، مانجهي ۽ تون آهيو.
سليم! منهنجا دوست! سٺا ماڻهو سدائين احسان ڪري وساري ڇڏيندا آهن، پر جنهن تي ٿورو ٿيل هوندو آهي اهو ڪڏهن به ان پياري کي وساري نه سگهندو آهي. مڪليءَ ۾ توهان دوستن جي ڪمپنيءَ ڪري ئي آئون پنهنجو برو وقت بهتر نموني گذاري سگهيو هوس.
زندگي گذري پئي، بي نام، بي منزل، بي سُري، حالتون اهي آهن جو ”آدمي ڪو ڀي ميسر نهين انسان هونا“. آئون اوهان جو ويجهو دوست آهيان، ڇو نٿو مون کي پنهنجي پريشانين / مسئلن کان آگاھ ڪرين. مڃان ٿو اهو مسئلن جو حل ناهي، پر ڀاءُ ماڻهوءَ سان سور روئڻ بعد هنيانءَ هلڪو ضرور ٿيندو آهي. پپوءَ کي مون پاران کوڙ سلام- سڄي قافلي کي سلام چئجان.
ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو؟
پُڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ ۾.
(اياز)
اوهان جو دوست
سارنگ سهتو
*
پاڇائي نه پاڙيان، سرتيون سسئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.
(شاهه)
ڀاء سليم
هن وقت آئون ٻڏتر ۾ آهيان، ذهن ۾ هڪ ڇڪتاڻ لڳل آهي. مسئلو اهو آهي ته آئون توڏي خط لکان يا نه. ڇو ته منهنجو موضوع ڪافي وقت کان ”ذاتي مسئلا“ ٿي ويو آهي. آئون نٿو چاهيان ته آئون پنهنجي ڪري توکي به ڪا پريشاني ڏيان، پر ذهن جيڪو مسئلن سان پُرُ آهي، سو ڪٿي ٿو جهل ڏئي. مان ڪوشش ته ڪندس ته تو جيان صاف سٿرو معلوماتي ۽ نظرياتي خط لکان، پر جي ناڪام وڃان ته معاف ڪجانءِ.
هن صديءَ جي بهترين ذهن ۽ سنڌ جي مها ڪوي ”اياز“ ڪنهن هنڌ لکيو هو ته ”قلم، هن دؤر ۾ ڪائي حيثيت / اهيمت ڪونه ٿو رکي. قلم، ڪٿي به ڪنهن به جاءِ انسان جي بُک نه اجهائي سگهيو آهي. پنهنجا وڏا ڪلاڪار، سونا ٻِلا ۽ انعام وٺندڙ، ڇا رڳو پنهنجي ذات کي مشهور ۽ مسرور بنائڻ لاءِ نه ٿا لکن. اسان جا دانشور ۽ اديب جيڪو به ادب سرجين ٿا ۽ جن لاءِ سرجين ٿا، ڇا اهو انهن تائين پهچي ٿو. هرگز نه، جن لاءِ لکيو ٿو وڃي اهي ته مانيءَ ڳڀو حاصل ڪرڻ لاءِ به هلاڪ آهن. هنن کي ان سان ڪو سرورڪار ناهي ته ڪو انهن جي ڪيتري واکاڻ ٿو ڪري، پر هت جي ته اها گهرج آهي ته ڪير ان هيڻي حال ۾ انهن جو ٻانهن ٻيلي ٿو ٿئي. جڏهن منهنجا ڀاڻيجا ويلا ڪٽي رهيا هجن ۽ منهنجي ڀيڻ جي گهر ۾ روڄ ۽ راڙو هجي ته ان وقت ڇا منهنجو اهو فرض ٿو بنجي ته مان ويهي انهن جي ان حال تي ڪو مضمون، تاثر يا ڪهاڻي لکان، بلڪل نه، پر منهنجو ته اهو فرض ٿو بنجي ته مان وڌ کان وڌ انهن جي مدد ڪريان ۽ پنهنجي اڀري سڀري حال سارو سندن همراهي ٿيان. منهنجو اهو مطلب هرگز نه آهي ته ڪو آئون ادب کي ڪائي اهميت نٿو ڏيان، يا ادب کان مايوس ٿي ويو آهيان، پر آئون ته عملي طور ڪجهه ڪرڻ تي زور ٿو ڏيان. بکئي ماڻهوءَ تي ڪو شعر لکڻ سان ان جي بک هرگز ختم نه ٿيندي ۽ اسان جو پهريون فرض ڪنهن جي بک مٽائڻ آهي پوءِ لکڻ يا ٻيو ڪجهه. منهنجي اڄڪلهه نه لکڻ جو خاص سبب به اهو آهي. مان تمام گهڻن چئلينجن جي سامهون آهيان، پر پوءِ به اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو اٿم. مون کي اميد آهي ته ضرور اسان لاءِ به هڪ ڏينهن سُکن جو سج اُڀرندو.
منهنجي مطالعي جو سلسلو بلڪل بند آهي، جو منهنجي ڀيڻوئي جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، گهروارا بلڪل مايوس ۽ پريشان آهن، پر آئون اڃا به ڪوشش ۾ آهيان ته من هن جو ڪو سرڪاري علاج ٿي سگهي ۽ هي بچي پوي. پريشاني جي عالم ۾ درخواستون لکندو رهان ٿو، مختلف آفيسرن ڏانهن پر ڪٿان به موٽ نه ملي آهي. بهرحال مان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ ٿو گهران. هوڏانهن سندس پگهارن جي بند هئڻ سبب به هي آفيسراڻا ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن ۽ خرچيءَ لاءِ پريشان آهن. ڪو ڪونهي، جيڪو ان حال ۾ سندن مدد ڪري. خود مان به انهن جي اها مدد ڪونه پيو ڪري سگهان، جيڪا مون تي عائد ٿئي ٿي. مون کي افسوس رڳو اِهو ٿو ٿئي ته مان هيڏو سارو جوان ڀلا ڇو نٿو ڪنهن جون پريشانيون ڏور ڪري سگهان. مونکي توهان جي زباني / لکتي سهاري جي ضرورت آهي. جو ڏک ۾ ڪير ٻه ٻول به آٿت جا ڏيندو آهي ته من تان بوج هلڪو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ۽ بي سهارو نه ڀائيندو آهي.
اوهان جي اچڻ سان مون کي خوشي ٿيندي توهان وٽ ڪيئن ٿو اچي سگهجي، هيترين پريشانين هوندي به اوهان جي سڪ لڳي ٿي. غلطيون سلطيون معاف ڪجو. رابطو نه ٽوڙيندا. ڪو صلاح مشورو هجي ته ضرور لکندا. پپوءِ کي تمام گهڻا سلام ڏجو.
اوهان جو
سارنگ
*
سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.
(شاهه)
منهنجي ڏک سک جا ساٿي، سليم سوز!
شال انقلاب کي اوڏو ٿئين!
اڄڪلهه موڪلون آهن ۽ پنهنجي واندڪائيءَ جو فائدو وٺندي مطالعي منجهه محو آهيان، ڇنڇر کان ڇنڇر تائين جيڪي به ڪتاب پڙهيا اٿم سچ ته انهن سڀن مون تي تمام گهرو اثر ڇڏيو آهي. آئون شرم ۽ مايوسي ٻنهي جو شڪار رهيو آهيان. ’انگولا جي آزادي‘ نالي ڪتاب منهنجون ويتر اکيون کوليون ۽ سمجهايو ته ”ڪامريڊ! انقلاب / آزادي يا سوشلزم / سماج واد آڻڻ ڪو اڪ جي ماکيءَ لاهڻ برابر نه آ، بلڪ اهو ڪم ڏاڍو اوکو، ورن وڪڙن وارو ۽ نهايت ئي ڪٺن آ، نه رڳو ايترو، پر اڃا ته پاڻ وٽ رڳو سڌڙيا انقلابي ئي پيدا ٿيا آهن، جيڪي صرف هڪ ٻئي تي گند اڇلڻ ۾ ماهر آهن، باقي انقلابي حڪمت عمليون جوڙڻ انهن جو شيوو نه آ، اسان جا اڳواڻ رڳو انقلابي رومانيت پسنديءَ جو شڪار آهن، عملي ڪم انهن جهڙو ڪر ڇڏائي ويو آهي ۽ هاڻي ڳالهه رڳو ڊائيلاگن تي اچي پهتي آهي، هوڏانهن موجوده صورتحال سڏ ۽ واڪا ڪري پئي چوي ”سنڌ بچايو، سنڌي ماڻهن کي بچايو، الڳ ٿلڳ نه هڪ پليٽ فارم تان گڏجي سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ لڙو، جي نه ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو رڳو تاريخ جي صفحن تي لکيل رهجي ويندا، ڌارين جون يلغارون، سنڌي هندن تي حملا، ٿر ۾ بک وگهي مرندڙ ماڻهن ڏانهن ڪو خاص توجهه نه، سنڌ کي فوجي ڇانوڻين جو گهيرائو، ڪالا باغ ڊيم ۽ چشما لنڪ ڪئنال سازشون، بيروزگارن جي ڊگهي قطار، نوڪرين تي ڌارين جا قبضا، سنڌي بي ڏوهين جون ڌڙا ڌڙ گرفتاريون، پنجابي ميجرن ۽ جاگيردارن طرفان سنڌ جي نوجوانن تي قاتلانه حملا ۽ قتل، ۽ ايتري هوندي به اسان جي ٻيو ته ٺهيو ترقي پسند تنظيمن ۽ پارٽين ۾ نفرت انگيز اختلاف، هڪ ٻئي جي بي جا مخالفت ماڻهن کي جوڙڻ بجاءِ ڏڦيڙ وجهڻ ۽ اڳواڻن ۾ انانيت جو جذبو، ڇا اهي سڀ ڳالهيون نٿيون ٻڌائين ته اسان وٽ ڪو به حقيقي انقلاب پسند ليڊر ڪونهي، سڀڪو پنهنجي انا جو شڪار آ، سنڌ جو انهن کي احساس آهي، پر ان کان وڌيڪ هنن کي پنهنجي ڪرسي / ليڊريءَ جو به لاچار آ. مان رڳو اهو چوندس ته حالتون انقلابي آهن، ماڻهو انقلابي آهن، پر ڪو انقلابي اڳواڻ ناهي، جيڪو نڪري نروار ٿئي ۽ سڀني محب وطن ۽ ترقي پسند قوتن کي ڪٺو ڪري انقلاب طرف پيش قدمي ڪري.
طويل ناول ”نوجوانون ڪا گيت“ ته هيڪاري اهو احساس ڏياريو آ ته اسين رڳو ذات پرست آهيون. (گهٽ ۾ گهٽ آ) اسان جي جدوجهد رڳو پنهنجي ذات تائين محدود آ اڃا، پر هڪڙي ٻي ڳالهه به آ نه ته عمل لاءِ ڪا سنئين سنواٽي راهه به ته نه آ، عمل ئي انسان کي ڪُندن بنائيندو آ ۽ عمل مان ئي ته لوچيا ڇوان، تائو چهينگ هيگ هوا، شوشيو ۽ وي لين جهڙا ارڏا انقلابي ۽ انقلابياڻيون جنم وٺنديون آهن. ڪو به انقلابي ڪتاب پڙهان ٿو ته اهو انقلابي عمل ڏانهن راغب ٿو ڪري ۽ آئون هتي جي پارٽين جي حالت ڏسي مايوس ٿو ٿي وڃان. پهريان ائين به ڪونهي ته مون صفا آسرو لاهي ڇڏيو آ، نه آئون اوسيئڙي ۾ آهيان ته ڪڏهن ٿو آتش فشان / لاوو ڦاٽي ۽ اسان کي چقمق جيان عمل ڏانهن ڇڪي. في الحال ڪنهن فورم، سوسائٽي يا چؤياري ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهيان، پر مناسب ماڻهو نه مليا آهن، جن سان ملي ڪري ڪو اڳتي قدم کڻجي. تنهنجي ڪاميابيءَ جون توکي لک لک مبارڪون. آئون اميد آهي ته ”استاديءَ“ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري پنهنجي لاءِ ماڻهن ۾ عزت ۽ احترام پيدا ڪندس. نه رڳو ايترو پر پڙهائيءَ جي اڳوڻن، مدي خارج طريقن کي به پڻ بدلائي ڇڏيندس. ”ٻار مار کان وڌيڪ پيار سان سکندو آ“ اهو منهنجو چئن ڏينهن جو تجربو آ. ٻارن تي رعب رکڻ بجاءِ انهن سان گُهلي مِلي وڃجي، سچ ته آئون پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي ٻارن سان بينچ تي وڃي ويهندو هوس ته ٻار حيران ٿي ويندا هئا. مار کان وڌيڪ احساس ڏياريندو مانَ، ڏسو توهان پڙهندئو ته مون جيان ماستر ٿيندئو، يار! ادب سچ ته ايڏا اسان تي وڙ ڪيا آهن، جو مان ته دنگ رهجي ويو آهيان. پپوءَ جا ڪهڙا حال آهن. اسماعيل ڇو مونکي وساري ڇڏيو آ، مان ته ان سنجيدي ۽ شريف ادب پسند دوست کي ڪڏهن ڪونه وساري سگهندس، منهنجا سلام چئجانس.
مان ايڏانهن اچڻ جي چڪر ۾ آهيان، ممڪن آ اچي نڪران، پوءِ کوڙ دل جا احوال اوربا، پنا ته ڪئين ڪارا ٿي ويندا، پر خبرون ڪونه کُٽنديون.
سلام سڄي ساٿ کي.
تنهنجو نيازمند
سارنگ
*
سَرَ لوهيڙا ڳڀيا، ڪَسَرَ نسريا،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.
(شاهه)
سدا سکيو هجين سال!
هر دک سک ۾ ساٿ نڀائيندڙ سليم سوز!
جيئي جيجل سنڌ!
ڪلهه کان وٺي تنهنجي ياد شدت سان آئي اٿم، اهو ان ڪري جو ڪلهه کان مشهور ماهر فلڪيات استاد گليلو تي لکيل جڳ مشهور ڊرامو پڙهان پيو، جنهن جو نهايت ئي سهڻن لفظن ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب ترجمو ڪيو آهي. مصنف جنهن چٽي ۽ سادي انداز ۾ سائنسي ڳالهيون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آ، تنهن تي ”برٽالٽ بريخت“ (مصنف) کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي ۽ عجب ۽ ڏک گاڏڙ ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪورس ۾ به ايڏي سادي ۽ صاف انداز سان اڄ تائين سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آ. (هيءَ ته ڊرامو آ) بهرحال سو تون انهيءَ ڪري ياد پئي آئين ته سوچيم ڪاش پاڻ ويجها هجون ها ته توکي بـ هي سٺي تصنيف پڙهايان ها ۽ ان کان به بهتر اهو ته ٻئي گڏجي ان متعلق هڪ ٻئي سان ويچار ونڊيون ها. عجيب ڳالهه وري اها آهي ته ڪلهه کان تون ياد اچڻ شروع ٿيو آهين ۽ اڄ تنهنجو خط اچي رسيو آهي. مان تنهنجي ان نوازش جو احسانمند آهيان.
سليم ساٿي! اهڙي ته هڻ وٺ ۾ لڳا پيا آهيون، جو اڪثر پنهنجي پاڻ جو پتو نه هوندو اٿئون ته ان کي ڪٿي ڦٽو ڪيوسون. ٻيڻون پاڻي هوندو آ ته هليا باٿ روم ويندا آهيون، اهڙيون عجيب غريب حرڪتون ڪندو آهيان اڪثر اوقات لاشعوريءَ ۾، جو حيران ٿي ويندو آهيان.
اياز، مون سان ان ٿيل واقعي جو ذڪر ڪيو هو ۽ مون سوچيو هو ته توکي اُن معاملي تي خط لکندس، پر ڪجهه اهڙو ته پنهنجن خفقانن ۾ گهيرجي ويس، جو اوهان جي ان مسئلي ڏانهن ڌيان ئي نه آيو. پهرين ڳوٺ ۾ پڙهائيندو هوس ته اتي جا مسئلا، وري ڪاليج ويو آهيان ته اتي جون ڌار تڪليفون. ڪافي مشاهدا ماڻيا اٿم، جن اها ڏک جي ڳالهه آهي جو مون کي هرو ڀرون منفي انداز ۾ سوچڻ ۽ لکڻ تي مجبور ڪيو آهي، پر في الحال ته انهن غلط / منفي خيالن کي دٻائي رکيو اٿم.
سليم سائين! هن معاشري جي ۽ ان ۾ اسان جي طبيعت جي (جيڪا ان جي اثر مان جڙي آ) خبر نٿي پوي، ڪنهن وقت اسان سخت ڏاڍ ٿيندو ڏسندي به چُپ ڪري چَپَن کي سِبيو هليا ويندا آهيون ۽ ڪنهن وقت ضرورت کان وڌيڪ اُٻهرا/ جذباتي ٿي تمام تڪڙا قدم کڻندا آهيون، جن جو نتيجو بهرحال بهتر گهٽ نڪرندو آ. تون ۽ آئون ٿياسون ننڍڙا ذهن پتڪڙا ماڻهو پر پنهنجي ملڪ جي وڏن وڏن اڪابرن ۽ ڏاهن جا به اهي حال اٿئي پاڻ ۾ وري به ايترو ته عقل ۽ هوش آهي جو پوءِ پڇتايون ته ٿا، پر پاڻ وارن چڱن مڙسن ۾ ته اهو حيا شرم به ڪونهي. هو پنهنجي هڪ غلط قدم کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ هزار ڪوڙ هڻڻ کان ڪونه ٿا ڪيٻائين. هڪڙي ڳالهه بهرحال سمجهي ڇڏ ته سماج سڌارڪ، سياست ڪار ۽ انقلابيءَ ۾ وڏو فرق هوندو آ. سماج سڌارڪ جيڪا سهولت وٺندو آ يا مطالبو مڃائيندو آ اهو نياز نوڙت يا سڌن لفظن ۾ چاپلوسيءَ ذريعي، سياست ڪار جيڪو مطالبو مڃائيندو آ اهو بليڪ ميلنگ ۽ دٻاء تحت ۽ انقلابي جيڪو مطالبو مڃرائيندو آ، اهو عوامي قوت رستي. پاڻ هن وقت نه ته ڪي سياستدان آهيون ۽ نه وري انقلابي، پر پاڻ سماج سڌارڪ رول ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ۽ ان ۾ اسان کي حڪمت عملي/پاليسي به اها اختيار ڪرڻي پوندي، جو ڪم به ٿئي ۽ پَت به رهجي اچي.
اوڻيتاليهن (39) جي لٻاڙي سياست مان ڇا مليو آ اسان کي. ان کان ته بهتر هو ته اسان جا اهي ليڊر حضرات پارليامينٽري سياست ڪن ها. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جو هر ڳوٺ بجليءَ جي روشنيءَ سان ته منور ضرور هجي ها، هر واهڻ ۾ پوسٽ آفيس، اسپتال ۽ اسڪول ته هجي ها. واهڻ توڙي شهر جو ڪوبه رهواسي بيروزگار ته نه هجي ها. سنڌ هن وقت هڪ اهڙو مريض آهي، جيڪا پنهنجا پويان سڪراتي لمحا گذاري رهيو آ ۽ ان مٿان بيٺل انجا ليڊر ان جو علاج ڪرائڻ بجاءِ اهو بحث ڪري رهيا آهن ته تون هن جو دشمن آهين، تون نٿو چاهين ته هيءَ بچي، ٻيو وري چوي ٿو مان ئي ته هن جو صحيح خير خواهه آهيان، اصل حرامي ته تون آهين، تون ئي غدار آهين، تنهنجي اها منشا آهي ته هي تباهه ٿئي، ٽيون وري چوي ٿو اوهان هڙ حرامي آهيو اصل سڄڻ ته هن جو آئون آهيان، اڙي رڍ جو پُٽؤ! اهو بحث پوءِ ڪجو، پهرين توهين ان مريض کي ڪنهن جراح يا طبيب تائين رسايو ته سهي، سندس صحتياب ٿيڻ لاءِ گڏجي ڪو نسخو ته تيار ڪريو، نه ته ٻي صورت ۾ اوهين سڀ اندر جا ڪارا آهيو، اوهين سڀ انجا دشمن آهيو، توهين سڀ ڪنهن جا نه ڪنهن جا ايجنٽ ضرور آهيو. ادا! هن وقت مسئلو سنڌ ۾ اهو ناهي ته غدار ڪير آ ۽ سچار ڪير. پر مسئلو اهو آ ته سنڌ کي بچائجي ڪيئن. هي سڀ ضمير جا ويڪائو سياستدان رڳو هڪ ٻئي کي گارين ڏيڻ ۾ پورا آهن. حيا، شرم، عقل ۽ هوش به ڪي شيون هونديون آهن، سنڌ جا سڀ ماڻهو ايترا انڌا عقيدي پرست ۽ اٻوجهه به ڪونهن، جو هنن جي هر ٽٽ ڦوسَ، هر مڪر فريب تي اکيون ٻوٽي ايمان آڻين ۽ پوءِ ته ها سائين واقعي سنڌ جو سپوت هڪڙو تون آهين، ٻيا سڀ غدار. پاڪستاني سياست به تون ڪندين ته درست به ڪندين، سنڌ جي سياست جو پٽڪو به رڳو تنهنجي مٿي تي سونهين ٿو.
معاف ڪجانءِ، مان جذبات جي وهڪري ۾ ٻي طرف هليو ويس، يار ڇا ڪيون سليم، اندر رڌو پيو آ، هنڌ هنڌ، سَنڌ سَنڌ سڙي پيو ته هي اسان جا سياستدان آخر ڪن ڇا پيا. حالتون تون پاڻ ڏسين پيو، اهي ڪيڏانهن پيون وڃن ۽ سياستدانن جي بندوقن جا رخ به ڏسين پيو ته ڪنهن طرف آهن. پنهنجن ئي ڌرتيءَ ڄاون ڏانهن، جيڪي ڪيڏا به ڪميڻا ڇو نه هجن پر وري به هڪ ڏينهن ضرور عقل ايندن ۽ اسان جي صفن ۾ شامل ٿيندا. مان وري ڊيگهه ۾ پئجي ويس. سو پاڻ ٿا ڪيون سماجي سڌارن واري سياست/ ڳالهه. ان ڪري پاڻ کي قدم به ان پٽاندر کڻڻا پوندا. توهان اهو ڏاڍو اٻهرو قدم کنيو. ان جي بجاءِ اگر اوهان هڪ وفد وٺي ڊي سي، اي ڊي ايم، ايس ڊي ايم يا ڪنهن به ٻئي حرامي سان ملو ها ته اهو بهتر ٿئي ها پر جي ان مان به ڪو کڙ تيل ڪونه نڪري ها ته اوهان هڪ وري پُر امن جلوس وٺي انهن ساڳين کي لکتي ياداشت پيش ڪيو ها، وري به ڪجهه نه ٿئي ها ته پوءِ توهان بيان بازي ڪيو ها ۽ جي ان مان ڪو نتيجو نه نڪري ها ته پوءِ توهان جذباتي جلوسن ڪڍڻ جو مجاز رکندڙ هيو. پر ان ۾ به سلوگن اهي جيڪي مسئلي / مطالبي سان واسطو رکندا هجن ها. هڪڙي ٻي ڳالهه به سمجهي ڇڏ ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي ساڙيلا هوندا آهن، جيڪي نه چاهيندا آهن ته فلاڻو يا فلاڻو عهديدار هجي، انهي جي وري ايتري عزت به ٿئي ٿي، انهي کي وري ايترو عقل به آهي جو هيڏو سارو ادارو به هلائي پيو. انهي جي ڪيئن به ڪري مٽي پليد ڪرڻي آهي، عزت وڃائڻي آهي، عهدي تان لاهڻو آهي، پوءِ هو سڌو سنئون ته اوهان سان ٽڪر ۾ اچي نٿو سگهي جو اوهان هن سان برا هليا ناهيو، تڏهن هو اهڙيون رٿون، اهڙا اهرا قدم کڻائي اوهان کان جنهن سان اوهان کي ڌڪ / نقصان رسي، هو پنهنجي گندن جذبن جي تسڪين حاصل ڪندو آ. سو منهن جي چوڻ جو مطلب ته اهڙن بدافعالن ۽ ساڙيلن ماڻهن کان هوشيار رهجان ۽ ڪو به قدم کڻڻ کان پهرين ان جي نتيجن تي سوچجان. مون کي ته لڳي ٿو اهو ڪو اوهان جو مخالف ماڻهو هو جنهن اوهان کان ايترو اٻهرو قدم کڻايو. پر آئنده اهڙن کان هوشيار رهجو ۽ مايوس نه ٿيو، مايوسي ڏوهه آهي.
مرتضيٰ کي مرضيءَ تي ڇڏيو هوم ته جنهن ۾ وڻيس داخلا وٺي ۽ هن پري انجنيئرنگ ۾ ورتي آهي. ڪاليج ايڊميشن فيس رڳو 271 رپيا ڀري اٿئون، اڃا ته اين سي سي جي فيس ٿيندي. يار مان سندس ڪابه مدد ڪونه ٿوڪريان، هر حوالي سان، نه ته پئسي ڏوڪڙ ۾ ۽ نه وري ٻي ڪا.
ادبي سنگت کي هلائڻ جي ڪوشش ڪيو، ڇا مانجهي اوهان سان ان سلسلي ۾ سهڪار ڪونه ٿو ڪري ۽ مانجهيءَ کي چؤ ته هو به ڪجهه دوست اوهان کي گڏ ڪري ڏئي. پروانو ڇا پيو ڪري، رابطي ۾ آهي نه؟ مانجهي ۽ پرواني کان منهنجي پاران معذرت گهرجو، جو آئون ساڻن سڌو رابطو نه رکي سگهيو آهيان. پر ان جو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته مون انهن پيارن جي هر احسان ۽ ٿوري کي وساري ڇڏيو آ. يا کين ڀلجي ويو آهيان، نه انهن سڀني جا منهنجي من تي يادگار نقش اُڪريل آهن. جيڪي ڪڏهن به مٽجي نٿا سگهن. البته زماني جي گردش ۾ هٿ قلم ڏانهن وڌي ئي ڪونه ٿو. ان ڪري انهن سنگتين کي چئجو ته مون کي معاف ڪجو، مان توهان سان رابطي ۾ ايندس. مجيب سائين! ڪيئن آهي، اوهان سان ڪيتري رابطي ۾ آهي، اسماعيل ڪجهه لکي پيو يا نه؟ گهران نڪرندو آ يا اڃان تائين بند هوندو آ اڪثر، پپوءَ جو شوق ڪٿي پهتو آ. اڄڪلهه ڇا پاليو اٿائين. گل محمد اسلام آباد ويو يا اتي آ. ان کان به مدد وٺو گهٽ ۾ گهٽ ادبي سنگت لاءِ. سائين اسحاق توسان ڪيئن ٿو هلي. مٿين ۽ رهجي ويل سڀني سنگتين کي پيار ۽ خلوص ڀريا سؤ سلام. وري به آخر ۾ اهو عرض ته مايوس نه ٿئجان، غلطي انسان کان ئي ٿيندي آ ۽ غلطيءَ جو صحيح تدارڪ اهو آ ته ماڻهو اڳتي لاءِ هوش حواس سنڀالي وک کڻي.
ٻيو سڀ سمجهه ته خير. ها محمد مون کان وسري ويو، ڇا پيو ڪري، سنڌ جي سياست تي ڪهڙو موقف اٿس. ڪويءَ کي سلام.
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين اڌ، اوڏا اڏي نجهرا.
اوهان جو سنگتي
سارنگ سهتو
*
ساٿي سليم سوز!
اوهان جو پيار ڀريو پترڙو مليو پڙهيم، اوهان منهنجي مايوس هئڻ جي شڪايت ڪئي آ، آئون ڪوشش ڪندس ان مايوسيءَ کي پاڻ کان دور ڪرڻ جي، پر يار هن اردوءَ جي ٽڪري وانگر ته ”هر ستم پر چونڪتي رهه گئي“ مان به هر تڪليف تي همٿ هاري ويهندو آهيان، پر وري به اٿڻو پوندو اٿم، مجبور، ڪوشش ڪيان ٿو جي ڪلارڪي اتي ملي ته واهه، نه ته پوءِ جتي به جيڪا به نوڪري ملي، ان ۾ جنبي ويندس.
اڄڪلهه ادب وغيره پڙهان ڪونه ٿو، دل ئي نٿي چئي، پر هاڻي ڪوشش ڪندس لکڻ پڙهڻ جي، واقعي مونکي هرو ڀرو به مايوسيءَ جو سندرو نه ٻڌڻ گهرجي. جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، ان کي دهرائڻ سان ڇا حاصل. باقي بي رخيءَ مان ڪنهن کان به اختيار نه ڪري سگهندو آهيان، نڪمي کان نڪمي ماڻهوءَ سان به مان سٺا تعلقات رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان چاهيندو آهيان ته ڪوبه منهنجي گِلا نه ڪري، ڪوبه مون مان تنگ نه هجي.
تون ڏي احوال، ڪيئن پيو گذري وقت، لائبريريءَ مان تنگ ته نه ٿيو آهين نه. مطالعو يقيناً جاري هوندو. لکين ٿو يا نه. سنگتي ساٿي لکن پيا يا نه. مان تنهنجو شڪر گذار آهيان جو اڃا مون کي ياد رکيو اچين. اسماعيل کان مون کي شڪايت آهي جو حال احوال کان واقف نٿو ڪري. پياري پپوءَ جو مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جو مون ڏانهن امتحان مٿان هئڻ جي باوجود به ٻه خط لکيا اٿائين. پر مونکي افسوس آ جو آئون ٻنهي جا جواب نه لکي سگهيو آهيان. پپو کي چئجان مايوس نه ٿئي، مان ضرور توکي جواب ڏيندس.
چوندا آهن نه ته ڪاري کي ٻڌ ڪمري سان رنگ نه مٽائي اؤساڻ ضرور مٽائي، سو هتي منهنجون مشغوليون اٿئي ڪرڪيٽ ڏسڻ، گهمڻ، اجايو خوامخواهه ڳالهائڻ، ڇو ته ڪمپني ئي اهڙي آ. ڪوشش ڪيان ٿو ڇورن کي سڌارڻ جي پر توجهه ئي نٿا ڏين. خود منهنجي دل ٽٽل آ نه ته هي به سڌري سگهن ٿا. ڪالهه ۽ ٽيون ڏينهن خيرپور ۾ ”ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو“ هو، هڪ دوست ويچاري ڪارڊ به موڪليو، پر ڪونه ويس، سوچيم اتي هجان ها ته سڀ گڏجي هلڻ جي ڪوشش ڪيون ها.
ذاتيات کان هٽي ڪري اجتماعي سوچ رکڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ سنگت ۾ به ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجو.
سلام مڙني سنگتين ساٿين کي، سائين اسحاق وارن کي به سلام ڏجو. سوسائٽيءَ جا احوال ڏي، ڪڏهن ٿا چونڊون ڪرائين، توهان ضرور بيهجو، ڪوي ۽ پرواني کي ميمبر ڪيو. ليڪچر جو ڇا ٿيو؟ ڪامريڊ گل محمد خشڪ کي سلام ادا، امداد جا ڪهڙا حال آهن. سعيد سائين کي سلام.
سڪندر هاليپوٽو سنگت ۾ ايندو آ يا نه.
بس مون وٽ اهي ئي خبرون آهن.
اياز آيو هو مون لاءِ خزائن جي موسم ۾ بهارون کنيو.
ٿورا لمحا هو پر اهي لمحا يقيناً حسين لمحا هئا.
اوهان جو
سارنگ سهتو
*
کلڻو ملڻو ڀاءُ بنائي،
گهاء لڪائي، گهمندو آهيان.
يار سليم!
هي معاشرو به ڪجهه عجيب آهي ۽ هن جا رهواسي اصل انسانيت جي هر گڻ کان ويل، نڪو ٻئي جو احساس، نه ڪنهن تي رحم. بس رڳو پنهنجو مطلب. ڳالهائڻ پئي گهريم مون واري ڀاڻيجي جي ٽي سي تي. ڪا ڳالهه ڪانهي، ڪابه شيءَ دِيوِ ناهي، رڳو بدلو آ وٺڻون هروڀرو ڪنهن غريب کان، ڪنڌ جهڪائي شرافت سان زندگي گذارڻ جو. بُڇان ته ڏاڍي ٿي اچي پر اڃان ته خاموش آهيون،، جو ڪنهن غريب شريف جو پٽڪو لٿو هو ته هيڏي هوڏي نهاري کڻي مٿي ۾ وڌائين ۽ چيائين شڪر آ، ڪنهن ڏٺو ته ڪونه. خير ڇڏيون ٿا انهن اجاين قصن کي. تنهنجا لک لائق، ٿورا، قرب ۽ احسان جو مون جهڙي نالائق ۽ بي وڙي انسان لاءِ رجسٽري جو خرچ ڪيئي پنهنجو ٽائيم وڃايئي ۽ مونکي ساري صورتحال کان آگاهه ڪيئي. هاڻي اها ٽي سي اهي وڃي پنهنجي منهن ۾ هڻن، اسان ان تان هٿ کنيو، هتي پرائيويٽ آرٽس ۾ فارم ڀرايون ٿا، جو فارم ڀرجن پيا. ڏس، پرڪار هن ظالم معاشري جي سڌريل ۽ پڙهيل ڪڙهيل انسانن جا، جيڪي ماڻهن جي مستقبلن سان ڪُڏن ٿا ۽انهن کي تباهه ٿا ڪن. اسان جو خرچ، اسان جا خواب، اسان جي محنت سڀ رائيگان، هنن جي هڪ لفظ نه چوڻ سان آهي ڪو اسلام، پاڪستان، انسانيت جو ٺيڪيدار، جيڪو هن ظلم لاءِ احتجاج ڪري. مونکي معاف ڪجانءِ مان رڳو پنهنجي پٽاڙ ۾ پئجي ويس.
يار! مون کي هڪ خوشي ٿي آهي ڏاڍي، (مائينڊ نه ڪجانءِ) ته تون اياز ساڳيا اڳوڻا دوست ٿي ويا آهيو، جڏهن ته منهنجي اتي هجڻ سان ان جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ديوار اچي وئي هئي، جيڪا هاڻي ڊهي وئي آ. ناراض نه ٿئجانءِ، مان ته خوش آهيان، ٻڌ اياز ماڻهو ڀلو اٿئي، موڊي ٿورو آهي، ان جي دل نه ٽوڙجانءِ ڇو ته شاعر ماڻهو آ نه، يار! توهان سڀني مون تي وڙ ڪيا آهن مجيب هونئن ئي رهايو، خدمت چاڪري ڪيائين، اياز مونکي ماني کارائي چانهيون پياريون، تو ماني کارائي ۽ ٻي ڪمپني ڏني. مان توهان مڙني جو شڪر گذار آهيان، مان توهان جا ٿورا ڪونه لاهي سگهندس.
هڪڙو ٻيو به ٿورو ڪجو ته مون کي وسارجو نه، مان اوهان جو حصو آهيان، جيتوڻيڪ اوهان کان ڌار آهيان، پر پوءِ به مون کي ياد رکجو. ادي اسماعيل ۽ ڀائو محمد کي سلام، پپوءِ کي چئجانءِ مان تنهنجو به احسانمند آهيان جو ايڏي اڪير سان ياد ڪيئي. مان ادبي ۽ سياسي طور هتي مري ويو آهيان، البته ذاتي طور زندھ آهيان، مون کي ڏک پيو ٿئي ته ٻن ڏينهن کان ڪنهن به مون کي سارنگ سان نه پڪاريو آ. اوهان وارو يارسارنگ پوين پساهن ۾ آ، کيس ٽيڪون ۽ سهارا ڏيئي خط ۽ پٽ لکي زندھ ڪيوس.
اوهان جو
سارنگ سهتو
*
پيارا سليم!
دير سان جواب ڏيڻ لاءِ معافي ڇا ڪجي؟ پريشانيون، مسئلا ۽ مايوسيون ازل کان ڪرمن ۾ لکجي ويون آهن. پيا لوڙيون. ڪهڙي ڪهڙي درد جي ڳالهه ڪريون ۽ ڪنهن سان ڪري ڪنهن سان ڪريون. اڃا غلام مصطفيٰ جي گهر اجڙڻ جو غم لٿو ئي نه هو ته مٿان منهنجن ساهرن منهنجي گهرواري گذريل چئن مهينن کان ويهاري ڄڻ ته ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو آهي. مان سخت ذهني دٻاء ۽ بي حسيءَ جي عالم ۾ پنهنجا ڏينهن گذاري رهيو آهيان. منهنجي اندر ۾ فراريت جي باهه ڀڙڪا کائي رهي آهي، پر آئون اڃا تائين ڪنهن فيصلي تي نه پهچي سگهيو آهيان. مان پاڻ کي فوري طور ان آڳ مان ٻاهر ڪڍڻ گهران ٿو، پر ڪو واهرو ڪونه ٿو سجهيم. يقيناً هي مايوسيءَ ڀريو خط آهي ۽ مون دوستن کي ڪيترائي اهڙا خط اڳ به لکي پريشان پئي ڪيو آهي، ان ڪري مان هن ويل خاموش رهڻ گهران ٿو، پر الائي ڇو توکان ڪجهه لڪائي نٿو سگهان. ڇو ته مون کي پڪ آهي ته تون نه هن خط کي ڪي کوکلا ڊائيلاگ سمجهندي ۽ نه وري همدرديون حاصل ڪرڻ جو ڪو ڍنگ.
مان چاهيان ٿو ته ڪراچي، اسلام آباد يا ڪنهن ٻئي ڏورانهين شهر ۾ گمنام ٿي وڃان ۽ گهرو مونجهارن مان منهنجي جان ڇٽي پوي. اهي ئي سوچون آهن جيڪي اڄڪلهه منهنجي ذهن کي سُري وانگر کائي رهيو آهن. مون کي لڳي ٿو مان سارتر جو ڪو اهڙو ڪردار ٿي ويو آهيان جيڪو ڪنهن به وقت ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
تنهنجي رهنمائي جو منتظر سارنگ
*
ڏات وڏي شيءَ ناهي، پر سچ وڏي شيءَ آهي،
۽ جو سچ مچائي مچ، سو مچ وڏي شيءِ آهي.
(اياز)
عظيم آدرش جا مالڪ ساٿي سليم!
سليم ڀاءَ، مان مايوس نه ٿيندو آهيان، پر رڙيون واڪا ڪري مشڪل حالتن سان منهن ڏيندو آهيان، جي روئان رڙان ۽ پٽيان سٽيان نه ته منهنجو حشر ڏاڍو برو ٿئي، اهي رڙيون واڪا پنهنجي رهبر لطيف به ڪيا هئا، جيئن ”هڪ ته ڄمان نه ها، ٻيو ڄامندي مياس، گنگهر گهڻون ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي“ اهڙا ٻيا به ڪئين واڪا ڪيا اٿس، پر انجو مطلب اهو نه هو ته هو مايوس ٿي ويو هو، بلڪل ائين آئون به مايوس نه ٿيندو آهيان، پر پنهنجي دل تي چڙهيل غبار کي پنن تي پلٽي هلڪو ڪندو آهيان ۽ پوءِ وري تازو توانو ٿي نئين سر پنهنجي منزل جو راهي ٿي پوندو آهيان، اهو آلاپيندي ته ”اسان جي مئاسون سفر ۾ او ساٿي ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي“، البته ائين ضرور آهي ته وقتي طور حالتون جڏهن گهڻو مايوس ڪري وجهنديون آهن، تڏهن ماڻهو جنگ/ويڙهه تان هٿ ته نه کڻندو آ، پر مورچو/محاذ ضرور مٽيندو آ، جيئن مڪليءَ ۾ مون ڪيو. دشمن سان سڀني مورچن تان منهن مقابل ٿجي ۽ وقت ۽ حالتن آهر ماڻهو پنهنجا محاذ مٽيندو به رهجي. لازمي ڪونهي ته ماڻهو رڳي سياسي ورڪر ٿي سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، ماڻهو ادبي، سماجي، ثقافتي ورڪر ٿي ڪري به گهڻون ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ ائين ڪرڻ سان گهڻي کان گهڻا ماڻهو هڪ ئي وقت باشعور بنجي سگهن ٿا. پر اسان وٽ بدنصيبي اها آهي جو رڳو هڪ سياسي فيلڊ تي ئي زور پئي ڏنو ويو آ. لينن چيو آ ته پارٽيءَ اندر ڪوبه ماڻهو نڪمو يا ناڪاره نه هوندو آ، هڪڙو ماڻهو سٺو مقرر آ، پر توهان ان تي ڪم رکندؤ پريس جو ته ظاهر آ هو انهي سان ڀرپور نموني نڀائي نه سگهندو ۽ نتيجي ۾ ان کي نڪمو ڪوٺي ڪڍيو ويندو، پر حقيقت ۾ هن ۾ جيڪي مقرر واريون صلاحيتون هيون ان جو فائدو ورتو وڃي ها ۽ ان فيلڊ ۾ ئي ان کي موڪليو وڃي ها ته ڏاڍا سٺا مثبت نتيجا ڪڍي ها. پنهنجي ملڪ اندر اڃان ته پيو انقلاب جو چؤٻول هلي، انقلابي پارٽيون ۽ صحيح انقلابي راهون اڃان نڪري نروار نه ٿيون آهن، اها ايترو ضرور آهي جو اهي پارٽيون انقلاب، انقلابي پارٽي ۽ انقلابي حڪمت عملي لاءِ راهه هموار ضرور ڪري رهيا آهن. هي وٺ پڪڙ سياستدانن جا هڪ ٻئي جي گلن ۾ هٿ، پارٽين اندر ڀڃ ڍاهه ۽ گهوٽالا سڀ ثابتي ڏيا ڏين ته ڪا اوچتي ڪيفيتي تبديلي اچڻ واري آ، يعني هڪ زوردار ڌماڪو ٿيندو ۽ پاڻ جڏهن اکيون کوليندا سون تڏهن ٻيو جهان هوندو، سنڌ صدين جي غلاميءَ جا ڳٽ ڳچيءَ مان ٽوڙي چڪي هوندي، ايشيا کنڊ ۾ سوشلسٽ انقلاب جا دروازا کُلي چُڪا هوندا ۽ پاڻ هڪڙي نئين سماج ۾ پير پائي رهيا هونداسون.
توکي ۽ اياز کي عيد تي ضرور اچڻ گهرجي، عيد جي ٻئي ڏينهن اوهان اچو، ڇو ته عيد جي ٽئي ڏينهن صبح جو اسان هڪ ”عيد ملن“ پارٽي ڪوٺائڻ ٿا گهرون، ان سلسلي ۾ ڪجهه عام ڇوڪرن سان به ڳالهايو اٿم، جن تائيد ڪئي آ، ۽ سڄو مانڊاڻ اوهان جي اچڻ جي خوشيءَ۾ ڪريون ٿا، ان ڪري اوهان کي ضرور اچڻ گهرجي ۽ مون کي اياز سان ملي پروگرام ٺاهي جلد مطلع پڻ ڪرڻ گهرجي.
اسين اڪابر سمجهي پاڻ کان ننڍڙن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ هو نتيجي ۾ مايوس ٿي فراريت اختيار ڪندا آهن، پر جيڪڏهن ننڍڙي هوندي کان ئي هنن جي صحيح ترقي پسند نموني تربيت ڪجي ته هي وڏا ٿي اسان کي زوريءَ ماري ويندا، وڏي جي ڀيٽ ۾ ننڍڙو ذهن ڏاڍو چست ۽ چالاڪ هوندو آ، مون راجوءَ جي ڪتاب ۾ جڏهن اهو لفافو جنهن تي غلط پتو لکيل هو ۽ اهي ابتا سبتا دل جي سچائي سان لکيل اکر پڙهيا تڏهن ٻيو لفافو وٺڻ بجاءِ پنهنجو خط به ان ۾ وجهي توڏانهن موڪلي ڇڏيم ۽ تنهنجي مهرباني جو هن جي همت افزائي ڪئي، ٻين جي ڀيٽ ۾ هن ۾ وڌيڪ صلاحيتون ڏسندو آهيان، شيخ اياز جو جڏهن ”سچ وڏو ڏوهاري آ“ هن جي اکرن ۾ لکيل ڏٺم تڏهن دل ڀرجي آيم ته هن ٻارڙي اهو ڪيئن ياد ڪيو آ. پوءِ ٿورو ئي صحيح. تون به پنهنجن ننڍڙن ڀائرن جي تربيت ڪر ته بهتر. پنو ويو آ ڀرجي، ان ڪري کڻي موڪلايان ٿو، اميد ته عيد تي ايندا ۽ اها ملاقات ٿيندي رهندي. سلام پپو، ننڍڙن ۽ ٻين دوستن الطاف، اياز، اسماعيل، مجيب، محمد، مصطفيٰ، علي محمد، پروانو ۽ مڙني کي.
ساٿ سلامت
اوهان جو
سارنگ
*
ذهني ٽارچر سيل
مٺياڻي
عدل جي هن اوندهه ۾، مان مري شال وڃان،
جيان ته ڇو جيان، سرکا هن سماج ۾.
(مرتضيٰ سولنگي)
پيارا سليم!
طويل خاموشيءَ کانپوءِ تو سان ڳالهائڻ لاءِ چپ چوريا اٿم. اڄڪلهه اردوءَ جي هن چوڻي وانگر
”منهنجي بولتي بند آهي“ امرتا پريتم چيو هو ته ”اڄ جيڪو ڪجهه مون وٽ آهي اهو جيڪڏهن وهي ويو/ ضايع ٿي ويو ته ڪا پرواهه ڪانهي، ڇو ته سڀاڻي جيڪي نوان ايمان جا درياء وهندا انهن ۾ نه رڳو منهنجو اهو سڀ ڪجهه هوندو، جيڪو مون وڃايو آهي، پر انهن ۾ اهو ڪجهه هوندو جيڪو مون حاصل ڪرڻ جي تمنا ڪئي هئي.“ ۽ ان حوالي سان آئون به سوچيان ٿو اڄ جيڪڏهن آئون معاشي مجبورين سبب ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيس ته من سڀاڻي/ايندڙ وقت ۾ مان اهو حاصل ڪري سگهان، جنهن جي مون تمنا ڪئي هئي/آهي ۽ من آئون سڌري پاڻ کي سمجهي ۽ دنيا کي پرکي سگهان. اڄ جي آئون پريشان آهيان، اڄ جي آئون دوستن جو ڏوهاري آهيان ته سڀاڻي شايد ائين نه هجي ۽ مون پنهنجي سڄي حياتي ان آسري تي گذاري آهي ته من سڀاڻي ائين نه هجي.
جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي روشن مستقبل ۾ پڪ آهي اهو فلاح / ڪامياب ٿيو.
مون کي اميد ۽ پڪ آهي ته اوهان مون کي معاف ڪندا. اوهان کي ته وري به ڪجهه وقت کانپوءِ خط لکڻ تي دل مجبور ٿي ڪري، پر ٻين کوڙ دوستن جيئن پروانو، مجيب، اسماعيل، وغيره کان ته خط لکيو ئي نٿو ٿئي. ان جو اهو مطلب به ڪونهي ته ڪو آئون وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان يا پاڻ کي ڪجهه سمجهان ٿو سچ ته اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي آئون ڪين جهڙو آهيان، مان خاڪي آهيان، مون ڪڏهن به پاڻ کي مٿڀرو ڄاتوئي ڪونهي. خط نه لفظن مان پهريون اندازو اهو ئي ٿو ٿئي ته همراهه هاڻي وڏي جڳهه تي پهچي ويو آهي ۽ ماضيءَ جي يارن کان غافل ٿي ويو آهي، پر يار سندس ماڻهوءَ جي چوڻيءَ وانگر مون کان ساک وٺو ته مان اوهان کي وساريو ناهي. اوهان جي لاءِ منهنجي من ۾ تمام گهڻي عزت آهي ۽ حقيقت اها آهي ته آئون ان جو زباني ۽ خيالي طور اظهار نٿو ڪري سگهان. جنهن به وقت ڪجهه لکڻ ويهان ٿو ته ان وقت لفظ نٿا ملن ۽ مايوس ٿي پنو ڦاڙي، ميسڻون / روئڻهار ڪو ٻوٿ ڪري ويهي ٿو رهان.
هتي ته پڙهڻ پڙهڻ به ڇڏائجي ويو آهي. گندو/ ڪنو ماحول، ننڍڙو/محدود ذهن رکندڙ ماڻهو، تنهن کانپوءِ ڪاليج جون پريشانيون، هاسٽل جا مسئلا، روم ميٽن جو ذهني ٽڪراء، افسوس اٿم ڪوشش جي باوجود به اڃا تائين ماحول کي سيٽ نه ڪري سگهيو آهيان. اڃا پاڻ ان گندي ماحول ۾ آئون خود گندو ٿيندو پيو وڃان. ڪافي قدر سگيرين جو عادي ٿي ويو آهيان، چانهه ته هونئن ئي. تنهن کانسواءِ ڪڏهن ماستر/ڇوڪرا سڏي به سوٽو (چرس جو) هڻائيندا آهن. سمجهان ٿو ته تباهه پيو ٿيان، برباد پيو ڪريان پاڻ کي، پر پوءِ به بي سمجهن جيان اهو سڀ ڪجهه ڪيان پيو. مسئلو اهو به آهي ته تمام ننڍڙو شهر آهي ڪا انٽرٽينمينٽ ناهي، ان ڪري سڀ ڪجهه ڪرڻو ٿو پوي، مڙئي وقت گذارڻ لاءِ، پپوءِ جو به مان قصو وار آهيان پر مان ڪنهن کان معافي وٺي ڪنهن کان وٺان. تون منهنجي مجبورين کان آگاهه ڪجان.
حساس دل ٿي اچي اڙيا آهيون. عقل اسان لاءِ عذاب بنجي پيو. جتي سوچ سمجهه آئي آهي. اتي ڪئين مسئلا ۽ ڏک به وڌيا آهن ۽ هاڻي جي ڏکن جي نوعيت ئي ٻي ٿي پئي آهي. گفتگو جو ڪو سلسلو ڪونه هو، الائي ڇا چيم. بس اهو ئي لکي سگهيو آهيان. وڌيڪ معافي ٿو گهران.
معافي جو طلبگار
سارنگ سهتو
*