فرخ جوڻيجو
ساهه کان پيارا سارنگ
تنهنجو منهنجو ساڻيهه شل سک ماڻي ۽ ٿر سائو ٿئي.
عرض ته ورهن پُڄاڻان توهان جو موڪليل ڪارڊ مليو، ڏاڍي سَرهائي ٿي، پر افسوس جو مون وٽ توهان جي ائڊريس نه هئڻ سبب جواب دير سان موڪلي رهيو آهيان. اِهو به ڪلهه سومر ڏينهن اياز مليو هو، تنهن کان ائڊريس ورتم ۽ اياز ٻڌايو پئي ته سارنگ شادي ڪئي آهي. بهرحال مان سمجهان ٿو ته اهو توکي شايد پاراتو ڏنئي آهي. پر جيڪڏهن سچ به تو شادي ڪئي آهي ته به مان توکي مبارڪ ڪونه ڏيندس. ڇو ته اسان جا ڪلها اڳئي گسيل آهن. بقول حليم بروهيءَ جي ته ماڻهو شادي ڪندا آهن سُکي زندگي گهارڻ لئه، پر مون شادي ڪئي آهي ذهني پيڙا ڀوڳڻ لئه. ڇا واقعي تو سان اِهو ويل ٿيو آهي؟ اگر ٿيو آهي ته اسان توسان هن غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ جو پرائمري استاد معاشي طرح ايترو ته منجهيل هوندو آهي، جو وانڍو هوندي به خودڪشيءَ بابت سوچيندو آهي. شاديءَ کان پوءِ ته وڏا بار هوندا آهن. بهرحال اگر شادي ڪئي اٿئي ته شال سُک ماڻئين، باقي آهي اِها تمام وڏي جوا شال کٽين! باقي اِهي پهاڙن جا پنڌ کاهوڙي ئي ڪري ڄاڻن تنهنجو منهنجو وس مشڪل آهي. باقي ٻيو ٽوٽل خير آهي. مڙيئي جيون جو جهور بتيلو پيو لهرن ۾ لُڏي. باقي ڪنڌيءَ شل پهچي. گهڻا ڏينهن ٿيا آهن درشن ڪونه ڪرايو اٿئي. اگر هن طرف اچين ته مڙيئي مُنهڙو ڏيکارڻ جي مهر ڪندو وڃ. پر ٿي سگهي ٿو ته هاڻ هن طرف منهن به نه ڪرين.
ياد اٿئي توکي مون چيو هو ته هاڻ تنهنجو نالو سارنگ لاهي ڏهر ٿا رکون، سچ پچ مون توکي ڏهر پئي سمجهيو. پر تنهنجي ڪارڊ ملڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته سارنگ ٿرين جي سار لڌي آهي. پنهنجو خيال بدلائڻو پيو. وڌيڪ خير.
فقط تنهنجو
فرخ ۽ فراق اکر ٻئي هيڪڙي
حسن هيبتناڪ وڌا وڍ وجود ۾.
فرخ جوڻيجو