مختلف موضوع
دوست وراڪو دل سين (خط)
هي ڪتاب ”دوست وراڪو دل سين“ محترم سارنگ سهتي ڏانهن لکيل ۽ سارنگ سهتي پاران لکيل خطن جو مجموعو آهي. هونئن ته سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪيترائي سهيڙيل مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ عام رواجي حالن احوالن سان گڏوگڏ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ذاتي مسئلن تي پڻ خيال آرائي ڪيل آهي، ايئن هنن خطن ۾ پڻ عام رواجي حالن احوالن سان گڏ ذاتي ڏکن ۽ سورن، غمن ۽ پيڙائن، محرومين ۽ مجبورين سان گڏ قومي درد، فڪري ۽ نظرياتي مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ بحث ملي ٿو ۽ خط لکندڙن جي جيڪا ذهني نشو ونما ٿي رهي هئي، تنهن جو پڻ وستار ڪيل آهي.
- 0/5.0
- 2911
- 536
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (300) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”دوست وراڪو دل سين“ محترم سارنگ سهتي ڏانهن لکيل ۽ سارنگ سهتي پاران لکيل خطن جو مجموعو آهي.هونئن ته سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪيترائي سهيڙيل مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ عام رواجي حالن احوالن سان گڏوگڏ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ذاتي مسئلن تي پڻ خيال آرائي ڪيل آهي، ايئن هنن خطن ۾ پڻ عام رواجي حالن احوالن سان گڏ ذاتي ڏکن ۽ سورن، غمن ۽ پيڙائن، محرومين ۽ مجبورين سان گڏ قومي درد، فڪري ۽ نظرياتي مسئلن ۽ مونجهارن تي پڻ بحث ملي ٿو ۽ خط لکندڙن جي جيڪا ذهني نشو ونما ٿي رهي هئي، تنهن جو پڻ وستار ڪيل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ساحل پرنٽرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائيءَ جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ سارنگ سهتو
- ڇپيو ويو 2013
- ڇپائيندڙ سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 13/Feb/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 536 ڀيرا