غلام مرتضيٰ سهتو
هر سج جي سلامي نه ڪئي اٿئون نه ڪبي،
سنڌ ته امڙ جيجل آ تنهن سان ڪهڙو حساب،
ٻي ڪنهن جي غلامي نه ڪئي اٿئون نه ڪبي.
شال سدائين مسرتون ماڻيندو رهين.
بخدمت ۾ جناب پيارا ڀاءُ سارنگ!
جيئي سنڌ.
احوال ته هت ڪل خير آهي اميد ته ايڏانهن به بادل ضرور برسي آيا هوندا.
ديگر احوال هن ريت آهي ته توهان ڏانهن ڪجهه وقت اڳ خط لکيو، پر جواب جي سعادت نصيب نه ٿي. توهان وٽ شايد لفافي جا پئسا نه هئا يا پين ۾ مس نه هئي جو کڻي ٻه اکر لکو ها. نااميديءَ جي صورت ۾ وري به هيءُ ناچيز نامون سهيڙيو اٿم، آس اٿم ته قبول پوندو ۽ جواب ملندو.
عرض ته اڳيون خط ۽ هي خط بلڪل مختلف آهن. ڇو ته اڳيون خط پاڪستان جي سياست تي ۽ هي خط سنڌ جي سياست تي آهي. اڳيون خط جاگيردار ۽ سرمائيدار جي خلاف هو، پر هي خط سنڌ جي غدارن جي خلاف آهي. تون انهيءَ تي ته حيران هوندين ته هنن خطن ۾ ايترو فرق ڇو آهي؟ پر سارنگ، سوچون درياء جي وهندڙ پاڻيءَ مثال هونديون آهن ۽ درياءُ جي انهن ڇولين جيان هونديون آهن، جيڪي ڪڏهن وڏيون ته ڪڏهن ننڍيون جيڪي ڪڏهن هونديون آهن ته ڪڏهن نه به ۽ جڏهن انهن کي جوش ايندو آهي ته دؤر دراز علائقن تائين پهچي تباهي به ڪنديون آهن ته آبادي به.
سارنگ! هر شيءِ غلام ٿيندي آهي، پر هنن چئن شين تي اڄ ڏينهن تائين ڪير به حڪمراني نه ڪري سگهيو آهي (ظلم سان به نه). اهي شيون هي آهن. 1. دل، 2. سوچ، 3. تاريخ، 4. زبان.
هاڻي اچ ته ڏسون تنهنجي ان پنجاب سامراج ۽ مهاجرن کي، جنهن کي تون پيڙهيل ۽ مظلوم ٿو سڏينءَ.!
اهو اوهان جو پنجابي جنهن کي توهان مظلوم قرار ڏنو آهي، اهو مظلوم نه بلڪ ظالم ضرور آهي. اهو پنجابي ٽن روپن ۾ اسان جي سامهون موجود آهي. اهو پنجابي پاڻ وڏيرو، پٽ ڪمدار ۽ ڀاء وري هاري اٿس. اهو پاڻ سرمائيدار ته پٽ مئنيجر ۽ ڀاءَ وري مزودر، اهو انهيءَ لاءِ هنن ائين ڪيو آهي ته اسين هنن کي پنهنجو زيرست بنايون، پر هو چاهيندا آهن ته انهيءَ مزدور جي جڳهه تي به ڪو سنڌي نه اچي. انهيءَ مئنيجر جي ڪرسيءَ تي ڪو سنڌي نه اچي ويهي رهي. انهن جو سو مقصد هي آهي ته اوهان کي سنڌ جي سياست کان پري رکڻ لاءِ هو اها تحريڪ هلائين ٿا. ڇا پيءُ، ڀاء جي مخالفت ڪندو؟ نه بلڪل نه. ڪڏهن به ائين نه ٿو ٿي سگهي. هو چاهين ٿا ته سنڌي ”سنڌو ديش“ نه ٺاهين، هو چاهين ٿا ته سنڌي آزاد نه رهن.
هلو، اشتراڪي نظام قائم ٿو ٿئي، ته پوءِ ٻه مسئلا آهن پوءِ به جهيڙا جڳهڙا ٿيندا. مثلاً: پنجابي چوندا ته پنجابي زبان کي قومي زبان قرار ڏيو، مهاجر اردوءَ کي قومي ٻولي ڪرڻ لاءِ چوندا. پٺاڻ پشتو لاءِ چوندا ۽ سنڌي سنڌي ٻولي لاءِ چوندا. پوءِ وري ساڳيا 1973ع وارا جهڳڙا شروع ٿيندا. پر حڪومت سڄي هنن جي هوندي. هو اوهان جي هڪ به نه ٻُڌندا. پوءِ ڳالهه ايتري تائين پهچندي جو اڄ سنڌيءَ کي ”علائقائي زبان“ قرار ڏنل آهي. پر پوءِ اهو به نه هوندو. سنڌيءَ ٻوليءَ کي هن وقت ئي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ريڊئي تان سڄي پاڪستان ۾ حيدرآباد اسٽيشن تان به 25% سنڌي پروگرام نشر ٿين ٿا باقي 75% اردو، پنجابي ۽ ٻين زبانن لاءِ، سڄي پاڪستان ۾ هڪ سنڌي اسٽيشن ۽ اتان به 25% اهو ڇا آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙي جامع رٿا آهي.
ٺيڪ آهي جيڪڏهن توهان طبقاتي خاتمو ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهو ائين نه ٿيندو، جيڪو طريقو توهان ورتو آهي. اهو هينئن ٿيندو جو پنجاب جيڪڏهن مظلوم آهي ته اهو صرف پنجابي جاگيردار لاءِ ئي تحريڪ هلائيندو نه ڪي سنڌي وڏيري لاءِ. ۽ سنڌي مزدور صرف سنڌيءَ لاءِ. هنن جو مقصد آهي ته سنڌين مان ٻڌي ختم ڪئي وڃي ته جيئن اهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي نه سگهن. اوهان وڙهو. مزدور رازي سان، رازو ٺيڪيدار سان، ۽ ٺيڪيدار انجنيئر سان وڙهي. اڙي، هيءُ ڌرتي پنهنجي آهي پاڻ حساب ڪري پيا کائينداسون. پريائين ڳالهه آهي قبضي يعني آزاديءَ جي پوءِ ٻين ڳالهين کي ڏٺو ويندو. بقول حفيظ قريشيءَ جي. اسان کي پنجابين کان نفرت آهي. اڄ به آهي سڀاڻي به رهندي. اسان کي ”سنڌو ديش“ کپي. ها، ها ”سنڌو ديش“ کپي ۽ ٻيو ڪجهه نه. بس وڌيڪ ڇا لکان.
”سنڌ موجود“
جي.ايم. سهتو
====================================================================================
12 مارچ 1986ع
ڪاري ڪڪر هيٺ،مون جهيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُنڊ هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻو.
شال دنيا جي ڏکن ڏاکڙن کان بچي منزل ماڻن!
بخدمت ۾ جناب جان کان عزيز برادر سارنگ
جيئي پورهيت.
احوال ڪافي وقت کان اوهان جي سڪ ۽ اُڪير هئي، پر افسوس جو اوهان جي اچڻ بعد ان جو ازالو نه ٿي سگهيو. ان سڪ ۽ تمنا ايترو ته ستايو جو هٿ ازخود قرب واري قلم ۽ پيار واري پني ڏانهن وڌيو ۽ هي رنڍا روڙيا پيا وڃن، آس اٿم ته سڄڻن کي قبول پوندا.
ديگر احوال هن ريت آهي ته ڪافي وقت کان اوهان جي شخصيت منهنجي ننڍي دماغ جي ننڍين سوچن جو مرڪز پئي رهي آهي. اڄ جڏهن خط لکڻ ويٺس ته لفظ پيار تي پهچندي پين لکڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ڪرسيءَ تان اٿي ٻي پين جي ڳولا ڪندي اوهان جي مسئلي زده خط تي نظر پئي ۽ جڏهن پڙهيم ته اوهان جو معصوم چهرو منهنجي اکين اڳيان ڦرڻ سان گڏ سوچن جو سلسلو به شروع ٿي ويو. انهيءَ سان گڏو گڏ مولا بخش جي مرض بابت سوچن به منهنجي دماغ ۾ جنم ورتو ۽ ان جي پردي تي ڦرڻ گرڻ لڳيون.
منهنجي هن ننڍڙي ۽ پتڪڙي دماغ جي ته سوچ اها آهي ته پاڻ جنهن مرض ۾ مبتلا آهي. ان جي ٿيڻ جو سبب ئي پاڻ آهي. جيڪڏهن ٿيڻ جو نه ته وڌڻ جو ضرور. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو شروع ۾ ئي ڊاڪٽرن جي پٺيان لڳي ها ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿئي ها. هن هڪ ٻه ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ۽ نااميد ٿي پيو ۽ حڪيمن وٽ ويو اتان به بس ڪيائين ۽ پوءِ مسلسل ڦورن (ٽوڻن ڦيڻن وارا) وٽ ويندو رهيو ۽ اڃا تائين وڃي هزارين روپيا لٽائي چڪو آهي. پر جيڪڏهن اهي پئسا گڏ ڪري ها ته ڪافي ڪجهه ٿي وڃي ها. ڊاڪٽرن مان بلڪل نااميد آهن. پاڻ ايترو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ٿي ڪري معمولي ڳالهه تي سوچڻ کان نابري واري ويٺو آهي. جيڪڏهن هڪ انسان جو موت ڪنهن ٻي انسان جي هٿ ۾ هجي ها ته دنيا جو ڪاروبار بند ٿي وڃي ها. جيڪڏهن ائين هجي ها ته هي هيترا سارا ماڻهو جيڪي ضياءَ (الحق) کي مارڻ ٿا چاهين، سي جيلن ۾ ڇو آهن؟ هڪ ٻه تعويذ ڪري ڇڏين ها، بس. يا جيڪڏهن انهن مان، مولوين ۽ ڀوپن جي هٿ ۾ ڪجهه هجي ها ته حڪومتِ پاڪستان يا ٻيا ملڪ ڊاڪٽرن کي هيترا هزار پگهار ڇو ڏين ها. جڏهن ته پنجين سئين ۾ مولوي خري ڪري سگهجي ٿو.
مون به هڪ ٻه دفعو مولا بخش کي اهو چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سوچن جي هن سلسلي همت کي هار ڏني ته، ”آئون جيڪڏهن ڪجهه چوندس ته هو بغير ڪنهن سوچڻ جي چوندو ته توهين ته خدا کي ئي ڪونه مڃو.“
هاڻي ڪجهه تنهنجي مسئلي ڏانهن ڌيان ڌريان ٿو. خط پڙهڻ کانپوءِ مون ائين محسوس ڪيو ته تون ڪنهن جاهل گهر ۾ رهين پيو. جتي تو جهڙي هڪ پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪري جو رهڻ تمام مشڪل آهي.
اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جا به ڳالهه ڪرڻ چاهي آهي، ان کي پاش پاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي چاهتن جو ڪنهن به خير مقدم نه ڪيو آهي. تو به سوچيو هو ته آئون مسٽر جي خدمت ڪريان ته ان ۾ به تنهنجي لاءِ هنڊرنسز (رڪاوٽون) پيدا ٿيون. پر تو انهن جو سٺو مقابلو پئي ڪيو آهي. ان لاءِ آئون متاثر آهيان. جيڪڏهن هميشه تو جهڙا ارڏا جوان سنڌوءَ جي ڪُک مان نڪرندا رهيا ته ضرور هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ڏينهن سنڌوءَ جو جهنڊو سڀني ملڪن کان مٿانهون نظر ايندو.
مون ته هن ننڍڙي دماغ مان اها ڳالهه سوچي ڪڍي آهي ته جيڪڏهن هنن جي دلين ۾ تنهنجي احساس لاءِ ڪا به جاءِ نه آهي ته تون هليو اچ. پاڻهي پوءِ محسوس ڪندا ته مٺو اسان جي لاءِ ڪيترو نه ڪمائتو هو. پوءِ جيڪڏهن هتي رهڻ چاهين تڏهن به تنهنجي مرضي، جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن رهي پوءِ وڃي تڏهن يُووَر وِش (Your Wish) ائين ڪرڻ سان هنن جي دل ۾ گهٽ ۾ گهٽ احساس ضرور ٿيندو.
خط تمام وسيع ٿي ويو آهي. جنهنڪري ان جو اختتام ٿو ڪريان. وڌيڪ ولوڙ وري آئنده خط ۾. تيستائين اجازت.
جيئي پورهيت! جيئي پورهيت اتحاد
”خاڪي“ خام خيال، ماڻهن مذهب جوڙيا،
ٺاهه سمورا ٺاهيا، ميڙڻ ڪارڻ مال،
جيڪر هي جنجال، لاهيون هن لوڪ تان.
فقط توهان جو ينگر برادر
غلام مرتضيٰ سهتو
====================================================================================
5 ڊسمبر 1986ع
ڊيئر برادر مسٽر غلام محمد صاحب
جيئي پورهيت!
ادا، ڪافي وقت کان توهان جي سڪ ۽ اُڪير هئي، مگر توهان جي اچڻ بعد به ان جو ڪو پورائو نه ٿي سگهيو.
توهان ڏانهن خط لکڻ لاءِ خيال پيدا ٿيو، پر وري سوچيم ته جواب ملندو ئي ڪونه، باقي خط لکڻ مان ڇا فائدو. پر پوءِ به جذبن ماٺ نه ڪئي ۽ آخر هيءُ چند الفاظ سهيڙيان پيو ۽ آس اٿم ته قبول پوندا ۽ جواب جي سعادت نصيب ٿيندي.
ادا هيءَ ته هئي تنقيد سان گڏ ڪجهه مذاح. ادا مولا بخش جا ڪهڙا حال آهن؟ ڇا ٿو چوي پنهنجي علاج متعلق؟ بابا جن به ايندا، ستين تاريخ ڳوٺ شادي آهي، ان کان ٿي پوءِ ايندا. پيرن جي يارهين به آهي، اوڏانهن پڻ ويندا. اُتي سڀ پير موجود هوندا، پوءِ سائين حاجي شاهه کان حال احوال وٺندا ۽ پوءِ توهان وٽ ايندا، جيڪو به توهان پروگرام ٻڌايو ان تي عمل ڪيو ويندو. توهان جي رزلٽ ڇا آهي؟ ڪهڙو گريڊ آهي؟
ادا هڪ ڳالهه ته مهرباني فرمائي ڪجهه پڙهڻ ڏانهن به ڌيان ڏيو. صرف ٺلهن سياسي نعرن مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو. جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسين قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪريون، يا کڻي انقلاب آڻڻ ڇو نه چاهيون، پر سڀ کان پهريون فرض جيڪو اسان جي قوم اسان جي ڪلهن تي رکيو آهي اهو هي آهي ته اسين پڙهي ڪنهن سٺي منزل تي پهچون. اهو ئي ذريعو آهي، قومي خدمت ڪرڻ جو. جيڪڏهن اسان، اهو فرض صحيح طرح سر انجام نه ڏنو ته پوءِ يقيناً اسان قوم، ملڪ بلڪِه پاڻ سان به غداري ڪئي.
منهنجي خيال ۾ مون لکيو ته صحيح آهي، پر جي خراب سمجهو ته معاف ڪري ڇڏجو (As a elder brother) هڪ وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾. ”وڌيڪ ڇا لکان“ عابد، حامد، ماجد ۽ راشد کي پيار ڪندا. اياز، سلام، جلال ۽ گل کي سلام چوندا.
توهان ننڍو ڀاءُ
مرتضيٰ سهتو