امير حمزو انڙ
اوهان جي مدي مور نه سڻان.
(شاهه)
سارنگ!
ڪردارن جي دنيا ۾ هميشه ڪردارن لاءِ وٿي رهندي آهي، سمجهيوَ!
پنهنجي سموري زندگي غلاميءَ جي خواهشن ۾ نه گذارجان.
دوست! تون پنهنجي مادي توڙي ذهني هٿيارن کي دشمنن خلاف ڀرپور نموني استعمال ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪر!
اڄ نوابشاهه ۾ Second Last پرچي کان پوءِ چار سال رهيل ذهن جي اسڪرين تي پل پل ۽ گهڙي گهڙي گذاريل زندگي پنهنجي ڌنڌلي عڪس سان منهنجي ذهن تي موجود آهي.
نوابشاهه منهنجو سياسي شهر، جنهن ۾ مون پنهنجي نوجوانيءَ جا بهترين سال يعني چوراسيءَ کان ستاسيءَ تائين گذاريا آهن، جنهن ۾ منهنجي نظرياتي تربيت ٿي، جنهن ۾ ڪجهه مهينا گورنمنٽ ڪاليج ۾ ۽ پوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ تعليم ورتي، دقيانوسي تعليمي نظام اصل مزوئي ڪونه ڏنو. پر هي ضرور ٿيو ته نوابشاهه ۾ بهترين دوستن سان زندگيءَ جون يادگيريون وابسته ٿيون. جنهن ۾ سارنگ ۽ غلام رسول ٽالپر نه هجن ها ته زندگي گذارڻ ناممڪن نه، پر تڪليف ده ضرور ٿي پوي ها، ٻين ڪاليجن جي هاسٽلن ۾ ڌِڪا ٿاٻا کاڌم، ڪيس ٺهيا، سنڌ جي نام نهاد ٺيڪيدارن پاران مون ۽ منهنجي بهترين دوست ڪوڙن ۽ هنٽرن جو مزو چکيو ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيم.
نوابشاهه جو شهر خوبصورت ته ناهي، خصوصن منهنجي لاءِ ڪڏهن به نه رهيو نوابشاهه جا ماڻهو ڏاڍا سُلڇڻا ۽ نه ٻن ۾ نه ٽن ۾! نوابشاهه ۾ رهائش جي سلسلي ۾ ڏاڍي ڏکيائي ڏٺم، پارٽين ۾ سٺا دوست به هئا ته ڪنا به، آخري ڏينهن ۾ ته نوابشاهه اصل ڳنهيون پئي وڃي، ڏاڍو مشڪل سان پاڻ بچائيم.
مِٺا منٺار! هن شهر جا ماڻهو، هن شهر جو تاريخي شعور، هن شعر جو ادبي پليٽ فارم، ثقافتي پليٽ فارم جنهن تي هن مهل تائين ڪم ٿيو ئي ڪونه آ، تنهنجي حوالي ڪريو پيو وڃان، سنڌ جي ڏاهپ جي شعور جو قسم هجئي، ان ڪم کي پنهنجي حصي جو سمجهي سڃاڻپ، ڏاهپ، عقل سان نڀائجان.
مارڪسزم لينزم جو مطالعو ڪر.
اياز، ابراهيم جي فڪرجو مطالعو ڪندو رهج.
سنڌ جي تاريخ کي دل سان هنڊاءِ.
يار ٻُڌ!
نوابشاهه جي نوجوان سان اصل ويجهڙي قربت رک، جيڪي يسوع مسيح چواڻي ته ”نان و شراب هميشه نيون کليون برداشت ڪري سگهنديون آهن، پراڻين کلين ۾ وجهبو ته کليون ڦاٽي پونديون، ۽ شراب هارجي پوندو.“
ائين نه سمجهه ته قبرون ٻاهرن سيمينٽڊ آهن، اندران به سٺيون هونديون، پر ائين ناهي، اندر گند گچرو ڀريل هوندو اٿن.
پيالي کي هميشه اندران ڌوئڻ گهرجي!
ڏاهپ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ناهي.
خدارا! ڪڏهن هُن ڪنڌي تي ته وري ڪڏهن هِن ڪنڌيءَ تي بيهڻ جي ڪوشش نه ڪج، بيلسنڊ ڪر پاڻ کي. سونهن ۽ پيار، ننڍ وڏائيءَ واري سماج ۾ حاصل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. دل نه هار! وقتي طور تي ناڪاميون ٿيندئي، وري وري ڪوشش ڪندو رهه، خصوصن پيار جي سلسلي ۾ ناڪامين ۽ ڪاميابين جي سلسلي ۾ مادي نقطي نظر رک.
هي سٽون پنهنجي وقت اچڻ تي سمجهه ۾ ايندئي ۽ ٻين سان پڻ ونڊيندو رهج.
ساٿي! گهڻو ڪجهه لکي ويو آهيان، مهرباني ڪري غور سان پڙهه، بس . بس . بس . بس
چڱو، جيئي سنڌ . جيئي پورهيت.
تنهنجو ازل کان
امير حمزو انڙ