سليم تنيو
پيارا سليم!
تنهنجي مختصر خط، منهنجو جيءَ جهوري وڌو آهي. آئون ڄاڻان ٿو ته اسين هاڻي لفظن جي ٽڪساٽ ۾ پاڻ اٽڪائي، سڪون نٿا ماڻي سگهون ۽ نه وري لفظ اسان جي حالتن ۾ ڪي ڦيرا آڻي سگهن ٿا، اُن ڪري ئي اسان هاڻي ڊگها خط لکڻ ختم ڪري ڇڏيا آهن، هڪٻئي جي حالتن کان پوري ريت پروڙ اٿئون، پر افسوس اهڙو ته حالتن جي حصار ۾ ڦاٿا آهيون، جو هڪٻئي جي ڪابه واهر نه ٿا ڪري سگهون.
بهرحال تون فڪر نه ڪر، تو لاءِ تمام گهڻا پيچرا کليل آهن، تون هڪ باصلاحيت بلڪ ايڪسٽرا ٽيلينٽ ماڻهو آهين. هر هنڌ فٽ ٿي سگهين ٿو. تو لاءِ کوڙ نوڪريون آهن. NGOs جي واسٽ سيڪٽر کان وٺي اخبارن جون ڊيسڪون تنهنجي آجيان لاءِ آتيون آهن، تون رڳو پاڻ کي ٺٽي / مڪليءَ جي قيد کان ٻاهر ڪڍ. آئون خود آرڊر جي انتظار ۾ وار اڇا ڪري رهيو آهيان، انتظار جي همت ڪانه رهي اٿم، ٻڌو آ ته آڊر نڪري به ويا آهن، پر مون کي هٿ ۾ ڪير ڏئي؟! تون هفتو کن صبر ڪر، جو مونکي پنهنجي آرڊر جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ کان اسلام آباد جي آفيسن جا چڪر ڪٽڻا آهن. ان بعد تولاءِ ڪجهه نه ڪجهه ٿي ويندو. گڏجي بندوبست ڪري وٺنداسون. تون مايوس نه ٿي. غفار کوسو صاحب به حيدرآباد ۾ سرڪاري نوڪريءَ سان لڳي ويو آهي. سندس هتي واري آفيس ۾ تنهنجو لفافو ڏٺم، کيس دوست پهچائيندا. اياز جي پارت هجئي، اها پڪ اٿئون ته حالتون ڀلي ڪيتري به اسان سان ستم ظريفي ڪن، پر اسين کين ضرور مات ڏينداسون.
سليم! مايوس نه ٿيءَ، ايندڙ دؤر باصلاحيت ماڻهن، منهنجو مطلب ته تو جهڙن ماڻهن جو آهي، مان تو سان جلد کان جلد رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. تو واري ايم اي اردو جو بندوبست به يونيورسٽيءَ مان ٿي ويندو، اتي هڪ اديب معروف جمالي ايم اي اردو ڪري رهيو آهي، پاڻ ساڻس ملنداسون، هو اميد ته سٺي مدد ڪندو، جو فياض ڪليري جو دوست آهي.
سموري سنگت کي سلام.
منهنجي اندر ۾ به ڏکن، شڪايتن ۽ Complexes جو هڪ هجوم ڀريل آهي، پر اهو به آمهون سامهون ملڻ بعد ظاهر ڪبو.
مهرباني ڪري گهڻو اداس، مايوس ۽ نااميد نه ٿي. مون جي تنهنجي جذبن کي مٿين لفظن ۾ ڪٿي پائمال ڪيو هجي يا تنهنجي احساس کي سمجهڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي هجي ته درگذر ڪجانءِ.
تنهنجو
سارنگ
*