ٻـه اکـر : خطن جي پس منظر بابت
اسان جيڪي ذاتي طور تي نهايت مايوس ڪندڙ حالتن ۾ پرورش پائي رهيا هئاسون، تنهنڪري فطري طور ادب به اهڙو پڙهڻ لڳاسون، جيڪو اسان کي وڌيڪ دُکي بنائي رهيو هو، بس ٿورو گهڻو سهارو ٺڳين ۽ استحصال باوجود به سياسي سرگرمين مان ملندو هو. هنن وٽ مايوسي ڪانه هئي، رات ڏينهن بس بي مقصد وٺ وٺان هئي، اها وٺ وٺان ۽ هلچل به اسانکي اڪيلائيءَ ۾ وڌيڪ مايوس ڪندي هئي، پر جڏهن گهڻا ساٿي اچي مڙندا هئا ته پوءِ اسين به وقتي طور جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويندا هئاسون.
اسين پنهنجي ذاتي ناڪام حالتن جو ڪامياب نسخو اجتماعي ويڙهه ۾ ڏسندا ۽ ڳوليندا هئاسون، ڪنهن هڪ جذباتي جلسي جو اثر ڪيترائي ڏينهن ذهن تي سوار هوندو هو ۽ اهو اسان کي دماغي طاقت جي ڪُشتي جو ڪم ڏيندو هو. 92/1991ع کانپوءِ سياسي ٺاپر آئي، سوويت يونين ڇا ٽٽو، اسان وارن اڪثر سياسي ڌڙن جا به ڄڻ مڻڪا ٽٽي پيا، نظرياتي حدبنديون ختم ٿيون ۽ ڏسڻا وائسڻا نام ڪٺيا ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ قومپرست ڪُهاڙا وڃي پئسي، عياشي ۽ اقتداري سياست جا انڌا اعتقادي بنيا. سياسي تعلقات ۽ دوستيون وقت جي گٽر ۾ لڙهي ويون، پر روح وارا رشتا ۽ درد ورهائڻ وارا دوست ويجهو يا پري جي ورڇ کانسواءِ سدا لاءِ ذهن تي واسو ڪري ويهي رهيا. اُنهن لاءِ اڄ به اهائي اُڪير، سڪ محبت ۽ عقيدت آهي. هو اڄ به جي ڪٿي مليا ته اک ڪڍائي ڀڄي نه سگهبو، بلڪه ويهي ڪي پَل روح رهاڻيون ڪبيون. سياست ۽ ادب جي ڪوڙي ڪاروبار ۾ هي سچا موتي جيڪڏهن قسمت اسان جي ڪرمن ۾ نه لکي ها ته هن ويل تائين شايد زندگيءَ جو گاڏو اسين گهلي نه سگهون ها. هنن اُملهه هيرن ۽ موتين کي ڀيٽا ڏيڻ جو اهو ئي واحد طريقو هو ته سندن ياد جي گُلن جي سُرهاڻ سڄي سنڌ جي سدا ملوڪ سنجيده ساٿين تائين رسائي، انهن کي سدا لاءِ اَمر بنائي ڇڏجي.
هنن خطن ۾ ڪجهه خط 90 واري ڏهاڪي کانپوءِ جا به آهن، جن ۾ پڙهندڙن کي واضح نظر ايندو ته اهي سياسي جذبات کان عاري ۽ زندگيءَ جي داخلي مونجهارن جو مظهر آهن.
هن ڪتاب ۾ جن به دوستن جا خط شامل آهن، انهن مان هر هڪ دوست جو الڳ الڳ پسمنظر آهي، دل ته چاهيو پئي ته هر هڪ دوست جو تفصيلي احوال لکان ۽ اهو به ته هُو مون کي ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ مليو هو ۽ اڄ ڪهڙي حال ۾ آهي، پر سچ اهو آهي ته محبت لڏي ويئي ملڪ مان، ۽ وئي ياراڻي يارن مان واري ڪيفيت آهي، دل ڏاڍي ڏکويل آهي، محبت جي هن پُوڄاريءَ کي هاڻي اهو ماحول، مزو ۽ موٽ نٿي ملي، جنهن لاءِ ساهه سَٽون ٿو کائي ۽ روح روئي ٿو، ازل کان تنهنجو راڳ آلاپيندڙ ابد تائين نڀائي نه سگهيا، وقت اسان کي واچوڙن جيئن وکيري ڇڏيو ۽ اسانجون محبتون رنجشن جي روڳ وِگهي مري بي ڪفن دفن ٿي ويون.
هي خط منهنجي ماضيءَ جون مزارون آهن ۽ آئون هڪ اهڙو مجاور آهيان جنهن کي ڪنهن جو به اوسيئڙو ڪونهي، پر پوءِ به جهوليءَ ۾ مُرجهايل گُلن جي سُرهاڻ سمائي، سنڌين مان موڪلائي ويل محبت ۽ سنڌ جي سرد مهريءَ تي نوحه ڪنان آهيان، مون کي اڪيلائي جي عذاب نه پر محبت جي ڏُڪار ڏکويو آهي، شال ڏڪاريل هن ڏيهه مان، موذي سڀ مرن ته پوءِ ڪو سنگهارن کي سُک پلئه پئي.
خطن ۾ آيل منهنجا خيال بي لاگ ۽ بي رحم ٿي سگهن ٿا، ذهني ڀوڳنائن جي جنهن ڪُن ۾ آئون ڦاٿل هوس، انهن جو عڪس اهي خط بخوبي پيش ڪندا هوندا، آئون زندگيءَ جي هن موڙ تي اهو ضروري ٿو سمجهان ته پنهنجي گهر وارن سميت هر انهيءَ فرد کان اڳواٽ معافي طلبيان، جيڪڏهن اُن کي منهنجي خيالن جي ڪري ڪا دل آزاري محسوس ٿئي.
خطن ۾ پيش آيل خيال، جذبا ۽ معلومات اميد ته پڙهندي دوستن کي اُتساهيندي ۽ زندگيءَ جي خوبصورتيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريندي، زندگيءَ جي رنگيني جنهن جو هڪ اهم گلدستو دوست آهن، تن سان اسانجي نئين ٽهي کي پيار ۽ سچائي ڪرڻ سيکاريندي.
سارنگ سهتو
27 نومبر 2013ع- حيدرآباد
Cell: 0336-5597532
sahito_thesociologist@hotmail.com