يوسف سنڌي
دلربا سارنگ! جيئي سنڌ
تنهنجو خط ۽ مواد پهتو، پبليڪيشن جو کٽڪو نه ڪيو ۽ پئسن جو به نه کٽڪو ڪيو!
حال احوال مان لڳي پيو ته نوابشاهه واري فنڪشن تاج جي ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏيا آهن. اها پنهنجي ڪاميابي آهي. تڪليفون ته ضرور ٿينديون، خير.
ڪهاڻي ويهڪ جي نينڍ اڳ ۾ موڪلي چڪو آهيان. آيا ته روبرو ڪچهري ڪبي، نه ته به 14 فيبروري تي ڪاروبار ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ توکي ۽ اسد کي هر حال ۾ اچڻو آهي. جيئن هيستائين پاڻ کٽيو آهي، تيئن اهو رائونڊ به کٽڻ گهرجي. اوهين هر حال ۾ اچجو اجلاس ۾.
اسد تي زور ڀريو ته سڪرنڊ جون چونڊون ڪرائي جو تاج جو اهڙو بيان هو ’سرواڻ‘ اخبار ۾ ته جن شاخن جون چونڊون نه ٿيون آهن. سي 29 فيبروريءَ تائين ڪرائين. ۽ اسد خود شاخ جو سيڪريٽري ٿئي.
بيان نه آيو ته خير آهي، اهي بي وڙا صحافي ٺڳن جا پُٽ آهن.
فوٽا ڏاڍا سٺا آيا آهن. 10 فيبروريءَ جي مئگزين ۾ رپورٽ هلندي
مووي بابت افسوس ٿيو.
پبليڪيشن جون 12 ڪاپيون موڪليان پيو. 10 وڪري لاءِ، هڪ تنهنجي لاءِ ۽ هڪ محترم امان الله عباسيءَ لاءِ اعزازي.
جلد حال کان واقف ڪر.
يوسف سنڌي
*
دڙو- سنڌ
9 مارچ 1993ع
پيارا سارنگ! اميد ته خوش هوندين.
تنهنجو خط پهتو. خوشيءَ سان گڏ ڪافي ڏڍ به مليو. هونئن به اوهان جهڙا دوست ئي ته آهن، جن جي سهاري وقت پيو گذري ۽ ٻڌو اٿم ته 19 مارچ تي نوابشاهه ۾ سنگت مرڪز پاران ڪو پروگرام آهي. دوستن اُتي اچڻ لاءِ چيو آهي، سو ڪوشش ڪري ايندس ۽ پوءِ خوب ڪچهريون ڪنداسين ۽ حال احوال به اورينداسين.
بس يار، سڄو وکري ويو آهيان، توکي ڇا ٻڌايان ته مون سان ڇا ڇا نه ٿيو آهي. ڪيڏا نه ذهني عذاب سٺا اٿم. ڪي گهڙيون ته اهڙيون به آيون جو دل ۾ آيم ته.... پر پاڻ سنڀالي ويس.
الائجي ڇو سارنگ! تون ڪافي پري هوندي به ويجهو محسوس ٿيندو آهين (فاصلن جي حوالي سان) مونکي تو سان ٺٽي، مڪلي، نواب شاهه ۽ حيدرآباد ۾ اهي ڪچهريون بلڪل ياد آهن، جيڪي اسان ڪيون آهن. سچ ته اسان ٻنهي جا مسئلا لڳ ڀڳ هڪجهڙا رهيا آهن. ۽ آئون ان ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته سارنگ منهنجو دوست آهي، جنهن مون سان پنهنجي حال کان به وڌيڪ نڀايو آهي.
سلام اسد ۽ ٻي سنگت لاءِ
تنهنجو
يوسف سنڌي
*
15 آڪٽوبر 1993ع
دڙو-سنڌ
پيارا سارنگ! اميد ته خوش هوندين.
ڪافي وقت کان پنهنجي وچ ۾ ڪوبه رابطو نه رهيو آهي، جيڪا ڳالهه ٺيڪ ڪونهي. ٻُڌاءِ ڪهڙا حال اٿئي. وقت ڪيئن پيو گذري.
اسد جا ڪهڙا حال آهن... خبر ئي ڪانهي ته ڪٿي آهي؟
ناشاد صاحب جو ڪتاب آيو آهي، ڪيئن لڳو؟
سنگت پبليڪيشن ۽ فوٽن جا ڪجهه پئسا اوهان تي رهيل آهن. شايد 500 کن جي مناسب سمجهو ۽ ڏيڻ جهڙا هجو ته عنايت ڪجو. اڄڪلهه گهڻو پريشان آهيان.
هيءَ ڪتابن جي فهرست موڪليان پيو، جي ڪجهه سيٽ هلائڻ ۾ مدد ڪيو ته آل اولاد سميت ٿورائتو ۽ دعاگو رهندس.
سلام: اسد، محمد بخش، بخشل، مير منظور، مراد، فياض چنڊ، انگن چڙهيو انگ جي ليکڪ دوست (ذهن تي ڪافي زور ڏيڻ کانپوءِ به نالو ياد نه ٿو اچي) کي ڏيندا.
اوهان جو پنهنجو
يوسف سنڌي
*
5 مئي 1996ع
دڙو-سنڌ
پيارا سارنگ! اميد ته خوش هوندين.
اڄ جمع آهي. دل ۾ خيال آيم ته نماز پڙهجي. شايد ان ڪري به ته جڏهن ماڻهو شديد مايوس ٿيندو آهي ته پوءِ خدا ڏانهن ئي رجوع ٿيندو آهي.
منهنجي مايوسين کي تون الائجي سمجهين به ٿو يا نه، پر ايترو سو اندازو ضرور اٿم ته توکي انهن شين جو احساس ضرور هوندو. الائجي ڇو، ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو اٿم ته مون تو ڏانهن ڪو گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي، پر تنهن هوندي به گذريل ڏهن ٻارنهن سالن کان (مڪليءَ کان وٺي نواب شاهه تائين) تون ئي منهنجو دوست رهندو پيو اچين. مڪلي، جنهن مون کي تو جهڙو دوست ڏنو ۽ اها مڪلي ئي آهي، جنهن مون کان منهنجو دوست/ سڀ ڪجهه کسي ورتو.
تو مون سان ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي آهي، پر پوءِ به مان سمجهان ٿو ته توکي مون کان ڪي شڪايتون ضرور هونديون.
نواب شاهه تو وٽ ٻه دفعا آيس، تو منهنجي توقع موجب پنهنجون سڀ مصروفيتون ڇڏي مون کي ”پناهه“ ڏني. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي. مون سڄي عمر ماڻهن کي پناهون ڏنيون آهن. سندن ڏکن دردن ۾ ساڻن گڏ رهيو آهيان. پر جڏهن مونکي پناهه جي گهرج پئي ته اهي سڀ مون کان منهن موڙي ويا. وري به سارنگ اهو ئي رهيو، آهي نه عجيب! تون سچ ئي ته چوندو آهين، ”تون هروڀرو ماڻهن کي سندن حيثيت کان وڌيڪ اهميت ڏيندو آهين. پوءِ اهي ئي ماڻهو توکي غير اهم سمجهي ڇڏي ڏيندا آهن.“
مون کي هاڻ اندازو ٿيو آهي ته آئون ئي ماڻهن جو دوست رهيو آهيان پر منهنجو ڪوبه دوست نه ٿيو آهي.
وقت ڪيڏو نه عجيب آهي. سڀ ڪجهه سمجهائي ٿو ڇڏي. پر تون منهنجو دوست ئي رهيو آهين. زندگيءَ ۾ هاڻ ڪوبه مزو ڪونه ٿو اچي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ گم سم پنهنجن خيالن ۾ ويٺو هوندو آهيان. يا وري طبيعت تي جبر ڪري، ڪونه ڪو ڪتاب پڙهڻ يا ٻيو ڪو ڪم شروع ڪندو آهيان. حيدرآباد ويندو آهيان ته جلدي واپس ڀڄڻ جي ڪندو آهيان!
ڪڏهن ڪڏهن لڙڪ بي اختيار وهڻ لڳندا اٿم. ماڻهون ڪيڏا نه پنهنجي ’انائن‘ جي خول ۾ بند آهن. تون حيدرآباد هوندو آهين، ڪڏهن ڪڏهن ته ايندو ڪر. نوابشاهه اچڻ لاءِ وڏي جرئت کپي. جيڪا مون ۾ ڪونهي.
تنهنجو پنهنجو
يوسف سنڌي