سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

آمريڪي سفر جي سَتَ-رنگي سيربين- انعام شيخ

عام طور تي سفرنامو لکڻ جو مقصد انهن جاين، واقعن، حالتن ۽ حلقن بابت دلچسپ انداز ۾ تذڪرو ڪرڻ هوندو آهي، جن بابت واقفيت حاصل ڪندي پڙهندڙ نه رڳو نئين معلومات کان واقف ٿئي، پر لکندڙ سان احساسن ۽ ڪيفيتن جو اهڙو ڀائيچارو پڻ ڪري، جنهن سان ٻنهي (پڙهندڙ ۽ لکندڙ) وچ ۾ سنگت جو سڳو برقرار رهي. ڇاڪاڻ جو سفرنامي ۾ منطقي دليل بازي، خشڪ تفصيل (Data)، نرگسيت سان ڀريل پڏاءُ ۽ پڙهندڙ مٿان پنهنجي ويچار يا ادراڪ کي مڙهڻ وارا رويا جڏهن حاوي ٿيڻ لڳندا آهن، تڏهن اهو سفرنامو گهٽ ”سزا نامو“ وڌيڪ بڻجي ويندو آهي، جنهن جي رد عمل ۾ پڙهندڙ کيس مليل سزا جو بدلو چُڪائيندي لکندڙ کي به سزاوار ڪرڻ لاءِ ڪتاب کي اڌ ۾ ڇڏيندي عافيت محسوس ڪندو آهي. هڪ دلچسپ سفرنامو بلڪل ائين آهي، جيئن ننڍپڻ ۾ اسان کي ”دٻي ۾ بند سينما“ ڏيکاريندي همراهه هٿ سان دٻي جو گرمٽ ڦيرائيندي هڪ تصويري ريل کي سوريندي هڪ ئي وقت مڪي مديني سميت مقدس مقامات جو سير ته ڪرائيندو هو، پر گڏوگڏ قائداعظم، سرسيد، علامه اقبال کان وٺي چن مکڙا فلم جا پوسٽر پسائيندو، پکين ۽ مڇين، پهاڙن ۽ صحرائن سان ملاقات ڪرائيندو، رننگ ڪمنٽريءَ جي نالي ۾ دراصل پنهنجي چرٻ زبانيءَ جي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيندو هُئو. هوش تڏهن ايندو هو جڏهن هٿ ۾ جهليل گرمٽ کي دٻي جي پٺيان ٻه چار ڀيرا هڻي هو صاحب ”کيل ختم پئسا هضم“ جو اعلان ڪري، ٻيهر مال کڻي اچڻ يا ٻوٿ ڀيلو ڪري نون آيل شوقينن کي سڪڻائپ ۽ حسرت وچان ڏسڻ تي مجبور ڪندو هو.
هڪ وڻندڙ سفرنامي لاءِ فقط ايترو ڪافي ناهي ته ڏٺل يا تجربي هيٺ آيل حالتن ۽ واقعن کي ايمانداريءَ سان جيئن جو تيئن پيش ڪيو وڃي، پر اهو به بيحد ضروري آهي ته پيش آيل مڙني وارتائن کي اهڙي ته سُشيل ۽ سندر طريقي سان بيان ڪجي جو پڙهندڙ مڙني معاملن بابت سوچيندي محسوس ڪري ته جيڪڏهن مذڪوره جاءِ يا واقعي مهل هو موجود هجي ها ته سندس محسوسات، ردعمل ۽ رجحان به بلڪل ساڳيو ئي هجي ها. بنا ٽڪيٽ ڪيل لفظي صورتگرين جا اهڙا مزا مرحوم علي احمد بروهيءَ جي ڪچهرين، غلام رباني آگري جي داستان گوئي، راشدي برادران جي ساروڻين، رسول بخش پليجي جي تقريرن، عبدالقادر جوڻيجي جي جوڙيل هوائي قلعن، لڇمڻ ڪومل جي خيال ۽ حقيقت جي شاندار گڏپ سان لکيل آتم ڪٿا، نسيم کرل جي افسانن ۽ الطاف شيخ جي سفرنامن مان اسان جهڙن گناهگارن به خوب مزا ورتا! مٿين مهربانن سميت ويجهي ماضيءَ ٻيا ڪئين اهڙا زبان ۽ بيان جا صاحب ڏنا، جيڪي ڪوڙ کي سچ، خيال کي حقيقت ۽ جوکائيءَ کي اميري بنائڻ ۾ ايڏا ته شاهه ڪاريگر هئا/آهن، جو نتيجن کان بيپرواهه بڻجي ماڻهو سوچيندو پيو ته نه سندن ڪچهرين مان اٿجي ۽ نه ئي سندن لکيل ڪتابن مان مُنهن ڪڍجي!
سفرنامن جي حوالي سان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي اهو ضرور چئبو ته سنڌي سفرنامي کي بيچسي، اڻ وڻندڙ ۽ خشڪ روزنامچي مان منفرد ۽ متحرڪ منظر نگاريءَ ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪريڊٽ فقط الطاف شيخ کي ئي وڃي ٿو. جنهن پنهنجي سادي اسلوب، عوامي اسٽائيل ۽ تحرير جي بيساختگيءَ سان هن صنف کي انهيءَ پَدَ تي پهچايو، جو سندس پڙهندڙ ڪتاب ۾ جو منهن وجهندو ته پٺيان الهه تلهه چَٽُ ڇو نه ٿئي، اڳلو تيستائين ڪنهن تي فلڪ ئي نه آڻيندو، جيستائين شيخ صاحب ”کيل ختم پئسا هضم“ جو بآواز بلند اعلان نه ڪري! هڪ دور اهڙو به هُئو جو شيخ صاحب جو مارڪيٽ ۾ نئون آيل ڪوبه ڪتاب پڙهندي توهان کي ماءُ جا ڏنل پاراتا، پيءُ جو ٿُڪ بجو ۽ دوستن جون ميارون سهڻ، ٽيليوزن جا تڏهوڪا مقبول ڊراما سيريل، ويجهن مائٽن جون شاديون گُسائڻ، بلڪ باٿ روم وڃڻ جي ضرورت تي به ڪنٽرول ڪندي ڪتاب ۾ ”انڌو اونڌو“ ٿيڻو پوندو هو....... وقت وقت جي ڳالهه آهي، الطاف شيخ جا نوجوان پڙهندڙ سندس پراڻن ڪتابن کي شايد اڄ به ساڳئي جوش جذبي سان پڙهندا هجن، پر نئون دور سفرنامن ۾ جن ٻين لوازمات جي طلب ڪري ٿو، سي ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي کان بنهه مَٽيل آهن. هاڻي ڪوبه پڙهندڙ سفرنامي ۾ رڳو چرچا گهٻا، حسينن جا گهيرا، عمارتن جو اونچائيون ۽ شرابن جون فراوانيون نه پر ملڪي/ عالمي سياست، معيشيت، ٽيڪنالوجي، صحت، ايجادات، عجائبات، انساني نفسيات، دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي، ميڊيا جي سرانجام ڏنل معجزن، ڪتابن ۾ لڪل خاموش کِل سان ڀرپور رازن ۽ ٻين بيشمار پهلوئن کي ڏسڻ/ پڙهڻ چاهي ٿو. پڙهندڙ پنهنجي آس پاس پل پل بدلجندڙ حالتن ۾ کيس درپيش معلوماتي رڪاوٽن ۽ معاملن جي پٺيان لڪل محرڪن بابت نه رڳو ڄاڻڻ، پر سمجهڻ به چاهي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو الطاف شيخ انهيءَ صورتحال جو ادراڪ ڪندي پنهنجي تحريرن کي ان روايتي ”چٽ پٽي دلچسپيءَ“ سان ٻاهر ڪڍي، بدلجندڙ حالتن سان هم آهنگ ڪيو آهي. هونئن به اسان جي ليکڪ لڏي ۾ اعجاز منگيءَ جا همسفر هاڻي گهٽ بچيا آهن، جيڪي پٺاڻ وانگر ويهه سال اڳ ۽ ويهه سال پوءِ ساڳي عمر ٻڌائيندي ”جوان کي زبان ايک“ واري نعري تي قائم رهندي، هر دور ۾ پنهنجي تحريرن ۾ ٻه تولا روڄ راڙو، تولو رومانويت، ٽي ماشا شاعري ۽ چار رَتيون ڏٽن پوزين جون ملائي مقوي ۽ تازين تحريرن جو مجرب معجون ايندڙ ويندڙ کي ويٺا آڇين!
ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ اهڙي قسم جي نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي. ”آمريڪا ياترا“ ۾ ڪنهن به مسافر کي ويزا وٺڻ ۾ جيڪي رڪاوٽون پيش اچن ٿيون، تن جي ازالي سميت مسافريءَ جي منزلن، مقصدن ۽ پسمنظرن سميت هر انهيءَ چرپر ۽ سرگرميءَ جو وچور ڏنو ويو آهي، جيڪا اجتماعي فائدي ۽ گهڻ پاسائين معلومات جي حوالي سان مختلف ترجيحون رکندڙ قاريءَ لاءِ دلچسپيءَ ۽ گڏوگڏ اتساهه جو باعث بڻجي سگهي ٿي. ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه آهي ته عام طور تي اسان جا ليکڪ حضرات جڏهن ملڪ کان ٻاهر پير رکندا آهن ته هو ٻين سڀني شين ۾ دلچسپي وٺندا آهن، سواءِ ان مقصد جي، جنهن مقصد لاءِ سندن سفر شروع ٿيو هوندو آهي. ان مرض جي سراسر ابتڙ ذوالفقار هاليپوٽي جي هن ڪتاب ۾ واضح نظر اچي ٿو ته سندس سفر جا محرڪ ڪهڙا هئا؟ انهن بابت هن ڪيتري سنجيدگي ڏيکاري ۽ لاڳاپيل فورمن تي سندس ڪارڪردگي ڪهڙي رهي؟ ان کان سواءِ ليکڪ جون زندگيءَ ۾ جيڪي ترجيحون ۽ لاڙا آهن، تن کي ذهن ۾ رکندي آمريڪا ۾ پهچڻ کان پوءِ مختلف ڏسائن ۾ کانئس ڪهڙيون اڳڀرايون ٿيون، انهن مڙني سرگرمين جو سنڌ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ سنڌ واسي سندس سرگرمين ۾ ڪيئن (۽ ڇو) دلچسپي وٺن؟ سنڌ کان ٻاهر ويٺل سنڌي يا پرڏيهي ماڻهو/ فورم ڇا ڪري رهيا آهن ۽ کين ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جديد دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته معاشري جي رُخ ۾ مسافريءَ جي شروعات ڪيئن ۽ ڪٿان ڪري سگهن ٿا؟..... سميت ڪئين اهڙا اڪيڊمڪ پر عام فهم تجزيا ۽ تبصرا شامل آهن، جن کي پڙهندي علمي بدهضمي ٿيڻ بدران ذهني ۽ احساساتي شراڪت داريءَ جي حوالي سان اُتساهه ملي ٿو.
”آمريڪا ياترا“ مون لاءِ انهيءَ ڪري به وڌيڪ موهيندڙ تحرير آهي، جو ان ۾ نه رڳو پاور پاليٽڪس، عالمي ۽ آمريڪي پاليسي ساز ادارن/ فردن، ترقي، بين الاقوامي لاڳاپن، سنڌ جي امڪاني پيش منظر ۽ ٻين کوڙ ساترن ”باهمي دلچسپيءَ جي معاملن“ بابت قلم آرائي ڪئي وئي آهي، پر انهن ڏسائن ۾ تمام وزندار مشورا به ڏنا ويا آهن. (انهن مشورن کي جيڪڏهن روايتي سنڌي بي نيازيءَ سان نه نوازيو وڃي ته ڪجهه هاڪاري اڳڀرائين جا امڪان پڻ پيدا ٿي سگهن ٿا) ان کان سواءِ مون لاءِ ڪتاب ۾ هڪ وڏي دلچسپي اُهي سرگرميون آهن، جيڪي هڪ وڏي عرصي کان سانا جي پليٽ فارم تان ٿي رهيون آهن. سانا جون اهي گڏجاڻيون جتي سڄي آمريڪا کين (هاڻي ته تقريبًا سڄي دنيا) ۾ رهندڙ سنڌين کي ثقافتي، سياسي، سماجي ۽ فڪري حوالن سان هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪرڻ کان سواءِ حال سارو ڪن بهتر رُخن ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهين ٿيون، اتي دنيا جي جديد سماجن کان سکڻ ۽ کين پنهنجي نزديڪ ڪرڻ ۾ به معاون ٿين ٿيون. هيءَ هڪ حيران ڪُن حقيقت آهي ته ”اُصولي اختلافن“ جي نالي ۾ ذاتي دشمنيون پاليندڙ ۽ ”متضاد هجڻ“ جو ٺپو هڻي سنڌي سماج جي ڪارائتن هٿن کي ڪيني جي ڪارائيءَ سان ڪٽيندڙ اڄوڪي سنڌ ۾ سانا سودو زيان جي چڪر کان پرتي رهي ڪارائتو ڪم ڪندي هڪ اهڙي تنظيم جي روپ ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو آهي، جنهن جي وجود تي سنڌ جي هر شعبي/ شخص طرفان عزت ۽ سهمتيءَ ڀريل اعتماد جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. سانا کي ان مرتبي جي حاصلات بابت آگاهي ڏيندي ذوالفقار طرفان جتي اقبال ترين، سني پنوهر، عزيز ناريجي، اعجاز ترڪ، خالد هاشماڻي، محمد علي مهر، علي نواز ميمڻ، آفتاب قاضي، ارشاد قاضي، منور لغاري وحيد پاٽولي ۽ ٻين صاحبن جي ڪم ۽ ڪمٽمنٽ کي نهايت زوردار طريقي سان مڃتا ڏني وئي آهي، اُتي آمريڪي سماج جي جمهوري مزاج، سهپ، اداره سازي ۽ ڀائيچاري واري روش کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. مڃتا جي انهيءَ مهاڳ ۾ جيڪڏهن خالد چنا، نصرجان، مهر شاهه ۽ پسمنظر ۾ رهندڙ ٻين مهربانن جو تذڪرو ڪرڻ سان گڏوگڏ سانا کي وڌيڪ پروفيشنل ۽ وڌيڪ سائنٽيفڪ انداز سان سرگرم ٿيڻ جي صلاح ڏجي ها ۽ دوستن آڏو وطن جي خدمت ۽ آجپي لاءِ جديد دور سان هم قدم ٿيڻ جي سلسلي ۾ ٻه چار وڌيڪ ويچار رکجن ها ته شايد اجتماعي ڀلي لاءِ ڪجهه ٻيا گس پنڌ به نروار ٿي سگهن ها!
هن سفر ۾ هڪ مسافر جيان آمريڪا جي ماحول ۽ ماڻهن کي به نظرانداز نه ڪيو ويو آهي. ليکڪ طرفان جتي واشنگٽن ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ميٽنگس، مذاڪرن ۽ ميوزمس جو تذڪرو نهايت چٽائيءَ سان ڪيو ويو آهي، اُتي جهيڻي وهندڙ پوٽومڪ نديءَ سان ٿيل سُس ڦُس جو فسانو به نهايت اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اسٽريٽس فلائي اوورس، بلاڪس ۽ اسڪوائرس ۾ ورهايل نيويارڪ سٽيءَ ۾ روشنين، رنگن ۽ انبوهن جي ڪُلهي -گَسَ جو نقشو چٽيندي، بيٽري پارڪ جي ڪنڊائتي ماحول ۽ هڊسن رور جي شانت لهرن جي ترتيب ڀري چُر پُر کي به ياد ضرور ڪيو ويو آهي. فلوريڊا جي ڊزني لئنڊ ۽ پام بيچز جي جادؤَ کي بيان ڪندي ”آمريڪا ياترا“ ۾ ڪيوبا ۽ ڪاسترو خلاف انهيءَ زمين جي ٽُڪري تان ٿيندڙ سازشن کي به نروار ڪيو ويو آهي. هن سنڌي مسافر جي اک ايتري ته تيز آهي جو هُن آمريڪي سفارتڪارن، صحافين ۽ معاشي ماهرن سان ٿيل ملاقاتن جو وچور ڏيندي هيوسٽن ۾ ويٺل پاڻ وارن مولائين ۽ موالين کي به نه وساريو آهي! مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن ٻئي ڀيري ذوالفقار جو باسٽن جي عظيم الشان درسگاهن، روڊ آئيلنڊ جي پرڪيف ۽ روشن راتين، پرنسٽن جي شانت شامن، فليڊيلفيا جي وسيع شاهراهن ۽ پئنسلوينيا توڙي نيوجرسي جي اتهاسڪ ڳوٺن، نيو هوپ ۽ لئمبرٽس وِل وڃڻ ٿيندو ۽ سعيد شيخ، بشير شاهاڻي، علي پٺاڻ، جاني ابڙي (۽ سندس پٽ ڪبير)، رزاق منگي، سليم ميمڻ ۽ اظهار ميراڻيءَ جهڙن دلنواز دوستن سان تعارف ٿيندو يا ”مي فيئر“ سامونڊي جهاز جي ڪئين صديون اڳ آمريڪا ۾ آمد کان وٺي ڪاري اوباما جي ”اڇي گهر“ ۾ امڪاني آمد تي نظر وجهندو، ته کيس آمريڪا جي ماڳن مقامن، اتي رهندڙ سنڌين جي صحبت ۽ خود آمريڪا جي آئيندي بابت اڃا وڌيڪ گهرو ۽ تازو مواد ۽ سواد حاصل ٿيندو......
سنڌي هجڻ ڪري ظاهر آهي ته روزانه زندگيءَ جو چڱو خاصو حصو اداسيءَ ڀريل سار(Nostalgia) جي حوالي هوندو اٿم. ”آمريڪا ياترا“ اهڙي ڪوٽا ۾ اضافي جو سبب به بڻي. جميل دائودي، بشير شيخ، مختيار ۽ تاج نظاماڻي، سعيد شيخ ۽ ٻين يارن جو ذڪر ڪندي هُن ڪراچي يونيورسٽيءَ جون سُجهندي ڀريل سارون ياد ڏياري ڇڏيون! مهيني جا پهريان پندرهن ڏينهن اميراڻا ٺٺ ڪرڻ کان پوءِ غريبي (۽ ڪئنٽين جي گريبي) تي گذارو ڪرڻ، عشق ۽ فشق سان ڀريل ڪجهه سچا ڪجهه ڪوڙا پر ڊگها ڊگها داستان کڻڻ، پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ۽ ازلي سورمو سمجهندي شاگرد سياست سميت ڌاڙ ڌُڪي تائين گڏ هجڻ ۽ يونيورسٽيءَ جي آخري سالن ۾ سي ايس ايس ڪرڻ يا يو ايس اي جي ويزا وٺڻ سميت ”زندگيءَ ۾ سيريس ٿيڻ“ لاءِ آپشنز ڳولڻ ۽ صلاحون مشورا ڪرڻ وارا منظر اکين آڏو اچي بيٺا. اهڙين وارتائن کي ياد ڪندي هاڻي بيخبريءَ ۾ يا ته چپن تي مُرڪ تري ايندي آهي، يا نه چاهيندي اکين ۾ آلاڻ محسوس ٿيندي آهي. دوستن جو اهو حلقو ڀلي ته عرصي پڄاڻا هڪ ٻئي سان ملي، پر هر ڀيري ملندي ”رضي ترمذي“ جي ڳالهه ضرور ياد ايندي آهي ته:
وه ڪرين ياد انهين، جس ني ڀلايا هو ڪڀي
هم ني ان ڪو نه ڀلايا، نه ڪڀي ياد ڪيا
سو ”آمريڪا ياترا“ لکندي، ذوالفقار دراصل هڪ ڪتاب بجاءِ مختلف رنگن ۽ موضوعن سان سينگاريل هڪ اهڙي سيربين متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو هر پهلو هڪ نئون ۽ ڊگهو تفصيل گهري ٿو. مان سمجهان ٿو ته منهنجا هي چند صفحا ڪتاب جي سوين پنن تي ڦهليل گهڻ- رنگي روشنيءَ جو احاطو ته نه ڪري سگهيا آهن، پر ٻن ڏينهن جي نوٽيس ۽ موبائيل فون جي نوڪ تي لکيل اهي اکر ڪجهه چڱن خيالن، دلڪش ماڳن، سنڌ دوست ڪمن ۽ دلربا دوستن کي ياد ڪرڻ جو بهانو ضرور بڻيا آهن. ڪتاب جي ليکڪ طرفان اهڙو موقعو مهيا ڪرڻ لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان. سندس لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هو سنڌ جو هڪ بيچين، متحرڪ ۽ ذهين شخص آهي، تنهنڪري خبرناهي ته دل ۾ ڪيئن طوفان لڪايو ويٺو هوندو! شايد اهڙن دوستن ۽ کين پيش ايندڙ ڀوڳنائن لاءِ ئي مظهر لغاريءَ چيو هوندو:
سنڌ ۾ ٿو رهين ”مظهر“
ڏاڍي دلڪش عذاب ۾ آهين


انعام شيخ
13 جون 2008ع جي منجهند
ڄام شورو