سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

هوٽل آمد ۽ چيڪ ان

هوٽل پهچندي ئي استقباليه ڪائونٽر تي لائين ۾ بيهڻو پيو. هوٽل جي لابي نئين سر اڏاوت (Renovation) جي ڪري درهم برهم لڳي پئي هئي. پاڪستان جهڙي ملڪ مان آيل اسان جهڙن مهمانن لاءِ ته هوٽل بي حد متاثر ڪندڙ هئي پر آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي دوستن ۽ سندن گهر وارن جي رڙ لڳي پئي هئي ته بيڪار قسم جي هوٽل ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي. پوءِ خبر پئي ته سانا جي دوستن (تنظيمي عهديدارن) ان هوٽل جي ويب سائيٽ تي ڌوڪو کاڌو هو ۽ جڏهن آرلينڊو ۾ رهندڙ سنڌي نوجوانن کي چيو ويو ته هو هوٽل جو جائزو وٺي رپورٽ ڪن ڇاڪاڻ ته هوٽل ڏسڻ لاءِ ته عزيز يا جميل هيوسٽن کان آرلينڊو نٿي اچي سگهيا ته انهن همراهُن به هوٽل کي بهتر سمجهندي اوڪي رپورٽ پيش ڪئي هئي.
هوٽل انتهائي پراڻي هئي ۽ مرمت جي ڪري هر پاسي مشينريءَ جو گوڙ هو. نصير ۽ مون رسيپشن تي درخواست ڪئي ته مک بلڊنگ کان الگ سوئيمنگ پول وٽ جيڪا اينڪسي ٺهيل آهن، اسان کي اتي ڪمرو ڏنو وڃي.
هوٽل جي استقباليه ڊيسڪ اڳيان هڪ ٻي وڏي ٽيبل لڳل هئي جتي هوٽل ۾ رهندڙ مسافرن کي گهمڻ ڦرڻ جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان وڏي ٽوئرسٽ شهر آرلينڊو ۾ موجود مختلف جڳهن جا تفصيل ۽ انهن کي انفارميشن پئڪ مهيا ڪيو پئي ويو.
هوٽل انتظاميا کي سانا جي دوستن پاران اهو ٻڌايل نه هو ته ڪهڙا مهمان سندن اسپيڪر آهن تنهنڪري انهن جا ڪمرا سانا جي نالي ۾ ئي بُڪ ٿيندا. عام طور تي ائين ٿيندو آهي جو سانا جا دوست سمورن مهمانن جا نالا ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ هر ڪو پنهنجي ليکي اچي ڪمرا وٺندو آهي. اسان لاءِ به جيستائين واضح اطلاع اچي تيستائين اسان کي پنهنجي ڪريڊٽ ڪارڊ تي ڪمرو وٺڻ لاءِ چيو ويو. مون ڪريڊٽ ڪارڊ چارج ڪرائي في الحال جان ڇڏائي جو خبر هئي ته سانا جا دوست ڪمن ڪارن ۾ مصروف هوندا، ۽ چيڪ آئوٽ ٿيڻ مهل پاڻ ئي مُنهن ڏيندا هوٽل جي بلن کي.
هوٽل جو عملو بيحد قربائتو هو. ٻاهرين دنيا ۾ ماڻهو جنهن به ڪم ۾ رُڌل هوندا آهن اهو ڪم صبر سان ڪندا آهن. قطار ۾ بيٺل ماڻهو به صبر سان پنهنجي واريءَ جو انتظار ڪندا آهن. ڪابه ڀڄ ڊڪ ۽ تڪڙ نه هوندي آهي. اهڙي روئي جو تعلق ملڪ جي سماجي ضابطي (Social order) سان آهي. ائين ناهي ته ڪو اسان جا ماڻهو اهڙن ضابطن ۽ قاعدن کي پسند نٿا ڪن پر اهڙو سوشل آرڊر ان ملڪ ۾ هوندو آهي جتي حڪمران پاڻ فضيلت ۾ هجن، حڪمراني يا حڪومت جي طرز، عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندي هجي. اسان وٽ موجود افراتفري دراصل نظام جي افراتفري جو رد عمل آهي. اڄ جيڪر طرز حڪمراني ۽ رياست جو رويو سڌري وڃي ته هن ملڪ جهڙو فضيلت ڀريو عوام ڪٿي ئي ڪونهي.
اڃا چيڪ ان ٿي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ سامان ۾ هٿ ئي وڌو هيم ته اچانڪ پريان حسين بخش ٽالپر هڪ پهلوان همراهه سان گڏ ايندي ڏٺم. What a pleasent surpriseهڪ لمحي لاءِ آئون ۽ ادا حسين بخش هڪ ٻئي کي ڏسندي صفا حيرت ۾ وٺجي وياسين. اسين ٻئي ڄڻا ڪافي وقت کان حيدرآبا ۾ ئي ڪونه مليا هياسين سو آرلينڊو ۾ هڪ ٻئي جي سامهون اچڻ تي ٻئي خوشيءَ واري حيرت وچان ڀاڪرين پئجي وياسين. ادا حسين بخش ساڻس گڏ ايندڙ همراهه جو تعارف ڪرائيندي چيو ته هي تاج نظاماڻي آهي. پوءِ هو مون کي پنهنجي ڪمري جو نمبر ٻڌائي ٻي بلاڪ ۾ هليا ويا ۽ آئون پنهنجي ڪمري ڏانهن روانو ٿي ويس.
هوٽل ۾ گرمين جي موڪلن جي ڪري دنيا ڀر مان آيل سياحن جو وڏو رش موجود هو. ڪمري تائين آيل اٽينڊنٽ ٻڌايو ته هوٽل جيتوڻيڪ پراڻو آهي پر ڊاؤن ٽاؤن جي بهترين لوڪيشن تي قائم آهي.