سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

اسلام آباد جي ٿڌ ۽ ڪتاب

ماحولياتي گدلاڻ، موسمن جي ملڪن بدران هاڻ خطن ۾ آندل تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻين سببن ڪري دنيا جي موسم ۽ آب وهوا تبديل ٿي رهي آهي. پاڪستان به هاڻ اهڙن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي موسمون سوين هزارين سالن کان پوءِ تبديل ٿيندي نئون رخ اختيار ڪري رهيون آهن. هنن ڏينهن ۾ يورپ جي انهن ملڪن ۾ جتي سوين سالن کان شديد برفباري، سردي ٿئي ٿي، اتي موسم وچٿري آهي ۽ مڊل ايسٽ ۽ سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ جتي فيبروري ۽ مارچ ۾ ئي گرمي شروع ٿي ويندي آهي، اتي هينئر ئي شديد سردي، بارشون ۽ ٿڌ آهي.
اسلام آباد جي موسم هونئن به سرد ئي آهي. اسلام آباد، جتي لاءِ اهو مشهور آهي ۽ مون سوڌو سنڌ جا ڪيترا ئي ليکڪ اهو پنهنجن مضمونن ۽ ڪتابن ۾ به لکي چڪا آهن ته اسلام آباد اهڙو شهر آهي، جتي هر وقت اهو ذهن ۾ رکي گهمجي ته:
موسم کا اعتبار نهين
درخت ڦلدار نهين
راستي هموار نهين
لوگ وفارار نهين
کوئي کسي کا يار نهين.
آمريڪي سفارتخاني کان صبح جو ڇهين وڳي ئي موٽي آيو آهيان. ڀائو جي ننڊ به ڦٽي چڪي هئي. ڪچهري ڪندا باورچي کي ناشتي جو چئون ٿا. هو گرم گرم چانهه، آمليٽ ۽ پراٺو کارائي ٿو. ناشتو ڪري ٻاهر نڪرون ٿا ته هلڪي بارش ۽ سردي آهي. سپر مارڪيٽ پهچي حسب دستور سڀ کان پهرين مسٽر بُڪس جو طواف ڪيون ٿا. جتي کوڙ سارا ڪتاب وٺون ٿا. ڀائو جو فوڪس ادبي ۽ تنقيد نگاريءَ وارا شيلف آهن. آئون سياسي ۽ ڊيولپمنٽ جي ڪتابن ڏانهن ڌيان طلب آهيان. آتم ڪهاڻيون ۽ ڪٿائون خريد ڪرڻ تي ٻنهيءَ جو اتفاق آهي. انهيءَ ڏينهن مسلم ليگ جي اڳواڻ ميان محمد نواز شريف جي گهر واريءَ جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو هو. مون اهو ڪتاب پڙِهيو به هو ۽ ان تي تفصيلي تبصرو به ڪيو هو. ميان نواز شريف جي گهر واري اردو ادب ۾ ماسٽرز ڪئي آهي سو اهو خيال دل ۾ رکندي ڪتاب خريد ڪيم ته بيگم صاحبه جا سياسي ۽ ادبي خيال پڙهجن. ڪتاب ۾ هو هڪ مذهبي ۽ تنگ نظر سياسي خيالن جي حمايت ڪندي نظر آئي آهي. ان ڪتاب سان گڏوگڏ اسلام آباد ۾ قائم مختلف پاليسي ادارن پاران شائع ٿيندڙ ريسرچ پيپرز جا ڪتاب ورتم جيڪي حيدرآباد ۾ نٿا اچن.
اسين ڪافي سارا ڪتاب خريد ڪري جناح سپر ڏانهن نڪري وياسين.