علي نواز ميمڻ جي اوطاق تي ڪچهري
اهي ماڻهو جيڪي عمر جي ان حصي ۾ گهرن جي ڪنڊن ۾ ويهي زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن ڳڻيندي حياتي ڪاٽين ٿا، انهن کان اسان جا هيءُ ماڻهو لک درجا بهتر آهن ۽ سندن عزت ۽ قدر ڪرڻ گهرجي. جيڪي هر وقت پنهنجي وس آهر سنڌ جي حوالي سان ٿيندڙ ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۽ سرگرميءَ ۾ حصو وٺندا رهن ٿا.
آءٌ دوستن کي چوندو آهيان ته هن وهيءَ ۾ جيڪڏهن اي اين جي عباسي، سينيٽر قاضي مجيد، محمد ابراهيم جويو، نذير ميمڻ ۽ اسلم بلوچ جهڙا دوست ڪجهه نه ڪن ۽ گهرن ۾ ويٺا هجن ته نه رڳو انهن تي ڪا ميار ناهي، پر اسين کين ڪجهه ڪري به نٿا سگهون. تنهن ڪري شابس اٿن جو هن عمر ۾ به هر سرگرمي، هر تحريڪ ۽ ڪم ۾ جوانن سان جوان ٿيو پيا هلن. سائين علي نواز ميمڻ به اهڙن ئي ڪردارن ۾ شامل آهي.
مون ۽ نصير اکين سان ڏٺو ته هو سنڌ ۽ پاڪستان بابت هر ڳالهه، خبر ۽ اي ميل کي غور سان ڏسي ٿو. پنهنجي محلن جهڙي گهر ”سنڌ هائوس“ ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويهي پنهنجي وس آهر هر چڱي ڳالهه ۾ بهرو وٺي ٿو. سنڌ بابت ڪوبه بحث سياست تي هجي، غربت تي يا ترقيءَ تي، هو هر دليل کي پڙهي ۽ ٻڌي ٿو ۽ ان جو سنجيدگيءَ سان نوٽس وٺندي جواب به ڏي ٿو.
تازو سنڌ تي هڪ زبردست ڪتاب سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپرايو اٿس. سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جو ڪنوينر ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ارشاد قاضيءَ جو وڏو ڀاءُ ابرار قاضي ڏکيو پڙهندڙ آهي. ورهين کان پوءِ ڪنهن ڪتاب لاءِ چيائين ته ميمڻ صاحب حقيقت پسندانه ۽ سٺا خيال پيش ڪيا آهن. مون شڪر ڪيو ته سائين علي نواز ميمڻ جو ڪتاب ابرار جهڙي ڏکئي انسان (جنهن لاءِ اسان جو بزرگ دوست ۽ ناميارو صحافي جي اين مغل چوندو آهي ته ابرار سيمينٽيڊ سنڌي آهي) کي اهو ڪتاب وڻيو آهي.
قسمت هيل سڄو وقت مهربان هئي. واشنگٽن جهڙي مهانگي شهر ۾ هوٽل جي ڳرن ڀاڙن کان بچي وياسين. جيئن مون نصير ميمڻ جي ڪري هيوسٽن جي چنڊال چوڪڙيءَ سان گڏ نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اسان ٻئي نيويارڪ حسن مجتبيٰ وٽ اچي رهيا هياسين، ائين ئي نصير به واشنگٽن ۾ مليل مفت رهائش جي سهولت ڇڏي مون سان گڏ هوٽل ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني جو نصير کي ورلڊ سنڌي انسٽي ٽيوٽ پاران مهمان طور واشنگٽن اچڻ جي دعوت مليل هئي. ان انڊر اسٽيڊنگ جو فائدو اهو ٿيو جو جنهن وقت اسين ميامي کان آرلينڊ واپس اچي رهيا هياسين ته گاڏي ۾ سرفراز ميمڻ ۽ جبار صديقي مختلف هوٽلن جي ڀاڙن ۽ لوڪيشنز بابت ڳالهائيندا پي آياسين ته علي نواز ميمڻ جو فون آيو. حال احوال کان پوءِ هن جڏهن واشنگٽن ۾ قيام بابت پڇيو ته اسان کيس ڪنهن مناسب هوٽل ۾ وڃڻ واري ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي هن قرب مان چيو ته ڪنهن به هوٽل ۾ وڃڻ جي ضرور ناهي. اسين سڌو سندس گهر اچون ۽ جيترا ڏينهن چاهيون سنڌ هائوس ۾ رهي سگهون ٿا.“
انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ بينظير ڀٽو صاحبه ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان اندر عام چونڊن جي معاملي تي نواز شريف APDM جو اجلاس گهرايو هو ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪجي يا نه؟ نواز شريف انهن تنظيمن جي گهري ۾ هو جيڪي يونين ڪائونسل جو ناظم به نٿا چونڊرائي سگهن ۽ ڪي ڌريون اي پي ڊي ايم مٿان جماعت اسلامي جي غير ضروري اثر تي تنقيد ڪري رهيون هيون. انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجي هڪ اي ميل ڪئي ته لنڊن ۾ سنڌ جون ڪافي ڌريون گڏجي رهيون آهن، تنهن ڪري ڇو نه سنڌ ايجنڊا تي ملاقات ڪري وٺجي. اها صلاح سياسي طور معقول نه هئي، جو سمورا اڳواڻ APDM جي ايجنڊا لاءِ گڏ ٿيل هيا ۽ وچان ٻي ايجنڊا تي گڏجڻ مناسب به نه هو ۽ ممڪن به نه هو جو متضاد ۽ مخالف نظرين جا ماڻهو ايتري تڪڙي نوٽيس تي گڏجي به نه سگهن ها ۽ نه ئي تڪڙو ڪو نتيجو نڪري ها ويتر اهو منفي تاثر وڃي ها ته سنڌين جون تنظيمون لنڊن ۾ به گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هونءَ به ان وقت سنڌ جون سموريون سياسي جماعتون ائنٽي گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي جي جهنڊي هيٺ سنڌ اندر هڪ نقاطي ايجنڊا تي گڏ هيون، تنهن ڪري پيپلز پارٽي کان سواءِ لنڊن ۾ سنڌي تنظيمن کي گڏ ڪرڻ جو خيال مناسب نه آهي.
سائين علي نواز ميمڻ کي به دعوت هئي ته هو ممڪن ٿي سگهي ته لنڊن اچي اها گڏجاڻي اٽينڊ ڪري. اسان تفصيلي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ جنهن راءِ تي اتفاق ڪيوسين، اها هئي ته ميمڻ صاحب اي ميل ذريعي پنهنجو نقطه نظر نه رڳو دعوت ڏيندڙ ڏانهن ڏياري موڪلي، پر هن ان جي ڪاپي محترمه بينظير ڀٽو کي به موڪلي ڇڏ. هڪ ڏينهن صبح جو سائين علي نواز محترمه جي سندن تجويزن جي مناسب هجڻ بابت محترمه بي نظير ڀٽو پاران کيس پهتل هڪ اي ميل تي خوش ٿيندي مون کي ۽ نصير کي اها اي ميل پڙهائي هئي.
ننڊ تمام گهٽ ڪندا هياسين. لڳو پي ته گهمڻ ڦرڻ بدران جنگ وڙهڻ آيا هجون. هڪڙي هڪڙي ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه سرگرميون رکيل هيون. حقيقت ۾ جنگ ئي سمجهي رهيا هئاسين پنهنجي سرگرمين کي، جو آمريڪا گهمڻ جو موقعو مليو هجي ۽ واسطيدار ادارن، فورمز ۽ فردن سان سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ بنا پاڪستان هليا وڃون ته پوءِ عام سياح ۽ اسان ۾ ڪهڙو فرق؟ اسان آمريڪا ۾ گذاريل هر هڪ منٽ کي بهتر طريقي سان استعمال ڪرڻ گهريو ٿي. اسان مٿان جن تنظيمن جا وسيلا خرچ ٿيل هئا، اهي وسيلا يقينًا محنت سان جڙيا آهن، تنهن ڪري وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي سين ته هر گهڙي سجائي ڪجي.
جيترا ڏينهن به واشنگٽن ۾ هياسين،سنڌ هاؤس ۾ هر روز صبح جو سوير ستين وڳي سيلف سروس جي بنياد تي چانهه پيئندي، اي ميلز چيڪ ڪندي، سائين علي نواز سان وڏا حال احوال ڪندا هياسين ۽ پوءِ ميٽرو لاءِ روانا ٿيندا هياسين.
سائين علي نواز پنهنجي نئين ڪتاب ۽ هر خيال متعلق دوستاڻي انداز ۾ رايا وٺندو هو. ڪڏهن به اهو تاثر نه ڏنائين ته ڪو هو هر شيءِ جي ڄاڻ رکي ٿو. جيترا ڏينهن به هياسين، هر ڳالهه تي مشاورت ڪندو هو ۽ هر هر پيو چوندو هو: ”ها ادا! اوهان واري نسل ۾ سنڌ کي وڏيون اميدون آهن. اسان تي جيڪو به ڪم يا بار رکندؤ، پويان ٿي هلنداسين.“ هن عمر ۾ ايترو جذبو يقينًا اسان واري نسل لاءِ وڏو اتساهه آهي. شال سائين جو حوصلو ۽ جذبو جوان رهن ۽ پاڻ سنڌ لاءِ ائين ئي سرگرم رهي.