آرلينڊو ۾ آمد ۽ اميگريشن
آءٌ انڊرگراؤنڊ ريل رستي هيٿرو پهتس. ايئرپورٽ ايترو چڱو، متاثر ڪندڙ ناهي باقي چون ٿا ته نيويارڪ واري جان ايف ڪينڊي کان پوءِ جهازن جي وڌ ۾ وڌ ٽريفڪ هيٿرو تي آهي جتي روز سوين جهاز لهن ۽ اڏامن ٿا.آءٌ بورڊنگ ڪرائيندو اچي لاونج ۾ ويٺس.
بورڊنگ کان اڳ هڪ اسپيشل ڪائونٽر تي ڪي روايتي سوال ڪيا ويا جيڪي جيتوڻيڪ سادهه ۽ آسان پر آمريڪا جهڙي حساس ملڪ جي دوري تي نڪتل مسافر جي سمجهڻ لاءِ ضروري هيا. هن پهريون سوال اهو ڪيو ته ڇا اوهان جي هٿن ۾ رڳو اوهان جو پنهنجو ذاتي سامان آهي؟ ڇا اوهان پنهنجي سامان جي چيڪنگ پاڻ ڪئي آهي؟ ڇا اوهين ڪنهن جو ڏنل ڪو تحفو يا ڪا شيءِ اهڙي ٻئي پئڪ ٿيل شيءِ تي نه ساڻ ڪئي آهي جيڪا اوهان ڏٺي نه هجي وغيره وغيره. اميگريشن کان اڳ ئي بورڊنگ ڪائونٽر تي هر هر پاسپورٽ ۽ ويزا کي چيڪ ڪيو ويو. هتي ته پاڪستاني پاسپورٽ تي سفر ڪرڻ لاءِ لنڊن کان آمريڪا جو روٽ هو پر هاڻي اوهين ٿائي لينڊ ۽ برما جهڙن ملڪن ڏانهن ويندا ته به پاڪستاني پاسپورٽ ڏسي سڄو اسٽاف چوڪس ٿي ويندو آهي. اسان جي ڀائرن ڪو اهڙو ڪم نه ڇڏيو آهي جنهن ان سائي پاسپورٽ کي لڄايو نه هجي. هاڻي پاسپورٽ تي ته لکيل ناهي ته هي سنڌي آهي. منڊي بهاؤ الدين جو ڪوڙو ويزا رکندڙ ڪو همراهه يا ڪراچيءَ جو ڪو کيپيو ناهي. گرين پاسپورٽ جو مطلب آهي گرين پاسپورٽ. بحرحال هڪ ڊگهي اسپيشل چڪاس کان پوءِ اچي لاؤنج ۾ ويٺس جتي هزارين ماڻهو اڳ ۾ ئي موجود هيا. مئي جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ گرمين جي موڪلن جي ڪري ماڻهو دنيا جهان گهمڻ نڪرندا آهن. آءٌ جنهن فلائيٽ ۾ هيس ان ۾ رڳو ٻارڙا ئي ٻارڙا هيا. ان کان اڳ آمريڪا ۽ خاص طور تي فلوريڊا وڃڻ ٿيو ڪونه هو . جهاز ۾ ڀرواري سيٽ تي ويٺل هڪ انگريز فيمليءَ سان ڪجهه دير حال احوال ڪرڻ کان پوءِ هنن ٻڌايو ته آمريڪا جو ڊزني ورلڊ ٻارڙن لاءِ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڇڪ رکندڙ ٽوئرسٽ پليس آهي. ان فئملي ٻڌايو ته هو گذريل 12 سالن کان ٻارڙن سوڌو رڳو فلوريڊا گهمڻ ٿا وڃن ۽ کين وقت ئي نٿو ملي جو آمريڪا جا ٻيا شهر گهمي سگهن. اصل گهمڻ ڦرڻ ان کي چئبو آهي جو سالن جا سال پيو هڪڙئي شهر کي لتاڙجي. پر اسان جي ڪلچرجي مختلف هجڻ ڪري اسان وٽ گهمڻ ڦرڻ جو مقصد نه رڳو سياحت ڪرڻ آهي پر مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن سان پڻ ملاقاتون ڪرڻ آهي.
ايئر پورٽ تي جنهن گيٽ کان اسان کي وڃڻو هو جهاز ڏانهن، ان تي وڏي رش هئي جو جهاز 500 کان مٿي مسافر کڻي آرلينڊو روانو ٿي رهيو هو. الفابيٽ ۽ سيٽن جي نمبر جي حساب سان بورڊنگ ڪري سڀ مسافر ٿانيڪا ٿيا ته پائليٽ ضروري هدايتن جي انائونسمينٽ کان پوءِ ٽيڪ آف جو اعلان ڪيو. آئون ڪجهه وقت جهاز ۾ ڍير لڳل آمريڪي اخبارن مان نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ کڻي خبرون ۽ مضمون پڙهڻ لڳس. انهن ڏينهن ۾ ٻئي اخبارون دهشتگردي خلاف جوڙيل عالمي جنگ ۾ مشرف جي ڪردار تي سخت ڇوهه ڇنڊي رهيون هيون. تازو محترمه بينظير ڀٽو جا مضمون به آمريڪا جي ٻنهي اهم اخبارن ۾ ڇپيا هيا. مضمون پڙهندي اک لڳي وئي.
ننڊ دوران اهو محسوس ٿيو ته جهاز ۾ ڪا وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي، اک کلي ته ايئرهوسٽسز سيٽون سڌيون ڪرائيندي، کاڌي پيتي جا ٽري کڻندي ۽ ٻيا معاملا آرڊر ۾ ڪندي نظر آيون جو ڪجهه دير کان پوءِ جهاز آرلينڊو جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهڻ وارو هيو. جهاز جيئن هيٺ ٿيڻ شروع ٿيو ته نيڻ نهار تائين وڏيون وڏيون عمارتون، خوبصورت لينڊاسڪيپ ۽ سرسبز شهر جا نقشا واضح ٿيندا پئي ويا. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو آمريڪا اچڻ جي خوشي به پنهنجي عروج تي هئي.
آمريڪي ايئرپورٽس جي اميگريشن قانون ۽ سختين بابت اڳ ۾ ئي سڄي معلومات ڊائون لوڊ ڪري پڙهي چڪو هئس. اميگريشن لاءِ هتي پاڪستان ۾ عجيب و غريب خبرون آهن پر آئون اطمينان سان اميگريشن ڪرائي اسپيشل رجسٽريشن جي ڪائونٽر تان رجسٽريشن ڪرائي پنهنجو سامان ساڻ ڪري اچي ٽئڪسي اسٽينڊ تي پهتس.
ايئن نه آهي ته آئون آمريڪا جو خصوصي مهمان هئس يا ڪو سرڪاري گيسٽ. آئون به هزارين مسافرن وانگر هڪ عام مسافر هئس پر منهنجي تڪڙي ۽ آسان اميگريشن جو سبب هڪڙوئي هو جو مون هنن جي پڇيل هر سوال جو صحيح جواب ڏنو. مون جيئن ته شروع ۾ ئي لکيو آهي ته جنهن به ملڪ گهمڻ وڃجي جيستائين اتان جي قانونن کي سمجهبو ۽ عزت نه ڪبي تيستائين هر مسافر کي اميگريشن ۾ آمريڪا هجي يا بينڪاڪ تڪليف ايندي رهندي.
مون سندن پاران پڇيل هر سوال جو واضح ۽ صحيح جواب ڏنو، اميگريشن بابت اڳ ۾ معلومات هجڻ ڪري سندن سڀ قاعدا قانون فالو پئي ڪيم تنهن ڪري ڪنهن به مرحلي ۾ ڪابه ڏکائي محسوس نه ٿي.
آئون عزيز ناريجي پاران موڪليل روڊ ميپ کي فالو ڪندو ٽيڪسي ڪرائي اچي هوٽل پهتس.