پوسٽ ڪارڊز
روائتي ٽوئرسٽ، اهي ٻار هجن يا جوان، پوڙها هجن يا مرد توڙي عورتون پنهنجي پنهنجي پسند جا ڪارڊز کڻندا آهن. مون آرلينڊو کان وٺي نيويارڪ ۽ واشنگٽن تائين مختلف جڳهين جا چڪر ڪاٽيندي نه رڳو ڪيترائي پوسٽ ڪارڊ پاڻ به ورتا پر ڪيترن ئي ماڻهن کي مختلف قسم جا ڪارڊز پسند ڪندي ڏٺم.
پوسٽ ڪارڊ ڪلچر به گهمڻ ڦرڻ واري جهان جو هڪ دلچسپ ۽ يادگيرين کي برقرار رکڻ جو خوبصورت ذريعو آهي. پياري تاج نظاماڻيءَ پاران تحفي ۾ ڏنل ذزني ورلڊ ۽ هالي ووڊ اسٽوڊيوز جي پوسٽ ڪارڊن کان وٺي نيويارڪ ۾ مجو پاران آزاديءَ واري جڳ مشهور مجسمي جي تحفي طور ڏنل ڪارڊز ۽ سرفراز ميمڻ پاران ورجينيا ۾ واقع دنيا جي هڪ نئين عجوبي لوري ڪيورنز (غارن) جي تصويرن کان ويندي واشنگٽن ۾ واقع يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي هولو ڪاسٽ ميموريل ميوزم مان خريد ڪيل ٻي عالمي جنگ دوران نازين پاران ڪيل ڏوهن جي تصويري رڪارڊ جا پوسٽ ڪارڊز خريد ڪرڻ تائين. هر هڪ ڪارڊ هڪ ڪهاڻيءَ جو اسڪرپٽ آهي. هاڻ جڏهن آءٌ هن سفرنامي لکڻ مهل انهن پوسٽ ڪارڊز کي ڏسان ٿو ته سفر جي پوري فلم ٻيهر اکين اڳيان هلڻ شروع ٿيو وڃي. هڪڙو هڪڙو پوسٽ ڪارڊ هڪ منفرد ڪهاڻي آهي ۽ چاهيان ته ڪيترائي صفحا هڪڙي هڪڙي پوسٽ ڪارڊ تي لکي سگهان ٿو.
خبر ناهي ته اهو ڪلچر ڪنهن ۽ ڪڏهن ايجاد ڪيو پر اڄ جڏهن پنهنجن ننڊڙن ٻارڙن کي پوسٽ ڪارڊن وسيلي پنهنجي سموري سفر جو داستان سمجهائيڻ لڳندو آهيان ۽ جيئن دلچسپيءَ سان هو اهو سفر گڏ ڪرڻ لڳندا آهن، ان مان محسوس ٿيندو آهي ته اهي خاموش پوسٽ ڪارڊز ڪيتريون ئي زندهه ڪهاڻيون سانڍيو هلن ٿا. شايد ڪتاب ۽ دستاويزن وانگر پوسٽ ڪارڊز به يادگيرين سان گڏوگڏ تحقيق لاءِ زبردست مواد آهي.