سانا کي ڇو مضبوط رهڻ گهرجي
پاڻ مان ڪيترن ئي دوستن کي خبر آهي ته ڪافي دوستن ڪوشش به ڪئي ته سانا کي توڙجي يا آمريڪا ۾ اهڙي قسم جي سنڌين جي ڪا ٻي جماعت جوڙجي پر ان پٺيان ڪي مخصوص سياسي مفاد هجڻ ڪري اهي ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون ۽ سانا پنهنجي سمورين خوبين ۽ خامين سان هيل تائين هلندي آئي آهي.
سانا جي تنظيم سازي، منشور ۽ ميمبرشب جي حوالي سان سانا جي اندروني ڌانچي توڙي ڪم ڪار جي ڊسپلن ۾ ڪافي پرابلمز موجود آهن تنهن جي باوجود به سانا پوري نارٿ امريڪا ۾ واحد اهڙي سماجي تنظيم آهي جيڪا نه رڳو سچ پچ قوميت جي بنياد تي ٺهيل آهي پر سندس اميج عالمي سطح جي تنظيم جو آهي. سانا ڇاڪاڻ ته وولنٽئيرازم جي بنياد تي هلي ٿي تنهن ڪري سانا مان ڪنهن سرڪاري اداري يا اهڙي سماجي ۽ سياسي تنظيم جنهن ۾ ملازم ڪم ڪندا هجن، جهڙي ڪردار جي ادائيگي بي ڪار قسم جي خواهش آهي.
مون پنهنجي دوري دوران ڪيترن ئي اردو، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ دوستن سان ڪچهريون ڪيون ۽ هر طبقي کي پنهنجي ماڻهن لاءِ سانا جهڙي تنظيم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي ڏٺم.
آمريڪا ۾ سياسي جماعتون به آهن، ڊاڪٽرز جا فورمز به آهن، پروفيشنلز جون تنظيمون به آهن پر قوميت جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن تنظيمون ٺاهن جون ڪوششون ڪيون پر اهي جُڙي نه سگهيون.
تنهن ڪري سانا، سماجي تنظيم هجڻ جي سرٽيفڪيٽ هيٺ جيئن ۽ جهڙي طريقي سان پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ لاءِ سنڌ جي مضبوط هجڻ واري ڳالهه ڪندي آئي آهي ۽ هن پنهنجي سياسي ڪردار ۽ سرگرمين ۾ اضافو آندو آهي - اها پيش قدمي سنڌ لاءِ هڪ وڏو سرمايو آهي.
دنيا جي ڪا به اهڙي جماعت، ڪو به اهڙو ادارو يا فورم مون کي نٿو سُجهي جيڪو سو سيڪڙو آئيڊيل هجي ۽ سؤ سيڪڙو ماڻهن جي خواهشن تي پورو لهي. تنهن ڪري سانا جي ڪردار کي به آئيڊيلزم ۾ ڏسڻ بدران هن جي جيڪا به موجوده ساک ۽ سگهه آهي ان کي نه رڳو امريڪا ۾ رهندي، اتان جي سماجي اصولن ۽ سياسي قائدن هيٺ پوري ڪميونٽي لاءِ استعمال ڪجي پر سنڌ جي ڪيس لاءِ امريڪا جهڙي ملڪ ۾ هڪ وڏي اتفاق راءِ واري محاذ طور استعمال ڪجي.
ها غلط ڪمن ۽ ڪوتاهين تي تنقيد به ڪجي پر ان پٺيان نيت سنڌين جي هن جماعت کي مضبوط ڪرڻ هجي ان کي نقصان پهچائڻ نه.
مون پنهنجي اکين سان هزارين ميلن کان ڪهي آيل سنڌي گهراڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ويٺل، ڊانس ڪندي، هو جمالو ڳائيندي، سنڌ سنڌ ڪندي، هڪ ٻي سان حال احوال اوريندي ڏٺو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته ان حقيقت جو اعتراف ڪجي ته، ان گڏجاڻي ۾ هر ڪو ماڻهو پنهنجي خرچ ڀاڙي تي پاڻ پهتل هو. ۽ سندن محور ڪميونٽي کي هر سال هڪ جاءِ تي گڏ ڏسڻ هو.
هن جماعت مان نه ڪنهن کي آمريڪا جي ڪانگريس ۾ ڪا سينٽ جي سيٽ ملڻي آهي نه ئي ڪا وزارت، تنهن ڪري ڪميونٽي جي بنياد تي جڙيل سنڌين جي ان جماعت کي مضبوط رهڻ گهرجي.
مون کان آفتاب قاضي جي گهر سائين هاشماڻي، علي نواز ميمڻ، ۽ اقبال ترين پڇيو ته اسان جا ٻار امريڪي سوسائٽي جو حصو بڻجندا وڃن ۽ اسان کي هر وقت پنهنجي قومي سڃاڻپ جي خاتمي جو خوف رهي ٿو. ان کي ڪيئن برقرار رکي سگهجي ٿو؟ مون پنهنجي دوري دوران ڪيترين ئي ڳالهين کي غور سان ڏٺو هو، مشاهدو ڪيو هو ۽ ڪجهه پنهنجي ليکي نتيجا ڪڍيا هيا، تنهن ڪري مون وٽ جواب به واضح هو. مون کين چيو ته اوهان بالڪل خوف نه ڪيو اوهان جا ٻار جيڪڏهن هن سماج جو حصو نه بڻيا ته نه هِتان جا رهندا نه هُتان جا. باقي هتي رهندڙ سنڌين جي بقا آمريڪا ۾ هڪ نسل جو معاملو آهي. يعني جيڪڏهن سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ سڃاڻپ رکندڙ هڪڙو نسل هليو ويو ۽ سندن ٻار آمريڪي ٿي ٿا وڃن ته هر ڀيري سنڌ مان هجرت ڪري آيل هڪ نئون نسل ان سڃاڻپ، ثقافت ۽ ٻولي کي برقرار رکندو، باقي اهي نسل جيڪي آمريڪا ۾ ڄاوا آهن انهن مٿان اها ثقافت مڙهي نٿي سگهجي.
هر سال ڪيترائي دوست اميگريشن يا پڙهائي سانگي وڃن ٿا اهو تازو نسل ئي سنڌيت کي برقرار رکي سگهندو ۽ ان جي لاءِ سانا هڪ بهترين فورم آهي، جيڪا سنڌي ٻولي، ادب ۽ آرٽ برقرار رکڻ لاءِ، قومي سڃاڻپ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.
تنهن ڪري سانا کي مضبوط رهڻ گهرجي، گذريل ڪافي سالن کان سانا سنڌ جي سياسي ڪيس کي اهم بين الاقوامي فورمز ۾ پيش ڪري عزت ماڻي آهي.. 2008ع سال سانا ۾ قيادت جي تبديلي جو سال آهي تنهن ڪري ايندڙ عهديدارن کي به گذارش هوندي ته هو سانا جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪن.