ويزا پروسيس: هڪ ڏکيو مرحلو
صبح جو ڇهين وڳي مظهر الاسلام صاحب جو ڊرائيور گاڏي کڻي پارليامنٽ لاجز پهتو ته جيئن مون کي ان شٽل سروس واري هنڌ اڇلائي سگهي جو لاجز وٽان صبح جو ايترو سوير ڪا ٽيڪسي به نه ٿي ملي. آئون ڇهين وڳي تائين ڪمري مان تيار ٿي روانو ٿي ويس. شٽل سروس وارو هنڌ پارليامنٽ لاجز کان 2 منٽن جي مفاصلي تي آهي، سو آئون منٽن ۾ اتي پهتس ۽ ڏٺم ته آمريڪن ايمبيسي واري قطار ۾ رڳو هڪ بزرگ ۽ ٻيو نوجوان جوڙو مون کان اڳ بيٺو هو. شديد سردي هئي. هو ٻئي هڪ ٻي کي چنبڙيو بيٺا هئا. لڳي رهيو هو ته نئون شادي شده جوڙو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هني مون لاءِ وڃي رهيا هجن يا هنن مان ڪو هڪ آمريڪي شهري هجي ۽ شادي ڪري پنهنجي ساٿي کي آمريڪا کڻي وڃڻ چاهيندو هُجي.
هلڪي اونداهي هجڻ ڪري گڏ کڻي آيل ڪاغذ به نٿو پڙهي سگهان، تنهن ڪري پنهنجي ليکي پيو خيالن ۽ وسوسن جا ڄار اُڻان. منهنجي انٽرويو جو وقت صبح جا 7:30 هو، جيڪو وقت عام طور تي سڀ کان پهرين انٽرويو جو وقت ٻڌايو ويو هو. آمريڪي سفارتخاني جي ٻاهران لڳل هڪ ٻي قطار ۾ ايمبيسي جي سيڪورٽي جا همراهه درخواست گذارن کي مليل وقت جي حساب سان قطار کي درست ڪري رهيا هئا ته جيئن ڏنل ٽائم جي حساب سان هر ڪو ايمبيسيي اندر پنهنجي نمبر تي داخل ٿي سگهي. سيڪورٽي چيڪ مان نڪري ويزا انٽرويو جي کڙڪيءَ تي پهچي پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز پيش ڪري آڱرين جا نشان ڏئي ڪرسي تي آرام سان ويهڻ لاءِ چيو ويو. ان دوران ڪيترا ئي ماڻهو، عورتون ۽ ٻار هال ۾ داخل ٿي ويا هئا.
اسلام آباد مان نڪرندڙ سنڌي اخبار روزاني خبرون، ڊان ۽ جنگ راولپنڊي، شٽل سروس واري انتظار گاهه ۾ بيٺل هاڪر کان خريد ڪيون هيم هاڻ انهن کي پڙهڻ لڳو هئس. 15 منٽن کان پوءِ کڙڪيءَ تي ٻيهر اچڻ جو سڏ ٿيو. انٽرويو جي کڙڪيءَ تي ويٺل خاتون حسب دستور روايتي سوالن کان انٽرويو جي شروعات ڪئي ته آمريڪا ڇو ٿا وڃو؟ ڪنهن گهرايو آهي؟ ڇا ڪندا آهيو؟ آمريڪا ۾ گهڻا ڏينهن رهندؤ؟ ڪهڙو پيپر پڙهندا؟ ان جي ڪاپي ڏيکاريو. وري انهن اشوز تي هڪ ٻه سوال ۽ نيٺ پنجن ڏهن منٽن کان پوءِ چيو ويو ته هو مون کي ويزا ڏين ٿا. پاسپورٽ ۽ سانا واري دعوت نامي جا شامل تفصيل جي تصديق کان پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ پاسپورٽ حيدرآباد مان ساڳي هنڌان يعني جتي پاسپورٽ جمع ڪرايو هو، اتان ئي وٺڻو پوندو.
ويزا لڳڻ جو ٻڌي هر مسافر وانگر مون کي به بيحد خوشي ٿي. موبائيل فون وغيره گڏ کڻڻ تي پابندي هوندي آهي، تنهن ڪري فورن ٽيڪسي ڪري پارليامنٽ لاجز پهتس ۽ ڀائو کي انٽرويو جو ٻڌائي سندس خوشي وچان مرڪندڙ چهري مان مبارڪباد جا اکر پڙهندي، حسب دستور سڀ کان پهرين امڙ ۽ گهرواري کي فون ڪري ٻڌايم ته ويزا ملي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ ضروري چڪاس کان پوءِ پاسپورٽ واپس اچي ويندو.
هوڏانهن آمريڪا گڏ هلڻ جي تيارين جي سلسلي ۾ سانا پاران گهرايل هڪ ٻي مهمان نصير ميمڻ کي فون ڪري تفصيل ٻڌايم ۽ سوالن جو به ٽرينڊ ٻڌايم، جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳي وقت تي انهيءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس انٽرويو ٿيڻ وارو هو.
ائين دل کي اطمينان رسيو ته ٻاهرين دنيا جي سفر جي سڀ کان ڏکئي منزل يعني آمريڪا جي ويزا پروسيس مان جان ڇٽي ۽ هاڻي سفر جون تياريون ڪجن.
آئون چاهيان ٿو ته هيءُ ڪتاب آمريڪي سفر جي ڪٿا کي مزي سان پڙهڻ سان گڏوگڏ گائيڊ بڪ طور به ڪتب اچي جو سنڌ جا ماڻهو ان اهم ترين پروسس کي پوري طرح نه سمجهڻ ڪري سچا ۽ صحيح اميدوار هجڻ باوجود به ويزا ملڻ کان محروم ٿيو وڃن. ان ڏس ۾ ڪتاب جي شروع ۾ ئي ڪجهه بور ڪندڙ ڳالهيون به ڪندو هلان.
منهنجي صلاح آهي ته ڪنهن به ڪيٽيگريءَ ۾ آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کان اڳ جيڪڏهن هيٺين شين جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن کي به ويزا حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس نه ٿيندي.
(1) ويزا فارم، جنهن کي ويزا درخواست چيو ٿو وڃي، ان کي هر هر غور سان پڙهي بالڪل صحيح ۽ سچي معلومات جي بنياد تي ائين پُر ڪيو وڃي جو ڪوبه هڪڙو خيال ٻي خيال سان تضاد ۾ نه اچي. عام طور تي درخواست فارمن ۾ ڏٺو ويو آهي ته درخواست گزار فارم جي طويل هجڻ ڪري تڪڙ ۾ ان کي پر ڪرڻ جي چڪر ۾ صحيح معلومات کي بي ربط ڪندي متضاد ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي.
مختلف سفارتخانن ۾ ويٺل دوست يا واقف اسان مان ڪيترن کي اهو ٻڌائيندا آهن ته درخواست فارم ڊزائين ئي اهڙي مهارت ۽ ٽيڪنيڪ سان ڪيو ويندو آهي جو جيڪڏهن ڪنهن درخواست گذار وٽ ان ملڪ جي دوري بابت واضح ايجنڊا يا خيال ناهي ته هو پنهنجي ئي موقف ۾ متضاد ڳالهيون ڪندي پڌرو ٿي پوندو ۽ پوءِ اوهان ڏٺو هوندو ته چڱا ڀلا ماڻهو جن وٽ آمريڪا توڙي برطانيه ۽ جرمني جهڙا ٻيا ملڪ گهمڻ جا پئسا به هوندا آهن ۽ مالي وسيلا به هوندا آهن پر درخواست فارم کي Underestimate ڪرڻ ڪري کين ويزا نه ملي سگهندو آهي. تنهن ڪري ويزا درخواست فارم انتهائي سمجهداريءَ سان پُر ڪجي. ڪوشش ڪجي ته ڪنهن ڄاڻوءَ سان مشاورت به ڪري وٺجي.
جڏهن اپريل 2007ع ۾ مون کي ويزا درخواست فارم مليو ته ان وقت هٿ اکرن سان فارم پر ڪرڻ جي اجازت هئي، پر جون 2007ع کان وٺي هاڻي درخواست فارم اليڪٽرانڪ ڪاپي رستي ٽائيپ ڪري جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
(2) ويزا پروسس ۾ درخواست فارم پُر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيو اهم حصو اهو هوندو آهي ته اوهين آمريڪا وڃڻ بابت ڪو ٺوس سبب رکندا هجو. انهيءَ سبب ڪري گهڻو ڪري آمريڪي ادارن پاران ڪوٺايل ڪانفرنسز، سيمينارن، ورڪشاپس، ٽريننگز ۽ ٻين اڪيڊمڪ سرگرمين لاءِ ڪوٺايل مهمانن کي ويزا جي حصول ۾ گهٽ مشڪلاتون پيش اينديون آهن. جيڪڏهن انهن سببن کان علاوه رڳو گهمڻ ڦرڻ، سياحت ڪرڻ يا مٽن مائيٽن ۽ دوستن سان ميل ملاقاتون ڪرڻ مقصد آهي ته پوءِ ان لاءِ آمريڪا ۾ رهندڙ انهن لاڳاپيل ماڻهن جا ڏس پتا، انهن جي قانوني حيثيت ۽ دعوت نامن يا اسپانسرشپ سان گڏوگڏ ويزا درخواست گذار جي مالي حيثيت کي اهميت ڏني وڃي ٿي.
(3) ويزا پروسس ۾ ضروري گهربل دستاويزن ۾ اوهان پاران پنهنجي ملڪ ۾ ٽيڪس ڀريندڙ شهري هجڻ، ڪجهه اعتماد جوڳي بئنڪ ۾ بئنڪ اڪائونٽ هجڻ، ان سان گڏوگڏ پراپرٽي يا ملڪيت جا سند يافته دستاويز هجڻ لازمي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته مال ملڪيت هوندي به لاپرواهيءَ جي ڪري هڪ سال هڪ بئنڪ ۾ ته ٻي سال ٻي ٻئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ ڪري به آمريڪا جهڙن ملڪن جي ويزا سسٽم ۾ اهڙي عمل کي عيب واري نظر سان ڏٺو ويندو آهي ته آخر ڇو هر سال هڪڙوئي شخص مختلف بئنڪ مٽائي رهيو آهي؟ پاڻ وٽ جيتوڻيڪ اهو رواج عام آهي، پر ان سان درخواست گذار جي ساک تي شڪ جي گنجائش پيدا ٿي سگهي ٿي ته آخر هو ڪجهه سالن اندر ايتريون بينڪون ڇو ٿو مٽائي؟
(4) سڀ کان اهم خبر هيءَ آهي ته ويزا کڙڪيءَ تي پهچڻ کان پوءِ جيڪو انٽرويو ٿئي ٿو، ان کي ڪيئن منهن ڏجي؟ انٽرويو کان اڳ پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز وٺي، فنگر پرنٽس حاصل ڪري ڪرسيءَ تي ويهاري ڇڏڻ ۽ پوءِ انٽرويو لاءِ سڏڻ واري عرصي ۾ ويزا درخواست ۽ پاسپورٽ ايمبيسي جي اسٽاف کي اهو ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته درخواست گذار جو ڪيس صحيح ۽ مضبوط آهي يا نه؟ پوءِ کڙڪيءَ تي جيڪي سوال جواب ٿيندا آهن، اُهي به ويزا جي حصول لاءِ اهم ترين مرحلو هوندا آهن. ان مان ڪاميابيءَ سان نڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو هجي ٿو ته ڪنهن به مرحلي تي ڪابه غلط ڳالهه نه ڪجي، ڪوڙ نه هڻجي، معلومات جيئن جو تيئن پيش ڪجي. فارم ڪيئن ڀريو ويو آهي؟ اها سموري معلومات ياد هجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪو شخص ڪابه ڳالهه لڪائڻ نه گهرندو آهي، پر دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي ئي فراهم ڪيل ڄاڻ کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳندو آهي.
(5) آمريڪي ويزا لاءِ ان وقت تائين درخواست جمع نه ڪرايو، جيستائين اوهان وٽ هيٺيون شيون نه آهن:
(1) ڪنهن ساک واري آمريڪي اداري يا ڪنهن قانوني آمريڪي شهريءَ پاران واضح ۽ چٽي دعوت ۽ اسپانسرشپ نه هجي يا اوهان وٽ آمريڪا گهمڻ بابت ڪو مضبوط سبب موجود نه هجي.
(2) اگر اوهان پنهنجي ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙ نه آهيو ۽ ڪنهن ساک واري بئنڪ ۾ ڪو اثرائتو اڪائونٽ ناهي.
(3) اوهان مالي طور تي مستحڪم هوندي به جيڪڏهن آمريڪا گهمڻ کان اڳ پنهنجي خطي جا ڪي ٻيا ملڪ ۽ ٻين خطن جا ڪجهه اهڙا ملڪ جيڪي سياحت لاءِ مشهور آهن، انهن جو دورو نه ڪيل آهيو ۽ اوهان جو پاسپورٽ خالي آهي ته به ويزا جي حصول ۾ پريشاني ٿي سگهي ٿي ته اوهين سياحت ڪرڻ پيا وڃو ايڏي مهانگي ملڪ ۾. پر اوهان جي سفر جي تاريخ يا پاسپورٽ جي تاريخ اهڙو ڪوبه ثبوت پيش نه ڪري رهي آهي.
(4) جيڪڏهن آمريڪي ويزا درخواست م شامل شرطن مان ڪنهن هڪڙي جي به کوٽ آهي ته پهرين ان جي پورائي جي ڪوشش ڪجي ۽ پوءِ درخواست جمع ڪرائجي.