سنڌ جو ڪيس ۽ اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ
واشنگٽن ۾ رهڻ دوران خالد هاشماڻي نصير ميمڻ ۽ آءٌ مقرر وقت تي 13 جولاءِ 2007 تي اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ جي بلڊنگ وٽ پهتاسين. مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان پوءِ مون امريڪي سوسائٽي جو سڀ کان وڏو پرابلم پارڪنگ ڏٺو. صبح جو يارنهن وڳي جو وقت مقرر ٿيل هو. سائين هاشماني ساڍي ڏهين وڳي ئي وٺي آيو جو کيس ان ڳالهه جو احساس هو ته ڪار پارڪنگ ملاقات جو وقت وٺڻ کان به ڏکيو ڪم آهي سو ٻه چار چڪر کائڻ کان پوءِ هڪ جاءِ تي گاڏي پارڪ ڪري ٿورڙو پنڌ ڪري اچي مين بلڊنگ جي گيٽ تي پهتاسين.
سوچڻ لڳيس ته هيءَ اهي ئي بي جان مرده ديوارون آهي جيڪي دنيا جي ڪروڙين جاندارن تي اختيار رکن ٿيون، مٿن حڪمرانيءَ جا خواب ڏسن ٿيون. اسان جو وقت اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ جي جنهن سفارتڪار سان رکيل هو اهو هو بيورو آف ساؤٿ اينڊ سينٽرل ايشيا جي پاڪستان ۽ بنگلا ديش ڊسڪ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مسٽر رچرڊ اس ساڪس هو. اتفاق سان جنهن ڏينهن اسان جي ملاقات جو وقت رکيل هو انهيءَ ڏينهن تي ڪن آفيسرز جي تقريري يا تبادلي جي سلسلي ۾ پارٽي رکيل هئي ۽ ساؤٿ ايشيا بيورو واري آفيس ۾ ڪافي رش هئي.
اسان کي مين گيٽ تي افتتاحي ڊسڪ تان مهمانن وارا شناختي ڪارڊ مليا جيڪي گلي ۾ لٽڪائڻ لازمي هئا ۽ چيڪنگ کان پوءِ اسان کي لفٽ ذريعي هڪ همراهه ساڪس جي آفيس وٺي آيو. اتي ئي خبر پئي ته پاڪستان اندر امريڪا جو ان وقت جو سفير ريان سي ڪروڪر تبديل ٿي ويو آهي ۽ ان جي جاءِ تي اين ڊبليو پيٽرسين نئين سفير مقرر ٿي چڪي هئي. ساڪس ميٽنگ جي پڄاڻي تي اينا جي پڇا به ڪئي ته جيئن اسين هن سان ملي سگهون پر هو پاڪستان اچڻ جي تيارين جي ڏس ۾ آفيس کان ٻاهر پنهنجن دوستن ۽ ساٿين سان ملڻ ۾ مصروف هئي.
ڏکڻ ايشيا بيورو جي آفيس ۾ جتي اسان ميٽنگ ڪئي هئي، هڪ وڏو نقشو لڳل هو جنهن تي لکيل هو هندوستان ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ، جنهن ۾ مون کي پهرين ئي ڍڪ ۾ اهو اندازو ٿيو ته هندوستان جي ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي قوت هجڻ جو اعتراف هاڻ امريڪا به ڪري ٿو ۽ پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي هو ”۽ ٻيا“ ۾ شامل ڪندي پڇي ئي ڪو نه ٿو.
ان بحث ۾ نٿا پيون ته امريڪا ڪيئن حليف هوندي به پاڪستان کي رڳو پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ 11/9 کان پوءِ هو دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل عالمي جنگ جي بندوق پاڪستان جي ڪلهي تي رکيو ويٺو آهي ۽ نتيجي ۾ پاڪستان هڪ پرامن، جمهوريت پسند ۽ صوفي ماڻهن جي سڃاڻپ بدران واري ملڪ بدران انتها پسندن جي جنت طور مشهور ٿي ويو آهي.
اسان اسٽيٽ ڊيپارٽمنٽ جي علمدار اڳيان سنڌ ۽ پاڪستان جي مجموعي سياسي سماجي ۽ معاشي صورتحال جي تازي تصوير پيش ڪئي. سنڌ جي هڪ خودمختار وطن واري حقيقت جي شاندار پس منظر تي ڳالهه ٻولهه رکي. سنڌين جي سيڪولر ۽ جمهوريت پسند قوم هجڻ وارين خوبين تي ڳالهائڻ، پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستي- ان جا نقصان، فائدا، ملڪي، علائقي ۽ عالمي سطح تي ان جا اثر ۽ ٻين اشوز تي تڪڙو تڪڙو پنهنجا خيال پيش ڪيا. انهن اشوز تي سنڌ ڊيموڪريٽ فورم پاران لکيل پاليسي دستاويزن جو هڪ سيٽ به کيس پيش ڪيوسين.