سفرناما

آمريڪا ياترا

”ذوالفقار هاليپوٽي جو هيءُ ڪتاب ”آمريڪا ياترا“ نئين نڪوري ڊڪشن، نئين دور ۽ نئين انداز جو هڪ دلڪش ۽ نمايان مثال آهي. آهن، دانهن، حسرتن، حسين يادن، ٻٽاڪن ۽ اڻوڻندڙ لفاظيءَ سان ڀريل ڪيترن سفرنامن جي ابتڙ هيءُ سفرنامو دراصل ليکڪ جي سفر سان سلهاڙيل انهن حقيقتن، حالتن، حلقن ۽ دلپذير حادثن جو سرنامو آهي، جيڪي آمريڪا جي مسافريءَ تي اُسهڻ کان وٺي واپس ڳوٺ پهچڻ تائين ليکڪ سان پيش آيا. انهن مڙني صورتحالن دوران هڪ هنڌ به وڌاءَ ۽ پڏاءَ جي گرڪڻ نظر نٿي اچي نه ئي مصنوعيت ۽ نقلي پڻي جي ترڪڻ موجود ٿي لڳي.“
انعام شيخ
Title Cover of book آمريڪا ياترا

ميامي بيچ، سنڌ ۽ آمريڪا جي آزادي

ڪانفرنس دوران ڪن دوستن پڇيو ته ڪيترن ڏينهن لاءِ آمريڪا آيا آهيو؟ اسان جي جواب تي هو حيرت ڪرڻ لڳا ته امريڪا جهڙي ملڪ ۾ رڳو چند هفتا. ڪن دوستن صلاح ڏني ته ڇاڪاڻ ته اسين فلوريڊا آيا آهيون، وري يا نصيب. انهيءَ ڪري ميامي بيچ ضرور ڏسون. هڪ همراهه چيو ته آمريڪا اچجي ۽ لاس ويگلس ۽ ميامي بيچ نه گهمجي، اهو ڄڻ ڄائو ئي ڪونه.
مون کي لاهور بابت چيل سٽون ياد آيو ته ”جني لهور نهين ويکيا او جميا ئي نهين“ سو لڳي ٿو لاس ويگاس يا ميامي بيچ مان ڪو هڪ عجوبو به نه ڏٺوسين ته ڄڻ آمريڪا ئي ڪونه آياسين. مون ۽ نصير ميمڻ صلاح ڪئي ته ڇا ۽ ڪيئن ڪجي؟ ڪهڙا انتظام ڪجن؟ هوڏانهن اڃا سوچڻ ۾ گم هياسين ته تاج نظاماڻي هيوسٽن هلڻ تي زور ڀريو. هوڏانهن منهنجو دوست فاروق لغاري (راجو) هيوسٽن مان فون ڪري فوري طور هيوسٽن اچڻ جو چيو. ٻي پاسي خدائي خدمتگار ميان سرفراز ميمڻ جي دعوت ملي ته هو ۽ سندس دوست جبار صديقي ميامي بيچ وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن اسين چاهيون ته هنن سان گڏ هلي سگهون ٿا. هنن واشنگٽن مان آرلينڊو اچڻ وقت ايئرپورٽ تان بهترين ڪار ڪرائي ڀاڙي تي وٺي ڇڏي هئي سو آفر ته وڻي پر اهو ٻڌي حيرت ٿي ته سرفراز ميمڻ ۽ صديقي صاحب به پهريون ڀيرو ميامي بيچ ڏسڻ هلي رهيا آهن، سو نه ڪئيسين هم نه تم، ويٺاسين سامان رکي سرفراز ميمڻ جي ڪار ۾.
دوستن يارن کان موڪلائي آرلينڊو کي خدا حافظ ڪيوسين. ڪجهه فيمليز پهريون ڀيرو آرلينڊو آيون هيون تن جو قيام اڃا اتي ئي هو. اسان جا ڪجهه دوست هوٽل انتظامن، بلن جي ادائيگي ۽ ٻين تنظيمي ڪمن ڪارن جي ڪري رڪجي ويا هئا.
آرلينڊو ۾ رهندڙ مقامي دوست سڄو وقت مهربان رهيا. اتي خبر پئي ته خيرپور جي جماڻين جا به گهر آهن آرلينڊو ۾ ۽ هر سال گهمڻ ڦرڻ ايندا آهن. سو اسان روانا ٿياسين هڪ دلچسپ ۽ نئين سفر تي جيڪو اسان جي ميزبانن جو به پهريون سفر هيو.
ڪا به نئين جاءِ يا چهرو ڏسڻ کان اڳ جيئن ذهن ۾ سوين تصور، خيال ۽ شڪلون ظاهر ٿينديون وينديون آهن، ائين ئي منهنجي ذهن ۾ به ميامي بيچ جو تصور ننڍي هوندي ڏٺل آمريڪي فلمن يا بيچ تي فلمايل عالمي شهرت يافته ڊراما سيريز بي واچ جو هو.
ميامي پهتاسين ته هن شهر جي سڀ کان مصروف ۽ مزيدار سڙڪ جي وچ ۾ واقع هڪڙي هوٽل اڳيان ڪار اچي پارڪ ڪئي سين. هوٽل صاف سٿري ۽ مک پوائنٽ تي قائم هئي جنهن جي بڪنگ انٽرنيٽ تي سرفراز اڳ ۾ ئي ڪرائي چڪو هو. اسٽريٽ تي غير معمولي سرگرمي نظر اچي رهي هئي. ماڻهن جو هجوم روڊ جي ٻنهي پاسي بيچ کي اڃان سهڻو بڻائي رهيو هو، پوليس جي پيٽرولنگ ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ واري گاڏين جا سائرن- صفا بي واچ مووي وارو ماحول جوڙي رهيا هئا. گهمڻ ڦرڻ دوران خبر پئي ته ٻن ڏينهن کان پوءِ 4 جولاءِ تي آمريڪا جي آزادي جو ڏينهن آهي ۽ سڀ تياريون ان ڏينهن جي سيليبريشن لاءِ ٿي رهيون آهن. جبار صديقي چيو ته پير زور آهن جو هڪڙو ته ميامي بيچ تي آهيون مٿان هنن جي آزادي جا جشن، ميامي اچڻ جا پئسا ئي سجايا ٿي ويا.
ميامي آمريڪا جو عجيب و غريب علائقو آهي جتي لاطيني آمريڪا جي ملڪن ڪيوبا، ميڪسيڪو ۽ نڪاراگوا جو ڪلچر نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ سائوٿ ۾ آمريڪا سان مياميءَ وٽ لڳولڳ آهن. هن شهر ۾ لاطيني آمريڪا جا چهرا ايترا ته هئاجو ميامي نارٿ بدران سائوٿ آمريڪا جو شهر لڳي رهيو هو.
آئون، نصير، سرفراز ۽ جبار چار ڏينهن هن شهر جا مختلف بيچ پوائنٽس، روڊ رستا، بار ۽ لائيٽ ڪلب گهمندا ڦرندا آمريڪا جي آزادي جا جشن ڏسندا، سنڌ جي خودمختياري جي دعا ڪندا ٻيهر آرلينڊو واپس پهچڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين.