دعوت نامو
حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ تي واقع پنهنجي آفيس ٽريول زون تي پهچي کيس فون ڪيم – حال احوال ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايائين ته آمريڪا مان هڪ لفافو آيو آهي. جن ۾ 2007 جي سانا جي ڪنويشن جي دعوت پهتل آهي.
هونئن ته ڪافي سالن کان آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين، انهن جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين بابت خبرون پونديون رهنديون هيون. پر جڏهن کان انٽرنيٽ ڪلچر متعارف ٿيو آهي، تڏهن کان اهي رابطا اڃا به وڌيڪ تيز ۽ مضبوط ٿيا آهن. سو پهريون ئي خيال دل ۾ اهو آيو ته جيڪڏهن نصيب ۾ اهو سفر هوندو ته سنڌين جي اها دنيا ڏسڻ جو موقعو ملندو.
دعوت آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن ان نارٿ آمريڪا (SANA) جي صدر عزيز ناريجي پاران موڪلي وئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته سانا ڪانفرنس آمريڪا جي رياست فلوريڊا جي بين الاقوامي شهرت يافته ٽورئيسٽ شهر آرلينڊو ۾ رکي وئي آهي، جنهن جو عنوان هن سال ”سنڌو درياهه بچائڻ“ رکيو ويو آهي. ٻن ڏينهن تي ٻڌل ان ڪانفرنس ۾ سانا جا انتظامي معاملا، عورتن جي نشست، ڪميونٽي شوز .فني ۽ ادبي، ثقافتي ۽ سياسي سيشن رکيا ويا آهن. گڏوگڏ ڪانفرنس ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي هڪ ٻي سان هڪجهڙائپ ۽ ملاقاتن لاءِ خاص ٽيبلوز ۽ ٻيا سيشن پڻ شامل آهن.
ان ڪانفرنس جي ايجنڊا ته عزيز ناريجو اڳ ۾ ئي اي ميل رستي سڀني کي موڪلي چڪو هو، پر باضابطه دعوت نامي موڪلڻ جو مقصد انهن ڪاغذن کي آمريڪي ويزا جي حصول لاءِ گهربل ٻين دستاويزن ۽ ڪاغذن سوڌو آمريڪي سفارتخاني ۾ جمع ڪرائڻ هو ته جيئن ويزا ملڻ ۾ سولائي ٿي سگهي.
دعوت نامي جي تفصيل ۾ اهو لکيل آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ ريڊ انڊينز جو مشهور اڳواڻ رسل سنڌي ڪميونٽي جي آخري فيملي ڊنر کي خاص خطاب ڪندو. پروگرام جي فني نشست ۾ انجنيئر ادريس راجپوت، نصير ميمڻ ۽ آئون شامل آهيون. ڇاڪاڻ ته هن سال سانا پنهنجي فني نشست جو مک موضوع درياهه رکيو آهي، تنهن ڪري پاڻيءَ سان لاڳاپيل يا ان تي لکندڙن کي مقرر طور گهرايو ويو آهي.
سياسي سيشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم امين فهيم، مسلم ليگ نواز جي احسن اقبال، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چوڌري اعتزاز احسن، تحريڪ انصاف جي عمران خان وغيره کي گهرايو ويو آهي. سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ۽ آرٽ واري سيشن ۾ جڳ مشهور آرڪيالاجسٽ پائيلو بياجي، پنجابي ٻولي جي ليکڪ واشنگٽن مان انٽرنيٽ تي نڪرندڙ رسالي ويچار ۽ پاڪستان جي مشهور اخبار ڊيلي ٽائيمز جي ڪالمسٽ ڊاڪٽر منظور اعجاز جا تحقيقي مقالا شامل آهن. دعوت نامي ۾ موجود ايجنڊا انتهائي ڀرپور هئي ۽ خوشي ٿي رهي هئي ته جيڪڏهن ويزا لڳو ته ان ڪانفرنس کي خطاب ڪبو ، ٻين دوستن کي ٻڌبو ۽ وڏي ڳالهه ته آمريڪا گهمبو.
سانا، آمريڪا جهڙي طاقتور سماج ۾ سنڌين جي هڪ پروگريسو ۽ جمهوريت پسند، آمريڪي شهريت هجڻ ڪري ان سماج جي ذميوار شهري هجڻ واري تعارف جي هڪ اهم نشاني ۽ ڌر آهي. سانا جي اهڙي اميج جي ڪري ورلي ڪو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو سانا جي دعوت نامي کي ٺڪرائيندو.
ائين ئي مون به اهڙي دعوت نامي کي پنهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه سمجهيو هو ۽ پڪو پهه ڪيو هيم ته ان ڪانفرنس ۾ ضرور شرڪت ڪبي.
شوڪت شوري وٽ هيوسٽن مان پوسٽ ڪيل عزيز ناريجي واري لفافي ۾ ڪافي دوستن لاءِ دعوتون آيل هيون. آئون دعوت ملڻ کان پوءِ ان تياري ۾ لڳي ويس، جيڪا انڪل سام جي ملڪ آمريڪا پهچڻ لاءِ بيحد ضروري هجي ٿي.